Wednesday 31 August 2022

Sindh in history today (1st September). By. Dr.Pathan

Sindh in history today (1st September). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. [ Today, on 1st September, 2022, most of Cities & Villages of Sindh Province of Pakistan are filled and srounded with water of River & Rain. It is very terrible situation] ***** ( 1 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 1.9.1843: فرنگي سرڪار روينيو کاتي ۾ مقرريون ڪيون ۽ نوڪرين ڏيڻ واري هن قدم ۽ عمل کي هندو-مسلم اختلافن ۽ غلط فهمين پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻايو. ان ڪري هندو ملازمن /آفيسرن جو تعداد وڌيڪ هو. انھن ۾ اڪثريت سيٺ نائونمل هوتچند جي مائٽن جي هئي. مقرر ڪيل مختيارڪار هئا: سکرامداس (سيٺ نائونمل جو ڀاء- گهوڙا ٻارئ جو مختيار ڪار), ديوان چنديرام ٽلٽئ وارو (مختيارڪار سيوهڻ), ٺٽي وارو ديوان پوهومل (لڪئ جو مختيارڪار), حيدرآباد وارو ديوان ڄيٺمل (مانجهند جو مختيارڪار), ٺٽي وارو منشي لالچند (مختيارڪار جهرڪ), بهاري مل (مختيارڪار ساڪرو), هاسومل (ڪاردار پيٽارو). ياد رهي ته جڏهن انھن عملدارن سرڪار کي روينو نظام سڌاري ڏنو ته پوء نيپيئر کين نه فقط نوڪرين مان ڪڍيو, پر مٿن بدعنوانين جا الزام مڙھي ڪيس هلائي ڏنڊ وڌا ۽ جيل موڪليو. 1.9.1851: خيرپور جي حاڪم مير علي مراد خان پنهنجا مائٽ ناراض ڪري به فرنگين سان سٺو نڀايو. احسان فراموش انگريزن جي حڪومت آئي ته کيس پريشان ڪرڻ شروع ڪيو. فرنگين مير علي مراد خان جي اڳوڻي وزير شيخ علي حسن تي هٿ رکي, هن کان مير خلاف درخواست ڪرائي. اڄ شڪارپور جي ڪليڪٽر کي چيو ويو ته شيخ علي حسن جي دانھن ٻڌي, سنڌ جي ڪمشنر کي رپورٽ لکي موڪل. 1.9.1885: حسن علي افندئ "سنڌ سڀا" کان الڳ ٿي "سنڌ محمدن ائسوسيئيشن" نالي پنهنجي جماعت ٺاهي. انهئ جماعت "سنڌ مدرسه" قائم ڪيو. 1.9.1909: سنڌ جي ڪمشنر اڄ لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر کي تاڪيد ڪيو ته لاڙڪاڻي ۽ رتيديري جي وڏيرن/زميندارن کي ڌت ڪر ۽ گرانٽ واريون سندن درخواستون پنهنجئ سفارش سان نه موڪل. کين سمجاء ته انگريز سرڪار جي وفاداري ئي هنن لاء وڏو اعزاز آھي. وڏيرا وفادارئ واري اعزاز مان لاڀ پرائي خاموش ٿي رهن. 1.9.1921: اٻاڙو ۾ ”امن سڀا" طرفان عوامي ميڙاڪو ٿيو, جنهن لڳ ڀڳ 400 ماڻھون شريڪ ٿيا. اتي سرڪار دوست پارٽي-"امن سڀا" ديوان گرڌاري مل جي اڳواڻئ ۾ قائم ٿي هئي. جلسي ۾ ماڻھن کي صلاح ڏني وئي ته خلافتي ۽ ڪانگريسي ڦڏئي ۽ سرڪار جا ويري آھن. سندن چوڻ تي ڪن نه ڏيو. ان بدران پنهنجي قول فعل ۾ سرڪار سان وفادارئ جو اظھار ڪريو. 1.9.1922: اڄ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ”خلافت ڪميٽئ" طرفان عوامي ميڙاڪا ٿيا. انھن مان گوگهاري, جيڪب آباد ۽ ڳڙھي ياسين ۾ ٿيل جلسن جا تفصيل تڏهوڪين اخبارن ۾ شايع ٿيا. 1.9.1939: هن وقت تائين ٻي مهاڀاري لڙائئ ۾ 14942826 ماڻھون اجل جو شڪار ٿيا. ياد رهي ته سنڌ مان ڪيترن نوجوانن کي پڪڙي زورئ فوجي سپاهي بڻائي مختلف جنگي محاذن تي موڪليو ويو هو. سنڌ سرڪار "جنگي فند" قائم ڪري ادارن جي بجيٽ مان زورئ قرض کنيو هو ۽ وڏيرن/اپر ڪلاس/ڏيهي ڪامورن/کاتيدارن کان چندا ورتا هئا ۽ انهن سرڪار کي راضي ڪرڻ لاء دل کولي لکين روپيا چندو ڏنو هو. *************** پهرين سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: پهرين سيپٽمبر 1879ع اردو ٻولي جي مشهور اديب آغا حشر ڪاشميريجي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1899ع سياستدان سيٺ پرتاب راءِ (ميرپور خاص) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1914ع شاعر ليلارام ڇتو مل (پنواڙي / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1929ع شاعر محمد آچر مخمور (نئون ديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1930ع نامياري آبپاشي ماهر ۽ ٽيڪنوڪريٽ اي اين جي عباسي (سوڀو ديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1933ع موسيقار سي ارجن (ڪراچي / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1934ع شاعر صوفي غلام مصطفى عاصم جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1934ع شاعر علي دوست صابر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1939ع ليکڪ ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1942ع صحافي محمد اقبال دلجي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1945ع اداڪار نند سچديو (الها نگر) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1950ع ليکڪ مظهر جلباڻي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1950 ليکڪ محمد عظيم رند جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1951ع ليکڪ غلام اڪبر سولنگي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1951ع اسڪالر ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1954ع شاعر يار محمد عاصم کوسو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1954ع سگهڙ موريل مهر جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1956ع شاعر غلام اڪبر آزاد جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1957ع ليکڪ ڪامريڊ عبدالڪريم بلوچ (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1958ع ليکڪ، شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر ڪوثر ٻرڙو(خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1958ع شاعر محمد اسماعيل ارم جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1959ع شاعر رحيمداد راهي سومرو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1961ع شاعر پيار علي پريمي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1961ع سماجي ورڪر ۽ ڪونج رسالي جي باني محمد خان شيخ (ميهڙ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1963ع ليکڪ نظام الدين ڀاڳت جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1964ع ليکڪ محمد صديق مهر جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1966ع ليکڪ ذوالفقار گاڏهي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1966ع ليکڪ محمد ابراهيم ڀنڊ جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1967ع سگهڙ گل ملڪ جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1968ع ليکڪ عزيز ڪاڇيلو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1973ع شاعر امتياز علي ساقي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1974ع شاعر فضل الله عاصي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1982ع شاعر نذر محمد نياز تنيو جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: پهرين سيپٽمبر 2007ع آواز جي دنيا جي مشهور ڪمپيئر، انائونسر ۽ لطيف جي پارکو سيد صالح محمد شاه جو انتقال ٿيو. SINDH IN HISTORY TODAY (1st SEPTEMBER) 1st September BIRTH DATES Seth Partabrai (Politician/ birth 1 September 1894), LilaramChhatomal (Panwari>Ajmir/Poet/ birth 1 September 1914), C.Arjun (Karachi >Mombai/Musician/ birth 1 September 1923), Muhammad Achar ‘Makhmoor’ (Naudero/Poet/ birth 1 September 1929), SoofiGhulam Mustafa ‘Asim’ (Poet/ birth 1 September 1934), Ali Dost ‘Sabir’ (RoopVato/Poet/ birth 1 September 1934), Muhammad Iqbal Dal (Soomar Dal/Journalist/ birth 1 September 1942), Dr. AbdulGhafoorMemon (Larkano/Scholar/ birth 1 September 1939), MazharJalbani (Writer/ birth 1 September 1950), Nand Sachdev (Ulhasnagar/Artist/ birth 1 September 1945) Muhammad Azim Rind (Jani Wandh/Writer/ birth 1 September 1950), Dr. Abdul Ghafar Soomro (KhairpurJoso/Scholar/ birth 1 September 1951), MorialMahar (SadikJiWandh/Folklore Poet/ birth 1 September 1954), Yar Muhammad ‘Aasim’ Khoso (Poet/ birth 1 September 1955), Ghulam Akbar ‘Azad’ (Poet/ birth 1 September 1956), Comrade Abdul KarimBaloch (Larkano/writer/ birth 1 September 1957), KausarBuriro (JaniBuriro/Poet/ birth 1 September 1958), Muhammad Ismail ‘Irm’ (Poet/ birth 1 September 1958), Tahir Bhanon (KunbDaro/Folklore Poet/ birth 1 September 1960), Dr.Muhammad Khan Shaikh (Mehar/Social worker & founder of ‘Koonj’/ birth 1 September 1961), Piyar Ali ‘Premi’ (Poet/ birth 1 September 1961), Rahimdad ‘UstadRahi’ Soomro (Haji Khan Kalhoro/Poet & Political Activist/ birth 1 September 1959), Nizamuddin Bhagat (Warah/Writer/ birth 1 September 1963), Muhammad SidiqueMahar (Dhamaji/Writer/ birth 1 September 1964), Zulfiqar Gadhi (Sher Muhammad Gadhi/Journalist/ birth 1 September 1966), Hosh Sarharvi (Poet/1966), Muhammad Ibrahim Bhand (Writer/ birth 1 September 1966), Gul Malik (KarampurBijarani/Poet/ birth 1 September 1967) Niaz Malah (Khairpur/Poet/ birth 1 September 1969), Imtiaz ‘Saqi’ Mahesar (KotLalBux/Poet/ birth 1 September 1973), Fazullah ‘Asi’ (RasoolBuxBrohi/Poet/ birth 1 September 1974), Raza Khakhrani (Poet/ birth 1 September 1975), DEATH DATES Abdul Raman (Bharchoondi/Saint/ death 1 September 1960). EVENTS 1843: Following appointments are made by the new British Government of Sindh: Sukhramdas (Brother of Naumal, as Mukhtyarkar of Ghorabari), Diwan Chandiram of Tilti (Mukhtyarkar of Sehwan), Diwan Pohomal of Thatta (Mukhtyarkar of Laki), Diwan Jethmal of Hyderabad (Mukhtyarkar of Manjhand), Munshi Lalchand of Thatta (Mukhtyarkar of Jherk), Assomal Munshi of Thatta (Mukhtyarkar of Thatta), Bharimal (Mukhtyarkar of Sakro) and Hassomal Kardar of Petaro. 1851: His Highness Mir Ali Murad Khan of Khairpur is facing unwanted treatment from new rulers of Sindh. Shaikh Ali Hassan, ex-minister is encouraged to make petitions about Mir Ali Murad Khan and the Collector of Shikarpur is assigned duty to call upon Shaikh Ali Hassan and submit detailed report. (Source: Letter No.1717). 1885: Hassan Ali Effendi with cooperation of his friends forms ‘Sindh Muhammadan Association’. Prior to this he was an active leader of ‘Sindh Sabha’, but due to his serious differences with Diwan Dayaram Jethmal and Sadhu Hiranand, he left ‘Sindh Sabha’ and opted for separate path. Sindh Muhammadan Association established ‘Sindh Madressah-tul-Islam’ and remained active political party till 1936. (Source:Dr.Mumtaz Bukhari’s Ph.D thesis). 1909: Sindh Acting Commissioner advises the Collector of Larkano not to recommend applications of Landlords of Larkano and Ratodero for any grant but, make them belive that to serve the Government is the honour for them and they must not pray for any grant.(Source: Letter No.3456). 1921: At a big public meeting attended by about 4,000, the Ubauro Aman Sabha is formed with Diwan Girdharimal as its Chairman. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1922: Local Khilafat Committees of Garhi Yaseen, Jacobabad and Ghogharo hold public meetings in respective places. (Source: Newspapers). 1939: It has been told that 14942826 people were killed in Second World War. Sindh was also badly affected by this war and our research scholars have not researched this topic yet.

Sindh in History today (31st August). Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (31st AUGUST. Sindh in history today (31st August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. EVENTS 1939: Colonel Pottenger advises his Government for concentration of force at Sukkur. (Source: Letter No.635-A). 1844: The Sindh Governor asks the Government of India for permission to open a school at Hyderabad for teaching the English language to the children of Baloch chiefs. He request for approving annual grant of Rs.3,000 for the same purpose. (Sindh Governor’s letter No 213). 1920: Posters and Banners are visible on main spots of big cities. Sindh Khilafat has given call for strike on 1st August. Sindhi Muslims are advised to took part in the strike and prove wort as Muslim and lover of the Motherland. (Poster published by Sindh Khilafat). 1946: Liaquat Ali Khan, in statement asked Muslims throughout the India to observe ‘Black Day’ by hoisting black flags on houses and places of business on September 2, to register the Muslims’ silent contempt at the installation in office the Hindu Congress. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1946) 1947: Boundary Award is unjustified and has been imposed upon us, says the Governor-General of Pakistan (Source: Newspapers). 1949: The First ever Convocation of Sindh University is held. The Prime Minister of Pakistan presides over. (Source: ibid). 1972: We are ready to sit on opposition benches, if Mujeeb is ready to make modifications in his 6-points, says Z.A.Bhutto, Chairman of the PPP. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1991: Benazir Bhutto meets Chief of Army Staff Asif Nawaz Junjua. (Source: ibid). "سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(31 آگسٽ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪجھ واقعا ] 31.8.1839: ڪراچي شھر ۽ ٻيٽ فيبرورئ 1839 ۾ انگريزن پنهنجي هٿ ڪيا. هاڻي سندن نظر سکر تي آھي. اڳ ۾ راس بيل صلاح ڏني ته سکر ۾ فرنگي فوج گڏ ڪرڻ شروع ڪجي. اڄ پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي خط لکي انھئ صلاح جي تائيد ڪئي. (حوالو: پاٽينجر جو خط نمبر A-635). 31.8.1842: انگريز راڄ جي واپارين سنڌ ۾ واپار شروع ڪيو ته انھن مان ڪن ٺڳئ جو ٺاه ڪري سنڌ جي حڪومتن کي محصول نه ڏنو. سيٺ نربرام به انھن مان هڪ هو. جنھن پتڻ تي کيس محصول ڏيڻ گهربو هئو, هي اتان پنھنجو سامان خشڪئ کان ٽپائي وٺندو هو. خيرپور حڪومت جي عملدارن کيس پڪڙي سوگهو ڪيو ته ليفٽيننٽ برائون مير رستم خان سان خط و ڪتابت ڪئي. مير جواب ڏنس ته محمد تنيئي کي توڏي موڪليان ٿو, جيڪو مامري تي تو سان ڳالهائيندو. اوهان جي واپارئ ٺڳئ سان محصول بچائڻ گهريو آھي ۽ اهو ثابت ٿيو ته کيس ڀرڻو پوندو. (حوالو: مير رستم علئ جو مراسلو. ڊاڪيومينٽ نمبر 23). 31.8.1844: سنڌ جي فرنگي گورنر نيپيئر ڪمپني حڪومت کان منظوري گهري ته حيدرآباد ۾ ٻروچڻ جي ٻارن ۽ ٻين کي انگريزي پڙھائڻ لاء اسڪول کولڻ جي اجازت ڏني وڃي. (حوالو: گورنر جو مراسلو نمبر 213). 31.8.1946: لياقت علي خان هندستان جي مسلمانن کي اپيل ڪئي ته اهي 2 سيپٽمبر تي پنهنجي گهرن ۽ دوڪانن تي ڪارا جهنڊا هڻي خاموش احتجاج ڪن ته اسان "هندو ڪانگريس" جي مڙھيل حڪومت کي ڪو نه ٿا مڃون. (حوالو: انگريزئ ۾ نڪرندو ڇهماهي رسالو "انڊين ائنيوئل رجسٽر", سال 1946 واليوم 2). 31.8.1949: اڄ سنڌ يونيورسٽئ جو پهريون ڪانوڪيشن ٿيو, ۽ ان جي صدارت پاڪستان جي وزير اعظم ڪئي. 31.8.1972: " اسان مخالف ڌر جي بئنچن تي ويهڻ لاء تيار آھيون, رڳو مجيب الرحمان پنهنجي ڇهن نقطن تي نظرثاني ڪري"- ذوالفقار علي ڀٽي جو بيان. {31 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1916ع هندستاني شاعره ۽ ليکڪا امرتا پريتم. 1915ع سياستدان ۽ اڳوڻو وفاقي وزير مير علي احمد ٽالپر. 1920ع ليکڪ لوڪ نوتاڻي (ڀريا / بڙودا). [وڇوڙو]: 1909ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالقادر ڇڇر. 1940ع بزرگ حاجي پير شاهه. 1943ع مذهبي اسڪالر مولوي عبدالغفور مهر. 1971ع ليکڪ رام چند ڀوراڻي. 1982ع مشهور تاريخدان، آرڪيالاجسٽ ۽ انگريز عملدار ايڇ ٽي لئمبرڪ. 1997ع دلين تي راڄ ڪندڙ برطانوي شاهي گهراڻي جي ملڪه ليڊي ڊيانا. 2007ع سياستدان ڄام علينواز خان انڙ

Tuesday 30 August 2022

Sindh in history today (30th August). By. Dr.Pathan

.Sindh in history today (30th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ******** EVENTS 1835: It is decided between Colonel Pottenger and Mir Noor Muhammad Khan that survey of Indus shall not stop. However, it will be conducted on boats and vessels will not be used for that purpose. (Source: Colonel Pottenger’s letter No.58 to his Government). 1933: Central Literary Group organizes lecture program in Hopeful School at Arambagh. M.U.Abbasi delivers his on the History and importance of Drama. Abbasi was from Muhabatdero and Education officer in Karachi. He wrote biographies of Sir Agha Khan, quaid-i-Azam and others. I interviewed him for so many times. He was witness to our history. He told me that he has visited Jhirk School and saw General Register of School and name of M.A.Jinnah in it also. He wrote that fact in his book, biography of Jinnah. (Source: Interview with M.U.Abbasi). 1951: India refutes allegation that she is creating conditions to compel Indian Muslims to migrate. They are leaving country on their own, the Government of India declares. (Source: Newspapers). 1959: Consequent upon introducing Basic Democracy system in the Pakistan, all Municipalities are divided/reorganized into Wards. (Source: Newspapers). 1977: Probe into the case regarding murder of Nawab Muhammad Ahmad is completed. PNA demands trial of Z.A.Bhutto. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1979: Gen.Zia promulgates new political parties’ law making it compulsory for all political parties to get themselves registered with Election Commission. (Source: Government Notification). 1990: In politics of our society, everything is right. Asghar Khan never recognized PPP Government of Z.A.Bhutto, but PPP today enters into alliance with Tahrik-i-Istaqlal. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1991: Benazir Bhutto and Nawabzado Nasrullah Khan to take combined steps against IJI Government. Decision is taken in their meeting. (Source: ibid).Sindh in history today (30th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ******** EVENTS 1835: It is decided between Colonel Pottenger and Mir Noor Muhammad Khan that survey of Indus shall not stop. However, it will be conducted on boats and vessels will not be used for that purpose. (Source: Colonel Pottenger’s letter No.58 to his Government). 1933: Central Literary Group organizes lecture program in Hopeful School at Arambagh. M.U.Abbasi delivers his on the History and importance of Drama. Abbasi was from Muhabatdero and Education officer in Karachi. He wrote biographies of Sir Agha Khan, quaid-i-Azam and others. I interviewed him for so many times. He was witness to our history. He told me that he has visited Jhirk School and saw General Register of School and name of M.A.Jinnah in it also. He wrote that fact in his book, biography of Jinnah. (Source: Interview with M.U.Abbasi). 1951: India refutes allegation that she is creating conditions to compel Indian Muslims to migrate. They are leaving country on their own, the Government of India declares. (Source: Newspapers). 1959: Consequent upon introducing Basic Democracy system in the Pakistan, all Municipalities are divided/reorganized into Wards. (Source: Newspapers). 1977: Probe into the case regarding murder of Nawab Muhammad Ahmad is completed. PNA demands trial of Z.A.Bhutto. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1979: Gen.Zia promulgates new political parties’ law making it compulsory for all political parties to get themselves registered with Election Commission. (Source: Government Notification). 1990: In politics of our society, everything is right. Asghar Khan never recognized PPP Government of Z.A.Bhutto, but PPP today enters into alliance with Tahrik-i-Istaqlal. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1991: Benazir Bhutto and Nawabzado Nasrullah Khan to take combined steps against IJI Government. Decision is taken in their meeting. (Source: ibid). ( 30 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 30.8.1835: اڄ پاٽينجر ۽ نور محمد خان جي وچ ۾ طئي ٿيو ته سنڌوندئ جي سروي/جاچ پڙتال جو ڪم بند نه ڪبو. اهو فرنگي سرڪار جاري رکندي, پر ان ڪم لاء ويزلس/آگبوٽ ڪم نه آڻبا. ڇو ته ان سان بندن کي نقصان ٿئي ٿو. اهو ڪم هاڻي ٻيڙين تي چڙھي ڪبو. [اسان جي حڪمرانن فرنگين کي اختيار ۽ ايڏي آزادي ڏني, پر اهو نه سوچيائون ته ان مان پنهنجي ملڪ جي آزادي به خطري ۾ پئجي سگهندي. اڄوڪي دور ۾ ٿر مان ڪوئلو ڪڍرائڻ, ٻيٽن تي شھر اڏڻ ۽ گيسن جا کوه کوٽائڻ جي اجازت ڏيڻ به سنڌ جي حڪمرانن جي ساڳئ نفسيات جو پڙاڏو آھي] 30.8.1841: ڪجھ ڏينھن ٿيندا جو اتر سنڌ جو پوليٽيڪل ايجنٽ بيل مري ويو. هن جي جاء تي ڪجھ وقت کان پوء آئوٽرام کي سنڌ سان گڏ بلوچستان جو پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪيو ويو. 30.8.1843: ڪمپني حڪومت جي سيڪريٽرئ پنهنجئ حڪومت کي راء ڏني ته نيپيئر جيڪا مير علي مراد خان جي ڌر وٺي سندس تائيد ڪري ٿو ته مير رستم خان هن کي پڳ ۽ ملڪيت ڏئي واپس وٺي نه ٿو سگهي, سو سندس فيصلو درست آھي. ڇو ته پنهنجئ مرضئ سان تحفي ۾ ڪا ملڪيت زال يا اولاد کان ته واپس وٺي سگهجي ٿي, پاڻ جهڙي حيثيت واري ڀاء کان واپس نه ٿي وٺي سگهجي. مير رستم علئ پڳ ۽ ملڪيت پنهنجئ رضا خوشئ سان مير علي مراد کي ڏئي, جهڙوڪ پنهنجا هٿ وڍي ڇڏيا. هاڻي هو ڪجھ به واپس نه ٿو وٺي سگهي ۽ مير علي مراد هاڻي قانوني طور تي خيرپور جو حڪمران ۽ کيس ڏنل ملڪيت جو وارث آھي. 30.8.1848: سنڌ جي ڪمشنر اپر سنڌ جي پوليٽيڪل سپريڊنٽ کي هدايت ڪئي ته بگٽي ۽ مزاري جنگي قيدين کي تڪڙو آزاد نه ڪبو. بلڪ, انھن تي سختئ سان نظر رکبي ته هو ڀڄي نه وڃن. [ياد رهي ته انھن جنگي قيدين مان ڪيترا ٽنڊي غلام علئ ۾ لوڙھن ۾ رکيا ويا هئا. ڪنهن وقت کان پوء سندن چال چلت کي ڏسي, کين ٻني ٻاري لاء زمينون ڏئي آزاد ڪري, سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو هو] 30.8.1951: انڊيا گورنمينٽ کليل لفظن ۾ وضاحت ڪئي ته هتي مسلمانن کي زورئ لڏائي پاڪستان ڪونه پيو اماڻيو وڃي. پر هو پنھنجي شوق ۽ مرضئ سان هي ملڪ پيا ڇڏين. 30.8.1959: صدر ايوب "بنيادي جمهورت" جو نظام لاڳو ڪيو ته ان سان ميونسپالٽين جو وجود ختم ڪيو ويو. ان جي جاء تي ميونسپالٽين کي وارڊن ۾ ورهايو ويو. 30.8.1979: ضياء الحق جي مارشلائي حڪومت حڪم نامو جاري ڪيو ته سياسي پارٽيون اليڪشن ڪميشن وٽ پنهنجي رجسٽريشن ڪرائن. 30.8.1991: بينظير ڀٽو ۽ نوابزادي نصرالله خان وچ ۾ سياسي مامرن تي ڳالھ ٻولھ ٿي ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته آء.آء.جي حڪومت خلاف گڏجي ڪوشش ڪنداسين. *************** 30 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 30 آگسٽ 1899ع شاعر محمد موسى راز جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 آگسٽ 1948ع شاعر غلام قادر دلدار جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 آگسٽ 1953ع شاعر شاد ڪولاچي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 آگسٽ 1956ع شاعر گُل حسن ساٿي (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 30 آگسٽ 1965ع ليکڪ، سماجي ۽ سياسي ورڪر ڊاڪٽر اسلم آزاد جو جنم ڏينهن آهي. 30 آگسٽ 1980ع ليکڪ نور محمد ڪنڀر جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 30 آگسٽ 1968ع سماج سڌارڪ پير محمد پانڌياڻي جي وفات ٿي.

Saturday 27 August 2022

Sindh in history today (28th August). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (28th AUGUST) 28th August BIRTH DATES Aneeta Kamal ‘Piyasi’ (Loralai > Baroch/Poetess/1931), Bhojraj Vichani (Dabhro > Mumbai/Writer/1937), Birj Mohan (Jagan > Mumbai/Writer/1939), Pir Bux ‘Piyasi’ (Tando Muhammad Khan/Poet/1942), Shiv Kumar Sharma (Ahmadabad/Artist/1950), Habib-u-Rahman ‘Habib’ Soomro (Dargah Imam Bux/Poet/1960), Amar Sindhu – Real name Salman Laghari (Mirpurkhas/Poetess & University teachers’ leader/1068), Mir Barkat Katohar (Thull/Social worker/1978) DEATH DATES His Highness Mir Shadad Khan Talpur (1857), Allama Muhammad Qasim Mashori (Sahib Khan Mashori/Religious Scholar & Saint/1990), Khowaja Abdul Rasool Ratar (Noorpur/Saint/2005) EVENTS 1920: Hyderabad is witnessing very important political atmosphere for two days with effect from today. Both days public meetings and conference is held in the city. The day begins with political activity of Sindh Khilafat Committee. Public meeting is held with aim to create public opinion in favor of the Non-Cooperation movement. Special Sindh Provincial Conference is also held in the city and its all details are available at Gul Hayat website. (Source: Newspapers) 1928: Dr.Ansari presides over All Parties Conference at Luck now to discuss the ‘Nihru Report’. (Source: Book on All Parties Conference). 1948: In the meeting of the ‘Muhajir Council’ presided over by Liaquat Ali Khan, the Prime Minister of Pakistan, it is decided that 2,00,000 Indian Muslim migrants waiting in Punjab camps will be settled in Sindh. (Source: Newspapers). 1952: DSP, Khan Najaf Khan is served upon Charge Sheet by the Punjab Government in connection with the murder of Liaquat Ali Khan, ex-Prime Minister of Pakistan. (Source: ibid). 1964: Z.A.Bhutto, Foreign Minister of Pakistan is awarded with ‘Order of Hamayoon’ [First Class] by Shah of Iran for rendering valuable services in connection with Regional Cooperation for Development [RCD]. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). Sindh in history today (28th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 28 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 28.8.1920: انگريزن کان جان ڇڏائڻ لاء اسان جا وڏڙا ڪنهن بيروني يا آسماني طاقت تي ڀاڙي سياست کان پاسيرا ٿي نه ويٺا. پر جنهن کان پڳو انهئ سياست جي دونهين دکائي. اڄ حيدرآباد ۾ ٻه وڏا سياسي واقعا ٿيا. پهريون هئ ته سنڌ سطح جي سياسي اڳواڻن "اسپيشل سنڌ صوبائي ڪانفرنس" ڪئي. انھئ جا مڪمل تفصيل اوهان کي گل حيات جي ويب سائيٽ تي ملي ويندا. حيدرآباد ۾ ساڳي وقت تي ٻي سياسي سرگرمي "سنڌ خلافت ڪميٽئ" ڪئي. انھئ طرفان عوامي ميڙاڪو ڪري عوام کي تاڪيد ڪيو ته فرنگي سرڪار خلاف "عدم تعاون/نان ڪو آپريشن جي تحريڪ" ۾ ڀرپور حصو وٺو ڇو ته عوام-دشمن حڪومت سان دوستي وطن سان دشمنئ برابر ٿيندي. 28.8.1928: انگريز عوام کي قسطن ۾ حق ڏيندا هئا ۽ هر ڏهين سال کان پوء آئيني سڌارا آڻيندا هئا. سرڪار 1919ع ۾ سڌارا آڻي چڪي هئي. هاڻي نوان سڌارا اچڻ وارا هئا. پر هندوستان جي سياستدانن مناسب ڄاتو ته پاڻ ۾ ملي ٻوڙو ٻڌي آچار ڪري, سرڪار اڳيان پنهنجي حقن جي ڳالھ ڪريون. ان تي نهروء هڪ رپورٽ ٺاهي, جيڪا "نهرو رپورٽ" جي نالي سان مشهور آھي. اڄ لکنو ۾ ڊاڪٽر انصارئ جي صدارت هيٺ ”آل پرٽيز ڪانفرنس" ٿي ته جيئن "نھرو رپورٽ" تي غور ويچار ڪجي. هن ڪانفرنس ۾ سنڌ جا سياستدان به شامل ٿيا, ڇو ته سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ بابت اسم به ڪانفرنس جي ايجنڊا ۾ شامل هو. 28.8.1948: ملڪ جي وزير اعظم لياقت علي خان جي صدارت ۾ ”مهاجر ڪائونسل" جي گڏجاڻي ٿي. ان ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انڊيا کان آيل ٻه لک پناهگير جيڪي پنجاب پهچي چڪا آھن, انهن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويندو. 28.8.1952: لياقت علي خان جي قتل جي حوالي سان ڊيوٽي حاضر ڊي.ايس.پي خان نجف خان کي چارج شيٽ ڪيو ويو. 28.8.1964: پاڪستان جي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽي کي ايران جي شھنشاه "فرسٽ ڪلاس آرڊر آف همايون" جو تمغو ڏنو.[ڀٽي پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪري پرڏيھ ۾ ته نالو ڪمايو, پر هن سنڌئ جو ڏيھ ۾ اهو قدر ٿيو جو کيس ڦاهي چاڙھيو ويو] *************** 28 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 28 آگسٽ 1931ع شاعره انيتا ڪمال پياسي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 28 آگسٽ 1937ع ليکڪ ڀوڄ راڄ وڇاڻي (سنڌ / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 28 آگسٽ 1939ع ليکڪ برج موهن (جاڳڻ / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 28 آگسٽ 1942ع شاعر پير بخش پياسي (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي. 28 آگسٽ 1950ع اداڪارشِو ڪمار شرما (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 28 آگسٽ 1950ع صحافي ۽ ڪمپيئر اسلم آزاد(حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 28 آگسٽ 1960ع شاعر حبيب سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 28 آگسٽ 1965ع اداڪار احمد حسين ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 28 آگسٽ 1968ع ليکڪا، شاعره ۽ سنڌ يونيورسٽئ جي استادياڻئ امر سنڌوجو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 28 آگسٽ 1857ع سنڌ جي اڳوڻي حڪمران مير شهداد علي خانجي وفات ٿي. 28 آگسٽ 1990ع مذهبي اسڪالر ۽ بزرگ علامه محمد قاسم مشوري جو لاڏاڻو ٿيو. 28 آگسٽ 2002ع راڳي شفيع محمد جمنجو انتقال ٿيو. 28 آگسٽ 2005ع نورپور سان تعلق رکندڙ بزرگ خواجه محمد عبدالرسول رتڙ جو انتقال ٿيو.

Friday 26 August 2022

Sindh in History today (27th August). By. Dr.Pathan

NOTE; Terrible and heave rains has ruined Sindh. Nice and beautiful building of Gul Hayat Institute collapsed and Electricity & Internet Service is still not available. From 26th (yesterday) for managing to contact friends, I am going to District Head Quarter Larkana (distance of 12 kms) to share my Posts with friends. SINDH IN HISTORY TODAY (27th AUGUST) 27th August BIRTH DATES Kamla Keswani (Karachi > Jaipur/Singer/1934), Jamal Pali (Atta Muhammad Pali/Poet/1940), Aijaz Ali Bhatti (Morio Bhatti/Social worker/1965), Arfana Malah (Hyderabat/Poetess & University teacher/leader/1974), ‘Udasi’ Chandio (Larkano/Poet/1980) DEATH DATES Makhdoom Muhammad Aaqil Sani (Khuhra/Religious Scholar/1876), Allama Inayatullah Mashrqi (Founder of the Khaksar Tahreek/1963), Ghulam Halai (Poet/1984), Zulfiqar Rashdi (Pir Goth near Naudero/Poet/1986), Kazi Abdul Majeed ‘Abid’ (Sehwan > Hyderabad/Journalist & ex-federal minister/1996), Saleem Indhar (Ilyas Indhar/Poet/2006). EVENTS 1835: Colonel Pottenger requests the Government of Bombay for permission to set the Ranna of Parkar, a State prisoner at Bhoo,j at liberty on condition that he would either live in Cutch or Sindh. He further informs that Ranna has released eight of the relatives of Ranna Jagatsinf of Parkar in compliance to orders of Mir Noor Muhammad Khan. (Source: Letter No.54). 1838: Colonel Pottenger requests the Government of Bomay to prepare a force for eventual service in Sindh. (Source: Letter No.101). 1851: The Commander of the Indus Flotilla informs the Sindh Commissioner that Governor-General has approved of the proposal to establish a steam communication between Karachi and Multan (Source: Letter No.716). 1856: The Sindh Commissioner asks collectors to adopt 5 per cent Local Fund Cess in Sindh. (Source: Letter No.1430). 1919: It is a golden chance for pro-British Government to wish it congratulations . On the victory of the Allies Naraindas Bhawandas [zamindar & Hon.Magistrate of Berani], Bhagwandas Vasudev [Brahman Panchayat, Berani], H.H.Samavedi [Secretary, Pushkarna Brahman Maha Mandal, Hyderabad], Bulchand Dayaram [Presidenr, Hyderabad Municipality], Metharam Ajitsing [of Shahdadpur], Dalpatrai [Mukhtyarkar of Jati] send messages of congratulation to the Government of Bombay. (Source: The Sindh Official Gazette). 1948: The Governor-General promulgates Ordinance to empower Pakistan Government emergency powers for dealing the issue of Muslim migrants coming from India (Source: Newspapers). 1953: Kazi Muhammad Akbar, Sindh Education Minister declares that compulsory primary education is being introduced in Sindh, Very Soon. (Source: ibid). 1956: I.I.Chundrigar and Pir Ali Muhammad Shah resign as federal ministers. (Source: ibid). 1960: Rs.20000000 are approved for construction of a new capital [Islamabad], near Rawalpindi (Source: ibid). 1972: No Indo-Pak talks, if Pakistan is not recognizing Bangladesh, says India. (Source: ibid). ڪٿ هجبو ۽ ڪهڙي حال ۾ کڻي ھجبو, سنڌ! تنھنجئ محبت ۽ خدمت کي نه ڇڏبو. ***** سنڌ جو خير, سنڌين جو خير ۽ جڳ جهان جو خير. *************** Sindh in history today (27th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 27 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 27.8.1835: پارڪر جي راڻي فرنگين کي رت ڪيو. راڻا جڳتسنگ فرنگين جي ڦرلٽ ۾ ھن جو ساٿ نه پيو ڏئي ته سندس ڪيترا مائٽ اغوا ڪري پاڻ وٽ رکيائين. مير حڪمرانن انگريزن جي مدد ڪئي. ان ڪري پارڪر جو راڻو پڪڙجي پيو. هن کي پاٽينجر جي حوالي ڪيو ويو. اڄ اها صورتحال پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌائي ۽ اهو به پڇيو ته راڻو سنڌ ۾ رهي يا کيس ڀڄ موڪلجي. 27.8.1838: پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي صلاح ڏني ته پنهنجي ڏک سک ۾ واهر ڪرڻ لاء سنڌ ۾ فوجي جٿا رکڻ گهرجن ۽ انھن تي ايندڙ خرچ سنڌ جي حڪمرانن کان ڀرائي وٺجي. [ مطلب ته پنهنجي بچاء لاء سنڌ ۾ پنهنجي فوج رکجي] 27.8.1851: ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل "انڊس فلوٽيلا" جي ڪمانڊر کي اجازت ۽ هدايت ڏني ته ڪراچئ کان ملتان تائين آگبوٽ سروس شروع ڪئي وڃي. [انھئ زماني ۾ سنڌو ندي ايترئ اوج ۽ موج ۾ ھئي جو انھئ ۾ سنڌ ۽ ملتان وچ ۾ آسانئ سان آگبوٽ ھلايا ويا. مطلب ته سنڌوء جي پاڻئ تي اڄ جيان پهرا ڪونه هئا] 27.8.1856: سرڪار فيصلو ڪيو ته جاگيرن تي وڌيڪ پنج سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويندو, جيڪو سنڌ ۾ تعليمي واڌاري ۽ روڊن رستن جي تعمير تي خرچ ڪيو ويندو. انھئ آمدنئ/ٽيڪس کي "لوڪل فند" چيو ويندو هو. 27.8.1919: ترڪن کي برطانيه ۽ ان جي اتحادين شڪست ڏئي, مٿس پنھنجئ مرضئ وارو ٺاه مڙھيو ته ڪيترن خوشامندڙن سرڪار کي انھئ فتح تي مبارڪون ڏنيون. اڄ جن مبارڪون ڏنيون, اهي آھن: ٻيراڻئ جو زميندار ۽ اعزازي ماجسٽريٽ نارائڻداس ڀاونداس, ٻيراڻئ جي "برهمڻ پئنچات" جو مکي ڀڳوانداس واسديو, حيدرآباد جي " پشڪارنه برهمڻ مها منڊل" جو سيڪريٽري ايڇ.ايڇ.شام ديو, شھدادپور جو ميٺارام اجيت سنگ۽ جاتئ جو مختيارڪار دلپت راء. [ياد رهي ته فرنگي سرڪار جا خوشامندڙيا رڳو هندو ڪونه هئا. انھن ۾ مسلمان به شامل هئا. پر اڄ جن تارون موڪلي مبارڪون ڏنيون, سي اتفاق سان سڀ هندو هئا] 27.8.1948: پاڪستان جي گورنر جنرل هڪ آرڊيننس لاڳو ڪري, پاڪستان سرڪار کي بااختيار بڻايو ته جيئن ھندوستان لڏي/ڇڏي ايندڙ پناهگيرن جا مسئلا ترت هل ڪري سگهي. [ياد رهي ته قائد اعظم جي طبيعت جي ناسازئ ۽ پوء آرام لاء تربت هليو وڃڻ دوران لياقت علي خان اهڙا ڪيترا فيصلا ڪيا/ڪرايا] 27.8.1953: سنڌ جي تعليم واري وزير اعلان ڪيو ته ستت لازمي پرائمري تعليم رائج ڪئي ويندي. 27.8.1960: اسلام آباد ۾ ملڪ جي گادئ وارو شهر اڏڻ لاء ٻه ڪروڙ روپيا منظور ڪيا ويا. 27.8.1972: انڊيا اعلان ڪيو ته جيسيتائين پاڪستان بنگلاديش کي نه ٿو مڃي ۽ قبول ڪري, ان وقت تائين ڪنھن به قسم جون ڳالهيون نه ڪبيون. 27.8.1974: پاڪستان سرڪار زبان ڏني ته 75 لک بهاري گهائي آباد ڪبا. *************** 27آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 27 آگسٽ 1929ع ليکڪ مراد علي مرزا(حيدر آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 آگسٽ 1934ع گلوڪاره ڪملا ڪيسواڻي(ڪراچي / جيپور) جو جنم ڏينهن آهي. 27 آگسٽ 1940ع شاعر جمال پلي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 آگسٽ 1974ع ليکڪا، ڪمپيئر، عورتن جي حقن لاء جاکوڙيندڙ ۽ استاد اڳواڻ عرفانه ملاح جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 27 آگسٽ 1876ع مذهبي اسڪالر مخدوم محمد عاقل (ٻيون) جي وفات ٿي. 27 آگسٽ 1976ع برصغير جو مشهور گلوڪار مڪيش ديهانت ڪري ويو. 27 آگسٽ 1984ع شاعر، سازندي، مصور ۽ اديب غلام رسول غلام ابڙو هالائي جي وفات ٿي. 27 آگسٽ 1986ع شاعر ذوالفقار راشدئ جو انتقال ٿيو. 27 آگسٽ 1996ع صحافي، عبرت اخبار جي بانيڪار ۽ اڳوڻي وفاقي وزير "عبرت" اخبار جو مالڪ قاضي عبدالمجيد عابد جو انتقال ٿيو. 27 آگسٽ 2006ع شاعر سليم انڍڙ جي وفات ٿي. 27 آگسٽ 2015ع جسٽس رٽائرڊ ظفر حسين مرزا جي وفات ٿي. 1974: Government has agreed to accept 7500000 Biharis. (Source: BBC).

Saturday 20 August 2022

Sindh in history today (20th August). By.Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (20th AUGUST) [ Sindh in history today (20th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan.] 20th August BIRTH DATES Shah Muhammad ‘Ajab’ (Dhamraha/Poet/1924), Dr.Madad Ali Qadri (Larkano/Scholar/1933), Ghulam Hyder Nizamani (Hayat Nizamani/Singer/1933), Moti Kalwani (Sindh > Baroda/Artist/1942), Shamsuddin Qazi (Bakho Khuhawar/Political Activist/1952), Khadim Ali ‘Mushahid’ (Abri/Poet/1956), Nawaz Soomro (Poet/1960), Renoka Ramchandani (Mumbai/Dancer/1961), Hakeer Rind (Shahpur Chakar/Poet/1966), Ghulam Shabir Depar (Menho Depar/Poet/1970), S. Imdad Bukhari (Sujawal/Poet/1974), Yaseen Mashori (Daim Khan Mashori/Journalist/1976), Shahid Kaloi (Bahadur Kaloi/Writer/1985). DEATH DATES Syed Hizbullah Shah ;Miskeen; Takht Dhani (Saint Poet/1890), Hassan Ali Effendi (Karachi/Founder of Sindh Madressah/1895), Com.Ghulam Qadir Junijo (Dokri/Political Activist/2011) EVENTS 1838: The Government of India asks Colonel Pottenger to apprise it of result of his negotiations with Sindh Rulers and suggest the Government the best mode of transmitting troops to Sindh and what extent of transport would be obtained either at mouth of Indus or at Thatta. (Source: Letter No.143). 1839: In his minutes, the Governor-General of India records his views about army of Indus and its political prospects.(Source: indicated). 1919: It is the victory of the Allies, but our Upper Class is running and rushing to congratulate Government! Udernomal Kauromal (Vice President of the Taluka Local Board Jamesabad), Mukhi Ganoomal ( of Jamesabad) and Parsaram Banbumal ( of Jamesabad) send the message of congratulation to the Government of Bombay. (Source: The Sindh Official Gazette). 1921: Aman Sabha is formed at Rohri to support Government and combat Non-Co-Operation Movement launched by the Sindh Khilafat and Congress. Syed Ali Akbar Shah is elected President. Whereas Pleader Hassanand, Seth Chandiram and Radha Kirshan are elected as Vice President, General Secretary and Treasurer respectively (Source: The Daily Gazette). 1923: Lalchand Amardinomal Jagtiani started conducting classes on the life, achievements and poetry of Shah Abdul Latif Bhitai. Arrangement is made in the Night School of Preem Mandli of Karachi (Source: The Daily Gazette). 1972: Council Muslim League terms ‘Simla Agreement’ as set back to the ideology of Pakistan (Source: Newspapers). "سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(20 آگسٽ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ڪجھ واقعا] 20.8.1838: ڪمپني سرڪار اڄ ڪرنل پاٽينجر کان معلوم ڪيو ته هن جي سنڌ جي حڪمرانن سان ڳالهين جو ڪهڙو نتيجو نڪتو ۽ فرنگي فوج سنڌ ڏانهن موڪلڻ جو بهترين طريقو ڪهڙو هوندو ۽ سنڌوندئ جي ڇوڙ ۽ ٺٽي کان انھئ جي سامان ڍوئڻ جو ڪهڙو بندوبست ٿي سگهي ٿو. (حوالو: ڪمپني سرڪار جو مراسلو نمبر 43). 20.8.1839: ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل پنهنجي منٽس Minutes ۾ سنڌو ۾ فوج پهچائڻ, رکڻ ۽ ان جي سياسي امڪانن بابت پنهنجا ويچار رڪارڊ ڪيا. [فرنگين جي اها انتظامي روايت هوندي هئي ته هو جيڪو به فوجي يا سياسي قدم کڻندا هئا ته اهي رڪارڊ تي رکندا هئا.] 20.8.1841: ڪمپني حڪومت جو گورنر جنرل اڄ “سيڪريٽ ڪميٽئ" کي لکي ٻڌائي ٿو ته مير شير محمد خان اسان جي آئوٽرام سان معاهدو ڪيو آھي ته هو سنڌ ۾ فوج رکڻ لاء اسان کي ساليانو پنجاه هزار رپيا خراج ڏيندو ۽ پرڳڻن بابت حيدرآبادي ميرن سان مامرا اسان جي پوليٽيڪل ايجنٽ جي فيصلن جي روشنئ ۾ حل ڪندو. (حوالو: مراسلو نمبر 64). 20.8.1919: اتحادين جي فتح ٿي ۽ ترڪئ کي شڪست آئي ته سنڌ جي سرڪاري ۽ درٻاري ماڻھن جو مڪو مچي ويو. هنن تارون ڪري فرنگي سرڪار کي مباڪن مٿان مبارڪون ڏنيون. اڄ جن سرڪار کي مباڪباد جون تارون موڪليون، اهي آھن: اڏيرومل ڪوڙومل (تعلقي لوڪل بورڊ جيمس آباد جو نائب صدر) ، مکي گنومل (جيمس آباد) ۽ پرسارم بنبومل (جيمس آباد). (ذريعو: دي سنڌ آفيشل گزٽ). 20.8.1921: اڄ روهڙئ ۾ سرڪار-پرست سياسي پارٽي "امن سڀا" قائم ڪئي وئي. امن سڀا ان ڪري قائم ڪئي وئي ته جيئن خلافت ۽ ڪانگريس پاران شروع ٿيندڙ عدم تعاون تحريڪ کي روڪي سگهجي ۽ عوام کي سرڪار خلاف هلندڙ تحريڪن کان پري رکجي. سيد علي اڪبر شاهه کي امن سڀا جو صدر چونڊجي ويو, جڏهن ته وڪيل هاسانند ، سيٺ چنديرام ۽ راڌا ڪرشن کي بالترتیب نائب صدر ، جنرل سيڪريٽري ۽ خزانچي طور چونڊيو ويندو آهي. (حوالو: ڊيلي گزيٽ). 20.8.1923: لالچند امرڏنيمل جڳتياڻي شاه عبداللطيف ڀٽائي جي زندگي ۽ شاعرئ تي ڪلاس وٺڻ شروع جو آغاز ڪيو. ڪراچي جي پريم منڊلي جي نائيٽ اسڪول ۾ انھن ڪلاسن جو انتظام ڪيو ويو. هن ڪيترو عرصو اهي ڪلاس ورتا. (حوالو: ڊيلي گزيٽ اخبار). 20.8.1972: اڄ ڪائونسل مسلم ليگ ”شمله معاهدي“ کي نظريه پاڪستان خلاف هڪ سازش قرار ڏيندي, ان تي سخت تنقيد ڪئي. (حوالو: اخبارون) { 20 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1924ع شاعر شاهه محمد عجب. 1933ع اسڪالر ڊاڪٽر مدد علي قادري. 1933ع اديب، شاعر، محقق ۽ نقاد رشيد ڀٽي. 1933ع لطيف جي راڳي غلام حيدر نظاماڻي. 1942ع اداڪار موتي ڪلواڻي (بڙودا). 1945ع راڳي اشرف علي ٻرڙو(قنبر). 1952ع سياسي ورڪر شمس الدين قاضي. 1956ع شاعر خادم علي مشاهد. 1960ع شاعر نواز سومرو. 1966ع شاعر حقير رند. 1970ع شاعر غلام شبير ڏيپر. 1974ع شاعر امداد بخاري (سجاول). 1976ع صحافي ياسين مشوري. [وڇوڙو]: 1890ع صوفي شاعر سيد حزب الله شاهه مسڪين تخت ڌڻي. 1895ع سماج سڌارڪ ۽ سنڌ مدرسي جي باني حسن علي آفندي. 1988ع سياستدان، سماجي ۽ مذهبي شخصيت ارباب الهجڙيو. 2011ع سماجي ورڪر ڪامريڊ غلام قادر جوڻيجو (ڏوڪري).

Friday 19 August 2022

Sindh in history today (19th August). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (19th AUGUST) [ Sindh in history today (19th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ] 19th August BIRTH DATES Umed Ali Shah (Sukkur/Politician/1920) ‘Mail’ Sarwari (Poet/1937), Dr.Umar Memon (Deplo/Writer/1954), Fatih Muhammad Dahri (sandan/Journalist/1956), ‘Azad’ Hubdar Ali (Sita/Poet/1977), Anwar Jarwar (Khan Wah/Poet/1981) DEATH DATES Pir Mazharuddin Shah Rashdi (Tullah/Religious Scholar/1900), Ghulam Ali ‘Masroor’ (Shikarpur/Poet/1953), Lekhraj ‘Aziz’ (Hyderabad > India/Poet/1971), Makhdoom Abdul Hai (Rahro/Religious Scholar/1975) EVENTS 1843: Mir Sobdar Khan’s petition is forwarded to the Governor-General of India by the Bombay Government. In his petition, Mir has said that ‘with all my property, goods and things came into the plunder of the English Sahibs’. (Source: ‘Correspondence related to Sindh’.) 1857: Upper class of Sindh is pleased by various means so as to make them more loyal. That is why the Collector of Shikarpur disposed of the building with Zamindari rights of compound wall and garden for Rs.625, except the portion occupied by the Deputy Collector. (Source:Letter No.2694). 1945: The All-India Committee of Hindu Maha Sabha concludes its session in New Delhi after adopting their political resolution declaring the Constituent Assembly based on separate electorates was unacceptable. (Source: The Indian Annual Register,Vol-11, 1945). 1946: R.K.Sidhwa, Secretary of the Sindh Coalition Assembly Party and a Parsi Congress leader, in a statement refuted the suggestion which Mr. Jinnah made in his recent statement replying to Pandit Nehru, ‘that the Parsi organization is certainly not with the Congress’. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1946). . Research by Dr.Pathan. ( 19 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 19.8.1832: اڄ پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي خط لکي مير مراد علي (ميرپور خاص), مير رستم خان (خيرپور) ۽ حيدرآبادي ميرن جي پرڳڻن جا تفصيل لکي موڪليا ۽ اها صلاح به ڏني ته اسان جي فوج سنڌوندي ٽپي پارڪر جي لٽيرن خلاف وڙھي ته بهتر. انھئ ويڙھ ۾ ميرپور واري مير مراد علئ ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو آھي. (حوالو: پاٽينجر جو خط نمبر 127 .[مطلب ته پنهنجن کي مارائڻ ۾ پنهنجن وس وارن ئي سدائين ڌارين جو ساٿ ڏنو آھي] 19.8.1841: اڄ ڏکڻ سنڌ جي فرنگي اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ ليڪئيLeckie .J.D ڪمپني حڪومت ڏانھن انھئ ٺاه جي ڪاپي ڏياري موڪلي,جيڪو مير حسين علي خان ۽ مير شھداد خان وچ ۾ ٿيو هو ۽ ان ۾ فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ جو اثر ۽ عمل دخل هو. هئ ٺاه مير نور محمد جي وفات کان پوء شڪارپور جي وارثئ واري ورهاست بابت هئو. هن ٺاه ۾ اهو به جاڻايو ويو ته هي ٻئي ڀائر هڪ ٻئي جي شڪارپوري نوڪرن/نمائندن کي تنگ نه ڪندا ۽ پنهنجا اختلاف وڌڻ نه ڏيندا. 19.8.1842: افغانستان جون حالتون انگريزن جي حق ۾ ڪونه هيون. انھئ صورتحال مان ميرن به فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. اڄ حيدرآباد جي مير نصير خان پنهنجي شڪارپور واري ڊپٽئ/نمائندي کي هدايت ڏني ته بهاول ڪوٽ,مٺڻ ۽ سبزل ڪوٽ کان ايندڙ يا اوڏانھن ويندڙ ٻيڙين کي هلڻ نه ڏي. (حوالو: ويب تي رکيل ۽ انگريزئ ۾ لکيل ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جو ڪتاب Commerial Relation Between Britain and Sindh). 19.8.1843: نڀاڳي نيپيئر مياڻئ ۾ ميرن کي شڪست ڏيڻ کان پوء حيدرآباد قلعي کي لٽرايو ۽ ميرن جي گهرن کي ڦريو. مير جڏهن جنگي قيدي ٿي ملڪ بدر ٿيا ته اهڙي ظلم تي ماٺ ڪري نه ويٺا. مير صوبدار خان دانھيو. اڄ ممبئي سرڪار طرفان مير صوبدار خان جي درخواست/پٽيشن هندستان جي گورنر جنرل ڏانهن موڪلي. پنهنجي درخواست ۾ مير چيو ھو ته ‘منهنجي سموري ملڪيت ، سامان ۽ شيون نيپيئر جي فوجين ڦريون'. (حوالو: ڪتاب ‘Correspondence related to Sinde ’.) 19.8.1945: اڄ دهلئ ۾ آل انڊيا هندو مها سڀا جي ڪميٽئ ٺهراءُ پاس ڪيو ته "جداگانه انتخاب" جي بنياد تي قائم ڪيل ھندستان جي دستور ساز اسيمبلي قبول نه ڪئي ويندي. (حوالو: ڇهماهي رسالو "انڊين ائنيوئل رجسٽر ، سال 1945, واليوم 2). 19.8.1946: مسلم ليگ جي صدر محمد علي جناح پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته پارسي ڪانگريس سان گڏ ناهن. آر.ڪي. سڌوا پارسي هو ۽ سنڌ ڪانگريس جو فعال اڳواڻ ھو, تنھن قائد اعظم جي ڏنل بيان جو جواب ڏيندي چيو ته اهو بيان درست ڪونھي, منھنجو مثال ڪري وٺو ته مان پارسي به آھيان ۽ ڪانگريسي به آھيان. (حوالو: Indian Annual Register, سال 1946, واليوم ٻيو). ************** 19 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** [جنم ڏينهن]: 1920ع سياستدان اميد علي شاهه جيلاني (سکر). 1937ع شاعر مائل سروري. 1954ع ليکڪ ڊاڪٽر عمر ميمڻ (ڏيپلو). 1956ع صحافي فتح محمد ڏاهري. 1977ع شاعر آزاد حبدار علي (سيتا) . 1981ع شاعر انور جروار (خانواهه). [وڇوڙو]: 1953ع صوفي شاعر غلام علي مسرور (شڪارپور). 1971ع شاعر ليکراج عزيز

Thursday 18 August 2022

Sindh in history today (18th August). By. Dr.Pathan

Sindh in history today (18th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ] 18th August BIRTH DATES Moulana Ghulam Hyder Katbari (Religious Scholar/1822), Syed Muhammad Salih ‘Asghar’(Poet/1828), Sadoro ‘Aajib’ (Poet/1939), Valiram Valabh (Mithi/Writer/1941), Noor Shaheen (Hyderabad/Poetess/1936), Ibrahim Sarang (Writer/1953), Mukhtyar Samo (Dokri/Poet & founder ‘Knowlde Centre Larkano’/1960), Sharif ‘Shad’ Soomro (Rustam/Poet/1960), Chetandas (Tando Allahyar/Journalist/1968), DEATH DATES Pir Muhammad Shah Zikri (Saint/1926) EVENTS 1834: Munshi Jethanand sends letter to Pottenger informing him that a Hundi of Rs.500 has been sent to Mr.Masson at Kabul. Munshi writes also that his Masters wanted to assure you that friendship between them and British Government would continue from generation to generation. (Source: Munshi’s letter of 18th August, 1934). 1857: The Sindh Commissioner asks the Agent, Sindh Railway Company to work on plan for connecting the rail road to Shikarpur and Jacobabad from Sukkur. (Source: Letter No.1392). 1920: Third Caravan of Sindhi migrants leaves Lahore for Peshawar. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). It was major political mistake of Sindh Khilafat Committee for giving call to quit Sindh. Only Sindhis opted to migrate to Afghanistan and hundreds of families got uprooted on their own. Most of them were not received by Afghan Government and they returned empty handed to Sindh. Prior to migration they sold their properties. This migration movement set a trend that was followed by Indian Muslims soon after creation of Pakistan. 1922: A public meeting is held at Sukkur by the Khilafat Committee and people are asked to follow their religion in letter and spirit. (Source: The Daily Al-Wahid). 1933: The Bombay Legislative Council considers the Bill to consolidate and amend the law relating to the Municipal government of the city of Karachi. Jamshed Mehta, Mir Muhammad Baloch and Ghulam Hussain Hidayatullah participate in the debate. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1933). 1939: On the call of Sindh Muslim League, ‘Masjid Manzilgah Day’ is observed by majority of Sindhi Muslims. Haji Abdullah Haroon, G.M.Syed; Shaikh Abdul Majeed Sindhi; Muhammad Ayub Khuhro; Muhammad Hashim Gazdar and Syed Khair shah issue strong-worded statement condemning the K.B.Soomro’s policy regarding the restoration of Masjid Manzilgah and demanding immediate resolving the issue. (Source: The Daily Alwahid, Karachi). 1947: NWFP opts to join Pakistan. First ever Eid-ul-Fitir is celebrated in Pakistan and this newly born country becomes member of UNO. (Source: Newspapers). 1958: Sharif Commission is constituted to bring drastic changes in Education system. It proved to be set back for Sindhi language and deprived it of status of medium of instruction. (Source: Government Notification). 1961: Pakistan joins United Nation’s force. A 500- army men army leave for Dar-u-Salam, East Africa. (Source: ibid). 1973: Opposition has opted for war-path. Arrests of NAP leaders have not been made in haste, says Z.A.Bhutto. (Source ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). Research by Dr.Pathan. ( 18 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** "سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ"-(18 آگسٽ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪجھ واقعا ] 18.8.1808: اڄ ڪئپٽن ڊيوڊ سيلٽن Captain David Selton ڪمپني حڪومت کي سنڌ مان لکي ٿو ته سنڌ جا مير حڪمران اسان جي سرڪار سان هنن ڳالهين تي معاهدو ڪرڻ گهرن ٿا: 1. ڀلي حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ فرنگي فيڪٽريون کولن,2. ٻئي حڪومتون هڪ ٻئي جي دشمن کي پناه نه ڏين, 3. فرنگي ميرن کي عمر ڪوٽ تي قبضي ڪرڻ ۾ مدد ڏين, 4.ڪڇ جو ساحلي پٽو ٻئي حڪومتون پاڻ ۾ ورهائي کڻن. (حوالو: ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جو انگريزئ ۾ لکيل ڪتاب " برطانيه ۽ سنڌ جا واپاري لاڳاپا") 18.8.1834: اڄ حيدرآباد مان منشي جيٺانند پاٽنجر ڏانهن خط موڪليو ۽ هن کي ٻڌايو ته 500 روپين واري هنڊي مسٽر ميسن ڏانهن ڪابل موڪلي وئي آهي. منشي وڌيڪ لکي ٿو ته سنڌ جا حڪمران توهان کي يقين ڏيارڻ گهرن چاهين ٿا ته انهن ۽ برطانوي حڪومت جي وچ ۾ دوستي نسل در نسل جاري رهندي. هو وڌيڪ لکي ٿو ته مير محمد خان ۽ مير صوبدار خان وچ ۾ مير مراد علي خان جي وفات بعد سندس پرڳڻي جي ورهاست تي شديد اختلاف پيدا ٿي ويا آھن. (ذريعو: منشي جو خط 18 آگسٽ). 18.8.1838: اڄ ڪمپني حڪومت پاٽينجر کي هدايت ڪئي ته هو خيرپوري ميرن کان بکر قلعي وٺڻ لاء گهر ڪري. 18.8.1841: آئوٽرام اڄ ڪئپٽن ليڪئ Captain Leckie کي تمام طويل ۽ تفصيلي خط لکي صلاحون ڏنيون آھن ته کيس سنڌ ۾ ميرن ۽ عوام سان ڪيئن هلڻو آھي. ميرن جي باهمي اختلافن ۾ اڻ-ڌريو ٿي رهڻو آھي. هن حيدرآباد حڪومت جي مکيه ماڻھن جا نالا کڻي ٻڌايو اٿس ته ڪهڙي ماڻھوء جي ذھنيت ڪهڙي آھي. هن جي خط مان پتو پئي ٿو ته آئوٽرام مير محمحمد خان, مير صوبدار خان ۽ نواب احمد خان جي منشين کي لڳاتار خرچي ڏيندو هو ۽ انھن کان راز معلوم ڪندو هو. 18.8.1849: ڪراچئ جي ڪليڪٽر اڄ ڪمشنر کي لکت ۾ سفارش ڪئي ته سرڪار کي چئجي ته سيٺ نائونمل کي 15 سو يا 2000 بيگا زمين جاگير ۾ ڏني وڃي. (حوالو: ڪليڪٽر جو خط نمبر 985). 18.8.1857: سنڌ جي ڪمشنر اڄ “سنڌ ريلوي ڪمپني“ جي عملدارن کي لکيو سکر کان شڪارپور ۽ جيڪب آباد تائين ريل جي پٽڙي وڇائڻ واري ڪم جي شروعات ڪيو. (حوالو: ڪمشنر جو خط نمبر 392). 18.8.1920: "سنڌ خلافت ڪميٽئ" جو اهو غلط سياسي فيصلو هو ته سنڌين کي سنڌ مان لڏڻ ۽ ملڪ ڇڏڻ تي آماده ڪجي. ان لاء “هجرت تحريڪ" جي شروعات ڪئي ۽ لاڙڪاڻي اسپيشل ريل گاڏيون هجرت ڪندڙن کي کڻي پشاور ويون. اڄ سنڌي مهاجرن جو ٽيون قافلو ٽرين ذريعي لاهور کان پشاور لاءِ روانو ٿيو. (حوالو: روزنامه "الوحيد" ، ڪراچي). 18.8.1922: خلافت ڪيميٽئ سنڌ ۾ سياست ۽ مذھب کي گڏ و گڏ کڻي انگريزن خلاف تحريڪ آھي. خلافتي, جتي ملڪ کي فرنگين کان پاڪ ڪرڻ جي ڳالھ ڪندا هئا, اتي عوام کي مذھبي تعليم جي پوئوارئ جو تاڪيد به ڪندا هئا. خلافت ڪميٽئ جو اڄ سکر ۾ اجلاس ٿيو, جنھن ۾ مذھب ۽ سياست جون ڳالهيون ڪيون ويون. (حوالو: "الوحيد). 18.8.1933: اڄ ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ ڪراچي شهر جي ميونسپل گورنمينٽ بابت قانون ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ بل تي بحث ٿيو. جمشيد ميهتا ، مير محمد بلوچ ۽ غلام حسين هدايت الله بحث ۾ حصو ورتو. (حوالو: انڊين ائنيوئل رجسٽر ، سال 1933 جو واليو ٻيو). 18.8.1939: اڄ سنڌ مسلم ليگ جي سڏ تي سنڌ ۾ “مسجد منزل گاهه ڏينهن” ملهايو ويو. حاجي عبدالله هارون ، جي ايم سيد ؛ شيخ عبدالمجيد سنڌي؛ محمد ايوب کهڙي ؛ محمد هاشم گزدر ۽ سيد خير شاه سخت بيان جاري ڪري وڏي وزير الله بخش سومري جي پاليسي جي مذمت ڪئي ۽ مسئلي کي فوري طور حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. (ذريعو: روزنامه الوحيد ، ڪراچي). 18.8.1947: اڄ سرحد صوبي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ فيصلو ڪيو. اڄ پاڪستان ۾ پهرين عيدالفطر ملهائي وئي ۽ اڄ پاڪستان يو اين او جو ميمبر بڻجي ويو. (ذريعو: اخبارون). 18.8.1958: اڄ پاڪستان سرڪار تعليمي نظام ۾ وڏين تبديلين آڻڻ لاءِ "شريف ڪميشن" قائم ڪئي. ياد رهي ته هن ڪميشن جيڪي سفاشون ڏنيون, انھن سنڌي ٻولئ جي تدريسي اهميت ۽ تاريخي حيثيت کي نقصان ڏنو. 18.8.1973: "اپوزيشن جنگ جو رستو اختيار ڪيو آهي. اين اي پي جي اڳواڻن جون گرفتاريون جلدبازي ۾ نه ڪيون ويون آهن"- ذوالفقار علي ڀٽي جو بيان. 18 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون [جنم ڏينهن]: 1822ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام حيدر ڪٽبري. 1828ع صوفي شاعر سيد محمد صالح اصغر. 1932ع سياستدان ۽ پاڪستان جو اڳوڻو وزير اعظم محمد خان جوڻيجو. 1941ع ناليواري ليکڪ وليرام ولڀ (مٺي). 1942ع شاعره نور شاهين (حيدرآباد). 1948ع مشهور نيوروسرجن ۽ سياست سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر احمد علي شاهه(درٻيلو). 1953ع ليکڪ ابراهيم صالح. 1960ع شاعر مختيار سمون(ڏوڪري). 1960ع مشهور راڳي برڪت علي ڀٽ(سکر). 1960ع شاعر شريف شاد سومرو (رستم). 1968ع صحافي چيتنداس (ٽنڊو الهيار). 1980ع هندستان جي فلم ۽ ڊرامن جي سنڌي اداڪاره پريٽي جهانگياڻي. [وڇوڙو]: 1926ع بزرگ پير محمد شاهه ذاڪري(سڪرنڊ). 1988ع آرٽسٽ ميان اسدالله کونهارو. 1996ع لوڪ گلوڪار سيد سليمان شاهه.

Tuesday 16 August 2022

Sindh in history today (17th August). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (17th AUGUST) [ Sindh in history today (17th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ] 17th August BIRTH DATES Rochiram Sadani (Karachi/Writer/1892), Kishan Bajaj (Tando Adam > Adipur/Poet & Singer/1938), Ghulam Nabi Memon (Writer/1940), Sresh Pahooja (Ulhasnagar/Singer/1955), Zeb Nizamani (Tando Muhammad Khan/Poetess/1963), Parvez Qadir Narejo (Dadu/Journalist/1968), ‘Sagar’ Ghulam Hussain Panhwar (Mehar/Poet/1975) DEATH DATES Pir Ghulam Nabi Pinyal (Hala/Saint/1887), Zia-ul-Haq (Dictator/1988) EVENTS 1843: The Governor-General constitute Committee comprising Captain Pope, Captain French and Shaikh Ali Hassan to probe into important issues relating to Khairpur such as matter relating to Mir Rustam Khan and his handing over ‘Turba’ to Mir Ali Murad Khan and ownership of country between Sabzalkot and Rohri (Source: Letter No.317). 1947: Muslim Majority areas as per census of 1941 will be included in Pakistan. It is announced. (Source: Newspapers). 1952: The commission constituted to probe into the reasons for killing Liaquat Ali Khan is published. It discussed three reasons for the killing: Killer’s mental state of affairs, Kashmir policy of Liaquat Ali Khan and religious differences. (Source: ibid). 1953: The tenure of service of Ayub Khan as the Chief Commander-in-Chief is extended up to January 1959. (Source: ibid). Research by Dr.Pathan. ( 17 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 17.8.1839: انگريز سنڌ ۾ اڃا اقتدار ۾ نه آيا ھئا ته به سندن سنڌين ۽ حڪمرانن سان رويا ماڻھپي وارا ڪونه هئا. مير رستم خان جي ماڻھن سان فرنگي فوجي روهڙئ ۾ زيادتون ڪندا رهيا ۽ فوجن جا اٺ بي لغام فصل ۽ باغ تباه ڪندا رهيا ته مير انگريز پوليٽيڪل ايجنٽ جو اهڙين حرڪتن طرف ڌيان ڇڪرايو. ان جي جواب ۾ اڄ اتر سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ راس بيل مير رستم علي خان کي خط لکي ٻڌايو ته ان لاء اسان ڪورٽ آف جسٽس ٺاهينداسين ۽ متآثر ٿيل ماڻھن کي دانھڻ ۽ ٻڌڻ جو موقعو ڏينداسين. راس بيل اهڙو پيچيدو طريقو ٻڌايو, جنھن مان فريادين کي انصاف بدران پريشانيون ڏسڻيون ٿي پيون. مير رستم علي خان راس بيل جي اها تجويز قبول نه ڪئي ۽ فيصلو ڪيو ته ملان جان محمد کي گورنر جنرل ڏانھن موڪلي, کيس ٻڌائبو ته فرنگي فوجي روهڙي ۾ ڀينگ ڪري رهيا آھن. (حوالو: راس بيل جو خيرپور مان لکيل خط. ڊاڪيومينٽ نمبر 213). 17.8.1843: مياڻئ جي جنگ کان پوء فرنگين ڏکڻ سنڌ تي قبضو ڪيو, هاڻي اتر سنڌ ۾ مير علي مراد خان کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. مير علي مراد خان ڀائرن سان ڦٽائي به فرنگين سان ياري رکي. پر گورنر جنرل اڄ ڪئپٽن پوپ ، ڪئپٽن فرينچ ۽ شيخ علي حسن تي مشتمل ڪميٽي ٺاهي ته اها مير علي مراد خلاف انڪواري ڪري ۽ خيرپور ۾ اهم معاملن بابت تحقيق ڪري جهڙوڪ مير رستم خان کان مير علي مراد پڳ ڪيئن ورتي ۽ مير علي مراد خان کي سبزل ڪوٽ ۽ روهڙي جي وچ وارو پرڳڻو ڪيئن مليو (حوالو: گورنر جنرل جو خط نمبر 317). 17.8.1939: "الوحيد" جي اڄوڪي پرچي ۾ “مسجد منزلگاه ۽ هنومان مندر" جي عنوان سان مضمون شايع ٿيو. ان ۾ “جمعيت العلماء سنڌ" تي ڇتي تنقيد ڪندي لکيو ويو ته هندو هنومان مندر تي هڪ ٿي ويا, پر مسجد منزلگاه تي جمعيت العلماء سنڌ مسلم ليگ سان هڪ نه ٿي ٿئي. (حوالو: الوحيد اخبار), 17.8.1952: لياقت علي خان جي قتل جي سببن جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميشن جي رپورٽ ۾ قتل جا ٽي سبب ٻڌايا ويا: 1. قاتل جي ذهني حالت ، 2. لياقت علي خان جي ڪشمير واري پاليسي ۽ 3. مذهبي اختلاف. (حوالو: اخبارون). 17.8.1953: پاڪستان ۾ جيڪي ڏنڊي جي زور تي اقتدار تي قبضو ڪندا آھن, اهي پنهنجئ نوڪرئ يا عهدي ۾ پاڻ واڌ ڪندا آهن. اڄ ايوب خان ڪمانڊر ان چيف وارئ ملازمت جي مدت جنوري 1959 تائين وڌائي ڇڏي. *************** 17 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** [جنم ڏينهن]: 17 آگسٽ 1892ع ليکڪ ۽ سماجي ورڪر روچيرام سڏاڻي (ڪراچي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 آگسٽ 1938ع شاعر ۽ گلوڪار ڪشن بجاج (ٽنڊو آدم / آديپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 آگسٽ 1940ع ليکڪ غلام نبي ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 17 آگسٽ 1942ع پاڪستان فلمن جي مشهور اداڪاره شبنم جو جنم ڏينهن آهي. 17 آگسٽ 1950ع صحافي علي حسن (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 17 آگسٽ 1955ع گلوڪار سريش پهوجا (الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي. 17 آگسٽ 1968ع صحافي پرويز قادر ناريجي (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 17 آگسٽ 1975ع شاعر ساگر غلام حسين پنهور (ميهڙ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 آگسٽ 1981ع ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ صحافي اختر حفيظ جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو]: 17 آگسٽ 1887ع هالا سان تعلق رکندڙ بزرگ پير ميان غلام نبي پنڃيل جي وفات ٿي. 17 آگسٽ 1941ع بنگالي ٻولي جي عظيم شاعر ۽ فلاسافر رابندر ناٿ ٽئگورجي وفات ٿي. 17 آگسٽ 1988ع اڳوڻو آمر ۽ صدر جنرل ضياءُ الحق هوائي حادثي ۾ مري ويو.

Monday 15 August 2022

Sindh in history today (16th August). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (16th AUGUST) [ Sindh in history today (16th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ] 16th August BIRTH DATES Gyanchand ‘Gyan Rashi’ (Sinjhoro > Ahmadabad/Writer/1906), Shams Jafrani (Sujawal/ex-Secretary & author of Autography/1948), Mir Azam Talpur (Tando Jam/Writer/1952), Haleem Marlai (Ghazi Jamali/Poet/1958) Ali Anwar Babur (Drigh Balla/Journalist/1963), Faiz Muhammad ‘Sathi’ (Allah Ando Jiskani/Poet/1964), Rafiq Bhutto (Journalist/1966), Amar Abro (Badah/Poet/1978), DEATH DATES Khowaja Gul Muhammad (Luwari/Saint/1803), Muhammad Sidik ‘Amin’ (Poet/1970) Bahawal Khan Unar EVENTS 1843: in his letter to the Governor-General of India, Sir Charles Napier defends his position regarding supporting His Highness Mir Ali Murad Khan and ignoring Mir Rustam Khan. (Source: Letter of dated August 16, 1843). 1846; Governor of Sindh directs all concerned officers not to put every abuse and objectionable practice of using free labor and ignoring local labor (Source: Circular Letter No.2049). 1917: The Deputy Superintendent of Karachi Police serves notices upon Jamshed Mehta (President of the local branch of Home Rule League), Marriwalla (Secretary of the Propagandist Committee) and Ayer (Secretary of the local Home Rule League), prohibiting a procession arranged by them to prade the city prior to the League meeting. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1938: Sobhas Chandra Bose, with the permission of M.A. Jinnah, releases the correspondence which passed between him and Jinnah on the Hindu-Muslim settlement. (Source: The Indian Annual Register,Vol-11,1938) 1945: Sindh Muslim League observes ‘Direct Action Day’. It was meant to show street power and disagree with Congress and the British Government of India. (Source: Newspapers). 1947: Sindh Cabinet takes oath with Muhammad Ayub Khuhro as the Chief Minister. Other ministers are: Qazi Fazlullah, Pir Illahi Bux and Mir Ghulam Ali. (Source: ‘Source-Material on Sindh Muslim League’, compiled by Gul Hayat Institute). 1951: Islamic laws are promulgated in Kelat state. (Source: Newspapers). 1956: Pakistan participates in Suez talks held in London. Due to closure of Suez Canal tug of war started between Communist and Capitalist blocks how to reach ‘Hot waters’ in South East Asia. Repercussions are very much obvious in area right from Afghanistan to Baluchistan. (Source: ibid). Research by Dr.Pathan. ( 16 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 16.8.1838: پاٽينجر, جيڪو فرنگي سرڪار طرفان سنڌ ۾ مقرر ڪيل ريزيڊنٽ آھي, اهو بيمارئ سڀ ڪڇ ڀڄ ويل آھي. سندس حيدرآباد وارو ايجنٽ اڄ ھن کي خط ذريعي سنڌ جا حال احوال ڏئي ٿو. هو لکي ٿو ته ميرن جو خيال آھي ته انگريز رنجيت سنگ کي ڪي آڇون سهولتون ڏئي سنڌ لاء آزار ڪرڻ گهرن ٿا. پر, مير چون ٿا ته اسان سنڌي سڄو وقت ٽڪاڻن ۽ گردوارن ۾ مٿو ٽيڪي ڪونه ويٺا آھيون ۽ پنجابين کي منھن ڏئي وينداسين. ايجنٽ لکي ٿو ته حاجي حسين علي خان نالي ڪو ٻاهريون (پرشيا جو) ماڻهو سنڌ ۾ موجود آھي ۽ هن جون سرگرميون مشڪوڪ ۽ فرنگين خلاف آھن. هو وڌيڪ لکي ٿو ته ميرن ۽ لغارين جا اختلاف چوٽ چڙھي ويا آهن. 16.8.1843: نيپيئر جي سنڌ ۽ ميرن بابت حڪمت عملئ تي ڪيترو وقت تنقيد ٿيندي رهي هو ان بابت صفائي ڏيندو رهيو. هن خيرپور ۾ مير علي مراد خان جي پٺڀرائي ڪئي ۽ مير رستم علي خان کي ڏسي وائسي نظرانداز ڪيو هو. ڪمپني حڪومت ان بابت هن کان پڇاڻو ڪيو ته اڄ گورنر جنرل ڏانهن خط لکي پنهنجي موقف ۽ حڪمت عملئ جي صفائي پيش ڪئي. (حوالو: نيپيئر جو تاريخ 16 آگسٽ 1843 تي لکيل خط). ياد رهي ته نيپيئر جو خط تفصيل سان لکيل آھي, ۽ ان جو مڪمل متن گل حيات ۾ موجود آھي. نيپيئر خط کان سواء محمد معين الدين, نائب منشئ جو بيان به ضميمي طور شامل ڪيو آھي. 16.8.1846: اڄ سنڌ جي گورنر سڀني واسطيدار آفيسرن کي سرڪيولر موڪلي هدايت ڪئي ته مزدورن کان مفت ۾ ڪم نه ورتو وڃي ۽ مقامي پورهيتن کي ڪم تي لڳائڻ ۾ اوليت ڏني وڃي. (حوالو: سرڪيولر ليٽر نمبر 2049). 16.8.1849: اڄ کان سنڌ ڪمشنر, صوبائي حڪومت ۽ آفيسر ڪمانڊنگ سنڌ ڊويزن جي وچ ۾ حيدرآباد جي فوجي ڇانوڻئ جي ايراضئ ۾ واڌاري بابت لکپڙھ شروع ٿي, جيڪا سيپٽمبر 1851 تائين هلي.[ وڏن شهرن ۾ ڇانوڻيون ٺاهڻ فرنگي حڪومت جي ان ڪري اوليت هئي ته جيئن جهڙوڪ سندن فوجي سنڌي عوام جي ڪنڌ تي چڙھيا ويٺا هجن ۽ عوام حڪومت خلاف تڪڙي مزاحمت يا بغاوت نه ڪري سگهي].(ڏسو: حيدرآباد جي ڪليڪٽر جو خط نمبر 1041). 16.8.1917: ڪراچي پوليس جي ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ اڄ جمشيد مهتا (هوم رول ليگ جي لوڪل برانچ جي صدر) ، ماڙيوالا (پروپيگنڊا ڪميٽي جي سيڪريٽري) ۽ آئير ( سيڪريٽري) خلاف نوٽيس جاري ڪيا. ڇو ته هنن سرڪاري اجازت کان سواء “ ھوم رول ليگ" جي گڏجاڻئ کان اڳ شھر ۾ جلوس ڪڍيو هو. (حوالو: روزانامه "ڊيلي گزيٽ" ، ڪراچي). 16.8.1938: سباش چندر بوس ، ايم اي جناح جي اجازت سان اها خط و ڪتابت پڌري ڪئي, جيڪا هندو-مسلم اختلافن کي ختم ڪرڻ لاء ٻنھي جي وچ ۾ ٿي هئي. (حوالو: "انڊين ائنيوئل رجسٽر ، سال 1938, واليم ٻيو). هن واقعي بيان ڪرڻ جو مقصد هئ آھي ته انهئ خط و ڪتابت مان مسلم ليگ جي مامري بابت حڪمت عملئ جي خبر پوندي. ڇو ته هندو-مسلم اختلاف تنهن وقت جي سياست تي گهرا اثر وڌا. 16.8.1945: اڄ سنڌ مسلم ليگ “ ڊائريڪٽ ائڪشن ڊي" ملهايو. ان جو مقصد هئ هئو ته مسلم ليگ هڪ طرف پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري ۽ ٻئي طرف ڪانگريس جي حڪمت عملئ خلاف آواز بلند ڪري. (حوالو: اخبارون). 16.8.1947: سنڌ ۾ محمد ايوب کهڙي پنهنجي ڪابينا جوڙي. سندس وڏ-وزارت ۾ قاضي فضل الله ، پير الاهي بخش ۽ مير غلام علي وزير مقرر ڪيا ويا. (معلومات جو ذريعو: ‘ گل حيات انسٽيٽيوٽ پاران مرتب ڪيل مسلم ليگ بابت مواد). 16.8.1956: سئز ڪئنال بند ٿيڻ کان پوء پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور ڪرڻ لاء لنڊن ۾ ڪانفرنس ٿي, جنهن ۾ پاڪستان به شريڪ ٿيو. سئز ڪئنال جي بند ٿيڻ سان ملڪن لاء مسئلو پيدا ٿيو ته انهن جي سمنڊ تائين رسائي ڪيئن ٿئي. ڪئپيٽل ۽ ڪميونسٽ بلاڪن جا باهمي اختلاف وڌيا. سئز ڪئنال جي بند ٿيڻ جو پاڪستان تي جيڪو اثر پيو, اهو اسان ڏسي ۽ ڀوڳي رهيا آھيون. سمنڊ تائين پهچڻ لاء بين الاقوامي قوتون افغانستان ۾ پنهنجي پنهنجي فوقيت قائم ڪرڻ ۽ سمنڊ تائين آسانئ سان پهچڻ جا جتن ڪري رهيون آھن. بلوچستان جي ڪشيده صورتحال انھئ پسمنظر ۾ سمجهي سگهجي ٿي. *************** 16 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** [جنم ڏينهن]: 16 آگسٽ 1906ع ليکڪ گيانچند گيان رشي (سنجهورو / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 آگسٽ 1949ع اڳوڻي سيڪريٽري شمس جعفراڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 آگسٽ 1952ع ليکڪ مير اعظم ٽالپر (ٽنڊو ڄام) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 آگسٽ 1958ع ليکڪ حليم مرلائي جو جنم ڏينهن آهي. 16 آگسٽ 1963ع صحافي علي انور ٻٻر جو جنم ڏينهن آهي. 16 آگسٽ 1964ع شاعر فيض ساٿي جو جنم ڏينهن آهي. 16 آگسٽ 1966ع صحافي رفيق ڀٽو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 آگسٽ 1978ع شاعر امر ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 16 آگسٽ 1984ع شاعر محمد حسين عاصم ڀٽو (روهڙي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. [وڇوڙو]: 16 آگسٽ 1803ع بزرگ خواجه گل محمد لنواري جو انتقال ٿيو. 16 آگسٽ 1961ع باباءِ اردو مولوي عبدالحق جي وفات ٿي. 16 آگسٽ 1970ع شاعر محمد صديق امين جو لاڏاڻو ٿيو. 16 آگسٽ 1997ع گلوڪار، قوال ۽ موسيقار استاد نصرت فتح علي خان جو انتقال ٿيو.

Sunday 14 August 2022

Sindh in history today (15th August). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (15th AUGUST) [ Sindh in history today (15th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ] 15th August BIRTH DATES Esardas Raisinghani (Politician/1887), Naraidas Malkani (Freedom Fighter & writer/1890), Allah Bux Gabol (Karachi/Freedom Fighter/1895), Muhammad Ayub Khuhro (Aqil/Freedom Fighter, Sindh Chief Minister, Federal Minister & promoter of accepting and imposing One-Unit Schem on Sindh/1901), Anjum Halai (Poet/1902), ‘Ghani’ Kazi (Poet/1914), Bhojraj Chhabra (Shikarpur > Indore/Writer/1924), Relo Gihani (Writer/1929), Murad Ali Mirza (Tando Agha/Writer/1929), Dr.Bhagwandas Manghani (Social worker/1931), Arshad Halai (Manjhand/Poet/1932), Anand Tahiramani (Mehar > Baroda/Writer/1932), Tej Qabil (Dadu > Gandhidham/Poet/1932), Valiram Kishnani (Nawabshah > Gopal Pari/Poet & Artist/1937), Kumar Tejwani (Khan Wahan > Ulhasnagar/Writer/1937), Tulsi Naryani (Moro > Jaipur/Singer/1938), Muhammad Ali Hadad (Khairpur/Writer/1939), Madad Ali Shah ‘Manzar’ (Mahota/Poet/1942), Dr.Adal Soomro (Sukkur/Poet & Scholar/1955), Dost Ali Jessar (Journalist/1956), Tahir Jamro (Writer/1958), Taslim Memon (Darbelo/Writer/Writer/1958), Abdul Aziz ‘Asar’ (Poet/1959), Khalid Chandio (Bhanbho Chandio/Writer & labour leader/1961), Vimi Ramchand Sadarangani (Adipur/Poetess/1971), Ali Zahid (Poet/1973), Waeem Gabol (Jarwar/Poet/1983), DEATH DATES Ain Qaf Shaikh (Hyderabad/Artist & Writer/1991), Abdul Razaq Mahar (Mahar/Fiction writer/2002). EVENTS 1888: The ‘Social Reforms Association’ of Hyderabad is registered under ‘Company Act-V1 of 1884’. The NGO was formed by Sadhu Hiranand, Raj Rashi Dyaram Gidumal, Diwan Navalrai, Diwan Tarachand and Khouromal Chandanmal Khilnani. This NGO established and run more than five girls schools in Hyderabad. (Source: Books on biographies of Sadhu Hiranand & Dyaram Gidumal). 1922: Sindh observes ‘Ghazi Kamal Pasha Day’ on the call of the Sindh Khilafat Committee. All branches hold public meetings and condemn anti-Turkey designs of countries those have imposed war on Turkey also. Speakers paid homage to the great leader of Turky and highlighted his life and achievements. (Source: The Daily Al-Wahid). 1947: Quaid-i-Azam Muhammad Ali Jinnah takes oath as the Governor-General of Pakistan. The oath is administered by Justice A.Rashid, Chief Justice of Lahore High Court. Liaquat Ali Khan forms his cabinet consisting of Sardar Abdul Rab Nishtar, Raja Ghazanfar Ali, Fazul Rahman, I.I.Chundrigar, Ghulam Muhammad and Jagandar Nath. No Sindhi is included in the cabinet. However the capital of Pakistan will be in Sindh. (Source: Newspapers). 1975: Bengalis kill their father of nation. Shaikh Mujeeb who fought for independence of his country is killed by army of his own country. (Source: Newspapers) 1984: There is fight for all between Sindh and Punjabi students of Sindh Medical College, Karachi. Punjabi Medicos demanded FIRs to be lodged and Sindhi students to face trial for so many days the issue got full coverage of the press. Hafiz Muhammad Ismail of Khada, editor of Al-Sadiq decided to to bring ‘Al-Sadiq Sindh Medicos’ Number’. Hafiz Muhammad Sidik Memon collected posters, pamphlets and other relevant literature ad Dr. Dur Muhammad Pathan made draft and compiled material. Government got the information and the press where the material was under printing press was taken in custody by the police. Hafiz Muhammad Ismail was arrested and he saved skin of Dr.Dur Muhammad Pathan and Hafiz Muhammad Sidik by giving statement that he was all alone for collection and compilation of the ‘Number’ under print. Research by Dr.Pathan. ( 15 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 15.8.1839: ايسٽ انڊيا ڪمپنئ فيصلو ڪيو ته سنڌوندئ کي آبي آمدرفت لاء ڪم آڻجي. ان ڪري اڄ اتر سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ راس بيل کي لکيو ويو ته انھئ منصوبي تي ڪم شروع ڪريو ۽ حڪومت ليفٽيننٽ ووڊ کي ان لاء "انڊس نيويگيشن“ جو سپريڊنٽ مقرر ڪرڻ گهري ٿي. 15.8.1840: اڄ شڪارپور جي اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ خط ذريعي راس بيل کي ٻڌايو ته ڪئپٽن برائون کي ڇڏائڻ لاء ميجر ڪلبورن جي اڳواڻئ ۾ فوجي دستو ڪوهان موڪليو پيو وڃي ۽ هن سان سيد بچل شاھ نالي هڪ بااثر ماڻھون به موڪلبو. [ سيد ميڙ وٺي وڃڻ جي چال انگريزن به هلي]. (حوالو: اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ جو خط نمبر 400) 15.8.1888: اڄ حيدرآباد جي ’سوشل رفارمس ايسوسيئيشن‘ کي ’ڪمپني ايڪٽ V1 آف 1884‘ تحت رجسٽرڊ ڪرايو ويو. هئ اين جي او جن قائم ڪئي,اهي هئا: ساڌو هيرانند ، راجي رشي ڏيارام گدومل ، ديوان نولراءِ ، ديوان تاراچند ۽ ڪوڙومل چندنمل کلناڻي. هن اين جي او حيدرآباد ۾ پنجن کان وڌيڪ گرلز اسڪول قائم ڪيا ۽ هلائيندا. (حوالو: ساڌو هيرانند ۽ ڏيارام گدومل جي سوانح عمري تي ڪتاب). 15.8.1922: سنڌ خلافت ڪميٽي جي سڏ تي اڄ سنڌ ۾ ‘غازي ڪمال پاشا ڏينهن’ ملهايو ويو. خلافت جي سڀني شاخن عوامي ميڙاڪا ڪيا .مقررين ترڪي جي عظيم اڳواڻ کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ ان جي زندگي ۽ ڪاميابين تي روشني وڌي. (حوالو: روزنامه الوحيد). 15.8.1947: قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جي گورنر جنرل جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو. هن کان حلف جسٽس اي رشيد ، چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ کڻايو. لياقت علي خان پاڪستان جي وزير اعظم طور پنهنجي ڪابينه ٺاهي جنھن ۾ سردار عبدالرب نشتر ، راجا غضنفر علي ، فضل الرحمان ، آءِ جي آءِ چندريگر ، غلام محمد ۽ جگندر ناٿ کي شامل ڪيو. ڪوبه سنڌي ڪابينا ۾ شامل نه ڪيو ويو. (ذريعو: اخبارون). 15.8.1975: شيخ مجيب جيڪو پنهنجي ملڪ جي آزادي لاءِ وڙهيو ۽ ملڪ آزاد ڪرايائين, اڄ پنهنجي ئي ملڪ جي فوج پاران قتل ڪيو ويو. (حوالو: اخبارون) 15.8.1984: سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ، ڪراچي ۾ پنجابي ۽ سنڌي شاگردن وچ ۾ سخت جهيڙو ٿيو. پنجابي ميڊيڪوز مطالبو ڪيو ته سنڌي شاگردن خلاف ايف آءِ آر درج ڪئي وڃي. ڪيترن ڏينهن کان ان مسئلي کي پريس جي ڀرپور ڪوريج ملي وئي. ڪراچي جي "الصادق" رسالي جي ايڊيٽر حافظ محمد اسماعيل ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي مشوري سان ‘الصادق" جو "سنڌ ميڊيڪوز نمبر" ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو. حافظ محمد صديق ميمڻ پوسٽر ۽ پمفليٽ هٿ ڪيا.ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ "سنڌ ميڊيڪوز نمبر" مسودو لکيو. رسالو پريس ۾ ڇپجي رهيو هو ته حڪومت کي کڙڪ پئجي وئي ۽ پوليس پريس تي ڇاپو هڻي منهنجي هٿ سان لکيل مواد قبضي ورتو ۽ ان کان پوء حافظ محمد اسماعيل ۽ حافظ محمد صديق ميمڻ کي گرفتار ڪيو ويو. هنن ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي بچائڻ لاء اها سچي نه ڪئي ته "الصادق جو اهو اسپيشل نمبر" ڪنهن جو لکيل ۽ ترتيب ڏنل آھي. هنن ڪيترو عرصو انھئ ڪيس ۾ تڪليفون ڏٺيون. *************** 15 آگسٽ تي جنم يا وفات وٺندڙ. *************** [ جنم ڏينهن]: 1769ع فرانس جي سپهه سالار ۽ شهنشاهه نپولين بوناپارٽ. 1887ع سياستدان ايسرداس رائسنگهاڻي. 1890ع ليکڪ ۽ سياستدان نارائڻ داس ملڪاڻي (حيدرآباد). 1895ع آزادي لاء جدوجهد ڪندڙ الله بخش گبول (ڪراچي). 1902ع شاعر انجم هالائي. 1914ع شاعر غني قاضي. 1924ع ليکڪ ڀوڄراڄ ڪرمچند ڇاٻڙا(شڪارپور / اندور). 1929ع ليکڪ ريلو گيهاڻي. 1932ع ليکڪ آنند ٽهلاراماڻي(ميهڙ / بڙودا). 1932ع ڪهاڻيڪار تيج موٽومل ڀاڳچنداڻي(دادو / ڪڇ). 1932ع شاعر ارشد هالائي(مانجهند). 1937ع شاعر وليرام ڪشناڻي (نوابشاهه / هندستان). 1937ع ليکڪ ڪرمچند ڪمار تيجواڻي (خانواهڻ / الهاسنگر). 1938ع اداڪار ۽ گلوڪار تلسي ناياڻي(مورو / جئپور). 1939ع خيرپور سان تعلق رکندڙ ليکڪ محمد علي حداد. 1949ع شاعر افضل قادري.1952ع شاعر صديق جوڻيجو. 1952ع صحافي محمد نواز جسڪاڻي. 1955ع شاعر ڊاڪٽر ادل سومرو(سکر). 1956ع ليکڪ دوست علي جيسر. 1958ع ليکڪ طاهر ڄامڙو. 1958ع ليکڪا تسليم ميمڻ (درٻيلو). 1959ع شاعر عبدالعزيز اثر سنڌي(جهمپير). 1961ع سياستدان ۽ مزدور اڳواڻ خالد چانڊيو. 1971ع شاعره ومي سدا رنگاڻي (آديپور). 1973ع شاعر علي زاهد (خانپور). [وڇوڙو]: 1975ع بنگلاديش جي باني ۽ وزير اعظم شيخ مجيب الرحمان. 1980ع ليکڪ ۽ تعليمدان الهه بخش نظاماڻي. 1991ع ليکڪ ع ق شيخ (حيدر آباد). 2002ع ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار رزاق مهر.

Saturday 13 August 2022

Sindh in history today (14th August). By.Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (14th AUGUST) [ Sindh in history today (14th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ] 14th August BIRTH DATES Hassan Ali Effendi (Hyderabad > Karachi/Founder of Sindh Madressah and Sindh Muhammadan Association/1830), Qadir Bux ‘Bashir (Poet/1896), ‘Aziaf’ Halai (Poet/1897), Fatihchand; Paros’ (Bahlani > Calcutta/Singer & Poet/1906), Allah Bux Magsi (Politician/1928), Umed Ali ‘Amir’ Jamali (Poet/1929), Rais Ghula Mustafa Jatoi (New Jatoi/ex-caretaker Prime Minister and Founder of NPP /1931), Syed Zafar Hassan (Hyderabad/Writer/1937), Muhammad Sidik Parhyar (Ghanhwar Parhyar/Artist/1938), Zahoor Ansari (Writer/1939), Ghulam Ali Shar (Haji Mubarak/Folklore Poet/1944), Mahtab Akbar Rashdi (Naudero/ex-Secretary, MPA & Writer/1947), Roshan Ali ‘Roshan’ Soomro (Hyderabad/Poet/1947), Abdul Qadir ‘Abid’ (Poet/1955), Hafiz Abdul Qadir Chhilgri (Thul/Poet/1955),Sher Muhammad Malkani (Nazar Ali/Journalist/1956),Syed Mazhar Ali (Jacobabad/Journalist/1958), Ghulam Mustafa ‘Gohar’ (Poet/1958),Azad Sachal Awan (Begodero/Writer/1962),Ali Azhar (Hyderabad/Poet/1967), Ghulam Asghar Manganhar (Writer/1971), Dodo Buriro (Thull/Journalist/1972), DEATH DATES Irfan Mehdi (Poet/1991), Allah warayo Mahessar (Rafiq Mahesar/Folklore poet/1999) EVENTS 1838; Colonel Pottenger informs his Government that differences are visible between Talpurs and Lagharis .(Source: Letter No.89). 1917: Karachi Preem Mandli invites Dr.Chithram Gidwani to deliver lecture and share account of the Shikarpur Conference. New High School of Karachi is selected for the event. (Source: The Daily Gazette). 1923: Amalsing of Ratodero, who was sentenced to imprisonment under 108 C.P for taking part in the Non-Co-Operation Movement, is released today. (Source: ‘Source-Material on Sindh Congress’, compiled by Gul Hayat Institute). 1936: Founders of the ‘Sindh Ithah Party’ meet at the residence of Sir Haji Abdullah Haroon and discuss the Rules, Regulations and Constitution of the party. (Source: The Daily Al-Wahid). 1942: The meeting of the Working Committee of the Muslim League is holding the probe into the reported misappropriation in the ‘Flood Fund’. (Source: ‘Source-Material on Sindh Muslim League’, compiled by Gul Hayat Institute). 1947: British India is divided and today new country-Pakistan, comes into existence with Quaid-i-Azam Muhammad Ali Jinnah as its founder Governor-General .Sindh played a leading role in creation of Pakistan. The Sindh Legislative Assembly was the first and last Legislative Assembly that supported and opted for Pakistan. In this regard the resolution was moved by G.M.Syed. The founder of Pakistan-M.A.Jinnah was born in Jhirk, Sindh. The first and last Annual Session of the All-India Muslim League (before Pakistan) was held in Sindh (Karachi). The founder President of the All-India Muslim League was Sir Agha Khan who was born in Sindh. 1973: The present one Constitution is enforced. Ch.Fazul Illahi and Z.A.Bhutto take oath of the President and the Prime Minister of Pakistan. Research by Dr.Pathan. ( 14 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 14.8.1832: اڄ ڪرنل پاٽينجر خط لکي پنھنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته: 1. حيدرآبادي ۽ خيرپوري ميرن ۽ ڪابل جي بادشاه شاه شجاع وچ ۾ سمجهوتو ٿيو آھي ته مير کيس شاه شجاع کي سندس کسيل علاقن وري فتح ڪرڻ ۾ مالي مدد ڪندا. شاه شجاع شڪارپور ميرن جي حوالي ڪندو ۽ سنڌ جي آزاد حيثيت کي مان ڏيندو. 2.خيرپور وارو مير علي مراد خان بجرڪا ڳوٺ Bujirika Goth ڏانھن ڀڄي ويو آهي ۽ مير رستم علي خان انھئ ڳوٺ تي قبضي ڪرڻ لاء فوجي موڪليا آھن, 3. ميرپور وارو مير علي مراد آتو ويٺو آھي ته جيئن فرنگي پارڪر ۾ پنهنجي ڏوهارين خلاف فوجي ڪاروائي ڪندا ته مان انھن جي مدد ڪندس. 14.8.1838 ڪرنل پاٽينجر اڄ پنهنجئ حڪومت کي خط ذريعي آگاهي ڏني ته ٽالپرن ۽ لغارين جي وچ ۾ وڏا اختلاف پيدا ٿي چڪا آھن. (حوالو: خط نمبر 89). [ ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جا نمائندا سنڌ ۾ هر قسم جي جاسوسي ڪندا هئا ۽ ميرن جون ڪمزوريون ڳولهيندا هئا. لغاري ميرن جي حڪومت ۾ تمام وڏن عهدن تي رهيا. ميرن ۽ لغارين جا اختلاف فرنگين جي فائدي ۾ ويا. 14.8.1839: ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ حڪومت جي "سيڪريٽ ڪميٽئ" کي لکيو ته مياڻئ جي جنگ کان نيپيئر ميرن سان جيڪو رويو رکيو, اهو وقت جي تقاضا ۽ درست قدم هو. نيپيئر تي آئوٽرام جا الزام اجايا آھن. آئوٽرام ميرن هٿان استعمال ٿي رهيو هو. ميرن جا ديرا جيڪي قيدي ميرن سان گڏ نه ويا پر سنڌ ۾ آھن, انھن مان هر هڪ لاء ساڍا چار هزار روپيا ماهوار الائونس مقرر ڪيو اٿئون. اهڙئ ريت قيدي ميرن مان هر هڪ کي مهيني ۾ پندرهن هزار روپيا ماهوار الائونس ڏنو پيو وڃي. (حوالو: گورنر جنرل جو مراسلو نمبر 31). 14.8.1851: صوبائي سرڪار اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي اها اجازت ڏني ته خان ڳڙھ (جيڪب آباد) ۾ ڇانوڻي ٺاهي وڃي. (حوالو: ممبئي سرڪار جو مراسلو نمبر 2207), 14.8.1917: "ڪراچي پريم منڊلئ" اڄ ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي کي دعوت ڏئي ليڪچر ڪرايو. هن شڪارپور ڪانفرنس ۽ سياسي حالتن بابت پنهنجا ويچار ونڊيا. اهو ليڪچر پروگرام ڪراچي جي "نيو هاءِ اسڪول" ۾ ڪيو ويو. ياد رکڻ جي ڳالھ اها آھي ته تعليمي اداري جو انتخاب ته ڪيو ويو, پر پروگرام ۾ شاگرد نه, ليڪن پريم منڊلئ جا ميمبر ۽ ٻيا ماڻھون شريڪ ٿيا. پروگرام اسڪول ٽائيم ختم ڪرڻ کان پوء ڪيو ويو.(حوالو: ڊيلي گزيٽ). 14.8.1923: رتيديري جي املسنگ کي "عدم تعاون تحريڪ" ۾ حصو وٺڻ تي قلم 108 سي پي سي تحت سزا ڏني وئي هئي ، هو اڄ جيل مان آزاد ٿيو. (ذريعو: ‘ گل حيات انسٽيٽيوٽ پاران ڪانگريس بابت گڏ ۽ مرتب ڪيل مواد'). 14.8.1936: اڄ سر سنڌ حاجي عبدالله هارون جي رهائشگاهه تي ’سنڌ اتحاد پارٽي‘ جي باني ميمبرن جي گڏجاڻي ٿي جنھن ۾ پارٽي جي قاعدن ، ضابطن ۽ آئين ٺاهڻ بابت ڳالهيون ٿيون. (ذريعو: روزانه الوحيد). 14.8.1942: اڄ سنڌ مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ‘ٻوڏ فنڊ’ ۾ پارٽي ميمبرن طرفان گهوٻين هڻڻ جي جاچ پڙتال ڪئي وئي. (ذريعو: ‘گل حيات انسٽيٽيوٽ پاران مرتب ڪيل مسلم ليگ بابت مواد). 14.8.1947: برٽش انڊيا ورهائجي ويو ۽ نئون ملڪ پاڪستان وجود ۾ آيو. قائداعظم محمد علي جناح نئين ملڪ جو باني گورنر جنرل ٿيو. 14.8.1973: پاڪستان ۾ نئون جوڙيل ۽ منظور ڪيل آئين نافذ ڪيو ويو . چوڌري فضل الهٰي ۽ ڌوالفقار علي ڀٽي انھئ آئين مطابق پاڪستان جي صدر ۽ وزير اعظم جو حلف کنيو. *************** ولادتون ۽ وفاتون *************** جنم: 14 آگسٽ تي ولادت يا وفات وٺندڙ شخصيتون [ ولادتون ] 1830ع سنڌ مدرسي جو بانيڪار حسن علي آفندي. 1896ع شاعر قادر بخش بشير . 1897ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر اضعف هالائي. 1901ع سياستدان خانبهادر ايوب کهڙو. 1906ع شاعر ۽ گلوڪار فتح چند پرواز (بهلاڻي / ڪلڪتو) . 1928ع سياستدان الهه بخش مگسي. 1929ع شاعر اميد خيرپوري. 1931ع سياستدان غلام مصطفى جتوئي. 1937ع ليکڪ ظفر حسن شاهه (حيدر آباد). 1938ع آرٽسٽ محمد صديق پرهياڙ. 1939ع ليکڪ ظهور انصاري. 1944ع سگهڙ غلام علي شر. 1947ع ليکڪ، بيوروڪريٽ, سماجي سڌارڪ ۽ سياستدان مهتاب اڪبر راشدي جو جنم. 1947ع شاعر روشن سومرو. 1955ع شاعر عبد القادر عبد. 1956ع صحافي شير محمد ملڪاڻي. 1958ع شاعر غلام مصطفى گوهر. 1958ع صحافي سيد مظهر علي (جيڪب آباد). 1960ع ليکڪ ۽ مرثيه نگار ڊاڪٽر امام علي مرزا. 1962ع ليکڪ آزاد سچل اعواڻ جو جنم. 1969ع شاعر ۽ ڪهاڻيڪار اڪرام ساگر عباسي(پنجو ديرو). 1970ع شاعر بيخود بلوچ. 1970ع لوڪ گلوڪاره تاج مستاني. 1971ع ليکڪ غلام اصغر مـڱڻهار. 1947ع شاعر روشن سومرو. 1956ع استاد اڳواڻ محمد رفيق جروار (ٽنڊو الهيار) . 1960ع براڊ ڪاسٽر ۽ صحافي محمد اسلم چنا (حيدرآباد) [وڇوڙو]: 1991ع سگهڙ الهورايو مهيسر (رفيق مهيسر / خيرپور). 2004ع ناليواري راڳي ۽ موسيقار سينگار علي سليم

Friday 12 August 2022

Sindh in history today (13th August). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (13th AUGUST) [ Sindh in history today (13th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ] 13th August BIRTH DATES Muhammad Ibrahim Joyo (Abad/Writer & educationist/1915), Suleman Shan ‘Salm’ (Dubar/Poet/1918), Hazaro Khan ‘Mujahid’ (Ghogharo/Poet/1924), Harolal ‘Satayal’ (Badah > Ulhasnagar/Poet & Singer/1931), Hamidah Khuhro (Aqil/ex-Minister/1936), Parso G. Gidwani (Dadu >Poono/Scholar/1937), Hameedah Qazi (Shikarpur/Poetess/1960), Rabia Akram (Hyderabad/Radio Program Manager/1962), DEATH DATES Makhdoom Zia-u-ddin Muhammad (Khuhra/Religious Scholar/1817), Sumerah Zareen (Shikarpur/Story writer/1977). EVENTS 1843: Sindh Governor, Sir Charles Napier, while writing to the Governor-General of India criticizes the role played by Major Outram in Sindh. He writes that Major Outram had many years lived on terms of personal contacts with Sindh Rulers, and I vainly imagined he had some influence with them- an influence which it was my duty to call into play in the hopes of preventing war. I therefore sent him to Hyderabad, but I saw that the Amirs were making use of him to ensure the destruction of the force under my command. (Source: ‘Correspondence related to Sinde’). 1939: The Daily Al-Wahid of Karachi carries a letter of Ali Gohar Lahori of Larkano, in which he has informed that he has donated Rs.50 to the Masjid Manzilgah Restoration Committee through Qazi Fazlullah and is ready to pay more if desired by the Committee. (Source: indicated). 1954: It is the for the first time that the National Anthem of Pakistan is broadcasted by the Radio Pakistan (Source: Newspapers). 1963: Malik Amir Muhammad Khan, General Moosa Khan and Z.A.Bhutto are awarded ‘Hilal-i-Pakistan’ by President Ayub. It is amazing to note that none of them had natural death and all were killed. (Source: Newspapers). 1972: Khair Bux Mari is elected as president of NAP Balochistan (Source: ibid). 1973: Z.A.Bhutto is elected as the Prime Minister of Pakistan. He second to none in a way that being a civilian, he became Chief Martial law administrator He availed all important positions such as Minister, Deputy Prime Minister and President. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). Research by Dr.Pathan. ( 13 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 13.8.1832: ڪرنل پانٽيجر سنڌ منجهان پنهنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته: 1). مير مراد علئ وعدو ڪيو آھي سنڌ سرحد/پارڪر وٽ فرنگين کي ڦريندڙ ماڻھون پڪڙي اسان پاٽينجر حوالي ڪنداسين. هو کين ٻن مهينن جي سزا به ڏئي سگهي ٿو, 2). شڪارپور مان خبر ملي آھي ته پنجاب مان ڪرپالسنگ چئن هزارن جو لشڪر وٺي ديره غازي تائين پهتو آھي. ان تي مير پريشان ٿي ويا آھن ۽ ديره غازي خان پنهنجا جاسوس موڪليا اٿن ته ڪرپالسنگ جي نيت جو پتو لڳائن, 3). مير مراد علي خان ڪابل جي دوست محمد خان ڏي سوکڙيون پاکڙيون موڪلي کيس دوستي رکڻ ۽ رنجيت سنگ طرفان شڪارپور تي ڪاه ڪرڻ وقت/صورت ۾ مدد گهري آھي. 13.8.1838: پاٽينجر اڄ مير نور محمد ۽ ايران جي شاه وچ ۾ ٿيل خط و ڪتابت هٿ ڪري پنهنجئ سرڪار ڏي ڏياري موڪلي. 13.8.1843: نيپيئر, ٺڳئ ۽ دهمان سان سنڌ تي قبضو ته ڪيو, پر سندس ئي نگرانئ ۾ ڪم ڪندڙ پوليٽيڪل ايجنٽ آئوٽرام هن جي ڳچئ ۾ پئجي ويو. آئوٽرام هن لاء جتي ڪٿي باه ٻاري ڇڏي ته نيپيئر سفارتڪارئ ۽ جنگ جا اصول لتاڙي ميرن سان فريب ڪيو. ڳالھ ايتري وڌي وئي جو گورنر جنرل به نيپيئر کان پڇاڻو ڪيو. اڄ نيپيئر کيس لکي ٿو ته آئوٽرام مون کان ڪيترا سال اڳ سنڌ ۾ رهيو. هو ميرن کان بي جاء متآثر هو. مان آئوٽرام جي صلاح سان هلان ها ته منھنجي لشڪر کي ماريو وڃي ها ۽ مان ڪسجي وڃان ها. مير کيس استعمال ڪري رهيا هئا ته تڪڙي جنگ نه لڳي ته جيئن هنن کي وڙھڻ جي تيارئ جو وقت ملي وڃي. 13.8.1851: ڪئپٽن ميڊوز ٽيلر "هندوستان جي آڳاٽن ماڳ مڪانن, غارن ۽ مندرن بابت رپورٽ" تيار ڪئي هئي. ممبئئ سرڪار اها اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي ڏياري موڪلي ته هن روپرٽ جي آڌار تي سنڌ جي آثاريه قديميه ۽ ماڳن مڪانن بابت رپورٽ تيار ڪري موڪليو ته سنڌ جي شاندار ماضئ بابت ڪا ڀروسي جوڳي معلومات ملي سگهي ۽ اها محفوظ ڪري سگهجي. 13.8.1851: ڪراچئ کان پنجاب تائين آگبوٽ ھلائڻ لاء اڄ ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر سرڪاري خواهش کان آگاه ڪندي, منصوبي تي تيزئ سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڏني. 13.8.1939: مسلم ليگ "مسجد منزلگاه" جو مامرو کڙو ڪري سنڌ جي ڪيترن وڏيرن, اميرن ۽ پيرن کي پنهنجي پاسي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. جيڪي پنهنجئ نيڪ نامئ لاء تحريڪ جي حق ۾ بيان ڏيندا رهيا. انھئ دور جون اخبارون سندن اهڙن بيانن سان ڀريون پيون آھن. اڄوڪئ "الوحيد" ۾ لاڙڪاڻي واري علي گوهر لاهورئ جو خط/بيان ڇپيو ته هن قاضي فضل الله معرفت "مسجد منزلگاه ريسٽوريشن ڪميٽئ" کي 50 روپيا ڏياري موڪليا آھن ۽ ضرورت پئي ته اڃا وڌيڪ مالي مدد ڪرڻ لاء حاضر آھيان. 13.8.1954: پاڪستان جو "قومي ترانو" سڀ کان پهريون دفعو اڄ ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿيو. قومي تراني کي ٺھندي ست سال ورتائون. قومي ترانو حفيظ جالنڌرئ لکيو, جيڪو خيرپور ۾ درباري شاعر ٿي رهيو ۽ تراني جي ڌن غلام علي چاڳلا ٺاهي هئي. 13.8.1963: ايوب-حڪومت اڄ ملڪ امير محمد خان, جنرل موسا ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي "هلال پاڪستان" جو تمغو ڏنو. عجيب اتفاق آھي ته تمغي وٺندڙ انھن ٽنهي ماڻھن جو طبعي موت نه ٿيو ۽ هو ماريا ويا. 13.8.1979: مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل ضياء الحق ته اڳتي "متناسب نمائندگي/پروپورشنل ريپريزنٽيشن" جي بنياد تي پارٽيون چونڊجي اچن. [مطلب سيٽن بدران ووٽن جو تعداد پارٽين جي پوزيشن متعين ڪري]. سندس اها صلاح ڪنهن به سياسي پارٽئ قبول نه ڪئي. *************** ولادتون ۽ وفاتون *************** 13 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 13 آگسٽ 1915ع دانشور ۽ ڏاهي محمد ابراهيم جويو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 آگسٽ 1918ع شاعر سليمان شاهه سالم جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 آگسٽ 1924ع شاعر هزارو خان مجاهد جو جنم ڏينهن آهي. 13 آگسٽ 1931ع شاعر، اداڪار ۽ گلوڪار هارو لال ستايل (باڊهه / الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي. 13 آگسٽ 1936ع سياستدان، تاريخ نويس ۽ استاد ڊاڪٽر حميده کهڙو جو جنم ڏينهن آهي. 13 آگسٽ 1937ع محقق ۽ اسڪالر ڊاڪٽر پرسو گدواڻي(دادو / پونو) جو جنم ڏينهن آهي. 13 آگسٽ 1960ع شاعره حميده قاضي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 13 آگسٽ 1817ع اسڪالر مخدوم ضياءُ الدين محمد جو انتقال ٿيو. 13 آگسٽ 1977ع ڪهاڻيڪاره ثميره زرين(شڪارپور) جي وفات ٿي. 13 آگسٽ 1992ع ڪهاڻيڪار ايشور چندرجي ديهانت ٿي. 13 آگسٽ 1999ع ٻاراڻي ادب لاء ڪم ڪندڙ ليکڪ اڪبر جسڪاڻيجي وفات ٿي. 13 آگسٽ 2000ع جديد موسيقي جي مشهور پاڪستاني گلوڪاره نازيه حسن جو انتقال ٿيو.

Thursday 11 August 2022

Sindh in history today (12th August). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (12th AUGUST) [ Sindh in history today (12th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan.] 12th August BIRTH DATES Dr. Gobindram ‘Hardil Aziz’ (Khairpur Nathan Shah >Raipur/Poet & Journalist/1912), Jasomal ‘Azad’ (Tando Muhammad Khan > Mumbai/Poet/1926), Fida Hydri (Karampur/Singer/1936), Shahnawaz ‘Shad; Dayo (Tayab/Poet/1942), Ghulam Rasool ‘Souz’ Samo (Karachi/Poet/1943), Ashok Kumar Wadhvani (Shikarpur/Journalist/1949), Ajiz Shoro Karimpuri (SaujwalPoet/1954), Abid Niaz Memon (Shikarpur/Journalist/1956), Nawaz Kumbhar (Kot Nawab/Writer/1965), Inaml Takhrai (Poet/1966), Sikandar Mehran (Kandhkot/Writer/1969), Sattar Channo (Bado Sharif/Poet/1970),Nasir Shah ‘Nasir’ (Dabi/Poet/1971), Abbas Sarang (Jacobabad/Writer/1972), Rukhsana Pirzado (Nandhi Sita/Writer/1975), DEATH DATES Shaikh Essa Sindhi (Burhanpur/Religious Scholar/1622), Chhato Fakir Sangi (Folklore Poet/1892), Mir Ghous Bux Bezinjo (Politician/1989), Aseer Malah (Poet/2009). EVENTS 1848: Sindh Commissioner directs all Collectors of districts to furnish his office information about Antiquities and ancient of their respective districts.(Source: Circular letter No.2199). 1939: The Daily Al-Wahid of Karachi in course of its editorial deplores the policy of Jamiat-i-Ulema Sindh regarding agitation for restoration of the Masjid Manzilgah. This may kindly be noted that Moulana Muhammad Sadik of Khada and Hakim Fatih Muhammad Sehwani were not in favour of agitation and wanted to resolve the issue through deliberations and politically. However, they were demanding the restoration of Mosque as and like other Muslims. 1943: K.B.Muhammad Ayub Khuhro presides over Muslim League Conference at Matiari (Source: ‘Source-Material on Sindh Muslim League’, compiled by Gul Hayat Institute). 1946: Pandit Jawaharlal Nehru, the Congress President is invited by the Viceroy to form an interim Government at the Centre. Criticizing the Congress Committee’s resolution, M.A.Jinnah says that the resolution of the 10th August is only a repeatation of the Congress stand taken by them from the very beginning only put in a different language and phraseology. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1946). 1948: Several followers of Khan Abdul Ghaffar Khan are killed in firing by police in Bhabhra on orders of the NWFP Chief Minister Khan Abdul Qayoon Khan. (Source: Newspapers). 1960: The First Housing Census of Pakistan starts (Source: Newspapers). 1965: China offers 30,000 tons of steel, 1,00,000 tons of coal and 15,000 tons of cement to Pakistan (Source: Newspapers). 1969: Pakistan Democratic Movement is dissolved. (Source: ibid). 1990: People’s Work Program is disbanding. Government charges PPP regime for giving their henchmen billion of rupees. (Source: Newspapers) 1991: APC attended by 23 opposition groups demands immediate fresh, free and fair election under a caretaker Government of national consensus. (Source: ibid) . Research by Dr.Pathan. ( 12 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 12.8.1800: اڄ آغا عبدالحسين وڃي مير فتح علي خان طرفان ناٿن ڪرو کي نياپو پهچايو ته مون تي وڏو بار پئجي ويو آھي, ان ڪري ٻيو چارو ڪونهي ته سنڌ ۾ تنھنجي فئڪٽري بند ڪجي. توکي منھنجي انھئ حڪم جي تعميل ڪرڻي آھي. (حوالو: Chronology of trade relations between Britian and Sindh (1626 to 1843) by Dr.Pathani 12.8.1839: ڪراچي ۽ منوڙو کسي فرنگين حيدرآبادي ميرن کي مات ڏني. هاڻي سندن نظر خيرپور تي آھي. هو خيرپور ته اتان جي ميرن کان کسي نه ٿي سگهيا, پر هنن اتي ڀاء کي ڀائرن سان ويڙھايو ۽ پوء انھن اختلافن مان فائدو ورتو, مير رستم خان کان بکر قلعو ورتو ۽ سکر تي قبضي ڪرڻ جا سانڀاها ڪيا. انھن مقصدن ماڻڻ لاء فرنگين مير علي مراد تي هٿ رکيو. اڄ گورنر جنرل پنهنجي سيڪريٽرئ معرفت پنهنجي اتر سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ کي خيرپوري ميرن جي اختلافن مان فائدو وٺبو. مير علي مراد کي ناراض نه ڪبو. خيرپوري ميرن جي پرڳڻن جو نقشو ڪڍي موڪل ۽ سندن نيتن بابت تفصيلي رپورٽ لکي موڪل. (حوالو: شملي مان لکيل خط. ڊاڪيومينٽ نمبر 208). 12.8.1843: آئوٽرام جيڪا نيپيئر خلاف باه ٻاري ۽ هن جي سنڌ بابت پاليسئ جي اخبارن ۾ پت وائکي ڪئي, ان تي سرڪار نيپيئر کان پڇاڻا ڪندي رهي. اڄ نيپيئر هڪ اهڙي پڇاڻي جي جواب ۾ حيدرآباد مان گورنر جنرل کي لکي ٿو ته آئوٽرام جا الزام بي بنياد آھن. هن جي ميرن لاء دل ڪرڪي پئي ۽ مير کيس مون خلاف استعمال ڪرڻ چاهن پيا. مان آئوٽرام جي چوڻ تي هلان ها ته سمورئ فرنگي فوج سميت ڪسجي وڃان ها. (حوالو: ڪتاب Correspondence related to Sinde). 12.8.1848: اڄ سنڌ جي ڪمشنر سمرن ضلعن جي ڪليڪٽرن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجي پنهنجي ضلعن جي قديم آثارن بابت معلومات ھٿ ڪري فراهم ڪن ته جيئن انهن جي بچاء جو جوڳو بندوبست ڪري سگهجي.(ڪمشنر جو سرڪيولر ليٽر نمبر 2199). ڪيڏي نه ڏک جي ڳالھ آھي ڌارين, غيرن فرنگين کي سنڌ جي عظيم ماضئ کي بچائڻ جو ته اونو هو, ليڪن اسان جي ڏينھن ۾ وس وارن ماڻھن قديم آثارن تي قبضا ڪري, انھن تاريخي خزانن کي ميسارڻ جو نه ختم ٿيندڙ سلسلو شروع ڪيو آھي. سنڌ سان دشمني ڪرڻ ۾ اسان به ڪونه گهٽايو آھي. 12.8.1923: امل سنگ رتيديري جو ويٺل هو. ڪانگريسي هو. "عدم تعاون تحريڪ" ۾ حصو ورتائين. کيس قلم 108 CPC هيٺ گرفتار ڪري جيل جي سزا ڏني وئي. هو اڄ اها سزا ڪاٽي جيل مان آزاد ٿي آيو. (حوالو: ڪتاب Sorrows & Longings of Freedom Fighters, by Dr.Pathan. it is on website). 12.8.1938: لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر مراسلو(نمبر 9665) ذريعي لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ کي چيو ته ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۾ لائبرريون قائم ڪجن. پر ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ انھئ راء کي رد ڪري ڇڏيو. 12.8.1939: سنڌ هن دور ۾ مذھبي ۽ سياسي اختلافن ڪري ڪئمپن ۾ ورهائجي چڪي ھئي. مسلمان به هڪڙا مسلم ليگي ته ٻيا غير مسلم ليگي ٿي ويا. حڪومت الله بخش سومري جي هئي ۽ مسلم ليگي سومري ۽ سندس دوستن خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي نڪري پيا. اڄ روزاني “الوحيد“ ڪراچئ پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ مولانا محمد صادق کڏي واري ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻئ جي سياسي ڪارڪردگئ تي تنقيد ڪئي. اهي ٻئي سياستدان ساڃھ کان ڪم وٺندي مسجد منزلگاه جي بحالي وارئ تحريڪ کي هندو-مسلم فساد ۽ اختلاف جو ذريعو ٿيڻ نه پيا ڏسڻ چاهن. ان ڪري "الوحيد" جمعيت علماء سنڌ ۽ ان جي هنن ٻنھي اڳواڻن کي تنقيد جو نشانو بڻايو. "الوحيد" مسلم ليگ جي زبان بڻجي چڪي ھئي ۽ مسلم ليگ وري مسجد منزل گاه مسئلي تي ممڻ مچائڻ گهري پئي. 12.8.1943: اڄ ڪي بي محمد ايوب کهڙي مٽياري ۾ مسلم ليگ ڪانفرنس جي صدارت ڪئي. (حوالو: ‘سنڌ مسلم ليگ تي گل حيات انسٽيٽيوٽ پاران گڏ ڪيل مواد'). 12.8.1946: اڄ پنڊت جواهر لال نهرو ، ڪانگريس صدر کي وائسراء پاران مرڪز ۾ عبوري حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني. ايم اي جناح انھئ قدم ۽ ڪانگريس تي سخت تنقيد ڪئي. (حوالو: "انڊين ائينيئل رجسٽر ، واليوم 2 ، سال 1946). 12.8.1948: سرحد صوبي جي وڏي وزير خان عبدالقيو خان ​​جي حڪم تي خان عبدالغفار خان جا ڪيترائي پيروَڪار ڀابرا ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويا. هھڙن واقعن مان آسانئ سان اندازو لڳائي سگهجي پيو ته ملڪي سياست ۾ رياستي دهشت گردئ جو ڪليدي ڪردار رهڻو آهي. (حوالو: اخبارون) 1969: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ مومينٽ نالي سياسي اتحاد کي ختم ڪيو ويو. (حوالو: اخبارون) 12.8.1991: اڄ آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي, جنهن ۾ مخالف ڌر جي 23 پارٽين جي نمائندھ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ اتفاق راءِ سان مطالبو ڪيو ويو ته نگران حڪومت جوڙي جلد از جلد آزاد ۽ منصفاڻي اليڪشن ڪرائي وڃي. (حوالو: پريس رليز) [جنم] : 12 آگسٽ 1912ع شاعر ۽ صحافي ڊاڪٽر گوبندرام هر دلعزيز . 12 آگسٽ 1926ع شاعر، اديب ۽ صحافي ٽهلرام جيسومل آزاد(ٽنڊو محمد خان / آگره). 12 آگسٽ 1936ع گلوڪار فدا حيدري (ڪرمپور). 12 آگسٽ 1942ع شاعر شاهنواز شاد دايو. 12 آگسٽ 1943ع شاعر غلام رسول سوز سمون (ڪراچي). 12 آگسٽ 1949ع صحافي اشوڪ واڌياڻي (شڪارپور). 12 آگسٽ 1954ع ليکڪ عاجز شورو. 12 آگسٽ 1956ع شاعر عابد نياز ميمڻ (شڪارپور). 12 آگسٽ 1960ع سماجي ورڪر علي احمد جوکيو (ڪراچي). 12 آگسٽ 1966ع شاعر انعام ٽکڙائي . 12 آگسٽ 1970ع ليکڪ ستار چنا. 12 آگسٽ 1971ع شاعر ناصر شاهه ناصر. 12 آگسٽ 1972ع صحافي عباس سارنگ (جيڪب آباد). 12 آگسٽ 1975ع ليکڪا رخسانا پيرزادو. [وڇوڙو]: 12 آگسٽ 1622ع مذهبي اسڪالر شيخ عيسى سنڌي برهانپوري. 12 آگسٽ 1892ع شاعر ڇتو فقير سانگي. 12 آگسٽ 1989ع بلوچ سياسي اڳواڻ غوث بخش بزنجو. 12 آگسٽ 2009ع ڪوٽڙي سان تعلق رکندڙ شاعر اسير ملاح