Saturday 12 November 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (12th November) By: Dr. Patha



** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ڪرنل پوٽينجر 
هندستاني سرڪار کي رپورٽ موڪلي ته مير نور محمد خان ٽالپر
 ڏانهن موڪليل وفد جا سٺا نتيجا اچي سگهن ٿا ۽ اميد آهي ته سنڌ
 سان بهتر لاڳاپا اسان جي سرڪار جي فائدي ۾ هوندا.
** 1853ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شڪارپور جي ڪليڪٽر کي سنڌ 
جي ڪمشنر هدايتون جاري ڪيون ته برٽش دور ۾ جن به ماڻهن کي 
جاگيرون الاٽ ڪيون ويون آهن، انهن جي لسٽ جو ٻيهر جائزو ورتو وڃي.
** 1947ع هندستان مان خصوصي ريل گاڏين ذريعي وڌيڪ 10 هزار 500
 مهاجر پاڪستان ۾ داخل ٿيا، جڏهن ته 2 هزار ماڻهو گاڏين ذريعي سنڌ آيا.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جيئي سنڌ هلچل جي باني سائين جي ايم سيد
 کي ون يونٽ خلاف مهم هلائڻ تي گرفتار ڪيو ويو.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانيا جي اڳوڻي وزيراعظم لارڊ ايٽلي 
هائوس آف لارڊز ۾ خطاب ڪندي چيو ته ڪشمير هڪ آزاد رياست هجڻ گهرجي.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۽ ڪئناڊا ۾ 9.3ملين
ڪئنيڊين ڊالرز جو معاهدو ٿيو، جنهن تحت ڪئناڊا کي صنعتن
 جو ڪچو مال ۽ ڀاڻ پاڪستان کي فراهم ڪرڻو هو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ضياءُالحق جي مارشل لا حڪومت 
شاگردن ۽ پورهيتن جي سرگرمين تي پڻ پابندي هڻي ڇڏي ۽ انهن
 تنظيمن جي اليڪشن تي پڻ پابندي لڳائي وئي.
** 1985ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ آغا خان اسپتال جو افتتاح ڪيو ويو.
** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بينظير ڀٽو فاروق احمد لغاري تي 
الزام لڳايو ته هو سندس ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ۾ ملوث آهي.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي حڪومت جي حڪم کي رد ڪري 
سنڌ اسيمبلي جا تالا ٽوڙائي اجلاس ڪيو ويو، وقتي اسپيڪر سيد جلال
 محمود شاهه پنهنجا اختيار استعمال ڪندي اسيمبلي کولرائي ۽ اجلاس 
جي صدارت ڪئي، شير علي کي وقتي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.
اسيمبلي جي اڌ کان وڌيڪ عملي اسپيڪر سان بغاوت ڪئي ۽ اڪثر
 ملازم گم رهيا. پ پ جا 24 ۽ متحده جا 20 ميمبر اجلاس ۾ حاضر رهيا.

No comments:

Post a Comment