Monday 21 November 2016

SOCIAL PROBLEMS OF SINDHI SOCIETY

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
 (تو بن جاني! هيءَ جهان)
”جوڙ جُتي جو ناهيان يار“
مون سنڌ جي سياسي، مذهبي ۽ اقتصادي مسئلن تي ته لکيو آهي، پر اٽي ۾ لوڻ برابر. ان جي برعڪس گهڻو تڻو  سماجي، نظرياتي ۽ فڪري مسئلن ۽ مونجهارن تي چڱو وقت ڏنو اٿم ۽ لکيو اٿم. منهنجي راءِ آهي ته جيڪڏهن ”فرد“ نه ٺهيو ته ”قوم“ پنهنجي سمورن رنگن روپن سميت نظر ڪا نه ايندي. ٻين قومن وانگر اسان کي به قومي ۽ اجتماعي مسئلا آهن، پر ٻيون قومون ان ڪري پنهنجي مسئلن جو حل ڪڍي وٺن ٿيون، جو انهن وٽ ماڻهن ۽ ماڻهپي جو ميلاپ آهي، انهن جا فرد اسان وانگر اڌورا، اڌپورا ۽ نامڪمل ڪو نه آهن. اسان وٽ ”فرد سازي“ ۽ ”شخصيت سازي“ ٿئي ئي ڪو نه ٿي. جيئن جيئن وقت گذرندو وڃي ٿو، تيئن تيئن ماڻهو گهٽبا پيا وڃن ۽ پاڇا وڌندا پيا وڃن. صديون ٿيندون جو اسان جي صورتحال بدلي ناهي. بلڪ جيئن ٿڌ تيئن وڌ مصداق اسان جي ذهنن ۽ ضميرن پاڻ کي اڳ کان وڌيڪ پئي ڇيهو رسايو آهي.
لطيف سائين دانهون ڪيون ۽ صلاحون ڏنيون ته ماڻهن جو ميٺ پکين جي پاڻ ۾ پيار کان به گهٽجي ويو آهي. پکي ۽ جانور ولر ۽ وڳر ڪري ته هلي سگهن ٿا، ليڪن اسان پنهنجي الڳ الڳ سر جي مسيت ٺاهڻ کانسواءِ ٻيو ڪم ڪو نه ٿا ڪريون. پنجن مان پندرنهن ٿيندا پيا وڃون، اتحاد بدران نفاق تي ڳنڍ ٻڌي بيٺا آهيون. پيار ۽ خلوص ۾ اتحاد ۽ ٻڌي ۾ اسان اتي بيٺا آهيون، جتي لطيف سائين ڏٺو هئو ۽ صلاحون ڏنيون هيون.
شاهه، سچل ۽ ساميءَ ساڳئي تند تنواري ۽ پنهنجو مثال ڏئي اهو سمجهايائون ته ”جوڙ جُتي جو ناهيون“، ان ڪري همسري ۽ برابري جو اوهان به نه سوچجو، ڇو ته سٻاجها سنڌ واسيو اوهان به اهڙين حالتن مان گذرندا ان ڪري اوهان کي به اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي . توبهه نعوذباالله ڪو رب پاڪ جُتي ڪا نه پائيندو آهي، جو اسان جي ڏانهن ان ڏي شاعريءَ ۾ اشارو ڪيو ته ”جوڙ جُتي جو ناهيان.“ شاعر فقط مذهبي ڪو نه ٿيندا آهن ۽ رڳو مذهبي شاعري ڪو نه ڪندا آهن. هو سياسي ۽ سماجي شعور رکندڙ ساڃاهه وند ٿيندا آهن. هو سماج جو اٽوٽ حصو هوندا آهن، بلڪه جيڪو سماج ۾ وهندو واپرندو آهي، ان جو پنهنجي ڏات ذريعي اولڙو ۽ عڪس بڻجي ويندا آهن.
”جوڙ جُتي جو ناهيان“ يا اهو چوڻ ته ”هو جا پائن پير ۾، تنهن جُتي نه جيهي“، يا اهو اظهار ڪرڻ ته ”جُتي جا نه پائيان“، اهي سڀ اظهار ۽ اشارا اسان جي سماجي صورتحال جي تصوير چٽن ٿا ته اسان پنهنجي روين ۽ رشتن ۾ ايترو ته خودپرست ۽ انا پرست بڻجي ويندا آهيون، جو ڪنهن کي پنهنجو  مٽ ۽ ثاني نه ٿا سمجهون. پنهنجيءَ تي پئون ٿا ته نظرين، قدرن ۽ رشتن جي اهڙي لتاڙ  ڪريون ٿا، جنهن تي انسانيت جي اکين ۾ به ڳوڙها اچي وڃن ٿا. اهڙيون اکيون ٻوٽي شخصيتن ۽ وجودن جي نفي ڪري ويهون ٿا، جو اسان لاءِ خلوص، محبت، خدمت يا مدد جيڪا اسان کي ملي، ان جي موٽ ۾ نفرتون ۽ حقارتون جا واهڙ وهائي ڇڏيون ٿا. ماڻهن جو اهڙيءَ ريت ماڻهپي مان نڪرڻ اسان جي ڏاهن ۽ مڪفرن جي مشاهدي ۽ تجربي ۾ هيو. ان ڪري هنن اسان کي هوشيار ڪندي، پاڻ کي مثال بڻائيندي، پنهنجي زباني ڳالهه ڪئي ته نه ڪي اسان اهڙن ماڻهن جي جُتي جو جوڙ آهيون ۽ نه ڪي انهن جي جُتي ۾ پير پائي سگهنداسين، جيڪي پنهنجي مفادن ۽ مقصدن خاطر منهن ئي مٽي ويندا ۽ ماڻهپي کان نڪري ويندا.
ماڻهن جي ماڻهپي مان نڪرڻ اسان جي سماج کي ناسور وانگر وڪوڙي ويو آهي. اسان اهڙي اڍنگي رويي سان انتهائي شريفن ۽ انسان دوستن کي ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا آزاري رهيا آهيون. ان ڪري اهي ماڻهو، اهي مفڪر ۽ دانشور جيڪي قوم جي ڳالهه ڪن ٿا، اهي فرد سازيءَ ۽ شخصيت-سازيءَ جي ڳالهه ڇو نه ٿا ڪن؟ اهي فردن جي اهڙي فڪري، نظرياتي ۽ ذهني تربيت تي توجهه ڇو نه ٿا ڏين؟ اسان ههڙن سنگين ذهني ۽ فڪري مسئلن تي توجهه نه ٿا ڏيون ان ڪري اسان کي رهبرن جي صورت ۾ اڳتي هلي رهزن مٿي ۾ لڳن ٿا ۽ هاديءَ بدران بربادي ڪندڙ نصيبن ۾ لڳن ٿا.
اسان جي قوم عظيم آهي، بي مثال آهي ۽ دنيا جهان جي قيادت ڪرڻ جي هر وجهه کان لائق آهي. پر اسان کي انهيءَ عظيم قوم جي اڌورن، اڻپورن ۽ نامڪمل فردن جي ذهني، فڪري ۽ نظرياتي تربيت ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان کي پاڻ مان ماڻهپي سان نفرت ڪندڙ جو تعداد گهٽائڻو آهي ۽ خلوص، وفا، سچائي ۽ لياقت کي قبول ڪندڙن جي انگ ۾ا ضافو ڪرڻو آهي. اسان جي وڏڙن کي ته فرشتن سجدا ڪيا، ان ڪري اسان اسان پاڻ جهڙي ماڻهوءَ جي جُتيءَ جو جوڙ نه ٿينداسين. اسان سڀ هڪجهڙا آهيون ۽ ڪو به اسان مان ذهني خواهه نظرياتي طور تي ننڍو يا وڏو ڪونهي.
Website: www.drpathan.com

No comments:

Post a Comment