Friday 3 May 2024

SINDH in history today (4th May). By. Dr.Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (4th May) & GOOD DAY ********* Dr.Pathan whises you Good Day. [Dear! I am aware of my countless limitations, faults and mistakes. I believe values and ideology as tradition and without understanding their cause and reason. My all efforts are only for my interests. Ego, hatred and discrimination are foundations of my behaviour and attitude . You are an ideal and role-model. Would you kindly bring change in my heart and mind with your vision & wisdom and beauty & love, please? ] نہ ڪا سونھن نہ سرت نہ سوچن لوچن منجه سرھاڻ، اوقات اهي ئي جو ڪڍجي قدرن نظرين جي نقلي ڪاڻ, پوء رانول راضي ٿئي اوڳڻن ۽ عیبن تي ڇو ۽ ڇاڪاڻ؟ نینھن بجاء جي انا نفرت تان پوء ٿئي نہ ڪا روح رھاڻ, تون خوبین جي کاڻ, ڪا تبديلي آڻ سار ي سلام سان. ************* SINDH including Pakistan) IN HISTORY TODAY {4th May} Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan EVENTS: 1839: Lieutenant Leckle writes to Colonel Pottenger informing him that British fleet has been detained at Sehwan under orders of Sindh Rulers. 1845: It is beginning of the imposition of treaty by the British on Mir Ali Murad Khan Talpur, ruler of the Khairpur state. He raises objections but, all in vain. His friends of yesterday are behaving as his masters. Very un-trustworth role is being played by them. 1921: A public meeting is held at the Eidgah ground of Karachi. It is presided over by Muhammad Khan, whereas is addressed by Lalchand Amardinomal Jagtiani, Durgdas B.Advani; Manilal Vyas; Chunirai Virbhdas;Jetley; Sundardas Valabhdas and others. The meeting congratulates Sawami Govindanand and other victimized leaders and workers of the Non-Cooperation Movement on their patriotic work and sacrifiece. It is decided that ‘Dedanta Ashram’ of Sawami Govindanand will be looked after by a committee during his absence because of being in jail. 1927: Judgment in the case of a pamphlet containg objectionable material and use of ugly language against Holy Prophet (PBUH) is delivered by Justice Kunwar Dalipsing of the Lahore High Court. The accused Rajpal, the publisher of that pamphlet is set free. The same pamphlet with same was later on translated and published by Nathoram in Sindh. He was killed in court by Ghazi Abdul Qayoom in Karachi. 1930: Sir Shafi and M.A.Jinnah are in Sukkur and are invited by Haji Abdullah on lunch. M.A.Jinnah was there to plead case of Pir of Pagaro. 1938: A letter written by Syed Budhal Shah appears in the issue of Al-Waheed, in which he has criticised the role being played by G.M.Syed in the Sindh Legislative Assembly. He terms anti-Ghulam Hussain Hidayatullah activities of G.M.Syed as line of action designed by Hindu politicians. 1947: M.A.Jinnah, Liaquat Ali and Gandhi meet the Viceroy and discuss with him the communal situation in the Frontier, Asam,Bengal and Punjab. 1954: Pakistan Government rejects the Russian protest made on March 27, against US-PAK Military cooperation. 1971: PPP Chief, Z.A.Bhutto, calls for transfer of power to the elected representatives before the next budget. 1977: PPP Government charges Asghar Khan of subverting armed force’s loyalty by writing ‘open letter to officers’. 1989: Jam Sadiq Ali is granted interim bail in Hur murder case. SINDHI TRANSLATION OF POST: ************* 4.5.1839: پاٽينجر جي اسسٽنٽ لفٽيننٽ ليڪيئ اڄ خط لکي کيس ٻڌايو ته سنڌ جي حڪمرانن سيوهڻ ڀرسان سنڌوندئ ۾ اسان جو آگبوٽ پڪڙي پنهنجي قبضي ۾ ورتو آھي. 4.5.1845: اهو ئي نيپيئر هو, جنھن کي سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ اتر سنڌ ۾ مير علي مراد خان اخلاقي ۽ سياسي ساٿ ڏنو ۽ مائٽن کي ناراض ڪري, هن جي مدد ڪئي. اٺ جنهن وڻ هيٺان ويهي, ان کي ئي کائي. نيپيئر به ايئن ڪيو. اڄ ھن مير علي مراد خان خلاف "نونهار ٺاه" وارو ڪيس ٺاهي گورنر جنرل کي موڪليو ۽ لکيو ته مير علي مراد خان مير رستم علي خان سان اهو ٺاه ڪري, ان ۾ پنهنجئ مرضئ سان ڦير گهير ڪئي هئي. 4.5.1848: سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوء انگريزن کي قلات جي خان سان زمين جي مالڪئ جو مسئلو پيدا ٿيو. نيٺ اهو مسئلو نوشهري جي سابق ڪاردار قيصر خان جي مشوري تي حل ٿيو. قيصر خان مير نصير خان جو مقرر ڪيل ڪاردار هو. هن ڳالھ جو ڇينهرو هينئن ڪيو ته جيڪا زمين بيگارئ جي پاڻئ تي آباد ٿئي, اها سنڌ جي آھي ۽ جيڪا زمين بارانئ تي آباد ٿئي, اها قلات جي آھي. اڄ اها ڳاله شڪارپور جي ڪليڪٽر سنڌ جي ڪمشنر ڏي لکي موڪلي. 4.5.1912: حيدرآباد ۾ شرعي استادن جي تنظيم "انجمن معلم شرع" جي مولوئ حاجي حمادالله جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻي ۾ پنج هزار کان وڌيڪ مسلمانن شرڪت ڪئي. هن ۾ ٺٽي جي قاضي فضل الله جي تجويز ۽ گونئ تعلقي جي زميندار قاضئ حاجئ اسدالله جي تائيد سان ٺھراء پاس ڪري ڪراچئ جي ڪليڪٽر لارينس کي وڌائيون ڏنيون ويون. ڇو ته هن مسلمانن کي سيڪيولر تعليم ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. [هئ ڳالھ اها نشاندهي ڪري ٿي ته انگريزن جي حڪومت وارئ اڌ صدئ کان پوء ديني عالمن اهو محسوس ڪيو ته سنڌي مسلمانن کي سيڪيولر/انگريزي تعليم به پرائڻ گهرجي. هن کان اڳ خاص مسلمان اها تعليم وٺندا هئا]. 4.5.1921: ڪراچئ جي "ڊيلي گزيٽ" اخبار جي اڄوڪي پرچي ۾ عيدگاه ميدان ۾ ٿيل ڪالهوڪي عوامي ميڙاڪي جو تفصيل شايع ٿيو. لکيو ويو آھي ته هن ميڙاڪي جي صدارت محمد خان ڪئي. جڏهن ته لالچند امرڏنيمل جڳتياڻئ, درگداس بي آڏواڻئ, مني لال وياس, چئنراء ورڀنداس, جيٽلي, سندرداس ولڀداس ۽ ٻين پنهنجي تقريرن ۾ سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي پڪڙي جيل وجهڻ وارئ سرڪاري پاليسئ جي ندا ڪئي. سوامي گووندانند پڻ انھئ سرڪاري دهشتگردئ جو نشانو ٿي جيل ڪاٽي رهيو هو. گڏجاڻئ ۾ ٺھراء پاس ڪري کيس وطن دوستئ تي مبارڪ ڏني وئي ۽ اهو چيو ويو ته انصاف جون تقاضن پوريون ڪرڻ بدران سرڪار اره زورائي ڪري رهي آھي. 4.5.1927: نٿورام کي عبدالقيوم ڪورٽ ۾ ڪيس هلندي قتل ڪيو هو. هن هڪ ڪتاب ترجمو ڪري ڇپرايو هو, جنهن ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ گستاخي ٿيل هئي. نٿورام جيڪو ڪتاب ترجمو ڪيو هو, ان جو ليکڪ راجپال پنجابي هو. هن خلاف به پنجاب جي هاء ڪورٽ ۾ ڪيس هليو. اڄ لاهور هاء ڪورٽ جي جسٽس ڪنور دليپسنگ ليکڪ ۽ پبلشر راجپال کي ڪيس مان آزاد ڪيو. 4.5.1930: سورهيه بادشاه پير پاڳاري جي ڪيس ۾ وڪيل ٿيڻ لاء محمد علي جناح سکر آيو ته سيٺ حاجي عبدالله هارون کيس لنچ ڏني. چوڻ ۾ ايندو آھي ته جناح ان ڪري وڪالت نه ڪئي, ڇو ته کيس پڪ ٿي وئي هئي ته انگريز حڪومت هر حالت ۾ پير پاڳاري کي آزاد نه ڪندي. 4.5.1938: سنڌ جي مسلمانڪي سياست ۾ سر غلام حسين هدايت الله اختلافن ذريعي پنهنجو سياسي دڳ ٺاهيو. پهريون "يونائيٽيڊ پارٽي" ٺھي ته هن سر شاهنواز ڀٽي ۽ سر حاجي عبدالله هارون سان عهدن جي مامري تي اختلاف ڪري وڃي پنهنجي "مسلم پوليٽيڪل پارٽي" ٺاهي. ان کان پوء سر غلام حسين هدايت الله ۽ جي.ايم.سيد وڏي عرصي تائين هڪ ٻئي جا سياسي حريف رهيا. اڄ ”الوحيد" جي پرچي ۾ سيد ٻڍل شاه لکيو ته جي.ايم.سيد اجايو سر غلام حسين جي حڪومت خلاف دشواريون پيدا ڪري رهيو آھي. سالن جا سال اختلافن جو اهو سلسلو جاري رهيو, تان جو جي.ايم.سيد کي سندس انھئ سياسي حريف ڌڙي مسلم ليگ کان ٻاهر ڪڍرايو. 4.5.2003: معصوم سنڌئ جي صدارت هيٺ سنڌي ادبي سنگت جي قمبر شاخ جي دستوري گڏجاڻي ٿي. هن گڏجاڻئ ۾ راشد بروهئ, جوش ٻرڙي, آتش سنڌئ, دين محمد ڪلهوڙي, رياضت ٻرڙي, شبير حسين شبير, قمرالدين قمر, ڀائو در محمد, مشتاق ٻرڙي, حڪيم چانڊيئي, مٺل کوسي ۽ يونس لاشارئ شرڪت ڪئي. ************* {4 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} ************ [جنم ڏينهن:] 4 مئي 1930ع شاعر محمد اسحاق ”مُجاهد“ جي پيدائش ٿي. 4 مئي 1958ع اديب عاجز منگي جي پيدائش ٿي. 4 مئي 1962ع گاجي کهاوڙ سان تعلق رکندڙ صحافي شير محمد کهاوڙ جي پيدائش ٿي. 4 مئي 1963ع هالا جي شاعر ارباب ”عزم“ جي پيدائش ٿي. 4 مئي 1966ع سگهڙ عالم خان ڀان جي پيدائش ٿي. 4 مئي 1976ع صحافي عاجز شهزاد جي پيدائش ٿي. [وڇوڙو:] 4 مئي 1977ع شاعر فقير دُر محمد هيسباڻي جو انتقال ٿيو. 4 مئي 1996ع شاعر تنها سيف بخاري(هالا) جو انتقال ٿيو.

Thursday 2 May 2024

SINDH in history today (3rd May). By. Dr.Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (3rd May) & GOOD DAY ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [Truth is beyond listening and believing in hypothesis. Time has an strength/ power to prove any thing true or false. Dear! Do not be only ear or tongue. Be always heart, full of beauty & love] جو چئین يا ٻڌین سپرین، سو سورنھن آنا سچ ناھي، وقت ئي وڏي واڪ ، سچ کي ثابت ڪري کولي ٻڌائي، الڪو ۽ اجائي اڻ تڻ لاھي، وٺ پاسو سرت سلام جو ************* EVENTS from history: 1841: Govt. of India asks Major Outram, its Political Agent for lower Sindh, to furnish report alongwith his opinion on the petition of Abbaju Thakor of Nagar Parkar regarding his claim on some villages. It is interesting to note that though, Sindh is still ruled by Talpurs but, matters are decided by others. 1850: Sindh Administration decides that Bugti Dato Mundrani, presently prisoner in Shikarpur jail must not be released in the greater interest of peace. 1851: The Sindh Commissioner requests the Bombay Govt. for permissiom and sanction of the erection of Bunglows on various places for travellors coming by Indus from Punjab, Bombay and England so as to ensure their protection. 1957: Pakistan defends and justifies its association with SEATO and other treaties of friendship. 1962: Pakistan and China agree to negotiate the demarcation of their common borders. 1963: Nearly 500 million dollars will be provided for the Tarbela Dam Project. An International agreement is signed in Washington. 1969: Gen. Yahya sends condolence message to Indira Gandhi/India on death of Indian President Dr.Zakir Hussain. 1973: Alleged conspiracy to subvert discipline and loyalty of Pakistan Army & PAF Personnel. More officers are held. 1989: MQM ministers resign from Sindh Cabinet. Protest against confinement of Altaf Hussain and others. Demand to change Hyderabad administration is also not meet. SINDHI TRANSLATION OF POST: ********** توجه طلب واقعا *************** 3.5.1841: نگرپارڪر جي اباجو ٺاڪر ڪيترن ڳوٺن جي مالڪئ تي مامرو ڪيو. پر سنڌ جي حڪمرانن بدران فرنگين وٽ داد رسئ لاء دانهيو. اڄ ڪمپني حڪومت ميجر آئوٽرام کي هدايت ڪئي ته هو ان سلسلي ۾ تفصيلي رپورٽ ٺاهي موڪلي. 3.5.1850: سنڌ جي ڪمشنر اڄ شڪارپور جي ڪليڪٽر کي لکيو ته تو بگٽئ ڏاتي مندراڻي کي جيڪا آزاد ڪرڻ لاء اجازت گهري آھي, اها منظور نه ٿي ڪري سگهجي. هن بدنام ڏوهارئ کي قيد ۾ ھجڻ گهرجي. 3.5.1850: سنڌ جي ڪمشنر ممبئي سرڪار کان سنڌوء ڪناري يا ان جي ڀر پاسي ڪجھ بنگلن ٺھرائڻ جي اجازت گهري ۽ ان لاء سبب ڄاڻايو ته ان مان انھن واپارين کي سهولت ملندي جيڪي سنڌ ۽ پنجاب کان ممبئئ ۽ انگلنڊ سان واپار ڪندا. 3.5.1919: رتيديري ۾ راء صاحب ديوان مولچند جي صدارت ۾ سرڪار پرستن جو ميڙاڪو ٿيو. ان ۾ سر شاهنواز ڀٽي هڪ ٺھراء پيش ڪيو, جنهن کي ديوان ڀوڄراج سيڪنڊ ڪيو ۽ ديوان هرداس مل ٽيڪو ڏنو. ٺهراء ۾ ”روولٽ ايڪٽ“ پاس ڪري لاڳو ڪرڻ تي سرڪار جي واکاڻ ڪئي وئي. ٺھراء جا لفظ ھي آھن: "We have read the Rowlaat Act. We fully sympathise with the Government in its codification , and we condemn the action taken by the agitators in recent disturbances". 3.5.1947: غلام احمد نظامئ جي صدارت هيٺ ڪراچئ ۾ ”سنڌي بزم ادب" طرفان مشاعرو ٿيو, جنھن ۾ الله بخش سرشار عقيلئ, محمد اسحاق, عبدالڪريم, محمد علي خالدئ, جمعي خان غريب پنهنجو ڪلام پيش ڪيو. [ياد رهي ته 1947 تائين ڪراچئ ۾ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جون تمام گهڻيون سرگرميون ٿيون. ان کان پاسو جو بدليو ته اهي اٽي ۾ لوڻ برابر ٿي ويون] 3.5.1963: واشنگٽن ۾ ٺاه تي صحيون ٿيون ته تربيلا ڊيم پراجيڪٽ لاء پاڪستان کي 500 ملين ڊالر ڏنا ويندا. 3.5.1989: الطاف حسين تي ڪيس هلائڻ ۽ حيدرآباد انتظاميه کي نه بدلائڻ تي ناراض ٿي, ايم ڪيو ايم وارن وزيرن سنڌ حڪومت تان استعيفائون ڏنيون. *************** {3 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 3 مئي 1920ع سنڌ جي مشهور شخصيت ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي پيدائش ٿي. 3 مئي 1936ع شاعر عبدالقيوم “اُفق” جي پيدائش ٿي. 3 مئي 1936ع ڪراچي جي اديبه نعيمه جمعو تيجاڻي جي پيدائش ٿي. 3 مئي 1936ع انجنيئرنگ جي پارکو ۽ مھراڻ يونيورسٽيءَ جي پھرين وائيس چانسلر ايس ايم قريشئ جو جنم ڏينھن آھي. 3 مئي 1943ع اديب نياز هيسباڻي جي پيدائش ٿي. 3 مئي 1974ع جماعت اسلامي سنڌ جو امير مولانا اسد الله ڀٽو جي پيدائش ٿي. 3 مئي 1950ع مصور، شاعر ۽ اديب اياز عالم ابڙوجي پيدائش ٿي. 3 مئي 1962ع صحافي پاويل جوڻيجو جي پيدائش ٿي. 3 مئي 1973ع صحافي سرڪش سڌايو جي پيدائش ٿي. [وڇوڙو:] 3 مئي 1825ع ديني عالم آخوند عزيز الله ميمڻ(مٽياري) جو لاڏاڻو ٿيو. 3 مئي 1906ع شاعر ۽ صوفي درويش بچل شاهه(سکر) جو انتقال ٿيو. 3 مئي 1982ع سياستدان سيد خير شاهه جو انتقال ٿيو. 3 مئي 1977ع مشهور موسيقار ۽ راڳي ماسٽر محمد ابراهيم جو لاڏاڻو ٿيو. 3 مئي 1994ع مشهو رسنڌي ۽ اردو ڊرامن ۽ فلمن جي مشهور اداڪار منصور بلوچ جو انتقال ٿيو. 3 مئي 2015ع قومپرست اڳواڻ عبد الواحد آريسر جو لاڏاڻو ٿيو.****

Wednesday 1 May 2024

SINDH in history today (2nd May). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (2nd May) & GOOD DAY WISH. Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Most of people, those avoid to reciprocate and don't like to reply & response are in complex, and think that their silence is giving good impression about their great personality. But, in real they are not silent. Because, their attitude and behavior speak loudly. Their silence determines their degree of hatred. They are not applying Universal, Natural and Human laws in accepting and respecting love and beauty. They never believe in relation and connection. They believe in self-interest and selfishness.] “ خود-ڪلامي، خود-زباني؟ سندء ڪهاڻي ؟“ تنهنجا رويا عمل ۽ نيتون سڀ ڳالهائين، تون چپ آھين تہ ڪيئن چپ آھين؟ مٽ سجائي ماٺ ۾ بہ آھين پر پنهنجئ خاموشئ سان ناد نفرت جا وڄائين، سرت سچ سونهن سان ۽ علم عقل هوش سان جهيڙو پر ساڃھ-وند سڏائين. نہ فرشتو نہ ماڻھون نہ پاڇو نہ سلام نہ دعا نہ وفا ايثار تون ڪجھ ناهين. ************* SINDH (I including Pakistan) IN HISTORY TODAY (2nd May) Research By Dr.Durabat Muhammad Pathan. EVENTS: 1838: Colonel Pottinger, Political Agent of the East India Company Government, in Sindh, approaches Munshi Jethananad, an influential Court-man and officer of Mirs of Hyderabad to help him to request Mir Sher Muhammad of Mirpurkhas either he will like to have a separate Treaty or, will sign the joint Treaty with Mirs of Hyderabad. He also wants to inform Mir Sher Muhammad that Dhoolaji, brother of Jagatsing of Nagarparkar has been seized and would be sent to Hyderabad, if Mir Noor Muhammad desires so. This may kindly be kept in mind that Dhoolaji was wanted for his criminal activities. 1848: Political Agent of Cutch requests the Sindh Commissioner for demarcation and approval of boundary between Sindh and Marwar. 1896: BEGNING OF THE POLITICAL CONFERENCES IN SINDH: 2nd of May 1896 was the Day, when first ever political Conference, known as "9th Bombay Provincial Conference" was held at Karachi. It was attended by 150 delegates besides a large number of visitors, even Judges and other officers from Police and Health Departments. Prior to this eight conferences were held in various cities of the Bombay Presidency and most of them were attended by political figures from Sindh. This was first and last Conference , held under the banner of "Bombay Provincial Conference" as it was followed by "Sindh Provincial Conferences" latter on. These Annual Conferences were held at Jacobabad, Sukkur, larkano, Hyderabad and Karachi. The credit goes to Gul Hayat for collecting and uploading on its Website, more than thousand pages on and about those conference. Where as most of historian even not know about that important source on political history of Sindh. 1942: All-India Congress Committee in its resolution says that it can not agree any proposal which aims at disintegrating India by giving liberty to any territorial unit to secede from Indian Union or Federation. 1970: Pakistan and Turkey decide to establish a joint trade Commission to further develop trade between both countries. 1994: Karachi violence toll rises to rises to 20. MOM-sponsored strike enters third day. Troops called out. SINDHI TRANSLATION OF POST: (2nd May) By: Dr. Pathan ** 1839ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ انگريز سرڪار جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر ميرن جي عملدار منشي ڄيٺانند کي خط لکي ٻڌايو ته هنن ننگرپارڪر جي جڳت سنگهه جي ڀاءُ ڍولڻ کي پڪڙيو آهي، جيڪڏهن مير نور محمد خان چاهي ته اهو ڏوهاري سندس حوالي ڪري سگهجي ٿو، پوٽينجر منشي ڄيٺانند کي اهو به لکيو ته هو ميرپورخاص واري مير شير محمد خان ٽالپر کان پڇي ڏسي ته ڇا انهيءَ جي اها مرضي اهي ته انگريز سرڪار هن سان الڳ معاهدو ڪري. ** 1848ع ۾اڄوڪي تاريخ تي ڪڇ جي پوليٽيڪل ايجنٽ سنڌ جي ڪمشنر کي گذارش ڪئي ته سنڌ ۽ مارواڙ جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ ان جي سرڪاري طور تي منظوري ڏني وڃي. ** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جيڪب آباد ۾ مولانا تاج محمود امروٽي جي صدارت هيٺ خلافت ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، هن ڪانفرنس ۾ رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي پنهنجون ڊگريون، سرڪار طرفان مليل اعزاز ۽ خطاب واپس ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ان کانسواءِ پنهنجي زرعي زمين جي ڍل ۽ آبياني ڏيڻ کان نابري وارڻ جو به اعلان ڪيو، اڳتي هلي انهيءَ قدم تي سرڪار مٿس ڪيس مڙهيو ۽ حاضري جو نوٽيس موڪليو پر هن ان جي جواب ۾ لکيو ته افغانستان هجرت ڪري وڃڻ بعد هاڻي هو انگريز سرڪار جو راڄ نه آهي، ان ڪري مقرر ڪيل تاريخ تي ڪورٽ ۾ حاضر نه ٿيندو. ** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي تيونس ۽ مراڪش جي آزادي لاءِ پاڪستان جيڪا ڪولمبو ڪانفرنس ۾ قرارداد پيش ڪئي، ان کي منظور ڪيو ويو. ** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي فوج ۽ فضائيه جي ٻارنهن آفيسرن کي غداري جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات اعلان ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽو خلاف بين الاقوامي سازش ٿي رهي آهي ۽ اسان ساڻس گڏ آهيون، ٻئي طرف سعودي عرب جي سفير رياض الخطيب مخالف ڌر جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جيڪي حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن. ** 1998ع ۾ گوهر ايوب خان پرڏيهي وزير جي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي، جنهن بعد سرتاج عزيز کي نئون پرڏيهي وزير ۽ اسحاق ڊار کي ناڻي جو وزير بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ذريعن جو چوڻ هو ته هن جا وزيراعظم نواز شريف سميت ڪجهه وزيرن سان اختلاف پيدا ٿيا هئا.ٻئي پاسي ساڳئي ڏينهن تي جسٽس وجيهه الدين کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور هن ساڍا 13 هزار پاڻمرادو نوٽيس ورتا. *********** اڄوڪي ڏينهن 2 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 2 مئي 1911ع شاعر داتا ولادت علي شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 مئي 1924ع جديد سنڌي ڪهاڻي جي اھم شخصيت جمال ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 2 مئي 1939ع سياستدان پي ڪي شاهاڻي (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي. 2 مئي 1954ع ليکڪ علي نواز ڦل جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 مئي 1955ع اديب ضياء شاهه (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 2 مئي 1960ع سگهڙ قائم الدين سهتو جو جنم ڏينهن آهي. 2 مئي 1961ع ليکڪ فدا ڪلوئي (ڪنڊيارو) جو جنم ڏينهن آهي. 2 مئي 1969ع ويسٽ انڊيز جي مشهور ڪرڪيٽر برائن لارا جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 2 مئي 1967ع فريڊم فائيٽر سريچند ميوارام (پڊ عيدن) ديهانت ڪري ويو.

Tuesday 30 April 2024

SINDH in history (1st May). By. Dr.Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (1st May) & GOOD DAY WISH. Dr.Pathan wishes You Good Day. . [It is easy to like, but very difficult to accept. It is most difficult to maintain contacts & affiliations. Be one sided with sincerity & sacrifice. Life never believes in dreams. It is hard ground reality. Beautify it with love as it can accept you] ڀانئڻ اچي سڀ کي، نڀائڻ ڪنھن ڪنھن جو ڪم، رشتا گھرن رت روح جو، کائن هر پل لڱ لحم، جي ھٹین دوستئ جو دم، چئج سرت سان سلام تون. ************* SINDH (Including Pakistan) IN HISTORY TODAY {1st May} Research by Dr. Dur Muhammad Pathan EVENTS: 1848: The Government of India asks the Governor of Sindh to prepare details along with schedule of pensions and grants given by Ex - Rulers as they can be continued if loyalty and sincerity with British Government. is proved. 1850: His Highness Mir Ali Murad Khan Talpur is not happy and satisfied with proceedings and findings of the Commission appointed by the Govt. for probing his involvement in making changes in the Treaty of Nounihar. 1886: Workers demanding 'Eight hours as working hours' are fired upon by police in Chicago. 1959: A high- level conference, presided over by President Ayub, decides to set up "Local Bodies System" of democracy. 1972: Mumtaz Bhutto (Sindh), Sardar Attatullah Mengal (Balochistan) and Mulana Mufti Mahmud (NWFP) are sworn in as Chief Ministers. Malik Meraj Kialid is nominated for Punjab. > Mufti Mahmud announces total ban on liquor in his province. > Labor Day/ May Day is celebrated for the first time in Pakistan.1989: Ban on trade union activities of leading organizations are lifted. IN SINDHI **** توجه طلب واقعا *************** 1.5.1927: لالا لڄپت راء جي صدارت ۾ سکر ۾ ”سنڌ پراونشل هندو سميلن" ٿيو. ان ۾ پنج هزار وفد شريڪ ٿيا. هن سيمينار ۾ هندن جي سماجي, ڌرمي ۽ سياسي مسئلن تي ويچاريو ويو ۽ سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ جي مخالفت ڪئي وئي. 1.5.1934: سکر مان ڪشنچند واسديو هفتيوار اخبار "سناتن ڌرم" جاري ڪئي. هئ اخبار بنيادي طور سناتن ڌرم جي پرچار ڪندي هئي, پر ان کان سواء ڪانگريس پارٽئ جي آرگن طور به ڪم ڪيائين. "ستياگره تحريڪ" دوران نالو ڪمايائين. 5.1.1972: ممتاز علي ڀٽي سنڌ جي, سردار عطاء الله مينگل بلوچستان جي, مفتي محمود سرحد (ڪي.پي.ڪي) جي وڏي وزير طور حلف کنيو. ملڪ معراج خالد جو نالو پنجاب جي وڏي وزير طور منظور ڪيو ويو. 1.5.1848: هند سرڪار اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته رپورٽ ٺاهي موڪل ته ٽالپورن جي دور ۾ ڪنهن ڪنهن کي پينشن يا گرانٽ ڏني ويندي هئي. 1.5.1850: خيرپور رياست جي والئ مير علي مراد خان سنڌ جي ڪمشنر سان لکي احتجاج ڪيو ته اوهان منھنجي ۽ مير رستم خان وچ ۾ ٿيل "نونهار معاهدي" جي انڪواري ڇو ٿا ڪريو. هن وڌيڪ لکيو ته منهنجو خاندان انهئ ڳالھ تي راضي ناهي ته مان انڪوارئ لاء اوهان اڳيان پيش ٿي صفائي ڏيان. [ياد رهي ته اهو معاهدو سنڌ تي فرنگين جي قبضي کان اڳ ٿيو هو ۽ انگريزن کي مير رستم علي خان دانھون ڏيندو هو ته "نونهار معاهدي" ۾ مير علي مراد خان پنهنجئ مرضئ سان پنهنجي حق ۾ ڦير گهير ڪئي آھي. ان وقت انگريزن سندس ڪا ڳاله نه ٻڌي. ڇو ته کين مير علي مراد جي دوستئ ۽ ساٿ جي ضرورت هئي. جڏهن سنڌ تي قبضو ڪري فرنگي حاڪم ٿيا ته پنهنجي يار مددگار مير علي مراد خان خلاف انڪواري ڪرايائون.] 1.5.1886: شڪاگو ۾ پورهيتن مزدورئ جو وقت 8 ڪلاڪ ڪرڻ لاء احتجاجي جلوس ڪڍيو. پوليس گولي هلائي هڪ پورهيت ماري وڌو. مزدور ڇڙوڇڙ ٿي وري گڏ ٿيا ۽ احتجاجي ميڙ ڪيائون. وري پوليس مٿن حملو ڪري ڪيترن کي گرفتار ڪيو ۽ پوء چئن پورهيتن کي ڦاهي ڏني وئي. انھئ سانحي ۽ جدوجهد کي ياد ڪرڻ لاء "مئي ڊي" ملهائڻ جو رواج پيو. پاڪستان ۾ سرڪاري طور تي پهريون "مئي ڊي" 1972 ۾ ملهايو ويو هو.

Monday 29 April 2024

SINDH in history today (30th April). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (30th APRIL) 30th April BIRTH DATES KalachandMirani (Hyderabad/Social worker & Singer/ Born 30th April 1857), SoofiJhamandas ‘Aashiq’ (Shikarpur/Poet & Journalist/ Born 30th April 1928), Wadhuram ‘Pushp’ (Shikarpur>Mombai/Poet & Juggler/ Born 30th April 1930) , HarBhagwan ‘Nago’ (Nagpur/Singer/ Born 30th April 1952), RajkumarDaswani (Ajmir/Artist/ Born 30th April 1953), SikandarMallah (Sakrand/Poet/ Born 30th April 1963), RiazDahri (Umar Dahri/Poet/ Born 30th April 1973). DEATH DATES Moulnan Abdullah (Banguldero/Religious Scholar & Freedom Fighter/ Death 30th April 1932), Suleman Shah ‘Salim’ (dabar/Poet/Death 30th April 1975). EVENTS 1917: Vide order No 2860, the Government of India asks all the District Local Boards for War Loan and it is to taken/drawn from their own budget, budget of Taluka Local Boards; Education and Health. 1919: The meeting of ‘AnjumanZamindaran-i-ZilaLarkano’ (Landlords’ Association of the District Larkano) is held in which Haji Amir Ali Lahori is elected as its chairman in place of K.B.Shah Muhammad Lahori. The meeting congratulates Government for passing and promulgating ‘Rowlatt Act’ and condemns political parties for launching agitation against the bill. 1920: Big public meetings are held at Paat and Shikarpur by Khilafat Committees of respective areas. People are asked to take part in politics and never surrender before the Government and its local agents, Jageerdars and anti-people elements. 1927: Sindh Hindu Sabha is reorganized and HarchandraiVishindas plays key role in this task. 1933: Upper Sindh Khilafat Conference is held at Muradpur. The Conference unanimously adopts so many important resolutions on vital issues such as sympathy with China, condemnation of Japan; restoration of the Mosque of MureedSethar; congratulations to Mufti Saadullah for facing orders of his exile; promotion of local-made products etc. 1947: Muhammad Ali Jinnah denounces the demand for a partition of the Punjab and Bengal. Describes such move as a grave error. 1948: An all-out offensive is launched by Indians in Jammu & Kashmir, 100,000 Kashmiris leave for Pakistan. 1950: Sindh Safety Act to remain. Notification in this regard is issued. 1952:‘Bazim-i-Adab’ is formed at Jacobabad with Osto Ghulam Hussain ‘Hussain’ as its President and Muhammad BuxQureshi ‘Josh’ as Secretary. 1954: Very drastic action against Communists is ordered by A.K.Fazul Haq, Chief Minister of East Bengal (East Pakistan). 1962: Faiz Ahmad Faiz receives Lenin Prize. 1967: A new political alliance called Pakistan Democratic Movement (PDM) is formed in Dhaka comprising Council Muslim League, J.I, Nizam-i-Islam Party and Awami League. 1974: Last bench of POWs, including General Niazi reach Pakistan. 1977: PNA’s Long March to besiege Prime Minister’s residence forestalled by arresting workers reaching the capital. 1978: So many politicians are disqualified. Some of them are Abdul WaheedKatpar, Abdul Sattar Gabol, Bashir Ahmad Shah, Muzafar Shah and Ali Nawaz Shah etc. 1994: Six persons including two MQM protesters are killed in Karachi. Nawaz Sharif visits the city express sympathy with Muhajreen and says that situation in Karachi and Hyderabad may go out of hand soon. HERE IS ITS TRANSLATION INTO SINDHI *************** 30.4.1842: مير نصير خان حيدرآبادئ ۽ آئوٽرام وچ ۾ دلچسپ مگر اهم خط و ڪتابت ٿي. مير نصير خان خط ۾ لکيو هو ته مان فرنگين جو باعتماد وفادار دوست آهيان. پر مير صوبدار خان الائي ڇو فرنگين جو يار ٿيڻ پسند نه ٿو ڪري. هن خط ۾ مير نصير خان اوبيراه هندوء جي به ڳالھ ڪئي هئي ته هي اوهان جو ماڻھون آھي, پر اوهان سان وفادار ڪونهي. آئوٽ رام اڄ انھئ خط جو جواب ڏيندي لکيو ته اوبيراه ٺڳ ماڻھون آھي. هن سيٺ نائونمل کان 900 روپيا ورتا هئا ۽ وعدو ڪيو هو ته ڪي اهم ڪاغذ اسان جي حوالي ڪندو. هن نه ته اهم ڪاغذات اسان حوالي ڪيا, نه وري نائونمل کان ورتل پئسا واپس ٿو ڪري. آئوٽ رام وڌيڪ لکي ٿو ته اوهان (مير نصير خان) کي فرنگي فوج رکڻ وارو ڏن ڏيڻو پوندو. 30.4.1917: هند سرڪار پنهنجي حڪم نامي نمبر 2860 مطابق سمورين ضلعي لوڪلبورڊس کي زورئ "جنگي قرض" ورتو. ان ۾ اڌو اڌ لوڪلبورڊ جي بجيٽ مان ورتو ويو ۽ باقي اڌ وري مختلف هيڊس, جهڙوڪ تعليم, صحت ۽ تعلقي لوڪلبورڊس جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي آڻائي ورتو ويو. هي قرض 1922 واپس ڪرڻ لاء چيو ويو. 30.4.1919: " روولٽ ايڪٽ“ جهڙي ڪاري قانون خلاف سنڌ جي طول عرض ۾ حڪومت خلاف جلوس نڪرڻ شروع ٿيا. پر لاڙڪاڻي جي مدرسي واري ميدان ۾ حاجي امي علئ لاهورئ جي صدارت ۾ "انجمن زميندارانه ضلعو لاڪاڻو" جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ ”روولٽ ايڪٽ“ لاڳو ڪرڻ تي سرڪار کي مبارڪ ڏني وئي ۽ اهو اقرار ڪيو ويو ته ايڪٽ خلاف وڳوڙ پيدا ڪرڻ نه ڏبو, بلڪ اهڙن ماڻھن جي مخالفت ڪئي ويندي. هن گڏجاڻئ ۾ خانصاحب شاه محمد لاهورئ جي جاء تي حاجي امير علئ کي انجمن جو صدر مقرر ڪيو ويو. ان کان سواء ٺھراء پاس ڪري سنڌ جي ڪمشنر لارينس جا ٿورا مڃيا ويا ته هو وڏئ شفقت سان سنڌي مسلمانن سان سٺو هلي ٿو. 30.4.1920: پاٽ, ضلعي دادو ۽ شڪارپور ۾ خلافت ڪانفرنسون ٿيون. انھن ۾ فرنگي سرڪار جي ترڪئ, اسلام ۽ خلافت بابت دشمن حڪمت عملئ جي ندا ڪئي وئي. انھئ ڳالھ تي زور ڏنو ويو ته ڏيهي صنعت کي ترقي وٺرائجي, پرڏيهي سامان نه واپرائجي ۽ فرنگي سرڪار خلاف هلندڙ تحريڪن جو ساٿ ڏجي. 30.4.1927: "سنڌ هندو سڀا" کي نئين سر منظم ڪيو ويو. بلڪ ايئن چئجي ته اها جماعت جهڙوڪ اڄ قائم ٿي. انھئ ۾ سيٺ ھرچندراء وڏي محنت ڪري سنڌي هندن کي منظم ڪيو. هن پارٽئ سنڌ کي ممبئئ کان الڳ نه ڪرڻ لاء زوردار تحريڪ هلائي. سڀا جي قيام ۽ ڪارڪردگئ جو تفصيلي احوال فقط گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. 30.4.1933: مرادپور ۾ ”اپر سنڌ خلافت ڪانفرنس" ٿي, جنهن ۾ ھنن موضوعن ۽ مسئلن تي ٺھراء پاس ڪيا ويا: 1). "وائيٽ پيپر" کي آئيني سڌارن جو اڻپورو تصور چئي مسترد ڪيو ويو, 2). چين سان همدردي ۽ جپان جي مذمت ڪئي وئي, 3). مريد سيٺارجا وارئ مسجد جي بحالئ جو مطالبو ڪيو ويو, 4). خلافتي مفتي سعدالله کي جلاوطن ٿيڻ تي مبارڪ ڏني وئي ۽ کيس جلاوطن ڪرڻ تي سرڪاري قدم جي مذمت ڪئي وئي. 30.4.1934: ڪراچئ جي ٿياسافيڪل هال ۾ ”سنڌي سڌار سوسائٽئ" طرفان "قرباني" جي موضوع تي مشاعرو ٿيو. هن مشاعري جي صدارت ڊاڪٽر دائودپوٽي ڪئي. 30.4.1950: سنڌ ۾ لڳايل "سنڌ سيڪيرٽي ايڪٽ" جي مدي ۾ واد ڪئي وئي. 30.4.1952: جيڪب آباد ۾ ”بزم ادب" قائم ڪئي وئي. ان لاء اوستي غلام حسين کي صدر ۽ محمد بخش قريشي جوش کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. هن بزم جيڪب آباد ۾ کوڙ سارا مشاعرا ڪرايا. 30.4.1970: ڪراچئ ۾ 90 سالن کان هلندڙ ”ٽرام وي ٽرانسپورٽ“ بند ڪئي وئي. 30.4.1974: پاڪستاني جنگي قيدين جي آخري کيپ موٽي آئي. جنرل نيازي به انھن ۾ شامل هو. 30.4.1977: پي.اين.اي جي لانگ مارچ پرائيم منسٽر هائوس ڏي منھن ڪيو ته جيئن ان کي گهيرو ڪجي. پر اتي ورڪر جي وڏي پئماني جي گرفتارين سندن اميدون پوريون نه ڪيون. 30.4.1978: مارشل لا حڪومت طرفان ڪيترن سياستدانن کي نااهل ڪيو ويو. انھن مان ڪي آھن: عبدالوحيد ڪٽپر, عبدالستار گبول, بشير احمد شاه ۽ علي نواز شاه. 30.4.1994: ڪراچئ جي وڳوڙن ۾ ايم.ڪيو.ايم جي ٻن ڪارڪنن سميت ڇه ماڻھون مري ويا. نواز شريف سنڌي-دشمن ايم. ڪيو.ايم وارن سان همدردي ڪرڻ حيدرآباد پهتو ۽ چيائين ته ڪراچئ ۽ حيدرآباد جون حالتون هٿ کان نڪرنديون پيون وڃن. *************** {ڏينهن 30 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} ÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷ [جنم ڏينهن:] 30 اپريل 1857ع گلوڪار ۽ سماجي ورڪر ڪلاچند ميراڻي (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 اپريل 1928ع شاعر ۽ صحافي صوفي جهامنداس عاشق (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 30 اپريل 1912ع اديب ۽ مترجم ڊاڪٽر آر ايم هري(روهڙي / ڪڇ) جو جنم ڏينهن آهي. 30 اپريل 1952ع گلوڪار هري ڀڳوان ناگو (ناگپور) جو جنم ڏينهن آهي.

Sunday 28 April 2024

SINDH in history today (29th April). By. Dr.Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (289h April) & GOOD DAY WISH. ********* Dr.Pathan wishes YOU Good Day: [ You can't understand love and respect, if you have blind faith in your ego and everlasting physical beauty. You will be high-risk for yourself, if you are in complex that all is correct what you say or do. Without offering sacrifice, you can't reside in any heart. You will be ever falling, if you are not falling in love. If you can't respect and abide by human-values and hunaman-nature, you can't be accepted by any Golden Heart and Pure Soul. In such conditions, you will stand rejected and separated everywhere.] محبت مروت ماڻھپو ٽئي انا ضد ۽ ھوڏ مان ڇا ڄاڻن؟ قربانئ ۽ قبولڻ سان دليون ۽ روح سچي خوشي ماڻن، خوشبوء عشق جي آڻن، ساري سرت صبح سلام سان. ************* SINDH (including Pakistan ) IN HISTORY TODAY {29th APRIL} EVENTS: 1858: Bartel Frere inaugurates the construction work of Karach - Kotri Railway Line. The project is initiated soon after War of Independence and indicates Govt's intention to ensure deployment and transportation of troops in trouble areas without fail and also to send raw material to port in handsome quantity. 1927: The largely attended meeting of Muslims is held at Nawabshah with Moulvi Haji Hakim Muhammad Siddique Morai. Kidnapping of Muslim woman, avoiding to handover Muslim kids by Hindus in Larkana is the sole agenda of the public meeting. Strong worded resolution is adopted asking Hindus to refrain such a events of high risk for peace and national unity. Part2 1950: Sindh Safety Act to remain till further orders. Notification is issued in this regard. 1954: Rainy days start for Communist leaders and workers in East Bengal (East Pakistan). The Chief Minister A.K.Fazul Haq orders for crackdown on large scale. 1962: Faiz Ahmad Faiz receives Lenin Prize. 1971: Pakistan proposes moratorium for six months on foreign debt repayment in view of a major set - back in the exports in East Pakistan. 1972: Agenda is set for summit meeting between Bhutto and Indira. Emisaries of both countries meet in Rawalpindi. HERE IS SAME POSTING IN SINDHI LANGUAGE: *************** 29.4.1858: سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر اڄ ڪراچئ کان ڪوٽڙئ تائين ريلوي لائين وڇائڻ واري ڪم جو افتتاح ڪيو. 29.4.1927: مولوي حڪيم حاجي محمد صديق مورائئ جي صدارت هيٺ نواب شاه ۾ مسلمانن جو وڏو جلسو ٿيو, جنهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿيل هندو مسلم فسادن تي افسوس جو اظھار ڪندي, ضلعي عملدارن جي مسلمانن کي نظرانداز ڪرڻ وارئ حڪمت عملئ جي مذمت ڪئي وئي ۽ مظلوم مسلمانن سان همدردئ جو اظھار ڪيو ويو. 29.4.1939: سباش چندربوس هئ چئي ڪانگريس جي صدارت تان استعيفا ڏني ته مان گانڌئ جي مرضئ مطابق ڪانگريس پارٽئ جي ورڪنگ ڪميٽي نه ٺاهيندس. 29.4.1945: لاڙڪاڻي ۾ ”بزم مشاعره" طرفان طرحي مشاعرو ٿيو, جنھن لاء طرح هئي: "الاهي آھ منهنجئ ۾ پيدا اثر ڪر". مشاعري ۾ پيش ڪيل شعر جو انتخاب پوء رسالي "اديب سنڌ" ۾ شايع ڪيو ويو. 29.4.1972: مير رسول بخش ٽالپور سنڌ جو گورنر ٿيو. ھن پيپلز پارٽئ کي مقبول بنائڻ ۾ ذوالفقار علي ڀٽي سان ساٿ ڏنو. اڳتي هلي عراقي سفارت خاني مان اسلحي پڪڙجڻ ۽ سندس ڀاء مير علي احمد ٽالپور کي ان ۾ ملوث ڪرڻ تي اختلاف ڪندي مير رسول بخش گورنرئ جو عهدو ڇڏيو. 29.4.1978: "جيڪڏهن ضياء الحق قومي حڪومت ٺاهي ٿو ته پي.اين.اي ان ۾ شامل ٿين کان انڪار نه ڪندي. 29.4.1993: اڄ ”دهشتگردئ خلاف ڪيس هلائيندڙ ڪورٽ" ايم.ڪيو.ايم جي الطاف حسين ۽ ٻين تي چارج فريم ڪئي ته اوهان ميجر ڪليم الدين ۽ ٻين فوجين کي يرغمال ڪيو ۽ مٿن ٽارچر ڪيو. *************** {29 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} ÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷ [جنم ڏينهن:] 29 اپريل 1915ع صحافي روپچند سپاهيملاڻي (حيدرآباد / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 اپريل 1919ع ليکڪ ۽ صحافي محمد بخش جوهر (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 اپريل 1960ع گلوڪار مشڪور سرگاڻي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 29 اپريل 1830ع مذهبي اسڪالر سيد عبدالرحمان سنڌي جو انتقال ٿيو. 29 اپريل 1937ع سياستدان سيد محمد ڪامل جو لاڏاڻو ٿيو. 29 اپريل 1974ع شاعر علي بخش رضا احمدزئي لاڏاڻو ڪري ويو. 29 اپريل 2003ع لوڪ گلوڪاره مائي الهه وسائي جي وفات ٿي. 1977: Long Marches arranged by PNA in Islamabad.

Saturday 27 April 2024

SINDH in history today (28th April). By. Dr. Dur Muhammad Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (28th April) & GOOD DAY WISH. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ I admit my all limitations, faults and mistakes. But, it is my firm belief that my dear is an ideal, very kind and role-model in accepting, respecting and abiding by Human-values. My dear knows needs and requirements of peace, love and beauty. Because of this I want to be at door of the heart of my dear for ever so as to protect myself from sorrows and longings] آئون تان عيبدار پر ساجن ڀلو ۽ ڀلن سندو سردار, وفا محبت ماڻهپو آھي سندس خلق سندو سنسار, مان دکن دردن سورن جو ڪريان هن سان ئي اظھار, ڪندو مهر نظر ۽ قرب سان عرضن انهن تي ويچار, تان وڃي وسايان پار, پرين جو سرت دعا سلام سان ************* SINDH (ncluding Pakistan) IN HISTORY TODAY {28th APRIL} EVENTS: 1920: ‘Shewaram Theater’ is inaugurated in Karachi by W.N.Richardson, Sub-Divisional Magistrate of Karachi. The place and building remained drama staging spot in Karachi for years. So many Dramatic Societies of Karachi and even of India staged Dramas here. 1930: The weekly ‘Noor Islam’ in course of his editorial asks Government to release Pir Pagaro. 1934: The Frontier, Punjab & Sindh Hindu Conference held at Peshawar demands not to separate Sindh from Bombay Presidency. During the movement in for and against the separation of Sindh, our Sindhi Hindu & Muslim leaders avoided to sit together and resolve the issue but, involved and invited external factor in their Sindh affairs and as decided psychologically to divided their home on ideologically and religiously. 1935: A meeting of Muslim leaders is held at Karachi with Ghulam Hussain Hidayatullah in chair. It is demanded that enquiry be conducted on the ugly event of firing on Muslim procession resulting killing of more than twenty people. 1937: The first ever session of the newly elected Sindh Assembly is held with Hiranand in chair to elect its Speaker. PirIllahiBux, Shaikh Abdul Majeed Sindhi and Diwan Bhojsing are candidates. Pir Illahi Bux withdraws leaving others to contest. Shaikh Abdul Majeed gets 18 votes whereas Diwan Bhojsing earns 40 votes. Hence, Diwan Bhojsing is elected first ever speaker of the first ever Assembly of the Sindh Province. 1939: The talks between Mahatma Gandhi and Subhas Chandra Bose, the president of All-India Congress Committee are adjourned without any definite result. The issue is the formation/election of the Working Committee of the party. Mahata Gandhi is associated with AcharyaKirplani, Dr.RajendraParsad;Pandit Jawaharlal Nehru; Bhulabhai Desai; Sarojni Naidu and others. 1952: Karachi is raised to the status of a Chief Commissioner’s province. It is said/alleged/blamed that The trio: Liaquat Ali Khan, Ghulam Muhammad & Choudhri Muhammad Ali are pioneers of ‘Karachi Card’ to defeat Sindhi nationalism and to create secured constituency.1962: Polling in the first ever general elections to National Assembly for 156 seats is held. Nearly eighty thousand Basic Democracy members are going to elect MNAs on behalf of the nation. 1977: Z.A.Bhutto speaks of U.S hand behind unrest and agitation against a party and its leader that brought POWs back, arranged Islamic Conference; gave tough time to 22 Big Fishes (families), nationalized industries and educational institutions. In his address to joint session of the parliament, he also justifies imposition of martial law in big cities as constitutional. IT IS NOW IN SINDHI SCRIPT & LANGUAGE *************** 28.4.1841: ڪئپٽن لي ميزرير اڄ آئوٽ رام کي خط لکي ٻڌايو ته هن سنڌ جو نقشو تيار ڪري ڇڏيو آھي. ڪو ڊرافٽ مين موڪليو ته ان جي ڪاپي ٺاهي وٺي. [سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ ئي فرنگي سنڌ جو نقشو تيار ٿا ڪن ۽ اسان جا حڪمران انھئ ڪم ۽ ڪم جي اهميت کان بي خبر آھن] 28.4.1848: ميجر جيڪب اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي مراسلو موڪلي ٻڌايو ته روجهاڻ وارو قلعو در اصل حيدرآباد جي مير نصير خان جي ملڪيت هئي. ان ڪري خيرپوري ميرن يا خان آف قلات جي ان تي مالڪئ جو حق ئي نه ٿو ٺھي. 28.4.1930: پير پاڳاري سورهيه بادشاه جي گرفتاري ٿي ته سنڌ جي اخبارن سرڪار جي انھئ بي واجبي قدم خلاف لکيو.اڄ ھفتيوار "نور اسلام" ايڊيٽوريل لکيو. 28.4.1934: اڄ پشاور ۾ ”فرنٽير,پنجاب ۽ سنڌ هندو ڪانفرنس" ٿي. انھئ ۾ سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ خلاف ٺھراء پاس ڪيو ويو. [ياد رهي ته ماڻھن ھن دور ۾ سياسي ۽ سماجي تقاضائن بدران دين ڌرم جي نالي تي متحد ٿيڻ شروع ڪيو. جنهن ڪري انھئ مامري ماڻھون منجهائڻ شروع ڪيا.] 28.4.1935: ڪراچئ ۾ سر غلام حسين هدايت الله جي صدارت ۾ مکيه مسلمان سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي. انھئ ۾ سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ بابت حڪمت عملي ٺاهڻ کان علاوه ٺھراء پاس ڪري حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته ڪراچئ ۾ مسلمانن جي جلوس مٿان ٿيل گوليبازئ ۽ ڪيترن ماڻھن مارڻ جي جانچ لاء انڪواري ڪميٽي ٺاهي وڃي. ياد رهي ته عبدالقيوم نالي هڪ ماڻھونء نٿورام کي ڪورٽ ۾ ڪيس هلندي ماريو هو. هن کي ڦاسي ڏني وئي ۽ مسلمان جلوس جي صورت ۾ لاش کڻي دفنائڻ ٿي ويا ته مٿن گولي هلائي وئي هئي]. 28.4.1937: هيرانند جي صدارت ۾ سنڌ اسيمبلئ جو پهريون اجلاس ٿيو, جنهن ۾ اسپيڪر جي چونڊ ٿي. انھئ لاء شيخ عبدالمجيد سنڌئ ۽ ڀوڄسنگ وچ ۾ مقابلو ٿيو. شيخ عبدالمجيد سنڌئ 18 ووٽ ۽ ڀوڄسنگ 40 ووٽ کنيا. نتيجي ۾ ڀوڄسنگ سنڌ اسيمبلئ جو پهريون اسپيڪر ٿيو. 28.4.1951: پاڪستان ڪميونسٽ پارٽئ جي سيڪريٽرئ سيد سجاد ظھير کي گرفتار ڪيو ويو. ياد رهي ته اهو سڀ ڪجھ آمريڪا سان دوستئ جو نتيجو هو. پاڪستان جي وزير اعظم کي پهريون روس دوري جي دعوت ڏني. هن اها دعوت قبولي به نه ويو ۽ آمريڪا هليو ويو. آمريڪا چاهيو ته پاڪستان کي ڪميونسٽن کان پاڪ معاشرو بڻائجي. 28.4.1952: ڪراچئ "ڪمشنر جو صوبو" بڻايو ويو ۽ ابو طالب نقوئ کي ان جي چيف ڪمشنر جي چارج ورتي. هي صوبو 812 اسڪيائر ميلن وارئ ايراضئ تي بڻايو ويو ۽ ان وقت ان جي آدم شماري 12 لک هئي. 28.4.1953: ڪراچئ جي نئين انتظامي جوڙجڪ پنهنجا رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيا. اي.ڪي.بروهئ جي جاء تي مرزا سڪندر بيگ کي سنڌ جو ايڊووڪيٽ جنرل مقرر ڪيو ويو. 28.4.1954: وڏئ سرڪار فارمولو تيار ڪيو ته اولھ پاڪستان ۾ اردو ۽ اوڀر بنگال/پاڪستان ۾ بنگالي سرڪاري ٻوليون ٿينديون. باقي ٻيون ٻوليون وڃي ٻن پون. اسان جي ڪراچئ جي وارثئ جي ڪيس هارائڻ کان پوء ايئن ٻولئ جو ڪيس به رضا خوشئ سان هارايو ۽ ڪا مزاحمت نه ڪئي. 28.4.1957: ملڪ ۾ وڌيڪ هڪ سال لاء ”سيڪيورٽي ايڪٽ" لاڳو رهڻ جو حڪم نامو جاري ٿيو. 28.4.1962: قومي اسيمبلئ جي 156 سيٽن لاء عام چونڊون ٿيون. انھن لاء 80 هزار بنيادي جمهوريت جي ميمبرن ووٽ وڌا. 28.4.1977: گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ذوالفقار علي ڀٽي چيو ته ملڪ جي سياسي بي چينئ ۾ آمريڪا جو هٿ آھي. *************** {ڏينهن 28 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 28 اپريل 1740ع مذهبي اسڪالر سيد عبدالرحمان سنڌي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 28 اپريل 1930ع گلوڪار گورڌن گولاڻي (سنڌ / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 28 اپريل 1948ع شاعر اطهر منگيجو جنم ڏينهن آهي. 28 اپريل 1951ع شاعر بشير ويسر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 28 اپريل 1954ع ليکڪ سليم ڪورائي (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 28 اپريل 1955ع ليکڪ ڪانجهي مل چوهاڻ جو جنم ڏينهن آهي. 28 اپريل 1985ع ليکڪ طاهر محزون (ميهڙ) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 28 اپريل 1800ع مذهبي اسڪالر سيد محمد مبارڪ جيلاني جو لاڏاڻو ٿيو. 28 اپريل 1865ع مذهبي اسڪالر آخوند نور محمد ثانوي (هالا) جو انتقال ٿيو. 28 اپريل 1962ع شاعر مرزا احسان ڪربلائي جو لاڏاڻو ٿيو.

Friday 26 April 2024

SINDH in history today (27th April). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (27th April) & GOOD DAY WISH. ÷÷÷÷ Dr.Pathan wishes you Good Day. [It is a Rain-drop that cultures pearl in Shell, not thunder. Thunder cannot grow flowers, but rain. When Sky weeps, it converts deserts into gardens and when my eyes weep, tears clean my inner mirror and I am able to see your reflection alongwith your beauty, vision & wisdom. Sky and me both, make history and create history ] گجگوڙ منجھان گل نہ ڦٽن، پر بارش بوند مان بڻجن موتي، دل ۽ ڌرتي جا لڙڪن ڌوتي، ات ساوڪ سونھن پیار سندي. ************ SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {27th APRIL} EVENTS: 1835: Political Agents appointed by East India Co (Government of India) were very sharp and they put eye on every movement in Sindh. Today, Colonel Pottenger is informing his government that Mir Noor Muhammad Khan has given orders for half his treasures being brought from various places. 1839: Seth NaumalHotchand is in Hyderabad with Colonel Pottenger. Colonel Pottenger has assigned an important task. There is his relative DiwanHirananad near and dear to Mir Nasir Khan. Diwan Hiranand is working on most influential post under Talpur Government of Hyderabad. He is approached by Seth Naumal as he (Seth ) can be taken to Mir Nasir Khan. 1912: Ram Shewakram opens the discussion on the topic of ‘The Eternity of the soul and of matter’. The event is arranged by ‘Arya Young Men’s Association’ of Karachi. 1936: Hindu wedding procession with music and band is attacked by Muslims at near Mosque at Jalpaiguri. The action of Muslims paved way for communal riots at Jampur, Khanpur and other places. 1939: Differences between Mahatma Gandhi and Chandra Bose on the matter of formation of the Working Committee of the Congress, makes Gandhi more emotional and concerned. In course of an interview he says that ‘ I am FIGHTING for peace, I shall die for peace, peace in congress, peace in States, peace on earth and good-will amongst men’. 1944: Special prayers are offered by so many people in favour of K.B.MuhammadAyubKhuro and his brother at Sukker. Today, Khuhra brothers are in court as nominated in the murder case of K.B.Allah BuxSoomro. 1945: Khan Abdul Samad Khan, Balocistan Congress leader, criticizes the leadership of Sindh Congress. He says at Karachi that there is some flow in the Congress organization in Sindh. The late Allah BuxSoomro, a confirmed Nationalist, had received opposition more from Congress than from the so-called Muslim communalists. 1947: Hussain Shaheed Suharwardy, addressing press conference at New Delhi makes plea for a ‘United, undivided and independent Bengal’. But, it was too late as the British had decided to divide India into two pieces and handover to Congress and Muslim league. Sindhis though, not demanded, but realized and started thinking in such a way but only on the platform of literature and not politically .*********** 27.4.1832: پانٽينجر اڄ پنهنجئ حڪومت کي مراسلو موڪلي خيرپور ۾ پنهنجئ سفارتڪارئ جو تفصيل لکي موڪليو. هو لکي ٿو ته مان جڏهن مٺياڻي پهتس ته ديوان لکميچند منهنجو مير رستم خان طرفان آڌرڀاء ڪيو. خيرپور پهتس ته سندس وزير فتح خان غورئ هن جو استقبال ڪيو. مير رستم علي سان ملاقات ٿي ۽ کيس معاهدي جو ڊرافٽ ڏنم. هن ڪنهن چون چران کان سواء اهو ڊرافٽ منظور ڪيو ۽ معاهدي ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو. 27.4.1835: پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي لکي ٻڌايو ته سنڌ جا حڪمران پنهنجو خزانو پاڻ سان نه رکندا آھن. اهي اهو خزانو ٻين رياستن ۾ رکن ٿا. مون کي خبر پئي آھي ته مير نور محمد خان ٻين هنڌن تي رکيل پنهنجي خزاني جو اڌ گهرائڻ جا حڪم جاري ڪيا آھن. [حڪمران خزاني کي پنھنجي ذاتي ملڪيت ڄاڻيندا هئا ۽ ان مان عوامي ڀلائئ وارا ڪم, جهڙوڪ رستا ٺھرائڻ يا واه کوٽائڻ تي ڪم ڪونه آڻيندا هئا] 27.4.1912: آريا سماجين کي مذھبي مناظرن ڪرائڻ جو خفت هوندو هو. انھن مناظرن ڪي ڌرمي يا نظرياتي مسئلا ۽ مونجهارا ته ختم نه ڪيا, پر هندو توڙي مسلمانن ۾ مذھبي مت ڀيد ۽ اختلاف کي هوا ڏني. آريا سماجين سکر, شڪارپور, لاڙڪاڻي, حيدرآباد ۽ ڪراچئ ۾ جيڪي مناظرا ڪرايا, اهي ڏينھن جا ڏينھن هليا. اهي گڏ ڪري ڇپرائجن ته هڪ ٺاهوڪو ڪتاب جڙي پوندو. اڄ ڪراچئ ۾ ”روح امر آھي يا مادو امر آھي"جي موضوع تي مناظري جو آغاز ٿيو. انھئ جو بندوبست "آريا ينگ مينس ائسوسيئيشن"ڪيو هو. 27.4.1920: اڄ ڪراچئ جي سب ڊويزنل ماجسٽريٽ, مسٽر ڊبليو اين رچرڊسن "شيوارام ٿيئيٽر" جو افتتاح ڪيو. لڊبٽر روڊ تي قائم ڪيل هن ٿيئيٽر جي عمارت تي ٻه لک روپيا خرچ آيو هو. هي اهو زمانو هو, جڏهن فلمون عام نه ٿيون هيون. هي ٿيئيٽر ناٽڪ منڊلين کي مسواڙ تي ڏنو ويندو هو. ان ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي ناٽڪ منڊلين ڪيترا ڊراما اسٽيج ڪيا. 27.4.1955: پاڪستان ۾ آئين سازئ جي عمل کي ڏسي وائسي اينگهايو ويو ته جيئن ڪرسئ تي ويٺل پنهنجي مرضي هلائي سياسي مقصد حاصل ڪري سگهي. آئين سازئ لاء چونڊيل ميمبرن جو تعداد 80 هو. اڄ ملڪ جي گورنر جنرل ان ۾ پنهنجئ مرضئ سان 10 ميمبر ٻيا به ٿافيا ۽ اسيمبلئ ۾ آئين سازي ڪرڻ بدران آئين جوڙڻ تي سوچڻ لاء ڪنوينشن سڏائڻ جو فيصلو ڪيو. 27.4.1977: ملڪ جي سياسي بحران تي آء.ايس.پي.آر جي ترجمان بيان ڏنو ته آرمڊ فورسز حڪومت جي پٺڀرائپ ڪندا. ٻئي طرف پير پاڳاري چيو ته ڀٽو جنهن سياسي مفاهمت جي ڳالھ ڪري ٿو,اها پي.اين.اي جي سوچن مطابق آھي. [ٻئي موقوف حالتن سڌرڻ طرف اشارو ڪن پيا. پر پوء وري اهڙي هوا گهلي, جنهن جي گهلڻ جو ڪنهن کي امڪان ڪونه هو] 27.4.2003: استاد عبدالهادئ چانڊئي جي صدارت ۾ سنڌي ادبي سنگت قمبر جي دستوري گڏجاڻي ٿي. ان ۾ قمرالدين قمر,مسيح آزاد, صحبت ٻرڙي ۽ رياضت ٻرڙي شرڪت ڪئي *************** {ڏينهن 27 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 27 اپريل 1907ع شاعر عبدالفتاح عبد عاقلي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 اپريل 1909ع ليکڪ هوتچند هيرانند جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 اپريل 1932ع شاعر ۽ گلوڪار رگهن اداسين (سکر / آگره) جو جنم ڏينهن آهي. 27 اپريل 1941ع ليکڪ ڊاڪٽر آنند ڪمار (نوشهروفيروز / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 اپريل 1945ع گلوڪار رام تنواڻي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 27 اپريل 1766ع مذهبي اسڪالر مخدوم عبداللطيف بن مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لاڏاڻو ٿيو. 27 اپريل 1847ع شاعر ۽ بزرگ سيد علي گوهر شاهه اصغر جو لاڏاڻو ٿيو. 27 اپريل 1942ع سياستدان، سماجي ورڪر ۽ آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ عبدالله هارون جو انتقال ٿيو. 27 اپريل 1965ع ليکڪ لکنداس لالجاڻي جو انتقال ٿيو. 27 اپريل 1970ع سياستدان غلام قادر پيرزادو وفات ڪري ويو. 27 اپريل 1982ع مزاحيه اديب ابڙو علامه مستانو سيوهاڻي وفات ڪري ويو.

Thursday 25 April 2024

SINDH in history today (26th April). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (26th April) & GOOD DAY WISH. ÷÷÷÷ Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Whatsoever is in my heart and mind, I must share it with you. When I am encircled with sorrows & longings, I have to pray for protection. When demands of my instincts & nature are disturbing me, I have to request you for support. Becaue, only you are my hope. I know, you will accept or regret as desired by you. But, it is not my problem. Problem will be there, when I am not at your door. Because, you are kind and symbol of kindness ] تو در نہ دانهيان دل دنيا جا درد نہ ٻڌايان؟ ساجن سياڻان آئون ايڏو ڪو پاڳل ناهيان, ڪنهنجي اڳيان نيڻ وهايان سيس نمايان؟ ندئ ڪنڌئ تي صدين کان پياسو ئي آھيان, عيبن-هاڻو پر ڪو ٺاه ٺڳئ جو نٿو ٺاهيان, ڏي ستي سونهن سلام جي اهو ٿو چاهيان, سڀ کي سمجهايان, شفقت ۾ شان هزارين ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {26th APRIL} EVENTS: 1843: Charles Napier, Governor of Sindh Is directed to follow the Bengal Account System with regard to the accounts of receipts and disbursement in the Province of Sindh. 1920 In connection with tour of Sindh, Mahatma Gandhi arrives at Karachi. He is accorded warm welcome by Hindus, Muslims and Congress party workers. 1934: 3rd Sindh Azad Conference is held at Sukkur with K.B. PirBux as its president. It is aimed at to create awareness about the importance of the separation of Sindh from Bombay Presidency. 1937: Thirty six members of the Sindh Assembly meet at Karachi and form Democratic Party with the following office bearers: Sir GhulamHussainHidayatullah (Leader), MukhiGobindram (Dy. Leader); Mir Bandeh Ali (Dy. Leader), K.B. Muhammad AyubKhuhro (General Secretary); Nihchaldas (General Secretary); Mir Ghulam Ali Talpur (Joint Secretary) and Syed Miran Muhammad Shah (Whip). 1950: Pandit Jawaharlal Nehru, Prime Minister of India, arrives in Karachi to discuss various inter-dominion problems with Liaquat Ali Khan. 1958: A statement on Pakistan’s balance of payment for 1957 shows a deficit of Rs.40.11 crores. 1971: Pakistani diplomats are barred from leaving India without prior permission. India’s Dhaka mission ceases to function. 1974: Prime Minister Z.A.Bhutto inaugurates the 150 KW high-powerdmediem wave transmitters for Quetta Radio station. 1981: New Punjab cabinet is sworn in . Nawaz Sharif gets portfolio of Finance. ÷÷ توجه طلب واقعا ÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷ 26.4.1842: ميجر آئوٽرام پنهنجئ سرڪار کي مراسلو موڪلي ٻڌايو ته پنجن ڳوٺن جي مالڪئ تي خيرپور جي ميرن وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا ته هنن راس بيل کان فيصلو ڪرايو. ان فيصلي مطابق پنجئي ڳوٺ مير علي مراد خان کي مليا. [والي ۽ حڪمران ته مير هئا,پر هنن فرنگي سفيرن کي معتبر ڄاڻائي پنهنجا فيصلا انھن کان ڪرايا. فرنگين کي ويڙھائڻ ۽ حڪومت ڪرڻ جو موقعو ملي ويو] 26.4.1843: ڪمپني حڪومت اڄ سنڌ جي گورنر نيپيئر کي لکيو ته سنڌ جو مالي انتظام ۽ آمدني روانگئ جو رڪارڊ بنگال صوبي وانگر رکيو وڃي. 26.4.1850: سنڌ جي ڪمشنر ۽ فوجي اڳواڻ برگيڊيئر جنرل وچ ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڪئنٽومينٽ جي قيام ۽ ايراضئ بابت لکپڙھ ٿي 26.4.1914: انگريزن جي حڪومت کان ماڻهن کي وڏو ڊپ هوندو هو. پر ڪي شاهينگ هن فيل مست حڪومت کي به ڪونه بخشيندا هئا. قمبر مان سرڪار جا ٻه ڏاند چوري ٿي ويا. هڪ جي قيمت 60 روپيا هئي ۽ ٻئي جي قيمت 80 روپيا هئي. پوليس هڻي هنڌ ڪيو, پر چور پڪڙي نه سگهيا. ياد رهي ته ڪن شهرن ۾ نار هلائي شهرين کي پاڻئ ڏيڻ لاء ڏاند هلائبا هئا. 26.4.1920: گانڌي سنڌ جي دوري ڪرڻ لاء ڪراچئ پهتو. هو ان کان پوء به ڪيترا دفعا سنڌ ۾ آيو. هو سنڌي هندن لاء ”روحاني سياستدان" جي حيثيت رکندو هو. گانڌئ سنڌ جي مسئلن, خاص ڪري حر تحريڪ ۽ مسجد منزل گاه تحريڪ تي پنهنجئ اخبار ۾ گهڻو لکيو. ورهاڱي کان اڳ ڪجھ سنڌي ڪانگريسي وفد ڪري وٽس ويا هئا ته سنڌ کي "هندو سنڌ" ۽ "مسلم سنڌ" ورهايو, جيئن پنجاب ۽ بنگال ورهائيندا. پر گانڌئ اها ڳالھ ڪانه مڃين. 26.4.1937: سر غلام حسين هدايت الله جي صدارت ۾ سنڌ اسيمبلئ جي 24 مسلمان ميمبرن ۽ 12 غير مسلم ميمبرن جي گڏجاڻي ٿي. ان ۾ ”سنڌ اسيمبلي ڊيموڪريٽڪ پارٽي" جوڙي وئي ۽ ان لاء ھن ريت عهديدار چونڊيا ويا: سر غلام حسين هدايت الله (ليڊر), مکي گوبندرام (ڊپٽي ليڊر), مير بنده علي (ڊپٽي ليڊر), محمد ايوب کهڙو (جنرل سيڪريٽري), نھچلداس وزيراڻي (ڊپٽي ليڊر), مير غلام علي ٽالپور (جوائنٽ سيڪريٽري) ۽ سيد ميران محمد شاه ۽ نھچلداس (ٻئي وهپ) 26.4.1952: نڀاڱي نيپيئر کي ڪراچئ جي محل وقوع, دفائي ۽ تجارتي اهميت جي خبر هئي. ان ڪري هن ڪراچئ کي دارالحڪومت بڻايو. پاڪستان جڙيو ته ان کان ٿورو اڳ مسلم ليگ پاڪستان جي دارالحڪومت لاء لاهور, ڍاڪا ۽ ڪراچئ تي سوچي, فيصلو ڪيو ته ڪراچئ کي گادي بڻائبو. ان پٺيان وڏو راز هئ هو ته اقتدار ۾ ويٺل ٻاهران آيل هڪ اڌ سياستدان کي پنهنجي لاء حلقه انتخاب ٺاهٺو هو ۽ ان لاء اتي پناهگير آباد ڪرڻا هئا ته جيئن آسانئ سان ووٽ وٺي سگهجي. جڏهن اهي مقصد حاصل ٿيا ته ملڪ جي گادي اسلام آباد ۾ ٺاهي وئي. ڪراچئ ۾ پناهگير پهتا ۽ سنڌين جي آدم شماري ٿوري اثرانداز ٿي ته ڪراچئ کي ڇني سنڌ کان ڌار ڪرڻ جون ڳالهيون شروع ٿيون. اهڙين حالتن پيدا ڪرڻ ۾ سرڪاري نيتن ۽ سرپرستئ کي وڏو عمل دخل رهيو. اڄ وڏئ سرڪار طرفان اعلان ڪيو ته 28 اپريل کان ڪراچئ جي حيثيت مٽائي ان کي "ڪمشنر جو صوبو" بڻايو ويندو . ان لاء ڊفينس جي جوائنٽ سيڪريٽرئ ابو طالب نقوئ کي ان ڪراچئ جو چيف ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. ÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷ {26 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} ÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷ [جنم ڏينهن:] 26 اپريل 1932ع اسلامي مفڪر، عالم دين ڊاڪٽر اسرار احمد جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 اپريل 1981ع ليکڪا بينظير ملڪاڻي (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 26 اپريل 1945ع بزرگ خليفي غلام محمد (جاتي) جو انتقال ٿيو. 26 اپريل 1960ع مذهبي اسڪالر مولانا سيد امير محمد جو لاڏاڻو ٿيو. 26 اپريل 2012ع شرناءِ نواز فنڪار امام ڏنو فقيرحيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

Wednesday 24 April 2024

SINDH in history today (25th April). Author Dr. Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (25th April) & GOOD DAY WISH. Dr.Pathan wishes you Good Day [Peace and progress become figment of imagination, when people start believing and behaving themselves as supper and saints, and others as common and criminals. It is an strategy to keep hold and control on sources & resources and chances & opportunities by promoting hatred & discrimination, differences & distances. Come on my Dear! Bring better change in our concepts and ideology with your vision & wisdom, love & beauty, please] فتنو فساد ۽ ڏڦيڙ ٿئي تڏھن مانڌاڻ ، ٻین کي ڏوھي پر فرشتو ڄاٹجي پاڻ، غرض لالچ ۽ نفرت ڪرڀ کي ڪجي، روين ۽ لوچن ۽ سوچن جو سرواڻ،‏‎ ‎ جنهن خدمت محبت کي بٹائيو ماڻ، سو نہ اٹڄاڻ سرت سونھن سلام کان ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {25th APRIL} EVENTS: 1918:Weekly ‘Sindh Advocate’ is shifted from Sukkur to Shikarpur and now it will be a bilingual paper in Sindhi and English and Moulchand son of eminent politician and journalist ViromalBegraj will be its new editor. 1936: Gandhi issues a statement on the situation in Rajkot and says that Rajkot seems to have robbed me of my youth. I never knew that I was old. Now I am weighed down by the knowledge of decrepitude. 1943: Members of the Central Legislative Assembly demand that they should be allowed to visits prisons and interview political prisoners so that they could draw attention to the inconveniences and restrictions imposed on them with a view to eliminating them. 1948: Sindh ministry headed by K.B Khuhro is removed by the Governor. The plea is taken that he and his government was involved in corruption and was creating hindrances in rehabilitation of Indian Muslim refugees. 1965: Combined Opposition Parties’ steering committee, with NawabzadaNasrullah in chair, announces that it is working out details of a movement for restoration of freedom and democracy. 1972: President Bhutto promulgates an ordinance for adopting of generic names for allopathic medicine. 1973: Mufti Mahmood demands fresh polls in NWFP and Balochistan. 1991: President Ishaq Khan promulgates an ordinance which paves way for privitisation of shipping sector. 1992: Prof. SibghatullahMujadded –led 50 member council to take over power in Kabul. The meeting is held between Nawaz Sharif and BenonSevan envoy to U.S.Secretary General. 1993: ManzoorWatto is elected leader of the house in Punjab Assembly and takes oath as Chief Minister. 1996: Imran Khan launches new political party ;Tahrik-i-Insaf. ************* 25.4.1918: هفتيوار "سنڌ ايڊووڪيٽ“ جيڪا 1913 کان سکر مان انگريزئ ۾ نڪرندي هئي, اها شڪارپور منتقل ڪئي وئي. اخبار انگريزئ کان سواء سنڌئ ۾ به هوندي هئي. نامياري صحافي ۽ سياستدان ويرومل بيگراج جو پٽ مولچند اخبار جو ايڊيٽر ٿيو. 25.4.1948: محمد ايوب کهڙي تي بدعنوانئ جا الزام هڻي سنڌ جي وڏ-وزارت تان هٽايو ويو. [پاڪستان ٺھڻ کان پوء سنڌ جي صوبائي خودمختيارئ, جاگرافيائئ ۽ سياست تي تڪليفن جا ترت ڏينھن آيا. جڏهن ته سنڌ جي اسيمبلي پهرين ۽ واحد اسيمبلي هئي, جنهن "پاڪستان اسڪيم" جي حمايت ۾ جي.ايم.سيد جي اڳواڻئ ۽ ڪوشش سان ٺاه پاس ڪيو هو] 25.4.1969: ڪراچئ ۽ حيدرآباد وچ ۾ ”سپر هاء وي" ٺھي راس ٿيو. 25.4.1972: پاڪستان ۾ پهريون دفعو سرڪاري طور تي "مئي ڊي" تي موڪل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. 25.4.1973: ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار ۾ آيو ته سرحد (ڪي.پي.ڪي) ۽ بلوچستان صوبن جي حڪومتن سان سندس سياسي هم آھنگئ بدران اختلافي سياست جو آغاز ٿيو ۽ اتي حڪومتن جي ڀنڃ ڊاه شروع ٿي. اڄ مفتي محمود وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بلوچستان ۽ سرحد صوبن ۾ نئين سر چونڊون ڪرايون وڃن. 25.4.1993: پنجاب ۾ نواز شريف جي سياسي پوئلڳ وڏي وزير غلام حيدر وائين خلاف تحريڪ هلي. هن جي جاء تي اڄ منظور احمد وٽو ليڊر آف دي هائوس چونڊيو ويو. 25.4.1996: ڪرڪيٽيئر عمران خان "تحريڪ انصاف" جي نالي سان سياسي پارٽي ٺاهي. *************** {25 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 25 اپريل 1927ع شاعر سيد قادن شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 25 اپريل 1932ع شاعر روپ ڪمار ڪلاڪار (سکر / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 25 اپريل 1933ع اسڪالر شيخ محمد حاجن جو جنم ڏينهن آهي. 25 اپريل 1941ع سماجي ورڪر شيام ستواڻي (سنڌ / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 25 اپريل 1949ع ليکڪ خير محمد ٻرڙو(سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي. 25 اپريل 1965ع صحافي اسحاق سومرو (سڪرنڊ) جو جنم ڏينهن آهي. 25 اپريل 1966ع ليکڪ اعجاز يوسف (دادو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 25 اپريل 1967ع ليکڪ ۽ ناول نگار منظور ٿهيم جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 25 اپريل 1971ع شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار مظهر ابڙو(خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 25 اپريل 1935ع اردو جي ناليواري شاعر ۽ اديب آغا حشر ڪاشميرئ جو انتقال ٿيو. 25 اپريل 1975ع ليکڪ عبدالحق عالماڻي جو انتقال ٿيو. 25 اپريل 1995ع عالم، اديب ۽ قوم پرست سياستدان جي ايم سيد جو لاڏاڻو ٿيو. —

Tuesday 23 April 2024

SINDH in history today (24th April). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (24th April) & GOOD DAY WISH. * Dr.Pathan wishes you Good Day. [ I know that 'Life & love craft' is based upon the principle of 'give & take'. It is essential to surrender life so as to get love, and life must be decorated with sincerity and trust. Otherwise, will not be acceptable. I know that I will take and get as desired by you dear, and not as demanded by me. It is life and it is love] گھران پیو ھر پل سر ساه گھوریان، تو کان گھرڻ ناھي ڪم ڪو آسان، ڀل عشق امن ۽ نینھن ٿين نگھبان، پر تنهنجئ سونھن بنا رهبو نادان, قبولي قرب ڏئي ڪر تون احسان، رهي نہ ارمان سلام سان SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {24th APRIL} EVENTS: 1839: It is British Govt. rule in Sindh and Govt. can do whatever it wants. But, it opted to honour the right of property of people. Lieutenant Leckie directs Colonel Spiller, Commanding at Thatta that if wants to cut timber in Thatta area for any unavoidable reason, he must get permission from concerned property holders. 1938: Khilafat Tahrik was a religious - oriented movement. After the abolution of the Khilafat institute by Turkey, Sindh Khilafatees stood disappointed and hunted for parties having religious touch or slogan. They founded it fit to joinhands with Muslim League. That is why, today, Sindh Khilafat Committee, in its meeting held at Hyderabad, resolves and asks Sindhi Muslims to join Muslim League. 1959: In the event of external threat, Pakistan and India must defend jointly with extending cooperation to each other, suggests Pakistan. 1968: It has been trend and tradition of the Pakistan politics in early days that people working in foreign office were appointed as ministers or prime ministers. Arshad Hussain, Pakistan's High Commissioner in India is appointed as the Foreign Minister of Pakistan, today. 1989: Prime Minister Benazir Bhutto launches Peoples' Program in Peshawar. Akbar Bugti Chief Minister declares to oppose its implantation in Balochistan and terms it amounting to infringing the status of provincial autonomy. 1995: Prime Ministers of Pakistan and Bangladesh agree to repatriate 250000 **** توجه طلب واقعا *************** 24.4.1839: ٺٽي ۽ جهرڪن ۾ فرنگي فوج کي ترسائڻ لاء ڪاٺ جا ڪچا گهر ٺاهڻ جي ضرورت کي محسوس ڪندي, ڏکڻ سنڌ واري فرنگي اسسٽنٽ سفارتڪار ميرن کي لکيو ته ٺٽي جي آس پاس واري ٻيلي مان ٽمبر جا وڻ ڪٽڻ جي اجازت ڏيو. 24.4.1844: انگريزن فريب سان حڪومت قائم ڪئي ته ان کي قائم رکڻ لاء اپر ڪلاس کي جاگيرون يا ٻيو ڪجھ ڏئي پنهنجي ڌر بڻايو ٿرپارڪر ۾ راڻن کي راضي ڪرڻ لاء کين ڪي ڳوٺ ڏيڻ يا ڏوڪڙ ڏيڻ واري حڪمت عملي اختيار ڪئي. گورنر جي پڇڻ تي اڄ حيدرآباد جي ڪليڪٽر خط لکي کيس صلاحون ڏنيون ته عمرڪوٽ جي راڻن کي راضي ڪرڻ لاء ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن. 24.4.1919: چوندا آھن ته "پراوين دهلين احمق نچي". انگريزن جي دور ۾ سنڌ جي اپر ڪلاس ايئن ئي ڪيو ۽ ڏاڍو نچيو. اتحادي ملڪن جنگ ۾ ترڪئ کي شڪست ڏني ته اپر ڪلاس جي ڪيترن ماڻھن کي موقعو مليو ۽ هنن فرنگي سرڪار کي انھئ سوڀ تي مبارڪون ڏنيون. اهي مبارڪون سنڌ جي ڪمشنر معرفت ممبئي سرڪار کي موڪليندا هئا ۽ سرڪار وري اهي سرڪاري گزيٽ ۾ شايع ڪرائيندي هئي. سنڌ مان جن به سرڪار کي مبارڪون ڏنيون, انھن جا نالا گل حيات ۾ محفوظ آھن. اڄوڪئ تاريخ تي جن ماڻھن سرڪار کي ترڪئ کي شڪست ڏيڻ ۽ جنگ ۾ سوڀ ماڻڻ تي مبارڪون ڏنيون, انھن مان سيوهڻ جي راء صاحب جواهر سنگ ۽ نامياري سياستدان ۽ ان وقت جي ڪراچي ميونسپالٽئ جي صدر سيٺ ھرچندراء وشنداس جا نالا ذڪر لائق آھن. 24.4.1938: مولوين ۽ ملن پوک پوکي ۽ اها لڻي وري مسلم ليگين. خلافت تحريڪ سنڌين ۾ انگريز-دشمنئ جو ٻج ڇٽيو ۽ آزادئ جي تڙپ پيدا ڪيو. جڏهن اهو سلو وڌي وڻ ٿيو ته ساڳين ئي عالمن عوام کي صلاح ڏني ته مسلم ليگ ۾ شامل ٿي وڃو. عوام ايئن ئي ڪيو ۽ نتيجي ۾ آزادئ جي تحريڪ پاڪستان ۽ ورهاڱي تحريڪ جو روپ ورتو. اڄ حيدرآباد ۾ سنڌ خلافت ڪميٽئ جو اجلاس ٿيو, ان ۾ ٺھراه پاس ڪيا ويا ته: 1). مسلمان مسلم ليگ ۾ شامل ٿين, 2). مسجد منزل گاه مسلمانن کي موٽائي ڏني وڃي ۽ 3). لنوارئ جي جڙتو حج تي پابندي وڌي وڃي. 24.4.1968: پاڪستان ۾ جهموريت ۽ سياست جي ڀينگ ڪرڻ جا جيڪي نت نوان تجربا ڪيا ويا, انھن مان هڪ اهو به آھي ته سفيرن کي گهرئي وزير يا وزير اعظم بڻايو ويو ۽ انھن کي اهڙي ڪن جن به ڪانه هئي. محمد علي بوگرو آمريڪا ۾ سفير هو, کيس اتان گهرائي ملڪ جو وزير اعظم بڻايو ويو. اڄ انڊيا ۾ پاڪستان جي سفير ارشاد حسين کي گهرائي ملڪ جو پرڏيهي وزير بڻايو ويو. 24.4.1973: مخالف ڌر جي اتحاد "يونائيٽيڊ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ" ڀٽي-حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جي.يو.آء ۽ نئشنل عوامي نئشنل پارٽئ جي ڊاهيل حڪومتن کي بحال ڪريو. 24.4.2003: "عبدالحق عالماڻي يادگار ڪميٽئ" طرفان ڳوٺ سونو خان عالماڻئ ۾ ڪهاڻيڪار عبدالحق عالماڻئ جي 29 ورسي ملهائي وئي. ان ۾ شوڪت شوري, عبدالقادر جوڻيجي ۽ ٻين مرحوم جي فن, فڪر ۽ شخصيت تي روشني وڌي. *************** {24 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 24 اپريل 1890ع مذهبي اسڪالر مولانا مير محمد نورنگي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 اپريل 1899ع هالا سان تعلق رکندڙ سياستدان ۽ بزرگ مخدوم غلام حيدر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 اپريل 1943ع تعليمدان ڊاڪٽر بشير احمد چانڊيو(خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 24 اپريل 1947ع شاعر علينواز ناز تنيو جو جنم ڏينهن آهي. 24 اپريل 1951ع سياستدان سيد محسن شاهه بخاري(ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي. 24 اپريل 1954ع ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار اخلاق انصاري(لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 24 اپريل 1965ع شاعر عاشق امر سيتائي جو جنم ڏينهن آهي. 24 اپريل 1965ع مشهور پوليس عملدار اي ڊي خواجه(ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 24 اپريل 1917ع مذهبي اسڪالر مخدوم الهه بخش کهڙوي جو انتقال ٿيو. 24 اپريل 1901ع مذهبي اسڪالر مخدوم غلام عمر مهيسر جو لاڏاڻو ٿيو. 24 اپريل 1950ع آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪن خداداد خان سرهيو (لاڙڪاڻو) جو انتقال ٿيو. 24 اپريل 2003ع سنڌي ۽ اردو ڊرامن جي مشهور اداڪاره شهزادئ جي وفات ٿي. 24 اپريل 2007ع شاعر راز سروري (باڊهه) لاڏاڻو ڪري ويو. 24 اپريل 2013ع گلوڪاره شمشاد بيگم لاڏاڻو ڪري ويو. Biharis to Pakistan

Monday 22 April 2024

SINDH in history today (23rd April). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (23rd April) & GOOD DAY WISH. *** ***** توجه طلب واقعا *************** 23.4.1832: ڀڄ جي فرنگي سفارتڪار اڄ ڪمپني حڪومت کي لکيو ته ٿر پارڪر جي رحمڪي بازار کي پتوجي واگهيلا ۽ سندس ساٿين ڏينھن ڏٺي جو لٽيو ڦريو آھي. هن پاسي جي کوسن ۽ راڻن ۽ سوڍن وڏي عرصي کان اسان جي ماڻھن ۽ واپارين کي پئي لٽيو آھي ۽ رستي روڪ ڪئي آھي. هن مامري کي ختم ڪرڻ لاء ميرن سان ڳالهايو. 23.4.1835: ميرن پنهنجو ماڻھو ڀڄ موڪلي اتان جي سرڪار کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته فرنگي بهاول خان جي پرڳڻي ۾ پنهنجي لاء قلعو ٿا ٺھرائن. ڪا تدبير ڪريو ته هو قلعو ٺھرائي نه سگهن. 23.4.1910: روهڙئ ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽئ جي شاخ (لاج) کولي وئي. تاراچند ڪيسواڻي انھئ جو پهريون صدر ٿيو. لاج ٽڪرئ تي قائم "پريم ڀون" ۾ کولي وئي. 23.4.1932: انڊين گورنمينٽ جي سيڪريٽري فننانس مسٽر برين جي چيئرمنئ ۾ ”سنڌ سيپريشن ڪانفرنس" جي گڏجاڻين جي شروعات ٿي ته جيئن ڏٺو وڃي ته سنڌ کي جڏهن صوبائي حيثيت ملندي ته مختلف کاتن, ادارن ۽ منصوبن تي سنڌ کي ڪهڙا مالي مسئلا پيش ايندا ۽ ان کي ڪيئن حل ڪيو وڃي. هن ڪانفرنس ۾ مسلمان, هندو, پارسي ۽ ڪرستان شامل ٿيا. [ هن جي آخري گڏجاڻي 17 مئي 1932 تي ٿي هئي. سموري تفصيلي رپورٽ گل حيات ۾ موجود آھي] 23.4.1960: "جنهن پناهگير کي جائداد نه ملي آھي, ان کي ڏوڪڙ ڏينداسين"- هاشم رضا, چيف سيٽلمينٽ ڪمشنر جو اعلان. [ملڪ کي ٺھيئي تيرنھن سالن کان مٿي ٿي ويا, پر پناهگيرن جي آمد ۽ سندن آبادڪارئ لاء کير جون نديون اڃا وهنديون رهيون] 23.4.1965: انڊيا ۽ پاڪستان لاء رڻ ڪڇ جنگ جو ميدان بڻجي ويو. 23.4.1995: پاڪستان بنگلاديش کي يقين ڏياريو ته 25 لک بهاري بنگلاديش مان گهرائي وٺنداسين. 23.4.1996: سرڪار اڄ سينيٽ کي ٻڌايو ته رينجرس کي دائمي طور تي سنڌ ۾ رکيو ويندو. *************** {23 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 23 اپريل 1860ع شاعر هدايت علي تارڪ (لالو رائنڪ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 اپريل 1915ع شاعر احمد خان اخترجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 اپريل 1951ع ليکڪ سيف مورائي جو جنم ڏينهن آهي. 23 اپريل 1956ع سگهڙ حافظ علي گل ٻرڙو جو جنم ڏينهن آهي. 23 اپريل 1956ع شاعر جان محمد جان جو جنم ڏينهن آهي. 23 اپريل 1965ع ليکڪ ۽ صحافي زرار پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي. 23 اپريل 1973ع شاعر الستي چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 23 اپريل 1616ع انگريز شاعر، ڊراما نگار ۽ مصنف وليم شيڪسپيئر جو انتقال ٿيو. 23 اپريل 1850ع فطرت جي شاعر طور سڃاتو ويندڙ مشهورانگريز شاعر وليم ورڊس ورٿ جو انتقال ٿيو. 23 اپريل 1966ع برک سنگيتڪار ۽ گويي استاد بڙي غلام علي خان جو انتقال ٿيو. 23 اپريل 1991ع شاعر ارشد هالائي لاڏاڻو ڪري ويو. 23 اپريل 1999ع ليکڪ ڪيهر شوڪت(آگاڻي) لاڏاڻو ڪري ويو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [I am illiterate in life-craft. Now It is riddle for me. Its beautiful colours consisting of sorrows & happiness, love & beauty and vision & wisdom have lost attraction & meaning for me. That is why I am knocking every door as wandering Soul] مان ۽ ھئ منهنجي زندگي، ڳجھ ۽ ڳوڙھي ڳجھارت، سرت سکن دکن سچ جي، نہ محبت يا مھارت، ان لاء توکي پنھنجي پارت، پیو ڪریان سلام سان. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {23rd APRIL} EVENTS: 1832: British Acting Resident at Bhooj writes that Pittoojee Waghela has plundered Rahim Ki Bazar and on his report Sindh Government is moved to exert themselves to apprehend the free-booter. 1835: The Sindh Government shows its concern on the decision of the British Government to build the fortress in Bahawal Khan’s territory. 1932: Sindh Separation Conference starts in Karachi. It is headed by the Financial Secretary to the Government of India. It takes matters relating to separation of Sindh from Bombay Presidency. 1939: The Working Committee of the Sindh Muslim League meets at Karachi with Seth Haji Abdullah Haroon. 1947: There is a sudden flare-up of communal trouble in Calcutta. Seven persons are killed and 31 others injured. The curfew is imposed in the city. 1956: Muslim League expels its members of West Pakistan Assembly for siding Dr.Khan Sahib, who formed his own party ‘Republican Party’. 1965: Indian and Pakistani troops fight a major battle in Rann of Kutch. President Ayub and Z.A.Bhutto discuss the situation arising out of India’s warlike activities and postponement of President’s U.S.A visit. 1972: Maximum selling of land hold is reduced from 15000 produce index units to 12000 units. 1996: The Senate is told that Rangers will remain posted permanently in Sindh.

Sunday 21 April 2024

SINDH in history today (22nd April). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

Dr. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (22nd April) & GOOD DAY FOR YOU. **** توجه طلب واقعا *************** 22.4.1832: پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي مراسلو موڪلي ٻڌايو ته اسان جي ماڻھن ۽ واپارين کي ٿر ۽ پارڪر ۾ ڦريندڙن ۽ رستا روڪ ڪندڙن خلاف مير مراد علي خان حيدرآبادئ سخت قدم کنيا آھن ۽ اسان جو ڏوهي اسماعيل خان اسان جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. اهو قيدي هن وقت لکپت ۾ آھي ۽ اوهان ڪئپٽن رابرٽ کي موڪليو ته قيدي اسماعيل خان سندس حوالي ٿئي. [مير حڪمرانن پنهنجي ماڻھن کي پاڻ سزا ڏيڻ بدران فرنگين جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو !!!!] 22.4.1838: پاٽينجر, منشي ڄيٺانند کي مير شير محمد خان ڏي ميرپور خاص موڪليو ته جيئن هن کي قائل ڪري مڃرائي سگهي ته ڪمپني حڪومت هن سان الڳ معاهدو ڪري. [فرنگين اها چال چلي ته ايئن ميرن سان الڳ الڳ معاهدا ڪري, کين هڪ ٻئي کان ڪٽي ڌار ڪجي. ۽ هو ان ۾ ڪامياب ويا] 22.4.1843: ڪمپني حڪومت سنڌ جي گورنر نيپيئر کي "غلامن جي واپار" تي ڪڙي نظر رکڻ جي هدايت ڪندي حڪم ڏنو ته ممبئي سرڪار جي سرڪيولر نمبر 1841 مورخه 3 جولاء 1841 مطابق "غلامن جي آمدني واپار" تي بندش وجھ. 22.4.1916: سنڌ پراونشل ڪانفرس, جيڪا ڪالھ لاڙڪاڻي ۾ شروع ٿي هئي, اڄ اها ٻيو ڏينھن هلي پوري ٿي. ڪانفرنس جي صدارت رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ ڪئي. ان جو مڪمل احوال گل حيات جي ويب تي موجود آھي. منھنجي پٽ ممتاز علئ به هن ڪانفرنس تي مختصر مگر جامع پوسٽنگ لکي انٽرنيٽ گروپن تي شيئر ڪئي آھي. 22.4.1922: ٺلاه وارو پير مٺل شاه راشدي (صدر خلافت ڪميٽي) ۽ محمد صادق (سيڪريٽري) انڊين پينل ڪوڊ جي قلم 108 هيٺ پڪڙيا ويا. ياد رهي ته ٻنھي تي ڪيس هليو ۽ ٻنھي کي جيل جي سزا آئي. 22.4.1935: آل انڊيا مسلم ليگ ڪراچئ ۾ عبدالقيوم جي تدفين ڪرڻ لاء ڪڍيل جلوس تي پوليس طرفان گولي هلائي ڪيترا ماڻھون مارڻ واري واقعي تي احتجاجي بيان جاري ڪيو, جيڪو "ڊيلي گزيٽ" اخبار واري اڄوڪي پرچي ۾ صفحي 6 تي شايع ٿيو. عبدالقيوم نٿورام کي ڪيس هلندي ڪورٽ ۾ ماريو هو. نٿورام ڪتاب ترجمو ڪري ڇپرايو, جنهن ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ گستاخي ڪيل هئي. اهو ڪتاب پهريون پنجاب ۾ ڇپيو هو ۽ ليکڪ تي ڪيس هليو هو ۽ ڪورٽ کيس آزاد ڪيو هو. 22.4.1938: شڪارپور ۾ سيد عطا الله شاه بخارئ امرتسرئ جي صدارت ۾ ”چوٿين سنڌ مسلم ڪانفرنس" ٿي. هن ڪانفرنس ۾ 18 ٺھراء پاس ڪيا ويا, جن مان ڪي هئا: فلسطيني عربن سان همدردي, ديسي مال واپرائڻ, ڪرمنل ٽرائيبس ائڪٽ ختم ڪرڻ, فرنٽيئر ريگيوليشن ائڪٽ رد ڪرڻ, اسڪولن ۾ مذھبي تعليم لازمي ڪرڻ ۽ رشوت ۽ شراب بند ڪرڻ وغيره. 22.4.1939: ڪراچئ ۾ ”سنڌ پراونشل مسلم ليگ" جي ورڪنگ ڪميٽئ جي سيٺ حاجي عبدالله هارون جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي. هن گڏجاڻئ ۾ مسلم ليگ کي سنڌ ۾ فعال ۽ مقبول بنائڻ لاء ڪيترا فيصلا ڪيا ويا. 22.4.1954: وڏي سرڪار فيصلو ڪيو ته اردو ۽ بنگالي, ٻئي قومي ٻوليون ٿينديون. ڪراچئ ۾ بنگالئ کي قومي ٻولي بنائڻ وارئ ڳالھ تي شديد ردعمل ٿيو ۽ وڳوڙ ٿيا. [اسان وارا سياستدان ۽ اديب رلهي پائي ستا رهيا ۽ پنهنجئ ٻولئ جي حيثيت مڃرائڻ لاء ڪا ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍيائون] 22.4.1977: ڀٽي جي مخالفن ملڪ ۾ گنڀير وڳوڙي حالتون پيدا ڪري وڌيون, ان ڪري ڪراچئ, لاهور,حيدرآباد ۽ راولپنڊئ ۾ مارشل لا لڳايو ويو. 22.4.1978: سنڌ جي سابق وزير بشير احمد شاه کي چونڊن وڙھڻ کان نااهل ڪيو ويو. *************** {22 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 22 اپريل 1927ع مذهبي اسڪالر پير فضل الحق (جهنڊو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 اپريل 1941ع شاعر عبدالحق عابد جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 اپريل 1974ع ليکڪ وقار حنيف ملاح جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 22 اپريل 1788ع بزرگ مخدوم سخي هارون لاڏاڻو ڪري ويو. 22 اپريل 1902ع شاعر ميان نور محمد پيرزادو لاڏاڻو ڪري ويو. 22 اپريل 1957ع غلام صديق عيساڻي انتقال ڪري ويو. 22 اپريل 1973ع شاعر عابد عاقلي لاڏاڻو ڪري ويو. 22 اپريل 2007ع استاد ۽ تعليمي ماهر احمد خان هيسباڻي لاڏاڻو ڪري ويو. 22 اپريل 2008ع اسٽيج اداڪار، صداڪرا ۽ هدايتڪار محمد صديق پرهياڙ جو انتقال ٿيو. 22 اپريل 2011ع اداڪار ۽ اسٽيج ڪمپيئر معين اختر وفات ڪري ويو. 22 اپريل 2012ع تي گلوڪار ماسٽر منظور جو سندس ئي گهر مان گولي لڳل لاش مليو. Dr. Pathan wishes you Good Day. [ If you are not accepted alog with your all colors, create new world for you full of love and beauty. If nobody can fall in love, fall in love with your Self. Don't wait for anybody for long-time, go ahead in search of love & beauty, vision & wisdom and truth & peace. Don't accept that you should be accepted as desired by others, see, what is required by your heart, soul and instincts. Always pray and preach it without limitations.] مصور جي آھين تہ وري ڪا نئين تصوير بڻاء ، سونهن ۽ سرت لاء وري پيرن ۾ گهنگهرو پاء.، دل نہ لڳائي ڪو اگر دلبر.، پاڻ سان دل لڳاء، واٽ تي ويھ نہ منتظر، اڳتي هل وک ڪا وڌاء، سمجهيو نہ وڃين هتي، تہ پاڻ کي سمجهاء، گيت محبت ۽ دعائن سلامن جا تون پيو ٻڌاء ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {22nd APRIL} EVENTS: 1832: Colonel Pottenger informs his Government that Mir Murad Ali Khan of Hyderabad has agreed to hand over British Government some of the chiefs of Parkar and traitor Ismail Khan and Captain Robret may be directed to proceed to Lakhpat to receive the prisoners. This may be kept in mind that Khosas and other chiefs of Parkar were doubtful about the presence of British people in Sindh. Hence they were creating problems for them. Some of them involved themselves in robbery and other criminal acts. Whenever freedom/defence movement stands involved in crimes, it provides opportunity to anti-freedom elements to take drastic action. Same situation occurred on the East-South of Sindh also. 1838: Colonel Pottenger is directed by his Government to apprise Mirs and Sindh Government of view of the British Government that it is surprised and concerned to hear that Mirs of Sindh had submitted themselves to the court of Persia. 1916: The Sindh Provincial Conference, that started two days ago at Larkano, comes to end. It was presided over by Rais Ghulam Muhammad Bhurgri. 1922: Pir Mithal Shah Rashdi of Thullah (President) and Muhammad Sadiq (Secretary) of Larkano District Khilafat Committee, arrested under Section 108 Indian Penal Code are produced before the court of the District Magistrate Larkano. 1935: All-India Muslim League protests on the terrible event of police firing resulting killing of so many Muslims in Karachi. 1938: Syed Attaullah Shah Amratsri presides over ‘4th Sindh Azad Conference’ at Shikarpur. It is attended by most of Sindhi Muslim politicians to advocate their case for the separation of Sindh from Bombay Presidency. The Conference ended with adopting 18 resolution on important subjects like, Separation of Sindh, demand for withdrawal of Criminal Tribes Act and Frontier Regulation Act, compulsory teaching of Religious education in schools, usage of local made products, imposing ban on wine and political support to Palestinians.1972: Emergency to continue. President Z.A.Bhutto issues an order suspending the right to move any court for enforcement of the fundamental rights provided in the constitution. 1977: Martial law is imposed in Karachi, Lahore and Hyderabad and Rawalpindi. Newsmen observe token strike. 1996: Kazi Hussain Ahmad begins mediation in Afghan conflict. After 18 years, now in our times another JI chief is busy in mediation so as to bring Talbans and Government near and dear to each other.

Saturday 20 April 2024

SINDH in history today (21st April). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

Dr. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (21st April) ** ***** توجه طلب واقعا *************** 21.4.1836: پاٽينجر اڄ خط لکي پنهنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته پتو پيو آھي ته سنڌ ڪي يورپي ماڻهون به رهن ٿا. ان بابت مير نور محمد پنھنجي هڪ خط ۾ ويچار ونڊيا آھن. [ياد رهي ته فرنگين کي شڪ هوندو هو ته سنڌ ۾ جيڪو به پرڏيهي رهي ٿو, اهو ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي مفاد ۾ نه ھوندو] 21.4.1912: انگريزن سنڌي هندوء ۽ مسلمان وچ ۾ مذھبي ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ لاء ديني ۽ ڌرمي تنظيمن کي استعمال ڪيو. اهي مٿي تي هٿ رکي ويهي مزو ڏسندا هئا ۽ هندو مسلمان پاڻ ۾ وڙھي ناڙ ٿيندا هئا. ڪراچئ ۾ ھفتن جا هفتا مناظر ٿيو ته "لاش پورجي يا ساڙجي". انھئ ۾ ڪيترن ھندن, مسلمانن ۽ ڪرستانن حصو ورتو. مناظري جو بندوبست "آريا ينگ مينس ائسوسيئيشن" ڪيو. 21.4.1916: ”ٽين سنڌ پراونشل ڪانفرنس" رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ جي صدارت ۾ لاڙڪاڻي ۾ شروع ٿي. لالچند نولراء ھن ڪانفرنس جي آڌرڀاء ڪميٽئ جو صدر هو. اعلان ڪيو ويو ته ٻئي ڏينھن ڪانفرنس جي ڪاروائي سنڌئ ۾ هلائبي. صدر جي تقرير کان پوء "سبجيڪٽ ڪميٽي" ٺاهي, شام جو پنجين وڳي پهرين ڏينھن جي ڪاروائي پوري ڪئي وئي. 21.4.1919: "روولٽ ائڪٽ" خلاف رد عمل ڏيکارڻ تي سنڌ ۾ وڏي پئماني تي گرفتاريون ڪيون ويون. 21.4.1934: ڪراچئ ۾ ”سنڌ هندو ڪانفرنس" ٿي هئي, جنهن ۾ سنڌ کي ممبئئ کان الڳ نه ڪرڻ جا ٺھراء پاس ڪيا ويا هئا. اڄ مسلمان سياستدان حيدرآباد ۾ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس" جي "ورڪنگ ڪميٽئ" جي گڏجاڻي سڏائي هندن طرفان اٿاريل اعتراضن جا جواب تيار ڪيا. [هندو توڙي مسلمان سياستدان گڏ ويهي سمجهڻ سمجهائڻ ۽ مسئلي جي حل ڪڍڻ بدران الڳ الڳ گڏجاڻيون ۽ ڪانفرنسون ڪري ماحول بگاڙڻ ۽ بدلائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.] 21.4.1966: سنڌ يونيورسٽئ فيصلو ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽي کي لا ۾ پي ايڇ.ڊئ جي اعزازي ڊگري ڏني وڃي. 21.4.1966: تحريڪ آزادئ جي بي لوث سپاهئ ۽ 1938 ۾ مسلمانن لاء الڳ ملڪ جي ڳالھ ڪندڙ شيخ عبدالمجيد سنڌئ کي گرفتار ڪيو ويو. 21.4.1968: سوويٽ يونئن جي وزير اعظم چيو ته ڪنهن کي ٽياڪڙ بنائڻ بدران پاڪستان ۽ انڊيا پاڻ پنهنجا مسئلا حل ڪن. پاڪستان کي اسٽيل مل ٺاهڻ ۽ نيوڪلر جي شعبي ۾ مدد ڪبي. 21.4.1972: 3 سالن ۽ 26 ڏينھن کان پوء مارشل لا ختم. ڀٽي عارضي آئين جي توثيق ڪئي ۽ راولپنڊئ ۾ ماڻھن جي هجوم ۾ وزير اعظم جي عهدي جو چيف جسٽس حمودالرحمان هٿان حلف کنيو. 21.4.1993: سنڌي لئنگويج اٿارٽئ طرفان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي صدارت ۾ جيڪب آباد ۾ سنڌي ٻولئ جي تعليم بابت سيمينار ٿيو ۽ ان ۾ 28 استادن/استادياڻين پنهنجا ويچار ونڊيا. آخر ۾ سفارشون ڏنيون ويون ته: * پهريون اکر پڙھائجن ۽ پوء لفظ, * هجي جو باب لازمي پڙھائجي, * پٽئ جي استعمال کي وري رائج ڪجي. 21.4.1994: اڳوڻي آرمي چيف سچي ڪئي ته 1990 وارين چونڊن ۾ مهراڻ بئنڪ وارا ڏوڪڙ ڪم آندا ويا هئا ۽ اها سابق صدر اسحاق ۽ سابق وزير اعظم نواز شريف کي ڄاڻ ھئي. *************** {ڏينهن 21 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 21 اپريل 1923ع شاعر مرزا اجمل بيگ(ٽنڊو ٺوڙهو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 اپريل 1923ع شاعر نجف علي ڪمتر نقوي جو جنم ڏينهن آهي. 21 اپريل 1924ع صحافي آتما رام لعلواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 اپريل 1937ع سياستدان عبدالخالق شيخ (ٿريچاڻي) جو جنم ڏينهن آهي. 21 اپريل 1941ع ليکڪ وشنو ڀاٽيا(ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 21 اپريل 1966ع ليکڪ امداد لاشاري جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 21 اپريل 1787ع مذهبي اسڪالر مخدوم محمد مبارڪ مهيسر جو لاڏاڻو ٿيو. 21 اپريل 1935ع ليکڪ ڪشن سنگه لولا ديهانت ڪري ويو. 21 اپريل 1938ع شاعرِ مشرق علامه اقبال جو انتقال ٿيو. 21 اپريل 1986ع تعليمدان غلام رضا ڀٽو(هالا) جو انتقال ٿيو. 21 اپريل 1987ع شاعر لونگ خان لائق جو انتقال ٿيو. 21 اپريل 1990ع ليکڪ سرير پهنور (ميهڙ) جو انتقال ٿيو. 21 اپريل 2004ع سياسي ۽ سماجي ڪارڪن ڪامريڊ رشيد احمد انڍڙ جو انتقال ٿيو. 21 اپريل 2007ع محقق، سائنسدان ۽ اسڪالر ايم ايڇ پهنورجو انتقال ٿيو. 21 اپريل 2009ع گلوڪاره اقبال بانوجو انتقال ٿيو. 21 اپريل 2011ع باکڙي موري ويجهو سنڌ جي سپوتن شهيد سرائي قربان کهاوڙ ، روپلي چولياڻي ۽ نورالله تنيي کي گوليون هڻڻ بعد جيئرو ساڙي شهيد ڪيو ويو. GOOD DAY FOR YOU. * [My Dear is not with me because, she/he has noticed that I am not with my self. I am not, what really I am. For seeing dear very near, it is essential that one should find self, but always remain selfless. Love & bloved is to be projected with sincerity & sacrifice. It is must to abide by human values and to get rid of ego, hatred and discrimination. I am on way towards heart of my dear as soul of dear is anxiously waiting for me ] پاڻ جو نہ آھیان آئون تان 'پاڻ' سان، ان لاء نہ مان پرين سان نہ پرين ساڻ, ‏'تون هي تون' جو ويو ورد جي وسري, پوء سونهن ۽ سرت ڪيئن ٿين سرواڻ؟ ; 'مان' ۽ 'مان' جي وئي بدبوء وڪوڙي ، پوء تہ انا ۽ نفرت جو ٿيو من ۾ مانڌاڻ, عشق اگر اڳواڻ, تہ اچي ريت پريت جي ************* 2). SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {21st APRIL} EVENTS: 1836: Colonel Pottenger forwards to his Govt. the copy of letter sent by Mir Noor Muhammad Khan Talpurdisapproving the request of Govt. of India for allowing some Europeans to sation in Sindh permanently.1916: 3rd Annual Sindh Provincial Conference starts at Larkano with Ghulam Muhammad Bhurgri as its president. Details of all three days proceedings can be read on Gul Hayat Institute's website. The important development was that proceedings were conducted in Sindhi. 1919: Large scale raids by police start at midnight in Karachi, Hyderabad, Sukkur and other cities on offices of political parties and Newspapers.G.M.Bhurgri's office remained main target. Jethmal Parsram, H.D.Mariwalla, Narsinglal, Mukhi Jethanand, Dr.Choithram, Shaikh Abdul Majeed and Durgdas Advani are arrested. 1934: The meeting of the Working Committee of the Sindh Azad Conference is held at Karachi to discuss the political strategy regarding facing and responding Hindu Sabha's anti - Sindh Separation movement. In the evening Poetic sitting (Mushaira) is arranged by the Sindhi Sudhar Society with Mir Ayub Khan in chair. 1972: Martial Law is lifted, constitutional rule is restored after 3 years and 26 days. Z.A.Bhutto authenticates interim constitution and takes oath of his office at a mass rally in Rawalpindi. Cheif Justice Hamoodu Rahman administers the oath.1994: Mehran Bank money was spent in 1990 election. Former President Ishaq Khan and former Prime Minister Nawaz Sharif were kept informed, says former army chief Aslam Beg. *************3). What Peoples say about Gul Hayat. INTERNATIONAAL InSTITUUT VOOR SOCIALE GESCHIEDENIS INTERNATIONAL INSTITUTE OF SOCIAL HISTORY INTERNATIONALES INSTITUT FUR SOZIAL GESCHICHTE INSTITUT INTERNATIONAL D’HISTOIRE SOCIALE Dr Dur Mohammad Pathan, Gul Hayat Institute, Vill: Khair Muhammad Arija, District: Larkana, Sindh, PAKISTAN Amsterdam, Our ref.: 7 September 1998 Your ref.: Dear Dr Pathan, Having reported on my visit to the Gul Hayat Institute, I can confirm that the International Institute of social History (IISH) has been impressed by the considerable efforts made by the Gul Hayat Institute (GHI) over the past eight years in preserving valuable historical material on Sindh society. IISH realizes that you and your family have sacrificed much for the realization of this archive in the village of Khair Muhammad Arija. IISH considers it important that such work should be facilitated in the future. In this spirit, we would like to suggest that GHI and IISH be affiliated to each other. The purpose of this affiliation is to help ensure that material on the history of Sindh and other parts of Pakistan be conserved for future generations. IISH is looking forward to co-operation with GHI in the exchange of information and in other ways that may be of mutual benefit. We trust that this affiliation will lead to a strengthening of the GHI as well as to more scholarly interest in the history of Sindh at the IISH. To this end, we invite you, Dr dur Mohammad Pathan, in your personal capacity as well as in that of Director of the Gul Hayat Institute, to initiate this new co-operation between our Institutes in Sindh. Your Sincerely, Pro. Willem van Schendel Asia Department Cruquiusweg 31 – NL-1019 AT AMSTERDAM – Tel 31-20-6685866 – Fax 31-20-6654181 ABN – AMRO Bank 41.13.90.805 – Postgiro 4740245 ………………

Friday 19 April 2024

SINDH in history today (20th April). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

Dr. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (20th April) & GOOD DAY FOR YOU. **** *** توجه طلب واقعا *************** 20.4.1832: اڄ ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت ۽ حيدرآباد جي حڪمران مير مراد علي خان وچ ۾ معاهدو ٿيو, جنهن جون خاص شقون هي آھن: 1). دوستي نسل در نسل رهندي, 2). ٻئي رياستون هڪ ٻئي جي ڪم ۽ علاقي ۾ مداخلت نه ڪنديون,3). ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت سنڌوندئ کي فوجي مقصدن لاء استعمال نه ڪندي, 4). سنڌ ۾ فرنگي يا انھن جا واپاري ايندا ته ڪمپني حڪومت کين پاسپورٽ ڏيندي, 5). مير واپاري سامان تي محصول هڻڻ ۾ آزاد هوندا. 20.4.1838: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت اڄ ڪرنل پاٽينجر کي ريزيڊنٽ ان سنڌ مقرر ڪيو ۽ هن وٽ ڪڇ وارو عهدو به برقرار رکيو. ڪئپٽن ميل ول کي سنڌ ۾ سندس نائب مقرر ڪيو. کيس هدايت ڏني وئي ته هو حيدرآباد وڃي پنهنجي اسسٽنٽ کي سفارتڪارئ جا ڪم سمجهائي پوء پاڻ ڪڇ موٽي وڃي. 20.4.1838: پاٽينجر جي معرفت ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت ۽ مير نور محمد, مير نصير محمد سان معاهدو ڪيو ۽ ان مطابق طئي ٿيو ته فرنگين جو سفارتڪار حيدرآباد ۾ رهندو ۽ ٻنھي رياستن جي دوستئ ۾ چار چنڊ لڳايا ويندا. 20.4.1843: سنڌ جي گورنر چارلس نيپيئر اڄ سنڌ تي قبضي کي برقرار رکڻ ۽ اوچتي اندروني خواه بيروني خطري کي منھن ڏيڻ لاء پنھنجي منصوبه بندي تيار ڪري اطلاع ۽ اجازت لاء ڪمپني حڪومت کي موڪلي ڏني. اڄ نيپيئر ڪمپني حڪومت کي اهو به ٻڌايو ته هن سنڌ ۾ ڪئنالن جي صفائئ جو ڪم شروع ڪرايو آھي, جنهن تي 150000 روپيا خرچ ايندو ۽ ان جي منظوري ڏيو. هن اهو به لکيو ته ڪاردار هن ڪم جي ڀينگ ڪندا ۽ رشوت وٺي آب پاشئ جو پاڻي وڪرو ڪندا يا چوري ڪرائيندا. ان لاء سب-ڪليڪٽر مقرر ڪرڻا پوندا. 20.4.1850: ممبئي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي تاڪيد ڪيو ته ڪراچئ ۽ ٺٽي ۽ انهن جي وچ تي مسافرن جا بنگلا ٺھرايو ته جيئن اسان جي واپاري برادرئ کي رهڻ يا سفر ڪرڻ ۾ ڪا تڪليف ڏسڻي نه پئي ۽ اهي جيئن سنڌ مان ڪچو مال آسانئ سان وٺي سگهن ۽ اسان جي مال جو وڪرو ڪري سگهن. کيس اها به پارت ڪئي وئي ته ڪراچئ ۾ سينيٽوريم به ٺھرايو. 20.4.1921: لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي 50 زيندارن جي ڪانفرنس ٿي, جنهن جي صدارت رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ ڪئي. انھئ موقعي تي "سنڌ زميندارس ائسوسيئيشن" جوڙي وئي. ان لاء ڀرڳڙئ کي صدر ۽ مٿراداس کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 20.4.1955: پاڪستان جي گورنر جنرل فيڊرل ڪورٽ ۾ رفرنس داخل ڪري پڇيو ته ڇا هن کي اختيار آھي ته آئين سازئ لاء ھو ڪنوينشن سڏائي ڪم هلائي. [هن اختيار وٺڻ جي نيت اها هئي ته اڪيلو ماڻھو جيئن چاهي تيئن پنهنجي مرضئ سان آئين سازئ جي عمل تي اثرانداز ٿي سگهي. ياد رهي ته کيس اهو اختيار ڏنو ويو] 20.4.1973: پاڪستان کي انڊيا ٻڌايو ته اوهان جا 47 جنگي قيدي هتي جيلن ۾ مري چڪا آھن ۽ 159 کي سزا ڏني وئي آھي. 20.4.1989: نواب شاه ۾ ٿيل سنڌي-مهاجر خوني جهيڙي ۾ 5 بيگناه مري ويا. فوج کي امن امان قائم ڪرڻ لاء گهرايو ويو. 20.4.1991: نئشنل فنانس ڪميشن ايوارڊ جو اعلان ڪيو ويو, جنهن مطابق پنجاب کي 57.88 سيڪڙو, سنڌ کي 23.28 سيڪڙو, سرحد کي 13.54 سيڪڙو ۽ بلوچستان کي 5.30 سيڪڙو حصو ملندو. *************** {20 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 20 اپريل 1920ع شاعر ساغر سيتائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 اپريل 1938ع انجنيئر برڪت علي چوهاڻجو جنم ڏينهن آهي. 20 اپريل 1948ع شاعر موهن ديپ (آگره) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 اپريل 1957ع راڳ جي راڻي عابده پروينجو جنم ڏينهن آهي. 20 اپريل 1960ع صحافي ايم عثمان ڪنڀر جو جنم ڏينهن آهي. 20 اپريل 1966ع شاعر ڊاڪٽر مشتاق ڦل(ٽالپر وڏا / خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 20 اپريل 1932ع مذهبي اسڪالر مولوي عبدالله بنگلديرائي جو لاڏاڻو ٿيو. 20 اپريل 1974ع پاڪستان جو پهريون آمر حڪمران جنرل ايوب مري ويو.ڪ 20 اپريل 1976ع اسڪالر ۽ تعليمدان لال سنگ اجواڻي جو انتقال ٿيو. 20 اپريل 1986ع ترقي پسند اديب ۽ صحافي سبطِ حسن جو انتقال ٿيو. Dr.Pathan wishes you Good Day [You cannot please those, who are born to hurt hearts and to violate human-values. If you are nice & noble and doing ,, noble job, they have to and will create problems and hindrances for you. It is human history: people have always give tough time to humble, sincere and committed segment of their society. Dear! Be, what you are, and do, what is in interest of all] ڇڏي مڃڻ مڃائڻ جي اجائي ریت، جانب تون تان منزل لاء ڪر جاکوڙ، جو چاھیندء سو سمجهي نڀائیندء، باقي پارائيندء ٻيا بي سبب پنجوڙ، جت ھوندا ماٹھن بدران پاڇا کوڙ، ٻڌي هل اتي موڙ, سونھن سلام جا. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {20th APRIL} EVENTS: 1843: Charles Napier reports to Government of India about his arrangements and intentions with respect to the mode of occupying and managing Sindh. 1856: The Sindh Commissioner requests and recommends the Bombay Government that reduction be made in Baluch Regiment in Sindh. 1921: A meeting of Zamindars of Sindh is held at Larkano with Rais Ghulam Muhammad Bhurgri in Chair. It is attended by nearly hundred landlords all over from length and breadth of Sindh and some of them are Fatih Muhammad Khan, K.B.Shahnawaz Khan; Dur Muhammad Khan; Jam F.K.Bhambho Khan; Madhodas of Sukkur; Jan Muhammad Junijo; Sirai Shah Muhammad Lahori; Ali Gohar Khan Bhutto; DhaniBuxJatoi; Choharmal of Larkano; DiwanHimathsing; Rais Shamisuddin Bulbil and Mathradas of Hyderabad. On this occasion ‘Sindh Zamindars Association’ is formed and Rais Ghulam Muhammad Bhugri and Mathradas are elected president and secretary respectively. 1936: English classes at Hyder Chandio of Taluka Mirokhan are closed due to shortage of students. It was required that there should be at least 15 students to run the classes. 1946: 7th All Sindh Adabi Conference starts at Larkano with Dr.Daudpoto in chair. Mian Ghulam Abbas Qadri acted as the chairman of the Reception Committee, whereas Abdul Fatah Memon was the secretary. 1954: The Working Committee of the Pakistan Muslim League endorses the recommendation of the Central Parliamentary Party that Central and Provincial Ministers should not hold offices in the Muslim League organization.1955: The Second reference made by the Governor-General of Pakistan to seek advice of the Federal court on the dissolution of the Constituent Assembly and the competence of proposed Constitution Convention to make the constitution of Pakistan, is admitted by the Federal court. 1973: Forty-seven Pakistani POWs have died in Indian camps, 159 punished, Defense Minister of India tells Indian Parliament. 1978: Politicians and political parties are divided on the subject of national government. PNA intends to accept offer, whereas other parties such as NDP want elections on party basis. 1989: Five killed in Nawabshah ethnic clashes. Army is called in. 1991: NFC Award is announced by the Nawaz Sharif Government. Punjab will get 57.88 %, Sindh 23.28 %, NWFP 13.54 % and Balochistan 5.30 %. 1993: 137 MPAs of the PLM Parliamentary party in Punjab Assembly elect Mian Manzoor Watto as their new leader of the house. The incumbent Chief Minister Ghulam Hyder Wyne is asked to tender resignation.

Thursday 18 April 2024

SINDH in history today (19th April). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER, GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (19th April) & MY GOOD DAY WISH FOR YOU. Dr.Pathan wishes you Good Day. [Our status & importance is because of sincerity, sacrifice and positive role & response of others. Beauty & peace are available for us, because of their cooperation & kindness. Hence, everybody deserves our love & respect without any condition. We have been receiving, taking and getting a lot. Hence, In the greater interest of ourselves and betterment of society, we must care about others, their desires & demands and needs & aspirations] ڪم اچن ۽ اينديون اسان کي، ڪنھن نہ ڪنھن جون قربانیون، محبتون محنتون نسبتون تن جون، آڻن اسان لاء سدا آسانیون، شل اسان ایئن نہ ڪڏھن ڀائیون، تہ آھي سونھن سلام سواء.‏‎ ‎ *********** ******** 19.4.1851: سنڌ جي ڪمشنر ممبئي سرڪار کي لکيو ته ڪراچي ڪليڪٽوريٽ ۾ ”ڪنزرونسي بورڊ“ ٺاهڻ جي اجازت ڏيو. ياد رهي ته سنڌ ۾ ميونسپالٽين قائم ڪرڻ کان اڳ "ڪنزروينسي بورڊ“ ٺاهيا ويا هئا. ڇو ته سنڌ ۾ مڪاني ادارن وارو قائدو لاڳو ٿيل نه هو. ڪنزروينسي بورڊ تي ميمبر سرڪار ٿاڦيندي هئي ۽ اهي چونڊ ذريعي ڪونه ايندا هئا. 19.4.1854: صوبائي سرڪار اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته ڪراچئ ۾ استادن جي تربيت لاء ”نارمل ڪلاس" هلايو. اهي ڪجھ وقت هليا ته پوء ”نارمل اسڪول" جو روپ ورتائون. 19.4.1856: ڪئپٽن پيلئ نالي جاگيرن واري کاتي جو اسسٽنٽ ڪمشنر هو. هن ٽالپورن جي چئن وڏن خاندانن: شاهواڻي, شھداداڻي, خاناڻي ۽ ماڻڪاڻي جي تاريخ لکي ۽ اها اڄ ڪمشنر ڏي ڏياري موڪلي. 19.4.1933: "هندو مها سڀا" جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ برطانيه سرڪار طرفان جاري ڪيل "وائيٽ پيپر" خلاف احتجاجي گڏجاڻيون ڪيون ويون. "وائيٽ پيپر" ۾ ٻڌايو ويو هو ته سرڪار هندستان ۾ ڪهڙا آئيني سڌارا آڻڻ گهري ٿي. ان ۾ اهو به اشارو ڏنل هو ته سنڌ کي صوبائي خودمختياري ڏني ويندي. اها ڳاله سنڌ جي هندن کي پسند نه هئي. هو چاهن پيا ته سنڌ ممبئي پرڳڻي جو حصو رهي ۽ ان کي هڪ ڪمشنر هلائي. 19.4.1940: مسلم ليگ جي سڏ تي جتي جتي مسلم ليگ جون شاخون هيون, اتي "پاڪستان ٺھراء" جي پٺڀرائپ ۾ جلسا ٿيا ۽ ٺھراء پاس ٿيا. [ 1930 کان سنڌ جا هندو خواه مسلمان انڌ جي گهوڙي تي چڙھيا ۽ ٻنھي سنڌ کي نظرانداز ڪيو. هندو سنڌ کي صوبائي خودمختيارئ وارئ حيثيت ۾ ڏسڻ کان نابري واري ويٺا ۽ سنڌ کي ممبئي ماتحت رکڻ تي ڳنڍ ٻڌي بيٺا. اهڙئ طرح مسلمانن سنڌ جي ملڪي آزادي کي وساري آزادئ جي تحريڪ کي هندستان جي ورهاڱي جي تحريڪ بڻايو.] 19.4.1950: ملڪ جو وزير اعظم آمريڪي صدر ٽرومن جي ذاتي دعوت تي آمريڪا جي دوري تي ويو. سندس واپسئ کان پوء ملڪ ۾ ڪميونسٽن خلاف رڻ ٻاريو ويو. 19.4.1977: ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس حڪومت خلاف حالتون انگاس بڻجي ويون. پي.پي.پي ۽ پي.اين.اي جي ڪارڪنن وچ ۾ مختلف شھرن چڪريون ٿيون. هن طرف "پاڪستان ليبر الائنس" ڀٽي جي استعيفا ڏيڻ تائين ملڪ گير هڙتال ڪرڻ جو سڏ ڏنو. ************* {19 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} ÷÷÷÷÷÷÷÷ [جنم ڏينهن:] 19 اپريل 1418ع سيد حسين شاهه مراد شيرازي (ٺٽو)جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 اپريل 1903ع ليکڪ ڀوڄ راڄ نانگراڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 اپريل 1913ع ليکڪ جڳت آڏواڻي (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي. 19 اپريل 1928ع لطيف جي پارکو ۽ رسالي تي ڪم ڪندڙ ٻانهون خان شيخ ڀٽ شاهه ۾ پيدا ٿيو. 19 اپريل 1934ع صحافي گهنشام منگلاڻي (حيدرآباد / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 19 اپريل 1937ع گلوڪار گرمک بجاج (لاڙڪاڻو / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 19 اپريل 1955ع اداڪار دليپ بچاڻي (الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 19 اپريل 1955ع ليکڪا عذرا جبين (ڪوٽڙي) جو جنم ڏينهن آهي. 19 اپريل 1967ع ليکڪ، پبلشر ۽ شاعر علي گوهر الطاف ملڪاڻي(دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 19 اپريل 1975ع ليکڪ ۽ شاعر بخشل باغي(نوابشاهه) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 19 اپريل 1912ع خيرپور رياست جو اڳوڻي وزير شيخ صادق علي لاڏاڻو ڪري ويو. 19 اپريل 1974ع سابق صدر فيلڊ مارشل ايوب خان جو انتقال ٿيو. 19 اپريل 1970ع اردو جي مصنف ۽ ڊراما نگار امتياز علي تاج کي قتل ڪيو ويو. 19 اپريل 2015ع شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر الهورايو انور موج دل جي دوري سبب گلشن حديد ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. — 19th April BIRTH DATES Syed Hussan Shah MuradShirazi (Thatto/Saint/ Born 19th April 1418), BhojrajNagrani (Writer/ Born 19th April 1903), JagatAdvani (Hyderabad/Publisher & Writer/ Born 19th April 1913), GhanshyamMaghlani (Hyderabad >Ajmir/Journalist/ Born 19th April 1934), Gurmukh Bajaj (Larkano>Mombai/Musician/ Born 19th April 1937), DileepBachani (Ulhasnagar/Artist/ Born 19th April 1955), AzraJabeenMemon (Kotri/Writer/ Born 19th April 1955), Ali GoharAltafMalkani (Dadu/Writer/ Born 19th April 1967). DEATH DATES ShaikhSadiq Ali Khan (Minister Khairpur State/ Death 19th April 1912), GhulamHussain ‘Malang’ (Poet/ Death 19th April 1953). Field Marshal Ayub Khan (Death 19th April 1972) EVENTS 1841: The Governor-General of India orders keeping in view the season in mind, and impractible to covey heavy artillery through Bolan Pass, it shold be stored at Sukkur. 1923: Sindhi Hindus observe protest day against the ‘White Paper’. The call was made by Hindu MahaSabha. 1940: Sindh Muslim League observe ‘Pakistan Day’. Meetings are held and processions are taken out in various cities. 1950: Prime Minister of the Pakistan Liaquat Ali Khan leaves for U.S.A on a personal invitation from President Truman. It was a turning point in the foreign policy of the Pakistan resulting inclination towards anti-communist block and going near to U.S.A. 1954: Muslim League Party in the Constituent Assembly decides that both Urdu and Bengali should be the state languages of Pakistan. 1977: Pakistan Labour Alliance declares a nation-wide strike to last until Bhutto resigns. PIA pilots and flight engineers go on strike. 1989: Some circles doubt that Kahuta Nuclear Plant shut down is at the behest of American and Indian governments. 1995: Leader of opposition Mian Nawaz Sharif urges for peace treaty with India.