Sunday 20 November 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (20th November) By: Dr. Pathan



** 1835ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانيا جون لڌيانا مان سنڌ ايندڙ ٻيڙيون سنڌو
 درياءَ ۾ پهچڻ تي ضبط ڪيون ويون، جنهن تي ڪرنل پوٽينجر ڳڻتي ظاهر
 ڪئي ۽ لڌيانا ۾ مقرر پنهنجي پوليٽيڪل ايجنٽ ويڊ کي خط لکي چيو ته هو
 ٻيڙيون واپس ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي حڪمرانن سان رابطو
 ڪري ۽ اهي ٻيڙيون ڇڏڻ جي درخواست ڪري.
** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ انجمن اسلام جي گڏجاڻي ٿي،
 جنهن ۾  حاجي امير علي لاهوري ۽ ميان علي محمد قادري کي انجمن مان 
نيڪالي ڏني وئي، هنن تي الزام لڳايو ويو ته اهي حڪومت جي مفادن لاءِ
 ڪم ڪري رهيا آهن ۽ خلافت مخالف سرگرمين ۾ ملوث آهن، سندن جاءِ
 تي جي ايم غلام علي کي صدر ۽ سيٺ خداداد سرهيو کي نائب صدر بڻايو ويو،
 جڏهن ته بئريسٽر جان محمد جوڻيجو کي اعزازي سيڪريٽري ۽ بئريسٽر
 اي جي پيرزادو کي قانوني صلاحڪار مقرر ڪيو ويو.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي حڪومت سڀني صوبائي حڪومتن 
کي برطرف ڪرڻ جو پلان تيار ڪيو، جڏهن ته انهن علائقن جو سمورو
 ڪنٽرول چيف ڪمشنر مقرر ڪري حاصل ڪرڻ تي غور ڪيو ويو.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو هڪ تقريب کي
 خطاب ڪندي چيو ته ڀارت ايٽم بم ٺاهي رهيو آهي  پر پاڪستان کي آگاهه ناهي
 ڪيو ويو، جيڪڏهن انهن وٽ ايٽم بم آهي ته پوءِ اسان به ايٽم بم ٺاهينداسين،
 پوءِ ان لاءِ اسان کي گاهه ڇو نه کائڻو پوي.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حڪومت طرفان پرائيويٽ اسڪول کولڻ
 جي اجازت ڏني وئي، جنهن کانپوءِ تعليم هڪ ڪاروبار بڻجي وئي،
 جڏهن ته ان کان اڳ ۾ سڀ سرڪاري اسڪولن ۾ ئي تعليم حاصل ڪندا هئا.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم بينظير ڀٽو ڀارت کي خبردار ڪيو ته 
پاڪستان چاهي ٿو ته ڀارت سان دوستاڻا لاڳاپا هجن پر ملڪ جي قومي
 سلامتي ۽ قومي مفادن تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي، پاڪستان پنهنجو دفاع 
ڪرڻ جو اهل آهي ۽ ڪنهن به جارحيت کي منهن ڏيڻ جي سگهه رکي ٿو.
**1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ آرٽيڪل 245 تحت فوج کي طلب ڪري فوجي
 عدالتون قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو،اعليٰ عدالتن جا اختيار محدود ڪيا ويا، 
صدر رفيق احمد تارڙ دهشتگردن کي ترت سزائون ڏيڻ لاءِ 120 ڏينهن لاءِ
 آرڊيننس جاري ڪيو، اهڙو آرڊيننس جاري ڪرڻ جي پيپلز پارٽي مخالفت ڪئي، 
جڏهن ته وزيراعظم نواز شريف چيو ته سنڌ ۾ فوج کي آرٽيڪل 245 وارا اختيار 
زهر جي گوري کائي ڏنا آهن، امن امان جي بحالي لاءِ ٻِيو ڪوبه رستو نه هو، 
گورنر راڄ کان پوءِ سنڌ مان 490 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا آهن.

No comments:

Post a Comment