Saturday 19 November 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (19th November) By: Dr. Pathan


** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي گورنر جنرل سنڌ 
جي حڪمرانن جي پاليسين تي ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو، 
هن شاهه شجاع الملڪ بابت پڻ پنهنجا رمارڪس ڏنا 
۽ سنڌي حڪمرانن سان ڪاوڙ جاري رکي.
** 1938ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ميهڙ ۾ خانبهادر ايوب کهڙو جي
 صدارت ۾ آرگنائيزنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي، جنهن جو ميزبان
 حاجي خان ايڊووڪيٽ هو، انهيءَ گڏجاڻي ۾ ميهڙ مسلم ليگ جا عهديدار چونڊيا ويا.
** 1944ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ مسلم ليگ جي نائب صدر
 آغا غلام نبي کي سنڌ اسيمبلي جي خالي ٿيل هڪ سيٽ تي اليڪشن 
وڙهڻ لاءِ پارٽي طرفان ٽڪيٽ ڏني وئي.
**  1968ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي ايسٽ ونگ (بنگال)
 جا ماڻهو پڻ جنرل ايوب خان خلاف تحريڪ ۾شامل ٿي ويا، ايوب
 شاهي خلاف سڀ کان پهرين ويسٽ پاڪستان مان تحريڪ جو آغاز ٿيو، 
جنهن کانپوءِ ايسٽ پاڪستان جا شاگرد پڻ جلوسن ۾ شامل ٿي ويا،
 هنن جو مطالبو هو ته سڀني سياسي قيدين کي بنا ڪنهن شرط
 جي آزاد ڪيو وڃي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت بحال ڪئي وڃي،
 ان وقت ۾ ذوالفقار علي ڀٽو پڻ جيل ۾ هو، کيس تحريڪ دوران گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويو، ذوالفقار علي ڀٽو کي ساهيوال جيل منتقل ڪيو ويو هو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مصر جو صدر انور سادات 
اسرائيل جو دورو شروع ڪيو، هو پهريون عرب اڳواڻ هو،
 جيڪو اسرائيلي جي دوري تي پهتو، ٻن ڏينهن جي دوري دوران 
اسرائيلي اختيارين انور سادات جو وڏو استقبال ڪيو، انور سادات
 جي انهيءَ دوري تي ٻين عرب اڳواڻن اعتراض واريو هو. 
هنن جو چوڻ هو ته اسرائيل جو دورو ڪرڻ
 جو مقصد اسرائيل کي تسليم ڪرڻ برابر آهي.
** 1981ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪا جي پرڏيهي معاملن
 بابت پارلياماني ڪاميٽي ايف-16 جهاز پاڪستان کي وڪرو
 ڪرڻ واري معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم نواز شريف سنڌ
 ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ واري فيصلي جو دفاع ڪيو،
 ڊيرا مراد جمالي بلوچستان ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ اسيمبلي
 جي بحالي کان وڌيڪ سنڌ جو امن عزيز آهي.گورنر راڄ تي
 دانهون ڪندڙ پارٽي ٻڌائي ته هن پنهنجي دور ۾ امن ڇو نه ڪرايو.

No comments:

Post a Comment