Thursday 30 November 2023

SINDH in history today (1st December). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

{1st December} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {1st December}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Do not try to clean doubtful and dirty hearts & minds. Don't involve yourself in task, that can't be completed one sided. Be, what you are. Respect & accept, follow & apply your love & beauty and work on peace & prosperity religiously. Make it Mission of your life. Today, or tomorrow hearts having ears will listen you. Souls with eyes will be happy to see you with peace of mind] پیار ھجي یا پوء ڪو ڪنهن سان تڪرار، تون روڳ نہ بٹائج روح جو وجود سندو، نفرت-ڌڻي نفرت بدران پیار ڪين ڪندو، نہ ٿي ماندو مندو، ره سرت سونھن سان. ************** SINDH IN HISTORY TODAY (1st December) ************ BIRTHS: 1st December Ghulam Qadir Soomro (Scholar/birth 1st December 1916), Kazi Hafiz (Adilpur/ Poet/1938) ,Govardhan Sharma “Ghayal”( Mehar > Poono/Poet/ birth 1st December 1940) , Karam Talpur (Talpur Wada/Poet/ birth 1st December 1940) , Amir Bukhari ( Bukhara Berri Ghotki/Poet & Journalist/ birth 1st December 1941), Punhal Pnjoderai (Punjodero/Writer/ birth 1st December 1945) , Shams Bhayo (Dahar/Poet/ birth 1st December 1945), Dr.Allahrakhio Butt ( Sirai Butt/ Scholar/ birth 1st December 1946) ,Faqir Muhammad Abbasi (Sobhodero/Journalist/ birth 1st December 1948), Dr.Abdul rasool Qadri (Bakhsho Magsi/ birth 1st December 1949), Dr. Qadir Magsi (Poltician/ birth 1st December 1949), Shahpasand “Fayaz” (Poet/ birth 1st December 1952), Shewak “Norat” (Ahmadabad/Poet/ birth 1st December 1952), Fayaz Baloch (Misri Chandio/writer/ birth 1st December 1952), Haji Khan Malah “Miskeen” (Razi Jatoi/Poet/ birth 1st December 1953), Deedar Mithani (Larkano/Writer/ birth 1st December 1956), Hafz Nathanshai (Writer/ birth 1st December 1956), Mumtaz Ali Shar (Thari Mirwah/Writer/ birth 1st December 1958), Aslam Laghari (Hussain Abad/ birth 1st December 1959) ,Shahab Abbasi (Khairpur Nathan Shah/Writer/ birth 1st December 1959), Waheed Mohsin (Rustam/Poet/ birth 1st December 1968), Aashiq Samo (Khanpur/Poet/ birth 1st December 1968), Deedar Soomro (Shahdadkot/Journalist/ birth 1st December 1969), Fayaz Bihan (Murad Bihan/Social worker/ birth 1st December 1971), Muhammad Salim Siyal (Baho Khoso/Journalist/ birth 1st December 1974), Barkat Pahi (Khan Goth/Writer/ birth 1st December 1974), Zahid Rajpar (Muhammad Chhutal Rajpar/Journalist/ birth 1st December 1975), Ghulam Mustafa Magsi (Dadu/Writer/ birth 1st December 1976), Waheed Agro (Sultan Agro/Writer/ birth 1st December 1981), ************ DEATHS: 1st December Hamat Ali Shah (Rohri/Poet/ death 1st December 1904), Mangharam Malkani (Hyderabad > Mombai/Scholar & Actor/ death 1st December 1980), ************* EVENTS: 1st December 1838 : Colonel Pottenger feels that his staff and other attached people are not safe in Sindh and might face insult and personal danger at Hyderabad. He requests Bombay Govt. for subsidiary force to Sindh without any delay. Thinks that Shah Shuja's presence in Sindh would be advantageous for them. He seeks permission to sale bullion at Hyderabad to get coin to meet expenses. 1847: Charles Napier is given farewell salute. He remained the Governor of Sindh for four years and with his departure Sindh lost its provincial status and became part of Bombay Presidency. 1938: Sindh Hari Committee adopts its Constitution. 1947: In a Jirga presided by the Governor of NWFP at Miranshah, tribal leaders of Mahsood and Ahmadzai Vaziri assure their loyalty with Pakistan. Now a day Mahsood tribe is heading Taliban . 1948: Khowaja Shahabuddin Minister for Muhajir affairs presides over meeting to chalk out policy and program for providing jobs and shelter to Indian Muslim migrants. 1949: The International Islamic Economic Conference held at Karachi decides to establish Federation of Islamic Chamber of Commerce. 1950: Dr.Ishtiaq Qureshi, minister for Muhajir affairs asks for donation to Anjuman Punjabi Sodagran , so as to provide shelter to 33,000 Muhajreen living on foot paths of Karachi. SINDH IN HISTORY TODAY (1st December) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پهرين ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 1.12.1836: ممبئئ جي واپارئ علي محمد خان اڄ مرزا باقر سان ملاقات ڪئي ته جيئن هو کيس مير نور محمد کان جان ۽ مال جي حفاظت لاء ڪو يقين ڏياري ته جيئن هو سنڌ ۾ خشڪئ ذريعي واپاري سرگرميون ڪري سگهي. ياد رهي ته پاٽينجر ممبئئ جي واپارين کي منع ڪئي هئي ته اهي سنڌ ۾ خشڪئ وارا رستا استعمال نه ڪن, ڇو ته سنڌي عوام فرينگين ۽ سندن ساٿي واپارين تي ڪڏهن به ۽ ڪٿي به حملو ڪري سگهن ٿا. 1.1.1836: اڄ پارڪر جو سابق راڻو پاٽينجر سان حيدرآباد ۾ ملڻ آيو ۽ پاٽينجر سندس مالي مدد ڪئي. هن پاٽينجر جو انھئ ڳالھ تي به ٿورو مڃيو ته سندس ڪوششن سان مير نور محمد مهربانئ سان مليو. 1.1.1836: اڄ پاٽينجر جي ملازم منشي ڄيٺانند کيس ٻڌايو ته مير صوبدار خان گهٽي ٽال مٽول ڪرڻ کان پوء نيٺ فرنگين سان معاهدي واري دستاويز تي دستخط ڪئي ۽ منشئ کي اهو به چيو ته فرنگي مون سان الڳ ۽ سڌو معاهدو ڪن ۽ مير نور محمد کي وچ ۾ نه آڻن. 1.1.1838: ڪرنل پاٽينجر اڄ پنهنجي سرڪار کي لکيو ته سنڌ ۾ ڏکيئي وقت ۾ مدد ڪرڻ ۽ پنهنجي اسلحي ۽ خزاني سنڀالڻ لاء سنڌ ۾ پنهنجي فوج Subsiday Force رکجي. انھئ تي ايندڙ خرچ ميرن کان اهو چئي وٺبو ته اها فوج سندن حڪمرانئ ۽ ملڪ جي بچاء پيا رکون. 1.1.1842: نيپيئر سکر مان اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي لکيو ته مون وٽ ايتري فوج آھي, جنهن سان حالتن کي منھن ڏئي سگهان ٿو, ان ڪري منھنجي مدد لاء وڌيڪ فوج نه موڪليو. مان ليفٽيننٽ اسٽنلئ کي ميرن سان نئون معاهدو ڪرڻ لاء حيدرآباد موڪلي رهيو آھيان. مان ڪالھ روهڙئ ويو هئس. مون فوجي مقصدن ۽ هيڊڪوارٽر بنائڻ لاء روهڙي سکر کان وڌيڪ مناسب لڳي. 1.1.1847: نڀاڳو نيپيئر جيڪو سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوء لڳ ڀڳ چار سال سنڌو جو گورنر ٿي رهيو, تنھن اڄ سنڌ ڇڏي ۽ کيس پنهنجئ فوج ۽ عملدارن آخري سلامي ڏني. 1.1.1938: سنڌ هاري ڪميٽئ پنهنجو آئين منظور ۽ نافذ ڪيو. 1.1.1948: "مهاجرن جي مامرن ڏسڻ" واري وفاقي وزير خواجا شھاب الدين جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ پناهگيرن کي اجهي ۽ روزگار ڏيڻ بابت فيصلا ڪيا ويا. 1.1.1950: "مهاجرن جي مامرن سنڀالڻ" واري وفاقي وزير ڊاڪٽر اشتياق حسين سرندئ وارن کي اپيل ڪئي ته چندو ڏيو ۽ مالي مدد ڪريو ته جيئن ڪراچئ جي فٽ پاٿن تي رهندڙ ٽيٽيه هزار پناهگيرن کي اجهو ڏئي سگهجي ************* ڏينهن پهرين ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** پهرين ڊسمبر 1938ع اديب ۽ صحافي نصرت حسين ابڙو(مديجي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1938ع عادلپور سان تعلق رکندڙ شاعر قاضي حفيظ جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1940ع شاعر، صحافي ۽ اداڪار گورڌن گهايل (ميهڙ/پونا) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1940ع ٽالپر وڏا سان تعلق رکندڙ شاعر ڪرم ٽالپر جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1941ع ليکڪ، صحافي ۽ شاعر امير بخاري جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1945ع ليکڪ پنهل پنجوديرائيءَ جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1945ع شاعر شمس ڀيو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1946ع محقق ۽ اسڪالر ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1948ع صحافي فقير محمد عباسي (سوڀوديرو) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1949ع اسڪالر ڊاڪٽر عبدالرسول قادري جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1949ع سياستدان ڊاڪٽر قادر مگسي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1952ع ليکڪ فياض بلوچ جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1952ع شاعر شيوڪ نورت (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1953ع شاعر حاجي خان مسڪين (راضي جتوئي) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1955ع غزل جي ناليواري راڳي اُدت نارائن جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1956ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ليکڪ ديدار مٺياڻي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1956ع ليکڪ حافظ ناٿن شاهي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1956ع ليکڪ ۽ شاعراقبال بلوچ(تلهار) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1958ع ٺري ميرواهه سان تعلق رکندڙ صحافي ممتاز شر جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1958ع شاعر افضل سولنگي(حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1959ع ڪي اين شاهه سان تعلق رکندڙ ليکڪ شهاب عباسي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1968ع شاعر وحيد محسن جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1968ع شاعر عاشق سمون (خانپور) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1969ع شهداد ڪوٽ سان تعلق رکندڙ صحافي ديدار سومرو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1971ع سماج سڌارڪ فياض ڀان جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1972ع پبلشر ۽ نئون نياپو جي ايڊيٽر انعام عباسي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1972ع شاعر، ليکڪ، ٻولي لاء ڪم ڪندڙ امر فياض ٻرڙو (خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1974ع صحافي محمد سليم سيال جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1974ع ليکڪ برڪت پله جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1975ع صحافي زاهد راجپر جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1976ع دادو سان تعلق رکندڙ ليکڪ غلام مصطفى مگسي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر 1977ع ارونا حسين جو جنم ڏينهن آهي. پاڻ پهرين سنڌي ڇوڪري آهي جنهن کي ننڍي عمر ۾ ئي ڪنهن ملٽي نيشنل ڪمپني جو CEO مقرر ڪيو ويو. پهرين ڊسمبر 1981ع ليکڪ وحيد آگرو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين ڊسمبر اديب مسلم ميراڻئ جي جنم جي تاريخ آھي *************** وڇوڙو: *************** پهرين ڊسمبر 1904ع روهڙي سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ اسڪرپٽ رائيٽر همٿ علي شاهه جي وفات ٿي. پهرين ڊسمبر 1980ع اسڪالر، ليکڪ ۽ اداڪار منگهارام ملڪاڻي (حيدرآباد / ممبئي) جي ديهانت ٿي. پهرين ڊسمبر 2003ع ناليواري مزاحيه ليکڪ ۽ صحافي ۽ ڪامورو علي احمد بروهي جي ڪراچي ۾ وفات ٿي. پهرين ڊسمبر 2016ع اديب، شاعر، ڪمپيئر، اداڪار، صداڪار ۽ صحافي پروانو ڀٽي لاڏاڻو ڪري ويو.

Wednesday 29 November 2023

SINDH in history today (30th November). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

{30th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {30th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [In our society sincere is in sorrows and educated is at the target of illiterate. Love and labour of love is not acceptable to ego, power and beauty . Most of us follow hatred and discrimination as our faith & belief. Reaction, resistance and retaliation have taken birth in hearts & minds.Therfore, our peace & progress have become figment of imaginations] جیئن ڏوھي ڊوھي آھيون فقط ئي پاڻ، باقي صاحب ۽ سهڻا سي متقي شریف، منافقي، مطلب پرستي انا ۽ نفرت نڀاڳي، بس پئي بٹائي حاڪم ھوت وڏا حریف، محبت، محنت ۽ خلوص جي فصلن جا، ٿين نہ ڪنھن جا بہ هت ٿا ربیع خریف، سمجھيا وڃن سي هت نحیف ۽ ضعیف، جي پيا ھلن سرت سونهن ۽ سلام سان. ‏‎ ‎ ************* SINDH IN HISTORY TODAY (30th November) ************** BIRTHS: 30th November 1. Asadullah Shah (Thukhar/Religious Scholar/Freedom Fighter/1869), 2. Ramdas Lakhani (Writer/1901), 3. Hari Motwani (Journalist & Film Maker/1929), 4. Abdul Rahman Mahesar (Dhingano Mahesar/Political Worker/1933), 5. Mukhtiar Chandio (Naurang Chandio/Journalist/1962). ************** DEATHS: 30th November 1. Moulana Muhammad Khati (Goongani/Religious Scholar & Freedom Fighter/1943), 2. Nawab Alladad Khan 'Sufi' (Kot Lashari/Poet/1982) ************* EVENTS: Bangladesh30th November 1846: Sindh Governor, Charles Napier is not happy with Mir Ghulam Shah and Mir Fazul Ali . These both Talpurs are involved in forgery case. Their application for grant of Jageer is pending with Govt. Today it has been decided that let get themselves released from sentence, later on they will be granted some portion of Jageer round Tanda and Doobi. 1936: Haji Abdullah Haroon, the leader of Sindh United Party announces the Manifesto of his Party in the Press Conference at Karachi. 1938: Sindh Provincial Muslim League releases the list of its General Body. It consist of 88 members. Most of them are Pirs, landlords and Jageerdars of Sindh. 1947: Mian Iftkhar, President of the Punjab Muslim League resigns and demand better relation with India and utmost care for Indian Muslim migrants. 1954: The Punjab Assembly unanimously adopts a resolution favoring and supporting One - Unit scheme. 1956: Shaikh Abdul Majeed Sindhi presides over the Convention of 6 major parties and asks for equal opportunities, justice, rule of law, share in governance and democracy for all people of the country. 1967: Pakistan Peoples' Party is formed and Z.A.Bhutto is elected as its Chairman. 1971: Indra Gandhi, the Prime Minister of India, while addressing in the Upper House demands Pakistan to evacuate. SINDH IN HISTORY TODAY (30th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 30 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** [30/11, 6:39 am] Dr Pathan: [عشق نہ اٿاري جن کي،سي پوء آئون اٿاريان ڪيئن؟ نکاريا نہ جي نينهن، سي اٿن ڪيئن اڌ رات جو.] ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ 30 نومبر 2012 تي سلامن, دعائن ۽ نمستي سان اوهان جي خدمت ۾ ٣٠ نومبر جي واقعاتي تاريخ وڊيو ٽاڪ/لنڪ سميت عرض رکجي ٿي. *************** ڪي واقعا *************** 30.11.1842: نيپيئر اڄ سکر مان پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته جاچ پڙتال مان پڪ ٿي آھي ته مير رستم علئ ۽ مير نصير خان اسان خلاف محاذ ٺاهڻ لاء خط لکيا,جيڪي اسان جي ماڻھن پڪڙيا. گرمين (اپريل) اچڻ کان اڳ مان ميرن تي چڙھائي ڪندس. مون وٽ 4000 انفينٽري, 1000 ڪيولري ۽ 300 اٺ آھن.ان ڪري مون کي ڪنهن به قسم جو اونو الڪو ڪونهي. 30.11.1936: حاجي عبدالله هارون پريس ڪانفرس ۾ پنهنجئ پارٽئ " يونائيٽيڊ پارٽي" جو مينيفيسٽو پڌرو ڪيو. سنڌي مسلمان سياستدانن هڪ ٿي سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ته ڪرايو, پر پاڻ سياست جي صفبندي ڪرڻ وقت هڪ ٿي نه سگهيا. يونائيٽيڊ پارٽئ غير مذھبي بنيادن تي ٺاهي وئي, پر ڪو به هندو ان جو ميمبر نه ٿيو. سنڌي سياستدانن جي انھئ باهمي اختلاف مان فائدو ٻين کي مليو. 30.11.1938: هن سال ئي سنڌ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جا پير پختا ٿيڻ لڳا. نه ته 1912 کان سنڌ ڪوشش ڪئي ته هتي قائم ڪيل سندن "سنڌ مسلم ليگ" کي آل انڊيا مسلم ليگ الحاق ڏئي, پر ايترو عرصو رڙندا رهيا. اڄ آل انڊيا مسلم ليگ جي سنڌ پراونشل شاخ پنهنجي جنرل باڊئ جو اعلان ڪيو. جنرل باڊئ ۾ 88 ميمبر هئا. هن پارٽئ پاڪستان تحريڪ کي ڪامياب ڪري ڏيکاريو. پر پاڪستان ٺھڻ کان پوء ”سنڌ مسلم ليگ" جي تاريخ مرتب نه ڪئي وئي. اڄ ٺاهيل جنرل باڊئ جي ميمبرن جا نالا گل حيات جي گنج ۾ موجود آھن. 30.11.1956: ڪراچئ ۾ ڇهن سياسي پارٽين جي گڏيل ڪنوينشن جي صدارت ڪندي, شيخ عبدالمجيد سنڌئ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته سمورن صوبن سان عدل ۽ انصاف جي بنياد تي لاڳاپا رکڻ سان ئي بهتر حڪمراني ڪري سگهجي ٿي ۽ وقت جي تقاضا آھي ته حڪمران انھئ طرف توجھ ڏين, ۽ اها سمورين سياسي پارٽين جي ايجنڊا هجڻ گهرجي. 30.11.1967: پاڪستان پيپلز پارٽئ جي نالي سان نئين سياسي پارٽي ٺاهي وئي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي ان جو چيئرمن چونڊيو ويو. 30.11.1971: انڊيا جي وزير اعظم اندرا گانڌئ اپر هائوس ۾ تقرير ڪندي پاڪستان جي صدر جنرل يحيا کان مطالبو ڪيو ته اوڀر پاڪستان (بنگلاديش) مان پاڪستاني فوج ڪڍي وڃ. 30.11.2003: "بزم سچل" لاڙڪاڻي طرفان جواد جعفرئ جي صدارت ۾ ”عيد مشاعرو" ٿيو, جنهن ۾ 46 شاعرن پنهنجو ڪلام پيش ڪيو. *************** {30 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: *************** 30 نومبر 1869ع مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر سيد اسد الله شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 30 نومبر 1901ع ليکڪ رام داس لکاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 30 نومبر 1928عليکڪ، فلمساز ۽ صحافي هري موٽواڻي جو جنم ڏينهن آهي. 30 نومبر 1933ع سياستدان عبدالرحمان مهيسر جو جنم ڏينهن آهي. 30 نومبر 1962ع صحافي مختيار چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. 30 نومبر 1963ع ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار اڪبر لغاري جو جنم ڏينهن آهي. 30 نومبر 1968ع صحافي منور ڪلهوڙي جو جنم ڏينهن آهي. 30 نومبر 1968ع ليکڪ ۽ اديب نور احمد جنجهي جو جنم ڏينهن آهي. *************** [وڇوڙو]: *************** 30 نومبر 1943ع آزاديء جي تحريڪ ۾ سرگرم رهندڙ مولانا محمد کٽيءَ جي وفات ٿي. 30 نومبر 1982ع ڪوٽ لاشاري سان تعلق رکندڙ شاعر نواب الهداد ”صوفي“جي وفات ٿي. 30 نومبر 2013ع ريڊيو پروڊيوسر آغا محمد علي جي وفات ٿي. 30 نومبر 2015ع ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان مومن بلو انتقال ڪري ويو.

Tuesday 28 November 2023

SINDH in history today (29th November). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

{29th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {29th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Night. [Dear! Neither you can find me, nor accept me. Because, I am lost since centuries and am in search of myself and heart in which you live. Let me find myself first. It will enable me to identify you. Dear! Come on and see that Sky and Earth, being at distance, are near to each other, but not you & me .Though, you are beyond the paradise, in spite of that I know, understand and see your beauty. But you don't know me and my love properly] آئون جو ناھیان پاڻ سان، ساجن سڃاٹي پوء ڪیئن؟ ڪنھن تان ڪارڻ گم ڪیو، جو پاڻ وڃائي ٿیا ڏینھن، پیا جت محبت جا مینھن، ات نہ ھئس سونهن سان. ************** BIRTH & DEATH DATES AND EVENTS (29th of November) ************* BIRTHS: Mumtaz Mirza (Hyderabad/Writer/1939), Haresh Thakur (Mumbai/Artist/1950),Sami Kandhar (Ghulam Hussai Kandhar/Journalist & Poet/1972), Yaseen ‘Badal’ Laghari (Kamaro Sharif /Poet/1975), Asad Sikandar (Ogahi/Poet/1980). ********** DEATHS:: Allahdad ‘Sufi’ (Poet/1882),Parmanand Mewaram (Hyderabad/Journalist & writer/1938), Moulvi Muhammad Ismail Odi (Religious Scholar & Freedom Fighter/1970), Mufti Karim Bux Magsi (Sobho Khan Magsi/Religious Scholar/2006). ************* EVENTS: 1922: Various branches of the Sindh Khilafat Committee take out processions to protest sending of war ships to Samarna/Turkey by British. Protest meetings are held at Buthi of Taluka Mirokhan, Nasrpur, Dargah Thullah; Unarpur; Matiari; Amrote and Vasi Malook Shah. On this day and date the editor of the Daily Alwahid, Karachi is booked under 108 CPC by the orders of City Magistrate, Karachi. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1926: In its meeting the Hyderabad Congress Committee offered thanks to people for support in election of Jairamdas Doulatram as the member of Bombay Legislative Council. (Source: ‘Hindu’). 1938: Sindh Provincial Muslim League issues list of its General Body. It carries names of 88 members. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1948: Bombay Muslims Association of Karachi in its meeting shows dissatisfaction on the steps taken by Pir Illahi Bux Ministry regarding settlement of Indian Muslim migrants.(Source: Newspapers). 1953: Sindh Hari Committee observes ‘Anti-Violation Day’. Meetings are held by its branches and speeches are made for promotion of peace in Sindh. (Source: Newspapers). 1955: Awami League condemns action of Government against it workers and their large scale arrests in East Pakistan. (Source: Newspapers). 1968: Lawyers take out processions in various cities of Pakistan demanding restoration of democracy in country. Source: Ibid). 1969: Election Commission accepts demand of Sindhis supported by PPP tp publish voters’ lisit in Sindhi also. (Source: Newspapers). 1986: India, Pakistan and U.S.S.R must live in friendship, says Mikhall Gorbachev in India, (Source: Newspapers). SINDH IN HISTORY TODAY (29th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 29 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** [ ڪو پنهنجو پاڻ کي, قوم کي, قوم جي ماضئ حال مستقبل کي پڙھي ٿو يا نه, اهو منھنجو مسئلو ناهي. منهنجو ڪم آھي ته تاريخ کي جامع ۽ غير جابدار بنائڻ جا جتن ڪريان.] ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ طرفان اوهان جي خدمت ۾ 29 نومبر تي سلام ۽ دعا سان گڏ 29 نومبر جي واقعاتي تاريخ *************** 29.11.1838: برنس اڄ شڪارپور مان پنهنجي گورنر جنرل کي مراسلو موڪلي تجويز ٿو ڪري ته شڪارپور جو ڪجھ حصو ميرن اسان جي حوالي ته ڪيو, پر ان مان سندن ساڙ, ڊپ ۽ نفرت پيدا ٿي آھي. ان ڪري اسان سنڌ جي ڪنهن حصي/علائقي کي قبضي ۾ نه وٺون. ان سان جتي ڪٿي اسان تي توسيع پسندئ جا الزام لڳندا ۽ رنجيت سنگ به ڪن اڀا ڪندو. منهنجي صلاح آھي ته اسان سنڌ ۾ پنهنجا پنج يا ڇھ ھزار فوجي رکون ۽ انھن تي ايندڙ خرچ حيدرآباد جي مير نورمحمد, مير نصير خان, مير محمد خان ۽ خيرپور جي مير مبارڪ خان کان زورئ ڀرايون. 29.11.1842: خيرپور بابت فرنگي جاسوسن جيڪا اڄ رپورٽ لکي آھي, ان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 23 نومبر تي مير علي مراد پنهنجئ گذارش تي سکر ۾ نيپيئر سان ملاقات ڪئي ۽ ڪيترين ڳالهيون مخفي ڪيون ويون. نييئر 24 تاريخ تي شڪارپور ويو ۽ 25 تاريخ تي واپس موٽي آيو. سبزل ڪوٽ وٽ اسان جي واپارين کان مير رستم علئ جي ڪاردار جيڪا ٽئڪس ورتي هئي, اها به نيپيئر واپس ورتن ۽ پنج ڏينھن ڪاردار کي سکر ۾ اسان جي جيل ۾ بند ڪرڻ جو حڪم به ڪيائين. مير علي مراد وري 29 نومبر تي نيپيئر سان ملڻ آيو. 29.11.1922: برطانيه ترڪئ خلاف سمرنا ڏانھن پنهنجا جنگي ٻيڙا موڪليا ته انهئ قدم خلاف سمورئ سنڌ ۾ خلافتين طرفان احتجاجي ميڙاڪا ڪيا ويا. بٺي, تعلقي ميروخان ۾ احتجاجي جلسي جي صدارت قاضي عزيزالله ڪئي. نصرپور ۾ مولوي تاج محمد جي صدارت ۾ جلسو ٿيو. درگاه ٺلاه, لڳ باقراڻي ۾ جلسي جي پير محمود شاه راشدئ جلسي جي صدارت ڪئي. اهڙا ميڙاڪا انڙ پور, مٽيارئ, امروٽ ۽ وسي ملوڪ شاه ۾ به ٿيا. 29.11.1922: "الوحيد" اخبار جي ايڊيٽر تي "ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ 108" هيٺ سٽي ماجسٽريٽ ڪراچئ جي ڪورٽ ۾ ڪيس هليو. 29.11.1926: جئرامداس دولترام ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو. اڄ حيدرآباد ڊسٽرڪٽ ڪائونسل گڏجاڻي ڪري ووٽرن جا ٿورا مڃيا. 29.11.1948: پناهگيرن جي "بامبي مسلم ائسوسيئيشن“ ڪراچئ ۾ سنڌ حڪومت جي مذمت ڪئي ته اها پناهگيرن جا مسئلا حل نه پئي ڪري. ياد رهي ان وقت پير الاهي بخش جي وڏ-وزارت هئي. هن پناهگيرن کي ڪراچئ ۾ آباد ڪرڻ لاء ”پير الاهي بخش ڪالوني" ٺھرائي. سندس ئي ايمڪارئ ۽ اڳواڻئ ۾ ڪراچئ کي مرڪز حوالي ڪيو ويو هو. 29.11.1953: جتي جتي "سنڌ هاري پارٽي" جون شاخون ھيون, انھن اتي "عدم تشدد" جو ڏينھن ملهايو ۽ سنڌواسين کي امن ۽ ڀائيچاري سان رهڻ جو تاڪيد ڪيو. 29.11.1955: اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ جي ڪارڪنن ۽ عهديدارن کي وڏي پئماني تي گرفتار ڪيو ويو. اهڙن سخت قدمن کڻڻ جو روحاني راز اهو هو ته عوام ۾ نفرت ۽ علحدگئ جا جذبا اڀاريا وڃن. 29.11.1968: ايوب-شاهئ کان جان ڇڏائڻ لاء زندگئ جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻھون ميدان ۾ لهي پيا. اڄ وڪيلن مختلف شھرن ۾ جلوس ڪڍيا. 29.11.1976: پهرين ڊسمبر 1976 کان سنڌ ۽ بلوچستان ۾ الڳ الڳ هاء ڪورٽون ڪم ڪنديون- صدر اهڙو حڪم نامو جاري ڪيو. 29.11.1998: سنڌي ادبي سنگت, خداآباد شاخ طرفان "شاه جو فڪر" جي موضوع تي نظير احمد ڀنڊ ليڪچر ڏنو. جن شرڪت ڪئي, انھن مان محمد ابراهيم پنهور, اعجاز علي ڀٽي, الله بچايو پنهور, محمد ابراهيم ڀنڊ, محمد علي جتوئي, محمد خان برماڻي, محمد حنيف برماڻي ۽ بشير احمد قريشئ جا نالا ذڪر لائق آھن. *************** {29 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: *************** 29 نومبر 1933ع سنڌ جي اڳوڻي وزير اعلى ۽ سياستدان ممتاز ڀٽوجو جنم ڏينهن آهي. 29 نومبر 1939ع ليکڪ ۽ براڊ ڪاسٽر ممتاز مرزا جي پيدائش ٿي. 29 نومبر 1972ع ليکڪ عبدالسميع ڪنڌر جو جنم ڏينهن آهي. 29 نومبر 1975ع شاعر ياسين بادل لاشاري (ڪامارو شريف) جو جنم ڏينهن آهي. *************** [وڇوڙو]: ************** 29 نومبر 1882ع صوفي شاعر الهداد صوفي جو انتقال ٿيو. 29 نومبر 1938ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ليکڪ ۽ صحافي پرمانند ميوارام جي ديهانت ٿي. 29 نومبر 1970ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد اسماعيل اوڍي جي وفات ٿي. 29 نومبر 2005ع سنڌي فلمن جي ناليواري هدايتڪار، پروڊيوسر ۽ اداڪار شاهه اسد جو دل جي دوري سبب انتقال ٿيو. 29 نومبر 2006ع مفتي ڪريم بخش مگسي جي وفات ٿي. 29 نومبر 2014ع مذهبي اڳواڻ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي سکر ۾ مسجد ۾ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو.

Monday 27 November 2023

SINDH in history today (28th November). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

{28th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {28th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [If there is distance or difference between you and me, so what? You will be mine and me for your, if it has been written and determined much before our creation. Your beauty and my love are two sides of a same coin. I have protected & kept this coin as currency with my sincerity & sacrifice and trust & hope وڙھندين پوء بہ ورندين، جي لکیل ازل لاڪون انگ، ڪڏھن ڀرئ ڪڏھن ڀاڪر ۾، اھوطبیعت جو رنگ، دلیون ڪن نہ دنگ، سدا سرت سونھن سلام سان. ************** SINDH IN HISTORY TODAY (28th November). Sharing of PAST with PRESENT. Humble service rendered by Dr. Dur Muhammad Pathan ************** Births: 28th November 1. Moulana Muhammad Hashim Ansari (Phulji/Religious Scholar/ birth 28 November 1887), 2. Sudharshan 'Nachez' (Karachi - Mombai/Poet & Actor/ birth 28 November 1935) 3. Tariq Chandio (Badah/Poet/ birth 28 November 1990) ************** Deaths: 28th November 1. Ghulam Sarwar 'Faqir' Qadri (Larkano/Poet/ death 28 November 1932) 2. Khushiram Basharam (Garhiyasin/Freedom Fighter/ death 28 November 1945) ************* Events: 28th November 1883: Captain East wick requests Captain Melville, Assistant Resident in Cutch to supply him with one thousand camels or even more to enable the British force to proceed into the interior of Sindh as it was useless to depend on Sindh rulers for any assistance as they in spite of their profession were hostile to the advance of the British army and would be delighted to throw obstacle in their way. 1923: The Sindh Khilafat Committee releases its Annual Report. It is wonderful document on the party, its leaders, branches and activities. It also contains list of Party workers those were sentenced to imprisonment. 1938: Shaikh Abdul Majeed Sindhi, Secretary Sindh Provincial Muslim League writes to Nawabzada Liaquat Ali Khan Hon. Secretary to All India Muslim League for the affiliation of Sindh Muslim League. 1947: Pakistan is now Gate Way to Indian Muslim migrants. 155235 reach today. 1951: Some people of Karachi demand that Karachi be declared as the Governor's province. 1960: West Pakistan is divided into 11 administrative Divisions . Sindh stand divided into 2 Divisions. 1969: Gen. Yahya Khan announces election under Provisional Constitution Order, on 5th October 1970, and also promises to disban One - Unit. 1977: March 1977 polls were a complete hoax, says former Chief Election Commissioner Justice Sajjad Ahmad Jan. 1978: Pir Pagaro faces no - confidence move. Muhammad Hussain Chatta becomes new party chief. PML splits into two factions SINDH IN HISTORY TODAY (28th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 28 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 28.11.1838: سنڌ ۾ مقيم فرنگي سفارتڪار اڄ خط لکي ”ميشرز فرٿ ائنڊ ڪمپنئ" جي پارسي واپارئ ايجنٽ پيسٽنجي فرمجي کي تاڪيد ڪيو ته سنڌ ۾ خشڪئ ذريعي ڏکڻ سنڌ مان اتر سنڌ وڃڻ ۾ توکي جان ۽ مال جو سدائين خطرو رهندو, ڇو ته سنڌي ماڻھون اسان تي ٻريا ويٺا آھن. ان ڪري تون پاڻئ رستي پهريون وڪر پهچي, اتان ٻيڙئ ذريعي تون اتر سنڌ تائين وڃي سگهين ٿو. 28.11.1838: اڄ ڪمپٽن ايسٽ وڪ ڪڇ واري فرنگي ريزيڊنٽ کي لکيو ته هزار يا ان وڌيڪ اٺ موڪل ته سنڌ ۾ فرنگي فوجين جو سنڌ ۾ سامان کڻڻ ۾ مدد ڪن. هتان جا حڪمران اٺن جي خريدارئ ۾ ڪا مدد ڪرڻ بدران رنڊڪون ٿا وجهن. 28.11.1923: "سنڌ خلافت ڪميٽئ" پنهنجي سالياني رپورٽ شايع ڪئي. هئ رپورٽ سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم ڊاڪيومينٽ آھي. ان ۾ سنڌ ۾ قائم ڪيل شاخن, سزايافته ڪارڪنن ۽ گڏ ڪيل چندن بابت مستند معلومات موجود آھي. [گل حيات ۾ فرنگي دور جي سياسي پارٽين جا اھڙا کوڙ ڊاڪيومينٽس موجود آھن. هڪ هڪ پارٽئ جي انھئ سورس مٽيريل کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪري سگهجي ٿو] 28.11.1938: سنڌ مسلم ليگ جي سيڪريٽرئ شيخ عبدالمجيد سنڌئ اڄ آل انڊيا مسلم ليگ جي سيڪريٽري جنرل لياقت علي خان کي لکيو ته سنڌ مسلم ليگ کي الحاق ڏيو. [ياد رهي ته 1907 کان وٺي "سنڌ مسلم ليگ" طرفان الحاق لاء لکپڙھ ٿيندي رهي, پر ان جو کڙ تيل نه نڪتو. 1938 کان پوء آل انڊيا مسلم ليگ کي سنڌ ۾ پير ڄمائڻ جي ضرورت ٿي ته الحاق به ڏنائون ۽ سنڌ مسلم ليگ کان وڏي پئماني واري صوبائي ڪانفرنس به ڪرايائون] 28.11.1947: 155235 پناهگير پنهنجو وطن ڀارت ڇڏي هتي پهتا. 28.11.1951: ڪراچئ ۾ آباد ٿيندڙ ڪن پناهگير سرڪار کان ڪراچئ کي گورنر جي نگرانئ هيٺ صوبي بنائڻ جو مطالبو ڪيو. 28.11.1960: مغربي پاڪستان جي حڪومت مغربي پاڪستان کي 11 ڊويزنن ۾ ورهايو. سنڌ ۾ 2 ڊويزنون قائم ٿيون. 28.11.1969: جنرل يحيا خان وعدو ڪيو ته "ون-يونٽ“ کي ٽوڙيو ويندو. [انهئ وعدي جو روحاني راز اهو هئو ته مستقبل قريب ۾ اوڀر پاڪستان کي الڳ ڪرڻ کان پوء ”ون يونٽ“ قائم رکڻ ڪنهن ڪم جو نه ٿيندو] 28.11.1978: پاڪستان مسلم ليگ جي اڳواڻن پير پاڳاري خلاف بي اعتمادئ جو ووٽ آڻي سندس صدارت ختم ڪئي. ان کان پوء مسلم ليگ ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي ۽ "مسلم ليگ فنڪشنل" جنم ورتو. *************** 28 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 28 نومبر 1786ع عالم دين، مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر احمد شاهه بريلويجو راء بريلي ۾ جنم ٿيو. 28 نومبر 1887ع ڦلجي سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر مولانا محمد هاشم انصاري جو جنم ڏينهن آهي. 28 نومبر 1928ع اردو جي نامياري ليکڪا، ڊراما نگار ۽ ناول نگار بانو قدسيهجو جنم ڏينهن آهي. 28 نومبر 1935ع شاعر ۽ اداڪار سڌارشن ”ناچيز“ (ڪراچي/ ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 28 نومبر 1975ع ڪامارو شريف سان تعلق رکندڙ شاعر ياسين بادل لاشاري جو جنم ڏينهن آهي. 28 نومبر 1990ع بدين سان تعلق رکندڙ شاعر طارق چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 28 نومبر 1932ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ شاعر غلام سرور فقير جي وفات ٿي. 28 نومبر 1945ع ڳڙهي ياسين سان تعلق رکندڙ فريڊم فائيٽر خوشي رام باشا رام جي ديهانت ٿي.

SINDH in history today (27th November). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

{27th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {27th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Why to blame Satan? When we have become most high-risk for each other. Today, wild animal is not so dangerious than so called civilized and man of staus, education & power. Most of us are either ear, or eye. We have become people without heart & mind. Hence, human love & respect, values and peace is now beyond our reach, even imagination. Will you please help & guide us with your vision & wisdom and beauty? ] حیوان درندو خطرناڪ وحشي ڪٿي آھی؟ خطرناڪ وڌ ان کان ویو جت انسان بٹجي، شیطان جی شر کان تہ بچي سگھندين تون، انسان جی شر مان شل تون نہ وڃین اڙجي، سک سرت سلام امن کي ان لاء ٿيو خطرو، دل مان ٿو وڃي نڪري جي ماٹھپو تڙجي. ************* ‏‎SINDH IN HISTORY TODAY (27th November). Sharing of PAST with PRESENT. Humble service rendered by Dr. Dur Muhammad Pathan. ************ Births: 27th November 1. Govardhan Chaudhri (Tando Allahyar - Ajmir/Stage Director/ birth 27 November 1922), 2. Naranjan Khalnani (Writer/ birth 27 November 1923), 3. Chamandas Tulsidas (Thatto - Dubai/Singer/ birth 27 November 1927), 4. Habibullah Memon (Shikarpur/Journalist/ birth 27 November 1950), 5. Dr. Mahmood -ul- Hassan Mughul (Sehwan/Writer/ birth 27 November 1961) ************ Deaths: 27th November 1. Moulana Noor Muhammad (Shahdadkot/Religious Scholar/ death 27 November 1879) *********** Events: 27th November 1838: Col. Pottenger welcomes and congratulates Major General Wiltshire, Commanding British Troops in Sindh on his arrival in Sindh and offers his opinion on several points connected with the disembarkation of the force. 1848: The salary of Commissioner in Sindh is fixed at Rs 52,000 per annum with a travelling allowance at Rs 10 per diem. 1947: Eighty - four thousand Indian Muslims migrates to Pakistan. 1949: Two - day Session of the General Council of the Sindh Hari Committee starts at Hyderabad. The major issue of the Jagerdari system in Sindh dominates the agenda. The Ministry of Yousif Haroon is demanded to take necessary action about the abolition of that system. 1952: Jacobabad - Kashmore - Dera Ghazi Khan - Mahmudkot raily project is approved. 1971: Chinese Dy.Foreign Minister, in his address to the U.N General Assembly condemns India for its armed aggression against Pakistan. 1981: Pakistan shows willingness to sign the nuclear non - proliferation treaty if India also agrees to do so. 1992: Ban on Benazir's entry into Rawalpindi and Islamabad is lifted. 1994: Lahore High Court orders release of Gul Masih in blasphemy case. He was sentenced to death by the District & Session Judge, Sargodha. 1996: PML ( J ) splits into Hamid Nasir Chattha and Abdul Ghafoor Hoti factions. SINDH IN HISTORY TODAY (27th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 27 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ طرفان سنڌ جي وارثن ۽ مالڪن کي اڄ 27 نومبر تي سلام, نياز ۽ دعائون. جگ جگ جيئو. عالمن ۽ اڪابرن, عاقلن ۽ فاضلن, سياڻن ۽ سپورنجن کي سيکارڻ ۽ سمجهائڻ لاء آئون ڪو روزانو "واقعاتي تاريخ" شيئر نه ڪندو آھيان. پر, مان پنهنجي حصي جو قومي قرض لاهڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان. سنڌ جي تاريخ تي جيئن ۽ جيڪو ڪم نه ٿيو آھي, آئون انھئ کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان. ڪيتريون اهي ڳالهيون به ڪري ويندو آھيان, جيڪي اسان اڳ نه ٻڌيون ۽ نه پڙھيون. اڄ (27 نومبر) جي "واقعاتي تاريخ" سان گڏ وڊيو ٽاڪ/لنڪ به شامل ڪريان ٿو. ************* 27.11.1838: سنڌ ۾ فرنگي فوج جي ڪمان سنڀاليندڙ ميجر جنرل ولٽشائر سنڌ ۾ پهتو. پاٽينجر هن سان فوج لاهڻ بابت لاڳاپيل ڳالهين تي پنهنجا ويچار ونڊيا. 27.11.1847: سنڌ جي ڪمشنر جو ساليانو پگهار 52 هزار مقرر ڪيو ويو ۽ هو جڏهن سفر تي نڪرندو ته سندس 10 روپيا ڏهاڙي مقرر ڪئي وئي. 27.11.1854: جاگيرن واري اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور شهر جي تاريخ لکي هئي, جيڪا سنڌ جي ڪمشنر اڄ پنهنجي مراسلي نمبر 402 مطابق صوبائي سرڪار کي موڪلي. اهو شڪارپور بابت هڪ اهم ۽ مستند ڊاڪيومينٽ آهي, جيڪو پوء سرڪار ڇپرايو. ان جي ڪاپي گل حيات ۾ موجود آھي. 27.11.1938: وقتي چيئرمن محمد ايوب کهڙي جي صدارت ۾ سنڌ مسلم ليگ جي عهديدارن جي چونڊ ٿي. صدر جي چونڊ لاء شيخ عبدالمجيد سنڌئ ۽ حاجي عبدالله هارون هڪ جيترا ووٽ کنيا. ان ڪري وقتي چيئرمن حاجي عبدالله هارون جي حق ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ان ڪري حاجي عبدالله هارون صدر ٿي ويو. شيخ عبدالمجيد سنڌئ کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. 27.11.1947: ستر هزار پناهگير انڊيا ڇڏي آيا. جيڪو آيو, ان کي قبوليو ويو ۽ ڪنهن کان ڪو نه پڇيو ويو ته پاڪستان تحريڪ ۾ ھنن انڊيا ۾ ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا. 27.11.1949: حيدرآباد ۾ سنڌ هاري ڪميٽئ جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس ٿيو, جيڪو ٻه ڏينھن هليو. هن اجلاس ۾ جاگيردارئ جي خاتمي بابت جيڪو ٺھراء پاس ڪيو ويو, ان جو متن آھي: " هي اجتماع مسٽر يوسف هارون جي نئين وزارت کان مطالبو ٿو ڪري ته جلد از جلد جاگيردارئ جي خاتمي جو بل تيار ڪيو وڃي......ڇو ته اهي جاگيرون انگريزن يا ٻين بادشاهن پنهنجي طاقت برقرار رکڻ لاء ڪن قومي غدارن کي عطا ڪيون هيون." 27.11.1951: جيڪب آباد کان ڪشمور- ديرا غازي خان کان ٿيندي محمود ڪوٽ تائين ريلوي پراجيڪٽ منظور ڪيو ويو. *************** {27 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} **********-**** [جنم ڏينهن]: *************** 27 نومبر 1922ع اسٽيج ڊراما ليکڪ گورڌن چوڌري (ٽنڊو الهيار / اجمير) جو جنمڏينهن آهي. 27 نومبر 1923ع ليکڪ نرنجن کلناڻي (سکر / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 27 نومبر 1927ع گلوڪار ۽ اداڪار چمن داس تلسي لال (ٺٽو/ دبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 27 نومبر 1950ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ صحافي حبيب الله ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 27 نومبر 1961ع ليکڪ، ڊراما نگار ۽ ڪمپيئر ڊاڪٽر محمود مغل جو جنم ڏينهن آهي. *************** [وڇوڙو]: *************** 27 نومبر 1862ع آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفرجي رنگون جي جيل ۾ وفات ٿي. 27 نومبر 1879ع شهداد ڪوٽ سان تعلق رکندڙ مولانا نور محمد جي وفات ٿي. 27 نومبر 2000ع ٿر سان تعلق رکندڙ سياستدان ارباب فيض محمد نهڙيوجو انتقال ٿيو. 27 نومبر 2001ع شاعر ۽ ليکڪ امام بخش عاصم(شڪارپور) جو انتقال ٿيو.

Saturday 25 November 2023

SINDH in history today (26th November). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

{26th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {26th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ You are beauty & love, vision & wisdom and peace by birth and by nature. Open doors of your Golden Heart. Let the people peep into it and witness a wonderful and beautiful universe there. Let the people know and understand the reason and cause of loving, respecting and accepting you as my second to none Ideal.] تنهنجي هٿ چاٻي پنهنجي دل جو تون دروازو کول, نينهن-نگر جو تون رهواسي اها ئي ٻھڳڻ ٻولي ٻول, سندء فطرت انمول, سينگاريل سونهن سلام سان. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (26th November). Sharing of PAST with PRESENT. Humble service rendered by Dr. Dur Muhammad Pathan. ************* Births: 26th November 1. Dr. Abdul Jabbar Junijo (Badin/Poet & Scholar/ birth 26 November 1935), 2. Syed Murtaza Dadahi (Dadah/Poet & Journalist/ birth 26 November 1939), 3. Bhagwanti Kakreja (Karachi - Ulhasnagar/Writer/ birth 26 November 1940). ************* Deaths: 26th November 1. Nawab Ghaibi Khan Chandio (Ghaibi Khan/Nawab/ death 26 November 1954), 2. Abdullah 'Abid' (Karachi/Poet/ death 26 November 1973), 3. Ghulam Nabi Mahesar (Bago/Poet/ death 26 November 2000) ************ Events: 26th November 1847: The Collector of Karachi forwards petitions of Munshi Ghulam Hussain and Munshi Pritamdas against the order of dismissal passed by Sir Charles Napier, the late Governor of Sindh. Both helped Major Out ram in difficult and early days, but were removed from service because of differences between Napier and Outram. 1931: Haji Mir Muhammad Baloch is presiding over the Mehar Khilafat Conference. It is attended by Shaikh Abdul Majeed Sindhi and G.M.Syed also. Very important decisions are taken and resolutions are passed . The subjects covered are Separation of Sindh, Suppor to Kashmiris, Rights of agricultural and industrial workers and printing of Quran by Muslim printers only. 1946: The collection of rare antiquities collected by Lokmal Gobindbux Malkani has invited attention of Sindh Govt. The Sindh Governor precedes Hyderabad to visit this unique collection. 1948: The ban is imposed on daily Dawn, Sindh Observer, Jang, Anjam and Sindh under Public Safety Act. 1951: Khowaja Shahabuddin and I.I.Chundrigar take oath as Governor of NWFP and Punjab respectively. 1965: Akali Leader Tarasing speaks about creating Sikh state between India and Pakistan. 1971: All groups and factions of N.A.P are banned due to its activities against interests and security of Pakistan. President Yahya orders detention of party. SINDH IN HISTORY TODAY (26th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 26 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 26.11.1838: ڪئپٽن برنس سنڌ منجهان پنهنجي گورنر جنرل کي لکيو ته مير نور محمد خان جي فرنگين سان عدم تعاون ڪري, هن کي حڪمراني تان لاهڻ گهرجي ۽ هو پنهنجو پٽ گورنر جنرل جي حضور ۾ موڪلي پئ جي اره زوراين ۽ سازشن لاء معافي وٺي. 26.11.1838: هڪ طرف برنس پنهنجي گورنر جنرل ڏي خط موڪلي مير نور محمد خلاف کيس ڀڙڪائي ٿو ته ٻئي طرف ساڳئ تاريخ ۽ ساڳي ڏينهن تي مير نور محمد کي خط لکي سندس چاپلوسي ڪري ٿو. کيس گڏجي شڪار ڪرڻ واريون يادون ڏياري ٿو ۽ لکي ٿو ته تو جيڪو فرنگين سان ياري رکڻ وارو ٻوٽو پوکيو آھي, وقت سان گڏ وڌي وڻ ٿيندو. 26.11.1847: منشي غلام حسين (جنھن سنڌئ ۾ ڪتاب لکيا) ۽ منشي پريتمداس فرنگي سفارتڪار آئوٽرام معرفت قبضي ۾ ورتل ڪراچئ ۾ فرنگي حڪومت طرفان سرڪاري منشي مقرر ڪيا ويا هئا. جڏهن نيپيئر سنڌ هو گورنر ٿيو ته انھن ٻنھي کي نوڪرئ تان لاٿائين, ڇوته نيپيئر ۽ آئوٽرام جي هڪ ٻئي سان اڻ بڻت هئي. انھن ٻنھي نيپيئر جي ڏاڍ خلاف ڪراچئ جي ڪليڪٽر جي دفتر ۾ پٽيشن ڏني, جيڪا اڄ ممبئي سرڪار جي گورنر کي موڪلي وئي. 26.11.1931: ميهڙ ۾ حاجي مير محمد بلوچ ”خلافت ڪانفرنس" جي صدارت ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ مشهور سياستدانن مان جي.ايم.سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌئ به شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ سنڌ جي جدائئ, ڪشمير سان همدردئ, قرآن شريف فقط مسلمان پرنٽر ۽ پبلشر طرفان ڇپرائڻ ۽ زرعي خواه صنعتي پورهيتن جي حقن بابت ٺھراء پاس ڪيا ويا. 26.11.1946: حيدرآباد واري لوڪومل گوبند بخش ملڪاڻئ ناياب نادرات Antiquities جو وڏو خزانو پاڻ وٽ گڏ ڪيو هو. اڄ سنڌ جو گورنر اوڏانھن اها ميڙي چونڊي ڏسڻ ويو. 26.11.1948: اڄ ” پبلڪ سيفٽي ايڪٽ" جي قانون تحت "ڊان", "سنڌ آبزرور", "جنگ" ۽ "انجام" اخبارن تي پابندي مڙھي وئي. اهي اخبارون پناهگيرن جي مسئلي ۽ ٻين مامرن تي گهڻو لکي رهيون هيون ۽ امن امان جي صورتحال بگڙڻ جو انديشو پيدا ٿي پيو. 26.11.1965: سک اڳواڻ تارا سنگ اعلان ڪيو ته پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ ”سکن لاء ملڪ" جوڙينداسين. 26.11.1971: پاڪستان سرڪار "نئشنل عوامي پارٽئ" تي پابندي لڳائي ۽ پارٽئ جي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو. *************** نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 26 نومبر 1915ع تعليمدان، ليکڪا ۽ روحاني شخصيت ڀڳتياڻي هري ديوي(حيدر آباد / پونا) جو جنم ڏينهن آهي. 26 نومبر 1935ع ناليواري ليکڪ، عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجوجو جنم ڏينهن آهي. 26 نومبر 1939ع مشهور شاعرسيد مرتضى شاهه ڏاڏاهيجو جنم ڏينهن آهي. 26 نومبر 1940ع ليکڪ ڀڳونتي لڇمڻ ڪڪڙيجا(ڪراچي / الهاس نگر) جوجنم ڏينهن آهي. 26 نومبر 1947ع ليکڪ، اديب ۽ سنڌ دوست ڪاموري عبد القادر منگي جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: 26 نومبر 1954ع نواب غيبي خان چانڊيو جو انتقال ٿيو. 26 نومبر 1973ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ شاعر عبدالله عابد جي وفات ٿي۔ 26 نومبر 2000ع ناليواري شاعر، نعت خوان ۽ مولودي غلام نبي مهيسر جي وفات ٿي۔

Friday 24 November 2023

SINDH in history today (25th November). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

Dr.Dur Muhammad Pathan 3:55 AM {25th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {25th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Whoever has ego, wealth and authority, but has no human love & respect in heart & mind, is promoter of problems and evil-maker.He/She becomes high-risk for common peace & progress and love & beauty. It becomes tough task to beautify his/her vision and purify his/her wisdom] اھا دل دنیا ۽ ساري دانائي، آھي ادب آدمیت کان سواء سور، سو سور بٹجي پئي ناسور، جي ماٹھو ماٹھوء ھٿان مجبور،‏ پر تن کي ملي سدا سرور، جي سوچن لوچن سونھن سلام لاء. ‏ ************** SINDH IN HISTORY TODAY (25th November). Sharing of PAST with PRESENT. Humble service rendered by Dr. Dur Muhammad Pathan. Births: 25th November 1. Sadhu Waswani (Hyderabad - India/Philosopher & Saint/ birth 25 November 1879), 2. Maniram Sainani (Writer/ birth 25 November 1911), 3. Gope (Hyderabad/Actor/ birth 25 November 1914), 4. Deepak Asha (Tando Adam - Mumbai/Singer & Poet/ birth 25 November 1919), 5. Abdul Ghafoor 'Aid' (Mir Hassan/Poet/ birth 25 November 1942), 6. Surya Souz Diplai (Hyderabad/Writer/ birth 25 November 1945), 7. Namdev Tarachandani (Luqman - Bhawnangar/Writer/ birth 25 November 1946), 8. Manzoor Ali Mahesar(Dhingano Mahessar/Writer/ birth 25 November 1959), 9. Abdul Sami Soomro (Jacobabad/Journalist/ birth 25 November 1973), Deaths: 25th November 1. Moulana Abdul Latif Dol (Religious Scholar/ death 25 November 1960), 2. Muhammad Khan Larik (Folklore poet/ death 25 November 1985), 3. Dr. Tanvir Abbasi (Poet/ death 25 November 1999) Events: 25th November Part1 1844: The Govt. of India provides guidance to the Sindh Govt. about nature and extent of relations with nearer states. 1934: Balkan Ji Bari - An organization of Youngsters, celebrates its 8th anniversary. It is told in its report that 14 branches of Bari are functional in Sindh and 1500 are enrolled so for. 1935: The wheat found from Mohen -Jo- Daro is harvested in Bengal and amazing results are gained. The initiate and efforts were taken by Sir Daniel Hamilton, who purchased Wheat from the England Mission. 1956: Sardar Abdul Rab Nishtar demands Pakistan to quit Common Wealth Part2 1949: The first International Islamic Conference opens in Karachi. 1954: The Federal Legislative Assembly unanimously welcomes the One Unit Scheme for West Pakistan 1962: Opposition groups in National Assembly form alliance to be known as Peoples' Party. 1968: Pakistan Democratic Movement holds protest marches in many towns of West Pakistan and demands restoration of adult franchise, release of political leaders and lifting of emergency without fail. 1971: Pakistan officially asks Britain to use its influence to prevent worsening Indo - Pak situation. 1993: Fifth district in Karachi, to be called as Malir District is created. SINDH IN HISTORY TODAY (25th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 25 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 25.11.1842: ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ نيپئر کي خط لکيو ته جيئن تو سنڌ جي صورتحال جي روشنئ ۾ ميرن سان هڪ هڪاڻي ڪرڻ جي منصوبه بندي ڪئي آھي, آئون ان جي منظوري ڏيان ٿو ۽ تو کي ان تي عمل ڪرڻ جو اختيار به ڏيان ٿو. مان ممبئي سرڪار کي به اهڙو اطلاع ڏيان ٿو. تو ڏانھن پنجاب مان فوج ۽ ٻيڙيون سکر ڏياري موڪليان ٿو. 25.11.1934: “ٻالڪن جي ٻاري" نالي تنظيم اڄ پنهنجو 8 قيام ڏينھن ملهايو ۽ ان موقعي تي رنگ برنگي تقريب ٿي. هن تنظيم جو باني دادا شيوڪ موٽواڻي هو. اڄ سالياني/پروگريس رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته سڄئ سنڌ ۾ ”ٻالڪن جي ٻارئ" جون 14 شاخون قائم ٿي چڪيون آھن ۽ 1500 ٻار انھن جا ميمبر آھن. 25.11.1935: مهين جي دڙي جي کوٽائئ مان لڌل ڪڻڪ کي تجربي طور بنگال ۾ پوکيو ويو ۽ اهو تجربو ڪامياب ويو. 25.11.1954: ڪراچئ ۾ “پهرين بين الاقوامي اسلامڪ ڪانفرنس" ٿي. 25.11.1962: قومي اسيمبلئ ۾ مخالف ڌر پنهنجو "پيپلز پارٽي" جي نالي سان اتحاد ٺاهيو. ["پيپلز پارٽئ" جو نالو ورهاڱي کان اڳ سر شاهنواز ڀٽي ڪم آندو ۽ هن هم خيال سياستدانن سان گڏجي انھئ نالي سان "سنڌ پيپلز پارٽي"ٺاهي. ورهاڱي کان پوء جي.ايم.سيد ۽ خان عبدالغفار خان "پيپلز پارٽي" نالي سياسي تنظيم ٺاهي] 25.11.1968: ايوب-مخالف سياستدانن جي دڙي طرفان ايوب خلاف هلايل تحريڪ "پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ" ملڪ جي ڪيترن شھرن ۾ مظاهرا ڪري مطالبو ڪيو ته سياسي قيدي هڪ دم آزاد ڪيا وڃن ۽ بلوغت جي بنياد تي ووٽ ڏيڻ جو حق ڏئي چونڊون ڪرايون وڃن. 25.11.1971: پاڪستان سرڪاري طور برطانيه کي گذارش ڪئي ته انڊيا ۽ پاڪستان جي بگڙجندڙ لاڳاپن کي بهتر بھائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. 25.11.1993: ڪراچئ ۾ ”ملير ضلعو" قائم ڪيو ويو. هئ ڪراچئ ۾ قائم ٿيندڙ پنجون ضلعو ٿيو. *************** 25 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: ************** 25 نومبر 1879ع شاعر، ليکڪ ۽ فلاسافر ساڌو ٽي ايل واسواڻي(حيدرآباد / پونا) جو جنم ڏينهن آهي. 25 نومبر 1911ع ليکڪ ماني رام سائيناڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 25 نومبر 1914ع حيدر آباد سان تعلق رکندڙ اداڪار گوپي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 25 نومبر 1919ع شاعر، راڳي ۽ اداڪار ديپڪ آشا (ٽنڊو آدم / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 25 نومبر 1930ع نوشهرو فيروز سان تعلق رکندڙ سياستدان احمد علي خان جلباڻي جو جنم ڏينهن آهي. 25 نومبر 1942ع شاعر عبدالغفور عابد جو جنم ڏينهن آهي. 25 نومبر 1945ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ليکڪا ثريا سوز ڏيپلائي جو جنم ڏينهن آهي. 25 نومبر 1946ع ليکڪ نام ديو تاراچنداڻي (لقمان / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي. 25 نومبر 1952ع ناليواري ڪرڪيٽر ۽ سياستدان سابق وزير اعظم عمران خان جو جنم ڏينهن آهي. 25 نومبر 1959ع ليکڪ منظور علي مهيسر جو جنم ڏينهن آهي. 25 نومبر 1968ع شاعر، ليکڪ ۽ سماجي ورڪر اسلم عباسي(مورو) جو جنم ڏينهن آهي. 25 نومبر 1973ع جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ صحافي عبدالسميع سومري جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 25 نومبر 1960ع مذهبي اسڪالر مولانا عبداللطيف جي وفات ٿي. 25 نومبر 1985ع سگهڙ محمد خان لاڙڪ جي وفات ٿي. 25 نومبر 1999ع شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر تنوير عباسي جي اسلام آباد ۾ وفات ٿي. 25 نومبر 2013ع نامياري اسڪالر ۽ عالمِ دين علامه عبدالغفور قاسمي سجاولي جو انتقال ٿيو. 25 نومبر 2014ع تعليم جي ميدان ۾ اهم خدمتون انجام ڏيندڙ آپا مريم سلطانه نوحاڻي لاڏاڻو ڪري وئي

Thursday 23 November 2023

SINDH in history today (24th November). Translater Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

👎 😊 😞 {24th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {24th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Everybody speaks about your beauty & love and vision & wisdom, except you. You have forgotten or lost yourself. Listen the call of time, place and circumstances. People I like me are determined to approach you and pray for your kindness, cooperation and participation. Dear! Be, what you are. You are love, beauty and peace.] ڳالهيون سندء سونهن جون هو ڏس ڪيئن ماڻهون پچارن, مون جيان همٿ نہ هارن, سارن نهارن توکي سلام چئي. ************** SINDH IN HISTORY TODAY (24th November). Sharing of PAST with PRESENT. Humble service rendered by Dr. Dur Muhammad Pathan. ************* Births: 24th November 1. Kazi Fazul Karim (Dadu/Banker, advocate and writer/ birth 24 November 1938 ), 2. Indra Shabnam Poona walla (Poono/Poetess/ birth 24 November 1955), 3. Shabir Qureshi (Sinjhoro/Journalist/ birth 24 November 1967), 4. Sooraj Sijawali (Poet/ birth 24 November 1972). ************ Deaths: 24th November 1. Diyomal Deepchand (Politician/ death 24 November 1935), 2. Muhammad Bux 'Wasif' (Hyderabad/Poet & Freedom Fighter/ death 24 November 1952), 3. Jhangal Shah 'Mast' (Poet/ death 24 November 1967), 4. Mahboob Ali Channa (Writer death 24 November /1977) ************* Events: 24th November 1920: The editor of Al - Wahid, Qazi Abdul Rahman is arrested due to preaching Non - co - Operation Movement against the Govt. 1942: The Ghathar Muslim League resolves to support Sir Ghulam Hussain ministry. 1947: 245,000 Indian Muslims of Sonipat, Dhoolkot, Rohat and Bara migrate to Pakistan. More 2150 enter Pakistan by Motor transport from Karnal, Jullandhar and Nahan state. 1951: Sindh Muhajreen Board demands redressing of problems of farmer Muhajreen. 1952: Pakistan releases and publishes the text of the Indo - American agreement of 1951, which made India a member of a Regional Security Pact as early as March 1951. 1963: The External Affairs Minister, Z.A.Bhutto leaves for Washington to represent Pakistan at the funeral of J.F.Kennedy. 1967: Pakistan backs restoration of the lawful right of China in the United Nation. 1970: All personnel of Pakistan army up to the rank of Major and those belonging to reserve list and sailors under age of 50 years are ordered to report for duty. 1973: Pakistan may seek arms aid from Arabs if U.S.A persistently refuses for deliver arms. 1981: Pakistan lodges a protest with the Govt. of India over beating of a staff member of embassy in New Delhi on November 21. 1996: Supreme court admits Benazir Bhutto's petition about National Assembly dissolution. SINDH IN HISTORY TODAY (24th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 24 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 24.11.1831: فرنگي سرڪار "سنڌ مشن" جو آغاز ڪيو, جنھن جو ميرن کي مياڻئ جي جنگ ۾ شڪست ڏئي ملڪ تي قبضي ڪرڻ تي ختم ٿيو. انھن ٻارنھن سالن ۾ فرنگين سنڌ ۾ فريب, توسيع پسندئ ۽ منافقئ جي سوين داستانن کي جنم ڏنو. 24.11.1842: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ نيپيئر کي لکيو ته تون سنڌ ۾ آھين ۽ مون کان وڌيڪ سنڌ جي صورتحال کي سمجهين ٿو. ان ڪري جيڪو تون فيصلو ڪندين, مان ان منظوري ڏئي ڇڏيندس. مير نصير خان ۽ مير رستم علئ جيڪي پنجاب جي مهاراجا ڏي اسان خلاف جيڪي خط موڪليا هئا, اهي پڪڙي تو وڏو ڪم ڪيو آھي. مير رستم علئ جو وزير فتح محمد غوري جيڪي گوٿناڪيون ڪري ٿو, ان جو ذميوار ۽ جوابدار مير رستم علي ئي آھي. ميرن هٿ سان سيد محمد شريف کي ڀڄايو آھي, جڏهن ته کين خبر به هئي ته هو اسان جو ڏوهاري هو ۽ اسان کي گهربل هو. سيد کي ڀڄائي ميرن معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي. مير علي مراد کي اقتدار ۾ آڻڻ انصاف ۽ اسان جي حق ۾ آھي. ڇوته گهڻن ميرن بدران هڪ مير کي سنڀالڻ سولو آھي. ڏکڻ سنڌ ۾ گرمين کان اڳ اسان کي فوجي حملو ڪرڻ گهرجي. 24.11.1920: انگريزن مان جان ڇڏائڻ لاء اسان جي وڏڙن وڏيون قربانيون ڏنيون. شايد ئي ڪا اهڙي مشھور اخبار نه هجي, جنھن جي ايڊيٽر جيل جي سزا نه ڪاٽي هجي. "الوحيد" اخبار جي لڳ ڀڳ سمورن ايڊيٽرن تي ڪيس ٿيا. اڄ ھن اخبار جي ايڊيٽر قاضي عبدالرحمان کي پڪڙيو ويو, ڇو ته هن حڪومت سان سهڪار نه ڪرڻ وارئ تحريڪ جي حق ۽ فرنگي حڪومت جي خلاف لکيو. 24.11.1942: اڄ کان 80 سال اڳ گهٽھڙ تعلقي قمبر جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ هئو. ان ۾ ڳوٺاڻن ڏينھن رات هڪ ڪري پاڪستان جي تحريڪ هلائي. اڄ گهٽھڙ ۾ ”مسلم ليگ" جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ سر غلام حسين هدايت الله جي حڪومت جي حق ۾ ٺھراء پاس ڪيو ويو. 24.11. 1947: سرڪار نامدار پڌرو ڪيو ته سوني پٽ, ڍولڪوٽ ۽ باڙا مان 245000, ۽ ڪرنال ۽ جالندر مان 2151 پناهگير خير سان پنهنجو اباڻو وطن ڇڏي هتي پهتا. [آھي ڪو محقق جو ٻڌائي ته انھن ھنڌن تي پاڪستان تحريڪ ڪنهن ۽ ڪيئن هلائي ۽ اتي ڪيتريون قربانيون ڏنيون] 24.11.1951: "سنڌ مهاجر بورڊ“ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته پناهگيرن جا مسئلا هڪدم حل ڪيا وڃن. 24.11.1963: اڄ ملڪ جو وزير خارجه ذوالفقار علي ڀٽو, آمريڪي صدر ڪينيڊئ جي تدفين وارن رسمن ۾ شرڪت ڪرڻ لاء واشنگٽن روانو ٿيو. ذوالفقار علي ڀٽي ڪيترن ملڪن جي اڳواڻن جي تدفين ۾ شرڪت ڪئي پر سندس تدفين ۾ پنهنجا يا پراوا به شريڪ نه ٿي سگهيا!!! 24.11.1970: انڊيا سان جنگ وارئ صورتحال ڪري موڪلن تي ويل ۽ رزرو سامونڊي ۽ باقي فوجين کي هڪدم ڊيوٽئ تي پهچڻ جو حڪم ڏنو ويو. 24.11.1996: قومي اسيمبلي ڊاهڻ خلاف بينظير ڀٽو اڄ سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي. *************** 24 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: *************** 24 نومبر 1938ع ليکڪ، قانوندان ۽ بئنڪر قاضي فضل ڪريم (دادو) جوجنم ڏينهن آهي. 24 نومبر 1956ع شاعره ۽ ليکڪا اندرا شبنم پوناوالا(ڪراچي/ پونا) جوجنم ڏينهن آهي. 24 نومبر 1952ع اردو ٻوليء جي مشهور شاعره پروين شاڪر جو جنم ڏينهن آهي. 24 نومبر 1961ع هندستاني ترقي پسند ليکڪا ارون ڌتي راءِجوجنم ڏينهن آهي. 24 نومبر 1967ع سنجهوري سان تعلق رکندڙ صحافي شبير قريشي جوجنم ڏينهن آهي. 24 نومبر 1972ع شاعر سورج سجاولي جوجنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: ************** 24 نومبر 1935ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سياستدان ڏيئومل ديپچند ديهانت ڪري ويو. 24 نومبر 1952ع شاعر ۽ فريڊم فائيٽر محمد بخش واصف (حيدر آباد) جو انتقال ٿيو. 24 نومبر 1967ع شاعر ۽ مولودي جهانگل شاهه مست جي وفات ٿي. 24 نومبر 1977ع اسڪالر ۽ ليکڪ محبوب علي چنا جو انتقال ٿيو. 24 نومبر 2004ع تي پرسوجي گدواڻيءَ جو انتقال ٿيو. 24 نومبر 2012ع ڊان اخبار جو ناليوارو ڪالم نگار ۽ ببيباڪ ليکڪ اردشيرڪائوسجي گذاري ويو. 24 نومبر 2012ع موري سان تعلق سياستدان۽ اڳوڻو سينيٽر قرارالدين جو جي وفات ٿي.

Wednesday 22 November 2023

SINDH in history today (23rd November). Translator Mumtaz Ali Pathan and Author Dr.Pathan

{23rd November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {23rd November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Seeing is believing, but not listening. Listening and believing without verification poisons heart & mind. It is to be on toes and to dance as desired by others. It makes listener high-risk for love & beauty and peace & happiness] من-ڪچو ماٹھو ڀلو، پر ڪن ڪچو سو سڀ لاء ڏچو، ھو نہ رھندو سرت سان، سونھن سان ۽ سچ سان سچو، روش انهئ کان شل بچو، آئون دعاگو آھيان سلام سان. ************* BIRTH & DEATH DATES AND EVENTS (23rd of November) ************ BIRTHS: Kazi Faiz Muhammad (Halani/Politician/1908), Paromal Kewalraman (Hyderabad/Publisher & writer/1912)Muhammad Khan ‘Manzoor’ (Poet/1912),Muhammad Paryal Solangi (Sehwan/Writer/1924), Tiklo B.A (Poet & writer/1926),Aamin-u-din Shah (Hingora/Politician/1931), Asad Solangi (Poet/1948), Susan Mirza (Poetess/1957) *********** DEATHS: Moulana Noor Muhammad Nizamani (Tando Soomar/Religious Scholar & Political Activist/1934). ************* EVENTS: 1838: Colonel Pottenger suggest his Government the cession of a portion of Sindh and establishment of ‘Subsidary force’ in lower Sindh. 1919: Sindh plays its role in the First Khilafat Conference held at Delhi. Moulana Taj Mahmood Amroti, Pir Turab Ali Shah, Jan Muhammad Junijo and Seth Haji Abdullah Haroon are there to attend the Conference. (Source: Gul Hayat website) 1927: W.F.Hudson, the Commissioner of Sindh presides over the opening meeting of ‘Sindh Natural History Society’. The did wonderful work on the Natural History of Sindh and published its work in it Journal. (Source: The Journal of the Sindh Natural History Society, Karachi). 1947: 47 thousand Indian Muslim migrants enter Pakistan (Source: Newspapers). 1954: First Shipment of U.S military aid to Pakistan arrives. (Source: Newspapers). 1955: The Baghdad Pact Council winds up its 2-day conference with a joint 19-point communiqué calling for peace, security in Middle East. (Source: Newspapers). 1960: Urdu is made compulsory subject up to Class X11. (Source: Newspapers). 1967: Mangla dam is inaugurated by President Ayub. A.G.N.Kazi WAPDA chairman presents Well come address. (Source: Ibid). 1971: Emergency is imposed in Pakistan. India mounts full-scale attacks in East Pakistan. U.N Secretary –General is informed by the Pakistan Government. (Source: Newspapers). 1972: Hamood-u-Rahman Commission Report has made Yahya Khan responsible for East Pakistan tragedy, says Z.A.Bhutto. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). SINDH IN HISTORY TODAY (23rd November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 23 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 23.11.1838: سنڌ ۾ مقيم فرنگي سفارتڪار ڪرنل پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي صلاح ٿو ڏئي ته ڏکڻ سنڌ ۾ ڪنهن مناسب هنڌ تي فرنگي مفادن جي بچاء واري فوج Subsidary Force رکجي ۽ ان تي ٿيندڙ خرچ پکي لاء سنڌ جي ڪنهن حصي تي قبضو ڪجي. [ياد رهي ته ميرن کي ڏٽا ڏنائون ته اوهان جي حڪومت ۽ سنڌ کي ٻاهرين حملن کان بچائڻ لاء اسان سنڌ ۾ پنهنجي فوج رکنداسين. ميرن معاهدي ۾ انھئ کي هڪ شق طور قبول ڪيو] 23.11.1842: نيپيئر اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي ٻه خط لکيا. هڪ خط ۾ لکي ٿو ته مير رستم علئ اسان کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواء چورئ پنجاب جي مهاراجا ڏي خط لکيا آھن ۽ ظاهر آھي ته انھن خطن ۾ اسان خلاف محاذ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. هو ٻئي خط ۾ لکي ٿو ته سندس مير علي مراد خان سان ڳالھ ٻولھ ٿي آھي. هو اسان کان اقتدار جي مسند تي ويهڻ لاء مدد جو طلبگار آھي. 23.11.1940: سنڌ جي وزير جي.ايم.سيد وزارت تان استعيفا ڏني. 23.11.1947: سرڪار پڌرو ڪيو ته اڄ ستيتاليھ ھزار پناهگير پنھنجو ملڪ ڇڏي هتي پهچي ويا آھن. 23.11.1954: آمريڪا طرفان فوجي امداد جي پهرين کيپ اڄ پاڪستان پهتي. [فوجي امداد جي نالي ۾ آمريڪا فوجي اسلحو کپائڻ لاء هڪ منڊي حاصل ڪري ورتي] 23.11. 1958: پاڪستان ۾ ڏسي وائسي آئين سازئ ۽ قانونسازئ جي عمل ۾ رنڊڪون وڌيون ويون ته جيئن پنهنجئ مرضئ موجب ملڪ کي هلايو وڃي. اڄ وري جسٽس اي. آر. رحمان جي اڳواڻئ ۾ ھڪ "لا ڪميشن" ويهاري وئي. 23.11.1964: صدر ايوب اڄ صدارتي اميدوار طور فارم ڀرايو. [ياد رهي ته سندس مقابلو پاڪستان جي بانئ جي ڀيڻ فاطمه جناح ڪيو ۽ تاريخ ۾ چونڊن چورائڻ ۽ مخالفن کي شڪست ڏيڻ جي هڪ روايت قائم ڪئي وئي] *************** 23 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 23 نومبر 1908ع ليکڪ ۽ سياسي اڳواڻ قاضي فيض محمدجو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1912ع ليکڪ ۽ پبلشر پارو مل ڪيولراماڻي (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1912ع شاعر محمد خان مخمور جو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1924ع سيوهڻ سان تعلق رکندڙ ليکڪ محمد پريل سولنگي جوجنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1926ع ليکڪ ٽڪلو بي اي جوجنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1931ع سياستدان اميرالدين شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1934ع سماجي اڳواڻ ايشور منگهاڻي (حيدر آباد / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1957ع ليکڪ سوسان مرزا جو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1957ع گلوڪار ڪمار سانوجو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1993ع جوهي سان تعلق رکندڙ نوجوان شاعر شهزاد علي لاشاريجو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 23 نومبر 1934ع آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ مذهبي اسڪالر نور محمد نظاماڻي جي وفات ٿي. 23 نومبر 1983ع پاڪستان فلم انڊسٽري جي چاڪليٽي هيرو وحيد مرادجي وفات ٿي. 23 نومبر 1998ع موسيقار ۽ شرنائي نوازآچر فقير مڱڻهارجي وفات ٿي. 23 نومبر 2015ع اردو جي نامياري شاعر ۽ ليکڪ جميل الدين عالي جي وفات ٿي. 23 نومبر 2018ع تي رتوديرو سان تعلق رکندڙ دانشور ۽ اديب استاد عطاءُ اللّٰه ابڙو وڇڙي ويو

Tuesday 21 November 2023

SINDH in history today (22nd November). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

Dr.Dur Muhammad Pathan 6:17 AM {22nd November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {22nd November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* GOOD DAY MESSAGES IN DIFFERENT LANGUAGES Dr.Pathan wishes you Good Day. [You are at par in all respects with any Ideal, Leader or Beloved. Do not behave like a follower with Blind Faith. Share your Beauty & Love without any discrimination. Me, people & Motherland need you and your vision & wisdom] پویان ھلندین پوئتي رھندین، ھل گڏجي ھل. پاڻ ۽ پنھنجو پرین، پري نہ رک تون پل. بٹجي نفرت لاء اجل، چئج سلام سرت سان. Dr.Pathan wünscht Ihnen einen guten Tag. [Sie sind in jeder Hinsicht mit jedem Ideal, Anführer oder Geliebten gleichgestellt. Benimm dich nicht wie ein Anhänger mit Blind Faith. Teilen Sie Ihre Schönheit & Liebe ohne Diskriminierung. Ich, die Menschen und das Mutterland brauchen dich und deine Vision und Weisheit] Dr.Pathan te desea buenos días. [Usted está a la par en todos los aspectos con cualquier Ideal, Líder o Amado. No te comportes como un seguidor con Blind Faith. Comparta su belleza y amor sin ninguna discriminación. Yo, la gente y la Patria te necesitamos a ti y a tu visión y sabiduría] Dr.Pathan يتمنى لك يوم جيد. [أنت على قدم المساواة من جميع النواحي مع أي المثالي ، زعيم أو الحبيب. لا تتصرف مثل تابع مع Blind Faith. مشاركة جمالك والحب دون أي تمييز. أنا والناس والوطن الأم بحاجة إليك ورؤيتك وحكمتك] دکتر پتان برای شما روز خوبی آرزو می کند. [از هر لحاظ با هر یک از افراد ایده آل ، رهبر یا عزیز موافق هستید. مانند پیرو با ایمان نابینا رفتار نکنید. زیبایی و عشق خود را بدون هیچ گونه تبعیضی به اشتراک بگذارید. من ، مردم و میهن به شما و بینش و خرد خود احتیاج دارید Dr.Pathan vous souhaite une bonne journée. [Vous êtes à égalité à tout point de vue avec n'importe quel Idéal, Leader ou Bien-aimé. Ne vous comportez pas comme un disciple de Blind Faith. Partagez votre beauté et votre amour sans aucune discrimination. Moi, les gens et la patrie ont besoin de vous, de votre vision et de votre sagesse] Pathan博士祝您早安。 [您在任何方面都与理想,领导者或挚爱相提并论。 不要像盲目信徒那样表现追随者。 毫无歧视地分享您的美丽与爱。 我,人与祖国需要你,你的远见与智慧] ************* SINDH IN HISTORY TODAY (22nd November) ************ BIRTHS: 22nd November 1. Pir Syed Hizbullah Shah Rashdi Takht Dhani (Saint/1842), 2. Ramdas Lakhani (Thatto - Ahmadabad/Writer/1879), 3. Rahim Bux 'Qamar' (Poet/1923), 4. Pir Shah Mardan Shah Pagaro (Saint/1928 ), 5. Mohan Kalpna (Kotri - Ulhasnagar/Writer/1930), 6. Manohar Bedi 'Ajiz' (Kandyaro - Ulhasnagar/Poet/1930), 7. Tirathdas Amirani (Nasir Laghari/Journalist/1946), 8. Shahzado Shaikh (Bakrani/Scholar/1948 ), 9. Siraj Bhatti (Kolachi/Writer/1953), 10. Zahid Hussain Khoja (Bathoro/Journalist/1967) ************ DESTHS: 22nd November 1. Dr.Noor Muhammad Shaikh (Hyderabad/Freedom Fighter/1956), 2. Dr.U.M.Daudpoto (Tilti/Scholar/1958 ), 3. Ahsan Badvi (Shikarpur/Writer/1965), 4. Kazi Nasir Muhammad (1972), ************ EVENTS: 22nd November 1838: Colonel Pottenger requests Lieutenant Chrales, commanding the Court's Surveying Brigade, not to leave coast of Sindh until the arrival of the British troops as his experience and study will be very useful for troops. He also advises Messrs Firth & Co, Bombay not to bring his goods into the interior of Sindh and do not proceed to Shikarpur because it would expose him to the risk of being insulted, if not plundered. 1926: The meeting of ladies is held in Theosophical of Karachi. This meeting of more than 110 ladies support co - education, demand teaching of English at Secondary level, including Music and Physical training in the scheme of education. Mrs. Haji Abdullah Haroon, Mrs. Bandhali Kasim and Mrs. N.D. Mallik play vital role in meeting 1927: The Sindh Natural History Society is formed with Commissioner as its president. 1935: Cricket match is played between Austrelia and Sindh at Karachi. Sindh Team is headed by Ghulam Muhammad. The match is won by guest team. 1948: Do not bracket yourself as Sindhis, Punjabis, Bengalis, Pathan or Balochi. Be Pakistani and behave like Pakistanis, asks people, the Prime Minister of Pakistan, Liaquat Ali Khan, in Dhaka Public meeting. 1963: Atomic Energy Agriculture Center at Tandojam is inaugurated. 1971: India launches an all - out offensive against East Pakistan. 1983: No resumption of political activities in near future, no need of any round table conference, says CMLA Zia. SINDH IN HISTORY TODAY (22nd November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 22 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 22.11.1838: فرنگين لفٽيننٽ چارلس کان سنڌ جي ساحلي پٽئ جي سروي ڪرائي. اسان جي حڪمرانن کي نه سروي جو پتو ۽ نه فرنگين جي سازشن جي ڪن جن! چارلس پنهنجو ڪم پورو ڪري واپس ورڻ وارو ھئو ته پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي چيو ته چارلس کي ان وقت تائين واپس نه گهرايو, جيسيتائين فرنگي فوج سنڌ ۾ پهچي. ڇو ته فوج ليفٽيننٽ چارلس جي تجربي ۽ مشاهدي مان گهڻو لاڀ پرائي سگهندي. اڄ پاٽينجر ممبئ جي ميشرس فرٿ ائنڊ ڪمپنئ کي به لکيو ته اندروني سنڌ ۾ شڪارپور تائين حالتون اسان جي حق ۾ نه آھن. ان ڪري پنهنجو مال توکي هوشياري سان آڻڻو پوندو. سنڌي جيڪڏهن ڦريندا نه ته بي عزتو ضرور ڪندئي. 22.11.1926: ڪراچئ جي ٿياسافيڪل هال ۾ 110 عورتن جي گڏجاڻي ٿي, جن ۾ حاجي عبدالله هارون, بنده علي قاسم ۽ اين.ڊي.ملڪ جون ونيون ذڪر لائق آھن. گڏجاڻئ ۾ سرڪار کان مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا گڏيل تعليمي ادارا هلايا وڃن, ميوزڪ ۽ طبعي تربيت کي ڪورس ۾ شامل ڪيو وڃي. 22.11.1927: ڪمشنر جي اڳواڻئ ۾ سنڌ ۾ "نيچرل هسٽري سوسائٽي" قائم ڪئي وئي. هن سوسائٽئ ڪيترا سال سنڌ جي نيچرل هسٽرئ تي ڪم ڪيو. سوسائٽئ طرفان رسالو به جاري ڪيو ويو ۽ اهي سمورا رسالا گل حيات ۾ محفوظ آھن. ڪاش ڪنهن کي جوش ۽ هوش اچي ته انھن رسالن جو مواد ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي. 22.11.1935: هن وقت ملڪي ڪرڪيٽ ۾ سنڌين جو نالو نشان به ڪونهي. پر ماضئ ۾ سنڌين هن راند ۾ دنيا ۾ نالو ڪمايو. اڄ ڪراچئ ۾ سنڌ ۽ آسٽريليا وچ ۾ ڪرڪيٽ مئچ ٿي. سنڌ ٽيم جو ڪپتان غلام محمد هئو. راند مهمان ٽيم کٽي. انھئ مئچ جو تفصيل يوٽيوب تي به موجود آھي. 22.11.1948: پاڪستان جي وزير اعظم ڍاڪا ۾ تقرير ڪندي چيو ته پاڻ کي پٺاڻ, پنجابي, بلوچ ۽ بنگالي سڏرائڻ بدران پاڪستاني سڏايو. 22.11.1963: ٽنڊي ڄام ۾ ”ايٽامڪ انرجي ايگريڪلچر سينٽر" جو افتتاح ڪيو ويو. 22.11.1971: انڊيا اڄ اوڀر پاڪستان ۾ ڀرپور جنگ جو آغاز ڪيو. 22.11.1983: صدر ضياء الحق اعلان ڪيو ته نه تڪڙيون چونڊون ٿينديون ۽ نه وري گول ميز ڪانفرنس ڪري سياستدانن سان ڪي ڳالهيون ٿينديون. *************** 22 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: *************** 22 نومبر 1842ع پير سيد حزب الله شاهه تخت ڌڻي (پير ڳوٺ) واري جو جنم ڏينهن آهي۔ 22 نومبر 1879ع ليکڪ رام داس لاکاڻي (ٺٽو/ احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 22 نومبر 1923ع شاعر رحيم بخش قمر جو جنم ڏينهن آهي۔ 22 نومبر 1828ع شاهه مردان شاهه (ثاني) پير پاڳاري جو جنم ڏينهن آهي. 22 نومبر 1930ع مشهور سنڌي ليکڪ موهن ڪلپنا (ڪوٽڙي/ الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 22 نومبر 1930ع شاعر منوهر بيدي عاجز (ڪنڊيارو/ الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 22 نومبر 1946ع صحافي تيرٿداس اميراڻئ جو جنم ڏينهن آهي۔ 22 نومبر 1948ع اسڪالر شهزادو شيخ جي جنم جو ڏينهن آهي۔ 22 نومبر 1953ع ليکڪ سراج ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي۔ 22 نومبر 1964ع اديب ۽ محقق الطاف جوکيي جو جنم ڏينهن آهي۔ 22 نومبر 1967ع بٺوري سان تعلق رکندڙ صحافي زاهد حسين خوجا جو جنم ڏينهن آهي۔ 22 نومبر 1972ع اداڪار ۽ گلوڪار رياض حسين سومرو جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: ************** 22 نومبر 1953ع اسڪالر ۽ سيرت النبي جي مصنف سيد سليمان ندوئ جو انتقال ٿيو. 22 نومبر 1956ع آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نور محمد شيخ جي وفات ٿي. 22 نومبر 1958عاسڪالر، تعليمدان ۽ محقق شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽوجي وفات ٿي. 22 نومبر 1965ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ ليکڪ احسان بدوئ جي وفات ٿي.

Monday 20 November 2023

SINDH in history today (21st November). By. Dr.Pathan & translation by Mumtaz Ali Pathan

21st November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {21st November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Verbal love & respect is no more than an act of dodging and humiliation. It is to be implemented and authenticated by action & reaction and response & reciprocation. If anybody is not placing love & beauty, talents & potentialities and Self on disposal of dear, he/she is selfish, but not sincere friend /dear/ideal/leader.] دائم قائم رشتا فقط روح وجود جا باقي سڀ کوٽا ۽ خالي, قرب گهري قربانيون گهڻيون سي ڏئي نہ هوڏي حوالي, پريت جي ريت نرالي, سا آھي ڏي-وٺ سونهن سلام جي ************** BIRTH & DEATH DATES AND EVENTS (21st of November) BIRTHS: Ramlal ‘Ramal’ (Chicha > Gondia/Poet & Artist/1921), Luqman ‘Musafir’ (Poet/1956), Ali Muhammad ‘Dard’ Solangi (Qazi Pir Muhammad/Poet/1965) DEATHS: Faiz Ahmad ‘Faiz’ (Progressive Poet and accuesed in Rawalpindi Conspiracy Case/1984),Kazi Ghulam Muhammad Qureshi (Hala Old/Poet/1991). EVENTS: 1930: Allama I.I.Kazi, Haji Abdullah Haroon, G.M.Syed and other leaders held meeting to found English paper for Sindhi Muslims. (Source: ‘Sahar Ja Sengar’, by G.M.Syed). It is amazing to note that 84 years have passed and Sindhis are still without their own English paper! 1932: Sindhi Muslim leaders are following Sindhi Hindu leaders to involve other parties and personalities in Sindh affairs. Allama Iqbal is requested to take matter of the Separation of Sindh from Bombay Presidency. A letter is sent by Muhammad Ayub Khuhro in this regard. (Source: Khuhro’s letter). 1947: Nawab Mushtaq Ahmed Gurmani, Prime Minister of Bahawalpur state refutes allegation leveled by Sardar Patel that Bahawalpur state is behind Hindu-Muslim riots in state. (Source: Newspapers). 1950: The meeting of Jamait-i-Islami, Jinnah Muslim League, Azad Pakistan Party, J.U.I and Ahl-i-Hadis resolve to oppose Punjab Government policies. (Source: Newspapers). No political break through was made, however, tempo was created to start agitation against Qadyanis. 1968: The United States ambassador to Pakistan discloses that the dismantling of U.S. Communication Unit in Badaber, near Peshawar would begin in January. (Source: Newspapers) 1979: The United State Embassy in Islamabad is sacked and burnt by mob. Two U.S. marines are dead in fire. (Source: Newspapers). 1993: Army will stay in Sindh and continue the Operation Clean-Up, declares Benazir Bhutto, Prime Minister of Pakistan. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). SINDH IN HISTORY TODAY (21st November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 21 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 21.11.1838: برنس اڄ شڪارپور مان ڪرنل پاٽينجر کي خط لکي ٻڌائي ٿو ته کيس مير رستم خان جي وزير ٻڌايو آھي ته مير نور محمد خان حيدرآباد مان جهان خان کي مير رستم علي خان ڏي موڪليو آھي ته جيئن انگريزن سان لاڳاپا رکڻ لاء پاڻ ۾ ھم خيالي پيدا ڪجي. برنس انھئ ڳالھ کي ايئن ٿو پيش ڪري ته جيئن مير نور محمد خان فرنگين خلاف محاذ ٺاهي رهيو هجي. [انگريز ٿوري وقت ۾ پنهنجئ جاسوسئ جو ڄار وڇائي چڪا هئا ۽ ميرن جا خاص ماڻھون فرنگين کي مخفي ڳالهيون ٻڌائيندا هئا. مير رستم علئ جي وزير غوري جو نالو ان سلسلي ۾ ڳڻائي سگهجي ٿو] 21.11.1838: لالا آسانند مير رستم علي خان طرفان حيدرآباد دربار ۾ نمائندو مقرر ٿيل هو. هن برنس کي ٻڌايو ته حيدرآباد مان مير نور محمد خان محمد خان کي خيرپور موڪليو آھي جيئن مير رستم علئ کي وڃي ڏوراپا ڏئي ته تون منهنجي ڪيترن خطن جو جواب نه ڏنو آھي ۽ اهو به نه ٿو ٻڌائين ته انگريزن سان لاڳاپن رکڻ لاء اسان جي ڪهڙي هڪ جهڙي حڪمت عملي هجڻ گهرجي. 21.11.1856: جڏهن ليفٽيننٽ فورڊ اپر سنڌ جو ڪليڪٽر هئو ته هن سرڪار کي سفارش ڪئي ته لاڙڪاڻي واري گهاڙ واه ۾ اضافي ڪرڻ لاء ان جي کوٽائي ڪرائي وڃي. [ياد رهي ته سرڪار گهاڙ واه جي کوٽائي ڪرائي ۽ اهو لاڙڪاڻي کان شھدادڪوٽ تائين آبي رستو بڻجي ويو ۽ ان ۾ ٻيڙيون هلنديون ھيون. فورڊ جي نالي پٺيان ڪجھ وقت گهاڙ واه کي "فورڊ واه" به سڏيو ويو. 21.11.1840: فرنگي نه چاهيندا هئا ته ڪو غير انگريز سنڌ ۾ قدم رکي. فرنگين کي ڊپ هوندو هو ته روس, فرانس ۽ ايران هندوستان تي حملو ڪري فرنگين جا ٿڏا پٽرائي. ان ڪري فرنگي ڪنھن ٻئي ملڪ جي ماڻھونء کي جاسوس سمجهندا هئا. هنن ڏهاڙن ۾ ميسن Masson نالي آمريڪي سياح سنڌ ۾ آيو ته فرنگين جون ننڊون ڦٽي ويو. سنڌ ۾ مقيم فرنگي سفارتڪارن ۽ سندن حڪومت وچ ۾ انھئ مسئلي تي خط و ڪتابت جو طويل سلسو شروع ٿي ويو. 21.11.1932: ڪراچئ ۾ مسلمان اڳواڻن جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ جي.ايم.سيد, حاجي عبدالله هارون ۽ علامه آء. آء. قاضئ جا نالا ذڪر لائق آھن. اڳواڻن علامه آء.آء.قاضئ جي تجويز تي غور ڪيو ته سنڌي مسلمانن جي ترجمانئ لاء ڪا انگريزي اخبار ڪڍجي. پر گهربل موڙئ کي پورو ڪرڻ مسئلو بڻجي پيو ۽ اخبار ڪڍڻ واري آس پوري نه ٿي سگهي. 21.11.1932: محمد ايوب کهڙي علامه اقبال کي تار ڪئي ته "گول ميز ڪانفرنس" ۾ سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ واري اسان جي مطالبي جي حمايت ڪريو. 21.11.1947: انڊيا حڪومت نواب مشتاق احمد گرمانئ تي الزام هنيو ته هو بهاولپور ۾ هند-مسلم فساد ڪرائي رهيو آھي. *************** 21 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 21 نومبر 1956ع ليکڪ ۽ شاعر استاد لغاريجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 نومبر 1965ع شاعر علي محمد درد (قاضي پير محمد) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 21 نومبر 1991ع هالا سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ ليکڪ غلام محمد قريشي جي وفات ٿي. 21 نومبر 1996ع نوبل انعام يافته پاڪستاني سائنسدان عبد السلامجي وفات ٿي. 21 نومبر 2015ع مدبر سياستدان، شاعر ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم محمد امين فهيم جو لاڏاڻو ٿيو.

Sunday 19 November 2023

SINDH in history today (20th November). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{20th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {20th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Whoever keeps his/her desires, demands and ego under control, is a man of vision & wisdom. He/She knows importance and appreciation of love, beauty and peace and shares & promotes them accordingly and properly without discrimination. My Dear! You possess all these qualities. You only can bring better change in hearts, minds and society. Play your part, please.] هلي حڪم تن جو جن جي هٿن ۾ واڳ, رهن سرت ۽ سونهن ڪارڻ سدا سجاڳ, محبت ۽ ماڻھپو تن جي من سندا ماڳ, ڏين ڏکويلن کي ساٿ سلامن جا سهاڳ, ڀلا تن جا ڀاڳ, آئون صدقو وڃا تن تان. ************** SINDH IN HISTORY TODAY (20th Novrmber) BIRTHS: 20th November 1. Kishnchand Relwani (Writer/1908 ), 2. Ram Panjwani (Larkano - Mombai/Writer & Singer/1911), 3. Kanyalal Lalwani (Jacobabad - Mumbai/Singer/1926), 4. Syed Zafar Ali Shah (Nawabshah/Politician/1932), 5. Abdul Ghafar Tabasum (Mirpur Bhutto/Poet/1951), 6. Mazhar Ali Mahesar (Dhingano Mahesar/Political local leader/1951), 7. Nabi Bux 'Sahil' (Qasbo/Poet/1977), 8. Allah Bux Kumbhar (Dhalyar/Journalist/1977). DEATHS: 20th November 1. Seth Sobhraj Chetumal (Shikarpur - Karachi/Social Worker/1928 ), 2. Muhammad Sidique Memon (Hyderabad/Scholar/1958 ), 3. Amir Bux 'Nazar' (Jahan Khan Almani/Poet/1967), 4. Moulana Muhammad Nauragzado (Religious Scholar/1967), 5. Saqib Mangi (Writer/1980). EVENTS: 20th November 1835: Colonel Ponttenger vide his letter No.92 informs Captain Wade, Political Agent of Ludhiyana that boats send by him to Sindh have been detained on Indus by Sindh rulers . 1919: It is turning point In the political history of Larkano. Lahori's family is being challenged by Khilafatees. The meeting of the Anjuman of Larkano is held without its president (Haji Amir Ali Lahori) and Vice President (Mian Ali Muhammad Qadri) and following are elected office - bearers: G.M.Ghulam Ali (President), Seth Khudadad Surhio (V.P), Jan Muhammad Junijo (Secretary) and A.G.Pirzado (Legal Adviser). 1948: Prime Minister Liaquat Ali Khan assures Bengalis in Public meeting in Dhaka that Justice and equal opportunities be provided to all without discrimination. SINDH IN HISTORY TODAY (20th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 20 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 20.11.1831: انگريز جڏهن اوڀر سنڌ کان سنڌ ۾ داخل ٿيندا هئا ته سڀ کان سوڍن سندن دڳ روڪيا ۽ انھن کي لٽڻ ڦرڻ شروع ڪيو. فرنگي نمائندن ميرن کي دانھون ڏنيون. ان جي نتيجي ۾ ميرن نواب غلام شاه کي جڳت سنگ سوڍي ۽ پونجاجي سوڍي کي مت ۽ مات ڏيڻ لاء مٿن چڙھائي ڪرڻ لاء موڪليو. 20.11.1835: ڪرنل پاٽينجر اڄ لڌيانه جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪئپٽن Captain.Wade کي لکيو ته تو جيڪي ٻيڙيون موڪليون هيون, انھن کي هٿي ميرن روڪي ڇڏيو آھي. [ان ڪري مال بردارئ ۾ مشڪلات پيدا ٿي پيون آھن] 20.11.1850: جيتوڻيڪ ڏکڻ سنڌ ۾ فرنگي حڪومت جو ڏهڪاء ھئو, پر پوء به اتر سنڌ ۾ انگريزن جي عوام طرفان مخالف ٿيندي رهي. خيرپور رياست ۾ جڏهن چوري ٿيندي هئي ۽ پڪڙجڻ کان پوء چور تي ڏنڊ مڙھيو ويندو ته جنهنجي چوري ٿيندي هئي, ان کان چوري موٽائڻ وقت ڪجھ رقم ورتي ويندي هئي. عوام انگريزن جون چوريون ڪيون ته چوري واپس ٿيڻ تي هنن کان به ڪجھ نه ڪجھ ورتو ويندو. ان تي سنڌ جي ڪمشنر خيرپور حڪومت کي گذارش ڪئي ته اسان جي ماڻھن کان ڪجھ به نه وٺو. 20.11.1856: جڏهن سنڌ جون حالتون انگريزن جي حق ۾ نه هيون ته مير علي مراد خان هنن لاء ڇپر ۽ ڇانو بڻيو. سندس انهئ انگريز-دوستئ تي ٻيا مير خوش نه هئا. پر مير علي مراد ڪنھن جي پرواه نه ڪئي ۽ انگريزن سان سهڪار ڪيائين. پوء جڏهن مياڻئ جي لڙائئ بعد ڏکڻ سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت قائم ٿي ته فرنگين مير علي مراد کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هن مٿان انڪواريون ڪرايون. مير علي مراد خان انهئ زيادتئ خلاف راڻئ سان انگلنڊ ملڻ ويو, پر اتي به سوڀيارو نه ٿيو. اڄ مير علي مراد خان ڪمپني حڪومت جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽر کي لکيو ته مون ۽ فرنگي حڪومت وچ ۾ پيدا ٿيل اختلاف اسان جي لاڳاپن ۽ دوستئ تي اثرانداز ٿيڻ نه ڏيندس. 20.11.1919: لاڙڪاڻي ۾ 1884 کان وٺي لاهوري خاندان جي سياست ۽ سماج ۾ وڏو اثر رهيو. پر خلافت تحريڪ هن خاندان جي سياسي طور تڏا ويڙھ ڪئي. حاجي امير علي لاهوري "لاڙڪاڻه انجمن" جو صدر هو ۽ ميان علي محمد قادري انجمن جو نائب صدر هو. خلافتي اڳواڻن انھئ انجمن ۾ بغاوت جو ٻج ڇٽيو. ان ڪري انجمن جي صدر ۽ نائب صدر کان سواء انجمن جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ جي.ايم غلام علئ کي صدر, سيٺ خداداد سرهيئي کي نائب صدر, جان محمد جوڻيجي کي سيڪريٽري ۽ اي جي پيرزادي کي قانوني صلاحڪار چونڊيو ويو. *************** 20 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 20 نومبر 1903ع تاريخدان ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشيجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 نومبر 1911ع ناول نگار رام پنجواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 نومبر 1920ع تعليمي ماهر ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر محمد الياس ابڙوجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 نومبر 1926ع سياستدان سيد ظفر علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 20 نومبر 1941ع اردو جي ليکڪا ۽ ڊراما نويس حسينه معين جو جنم ڏينهن آهي. 20 نومبر 1941ع نامياري آبپاشي ماهر ۽ ليکڪ ادريس راجپوتجو جنم ڏينهن آهي. 20 نومبر 1951ع نامياري شاعر عبد الغفار تبسم جو جنم ڏينهن آهي. 20 نومبر 1977ع شاعر نبي بخش ساحل جو جنم ڏينهن آهي. 20 نومبر 1977ع صحافي الهه بخش ڪنڀر جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: ************** 20 نومبر 1928ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻ سيٺ سوڀراج چيتو مل ديهانت ڪري ويو. 20 نومبر 1958ع ليکڪ خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي وفات ٿي. 20 نومبر 1967ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد نورنگزادو جو انتقال ٿيو. 20 نومبر 1967ع شاعر امير بخش نظر سنڌئ جي وفات ٿي. 20 نومبر 1984ع اردو جي مشهور ترقي پسند شاعر فيض احمد فيضجو انتقال ٿيو. 20 نومبر 2009ع سياستدان، اڳوڻي وزير اعلى ۽ نگران وزيراعظم غلام مصطفى جتوئئ جو انتقال ٿيو.

Saturday 18 November 2023

SINDH in history today (19th November). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{19th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {19th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ You are not born to bow before your ego, to be on toes as desired by hatred and discrimination and you are not born to dance to please outdated traditions and values. You are not born to deprive or to be deprived of inner freedom and independence. You are born with cause of beauty, peace and love. You are love, beauty and peace. Dare to share it.] جهڪڻ لاء نہ نچڻ لاء پر تون آئين جوت جلائڻ لاء, لڪڻ لاء نہ بچڻ لاء پر تون آئين سونهن ورهائڻ لاء, ڪهڻ لاء نہ ڪسڻ لاء پر تون آئين هت وسائڻ لاء, اها منزل پرين پائڻ لاء, لھ سار سرت ۽ سلام سان. ************** BIRTH & DEATH DATES AND EVENTS (19th of November) ************* BIRTHS: Nand Lal Madhokar ‘Aas’ (Shikarpur > Mumbai/Poet/1922), Nanik Madnani (Rohri > New Delhi/Fiction writer/1936), Vashdev Sindhu Bharti (Hyderabad > Jaipur/Writer & Artist/1938) ************** DEATHS: Syed Muhammad Abid Sani Jilani (Saint/1799), Alomal Tekamdas (Karachi/Politician/1924), Sir Shahnawaz Bhutto (Larkano/Minister in Mumbai Government & politician/1957),Syed Miran Muhammad Shah ‘Mir’ (Freedom Fighter, Speaker Sindh Assembly & Poet/1963), Lutufullah Badvi ‘Jogi’ (Shikarpur/Scholar & Poet/1968), Dr.Ibrahim ‘Khalil’ (Hyderabad/Poet/1982). ************** EVENTS: 1838; The Government of India informs Colonel Pottenger that Governor-General received with painful feeling the reports of the of the continued treachery and enmity of the Sindh rulers and that his Lordship was not prepared to take measures against their machinations; that should Mir Noor Muhammad’s future conduct make amends for his past and should he evince a disposition to meet the just and necessary view of British Government the Governor-General would be unwilling to proceed to extremities; that should the negotiations not end in a ready submission to allow the just demands of British Government or in elevation of Mir Sobdar Khan to supremacy of Lower Sindh, he was authorized to gurarantee to each member of the family his separate possessions upon their agreeing to pay such quota of a fair and reasonable subsidy as might be deemed proper; that Governor-General refrained from recording his opinion regarding the releases which Shah Shuja was said to have executed. (Source: indicated). 1928: Staging of English Dramas in Sindh started right from first decade of British era. British military men took the initiate in this regard. It was followed by Dramatic Societies and Companies of India those visited Sindh for years. Sindhis also took interest in staging English Dreamas. Today drama ‘Siddhartha’ is staged in Karachi. Its Music composer is A.G.Chagla and Hamayum Mirza, Sheren Mirza and Principal Goklay took part in acting. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1938: A meeting of the District Dadu Muslim League is held at the residence of Advocate Haji Khan and office-bearers for the next year are elected. (Source: The Daily Al-Wahid,Karachi). 1950: Syed Hashim Raza, Administrator of Karachi asks Business community to contribute donation for the purpose of providing shelter to Indian Muslim migrants. (Source: Newspapers). 1968: East Pakistan joins the protest wave. Students take out processions in big cities demanding release of political prisoners and restoration of democracy. (Source: Newspapers). SINDH IN HISTORY TODAY (19th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 19 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 19.11.1838: پاٽينجر اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي خط لکي ٻڌايو ته مير نورمحمد جو خاص ماڻھو سيد اسماعيل شاه ڪوشش ڪري رهيو آهي مون ۽ مير وچ ۾ پيدا ٿيل رنجشون گهٽائي. هن مون سان ملاقات دوران چيو ته ذري گهٽ سڀني ڳالهين تي مير ۽ اوهان وچ ۾ اتفاق ته ٿي چڪو آھي ۽ باقي ڪجھ گذارشون ڪيان ٿو, انھن جو اوهان تدارڪ ڪريو. اسماعيل شاه چيو ته:1). اسان کي پڪ ڏيو ته پنجاب ۽ افغانستان اسان لاء خطرو نه ٿيندا, 2). اوهان جو ڪو به فوجي درياه جي هن پاسي نه ايندو, 3). اسان کي معاهدي جي ٻن شقن تي اعتراض آھي. ان لاء اسان جي وڪيل کي وائسراء ملڻ ڏنو وڃي. اسماعيل شاه وڃڻ وقت مون سان خلاصو ٿي ڳالهايو ۽ چيو ته مان ۽ منھنجو خاندان انگريزن جا وفادار آھيون. 19.11.1838: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ پاٽينجر کي لکيو ته حيدرآبادي ميرن جو رويو مايوس ڪندڙ آهي. مير نور محمد پنهنجي لاء کڏو کوٽي رهيو آھي. شاه شجاع سان وعدو ڪري به هن کي ڏن ڏيڻ کان ڪيٻائي رهيا آھن. منھنجو خيال آھي ته ڏکڻ سنڌ جي حڪمراني مير صوبدار کي ڏجي. 19.11.1933: حڪيم فتح محمد سيوهاڻئ ۽ سندس ادبي سنگت طرفان قائم ڪيل "سنڌي سڌار سوسائٽئ" فرفان غلام علي چاڳلا جي صدارت ۾ ڪراچي اڪيڊمي هال ۾ مشاعرو ٿيو. هئ طرحي مشاعرو نه هو, ليڪن شاعرن کي "قادر جي قدرت" جو موضوع/عنوان ڏنو ويو هو. 19.11.1938: سنڌ مسلم ليگ جي آرگنائيزنگ ڪميٽئ جي ميمبر محمد ايوب کهڙي جي صدارت هيٺ ميهڙ ۾ حاجي خان وڪيل جي جاء تي مسلم ليگ جي گڏجاڻي ٿي ۽ ان عهديدارن جي چونڊ ڪئي وئي. 19.11.1968: ايوب شاهئ لاء باه اولھ پاڪستان مان ٻري ۽ ان ۾ اڄ اوڀر پاڪستان به شامل ٿيو. ڍاڪا ۽ ٻين شھرن ۾ حڪومت-مخالف جلوس ڪڍيا ويا. 19.11.1969: پاڪستان ۽ يو.ايس.ايڊ USAID وچ ۾ معاهدو ٿيو, جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي 20 ملين $ جو ڀاڻ مهيا ڪيو ويندو. سنڌ جي حقن جي حفاظت جي ڳالھ ڪندڙن ڪڏهن عوام کي ڪونه ٻڌايو آھي ته پاڪستان کي سندس ٺھڻ کان وٺي اڄوڪي ڏينھن تائين ٻين ملڪن مان ڪيتري امداد ملي ۽ ان مان سنڌ کي ڪيترو ونڊ مليو. ************** { 19 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 19 نومبر 1917ع هندستان جي اڳوڻي وزيراعظم اندرا گانڌي جو الهه آباد ۾ جنم ٿيو. 19 نومبر 1922ع شاعر نندي لال مڌوڪر (شڪارپور/ بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 19 نومبر 1936ع ليکڪ نانڪ مدناڻي (روهڙي / نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 19 نومبر 1938ع اداڪار ۽ ليکڪ واسديو سنڌو ڀارتي (حيدرآباد / جئپور) جو جنم ٿيو. [وڇوڙو]: 19 نومبر 1799ع بزرگ سيد محمد عابد (ثاني) جيلاني جو انتقال ٿيو. 19 نومبر 1924ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ سياستدان الو مل ٽيڪم داس جي ديهانت ٿي. 19 نومبر 1957ع ناليواري سياستدان سر شاهنواز ڀٽو(ذوالفقار علي ڀٽو جو والد) جي وفات ٿي. 19 نومبر 1968ع اسڪالر ۽ شاعر سيد لطف الله بدوي(شڪارپور) جي وفات ٿي. 19 نومبر 2008ع ريڊيو ڊائريڪٽر سيد الهه بخش شاهه بخارجو انتقال ٿيو.

Friday 17 November 2023

SINDH in history today (18th November). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{18th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {18th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [May heavy rains of love hit desert of our hearts and its light & shower wash our minds, so as we can respect & accept each other; believe in Beauty & Love and work on task of common Bright Future with folk vision & wisdom] وسي پئي نینھن سندو شل مینھن، اوندھ اندر بدران ٿي پئي ڏینھن. من پوء ھر ڪو بٹجي پئي شیھن، ساري نینھن، ماري سور سلام سان. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (18th November) ************ BIRTHS: 18th November 1. Harichand Gangaram (Hyderabad - Ajmir/Freedom Fighter/1922), 2. Menghraj Talrija (Shikarpur - Mumbai/ Writer/1928 ), 3. Khalil Arif Soomro (Johi/Poet/1965), 4. Aziz Mangi (Bagi/Poet/1968 ), ************ DEATHS: 18th November 1. Faiz Darya Shah (Hanbah/Saint/1907), 2. K.B.Nooruddin Nana (Karachi/Educationist/1970), 3. Moulana Abdul Ghafoor 'Toofan' (Karachi/Religious Scholar, poet and political worker/1976), 4. Pohomal (Karachi/Labour leader/1983), 5. Moulana Abdul Haleem Mekan ( Shahdadkot/Religious Scholar/1979) ************ EVENTS: 18th November 1838: Colonel Pottenger suggests his Govt. that British troops shall land at Viccur and must take control of Karachi (as who so ever will control Karachi, will rule Sindh without any difficulty.). 1856: Major Goldsmid remained Assistant Commissioner for Jagers and was from Military side. He was not good books of John Jacob. When Jacob became Acting Commissioner, Major Goldsmid today tenders his resignation from civilian post. 1917: Special meeting of the Sindh Muhammadan Association is held at larkana and it is decided that K.B. Allah Ando shah, K.B.Pir Bux Bhutto and eight landlords will present Memorandum to Montegu on constitutional reforms. 1920: Dokri Khilafat Committee held public meeting on the eve Eid Milad -u- Nabi (P.B.U.H). Speakers pay homage to Moulana Chishti, Moulana Mouladad and Bhagwandas for their sacrifices. They are prisoners at present. 1947: A deputation will be sent to India so as meet Sindhi Hindus and insist them to return back to Sindh, says Khuhro, chief minister of Sindh. 1952: Jinnah Awami League advises Pakistan Govt, not follow provincial quota policy but make appointments on merit so as educated can get the government service. 1966: Aid by Big powers is always conditional and interest - oriented, say President Ayub. 1981: Sukkur Sessions court announces its judgment in murder case of six Hurs. Nine accused persons are sentenced to death. 1992: Benazir Bhutto is stopped to proceed from Islamabad to Liaquat Bagh Rawalpindi. However she manages and addresses public meeting. She is arrested and deported to Karachi. SINDH IN HISTORY TODAY (18th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 18 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 18.11.1838: سنڌ جي حڪمرانن انھئ ڳالھ تي رضامندو ڏيکاريو ۽ اجازت ڏني هئي ته فرنگين جي فوج سنڌ مان گذري ڀلي افغانستان وڃي. اڄ پاٽينجر ايندڙ فوج جي انچارج کي خط لکي ٻڌايو ته اوهان ڪنهن خوف خطري ۽ خدشي کان سواء وڪر ۾ اچي ڊاٻو ڪيو. اوهان جي ڪٿي به رستي روڪ نه ٿيندي. هو وڌيڪ لکي ٿو ته مان اوهان جي سار سنڀال لاء ليفٽيننٽ ايسٽ وڪ کي وڪر موڪليو آھي. اوهان جيڪڏهن سندس پهچڻ کان اچي ويا ته مون اتي جي برٽش ايجنٽ کي چئي ڇڏيو آھي ته هو اوهان جو خيال رکي ۽ ٻيڙين ۽ ٻئي سامان جو بندوبست ڪري. اسان اوهان لاء اڳ ئي 500 اٺن جو بندوبست ڪري ڇڏيو آھي. 18.11.1842: نڀاڳو نيپيئر هن وقت سکر ۾ آھي ۽ بد نيتي اٿس ته اڏري وڃي حيدرآباد وڃي ميرن سان ٻه پاڻي ڪريان. ان حوالي سان اڄ گورنر جنرل کي لکي ٿو ته سنڌوندئ جو پاڻي تانگهو ٿي ويو آھي. مان ريگستان مان يا سنڌوندئ ڀرسان رستي تان ڪوچ ڪريان. ميرن جون خبرون ملن ٿيون ته سندن خزانو خالي ٿي رهيو آھي ۽ هاڻي پنهنجئ فوج کي پالڻ ھنن لاء مسئلو ٿيندو. ڪيترا ويڙهاڪ هنن کي ڇڏي ويا آھن. سئ سان تپ اسان لاء مسئلو ٿي پيو آھي ۽ ميرن لاء به. هئ هتي انھئ بخار جي مند آھي. مان پنهنجي سپاهين لاء طبي سهولتون مهيا ڪري رهيو آھيان. حيدرآبادي ميرن جا خط موڪليان ٿو, جيڪي اسان پڪڙيا آھن. اهي خط هنن ڀر پاسي وارن کي اسان خلاف اتحاد قائم ڪرڻ لاء لکيا آھن. 18.11.1917: لاڙڪاڻي ۾ ”سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ جي شاهنواز خان ڀٽي جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته جماعت جو هڪ وفد آئيني سڌارن بابت پنهنجو موقوف پيش ڪرڻ لاء مانٽيگو سان ملي يادداشت نامو پيش ڪندو. وفد ۾ خانبهادر الهندي شاه, خانبھادر پير بخش ڀٽي, غلام حسين ۽ ٻين ستن زميندارن کي شامل ڪيو ويو. [سنڌ محمدن ائسوسيئيشن جي هن گڏجاڻئ جي مڪمل رپورٽ گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. 18.11.1920: مقامي خلافت ڪميٽئ جي اهتمام سان ڏوڪرئ ۾ عوامي ميڙاڪو ٿيو. آخر ۾ ٺھراء پاس ڪري مولوي عبدالڪريم چشتئ, مولوي مولاداد ۽ ڀڳوانداس جي وطن ۽ تحريڪ لاء ڏنل قربانين ۽ جيل ڀوڳڻ تي سندن واکاڻ ڪئي وئي ۽ حڪومت طرفان خلافيتن خلاف ٿيندڙ ظلم زيادتن جي مذمت ڪئي وئي. 18.12.1933: ڪراچئ ۾ ”بزم ادب" طرفان مشاعرو ٿيو, جنهن جي مصرع طرح ھئي: "هئ زندگي اسان جي مثل - حباب آهي". هن مشاعري ۾ ذاتي يا قلمي طور تي حصي وٺڻ وارن ۾ ڪجھ ھئا: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي, لعلچند مجروح, هدايت علي نجفي, قادر بخش بشير, حاجي محمود خادم, محمد بخش واصف ۽ غلام احمد نظامي. 18.11.1966: صدر ايوب انھئ ڳالھ کي مڃيو ته وڏا ملڪ مفت ۾ امداد نه ڏيندا آھن. امداد ڏيڻ وقت سياسي مفاد سندن ذھن ۾ ھوندا آھن. 18.11.1972: انڊيا ۽ بنگلاديش انھئ ڳالھ تي راضي ٿيا ته سولين جنگي قيدي پاڪستان کي واپس ڪبا. 18.11.1981: سکر جي سيشنس ڪورٽ ڇهن حرن کي مارڻ واري ڪيس تي فيصلو ڏيندي 9 ملزمن کي ڦاهئ جي سزا ٻڌائي. ياد رهي اهي حر 6 آڪٽوبر 1973 تي ماريا ويا هئا. 18.11.1992: منع ۽ سختئ باوجود ڪنھن نه ڪنهن طريقي سان بينظير ڀٽو اسلام آباد مان نڪري لياقت باغ وڃي جلسي کي خطاب ڪيو. پوء کيس جهلي زورئ ڪراچئ اماڻيو ويو. ************** {18 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} جنم ڏينهن: 18 نومبر 1822ع حيدر آباد سان تعلق رکندڙ آزادي تحريڪ جي اڳواڻ هريچند گنگا رام جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 نومبر 1828ع ليکڪ ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر مينگه راج تلريجا (شڪارپور / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 18 نومبر 1965ع جوهي سان تعلق رکندڙ شاعر خليل عارف سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 18 نومبر 1968ع شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر عزيز منگي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 18 نومبر 1907ع صوفي شاعر فيض دريا شاهه جي وفات ٿي۔ 18 نومبر 1970ع تعليمي ماهر خانبهادر ڪي بي نورالدين نانا (ڪراچي) جي وفات ٿي۔ 18 نومبر 1976ع مذهبي اسڪالر ۽ شاعر مولانا عبدالغفور طوفان جي وفات ٿي۔ 18 نومبر 1979ع شهداد ڪوٽ سان تعلق رکندڙ عالم ميان عبدالحليم ميڪڻ لاڏاڻو ڪري ويو۔ 18 نومبر 1982ع اديب، نقاد ۽ شاعر ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل جو انتقال ٿيو. 18 نومبر 1983ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ مزدور اڳواڻ پوهومل ديهانت ڪري ويو۔