Saturday 30 April 2022

Sindh History (May 1, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (01st MAY)
1st May
BIRTH DATES
1. Mirza Hawayun Beg ' Faiq' (Hyderabad/Poet/ birth 1st May 1908),
2. Bahawal Khan 'Asim' (Jhando Gadahi/Poet/ birth 1st May 1936),
3. Qalandar Shah Lakyari(Shah Karim/Writer/ birth 1st May 1940),
4. Abdul Qadir Bhughio (K.N.Shah/Journalist/ birth 1st May 1948),
5. Dhani Bux 'Pathar' (Writer/ birth 1st May 1949),
6. Feroza Samo(Hyderabad/Did M.Phil. on 'Child Literature under Dr. Dur Muhammad Pathan's supervision/ birth 1st May 1949),
7. Muhammad Aslam Shaikh (Shahdadkot/Retd. Judge, Writer & Social worker/1951),
8. Parkash Jharomani (Baroda/Singer/ birth 1st May 1952),
9. Dr. M.Murad Chodho (Jumo Chodho/Scholar/ birth 1st May 1952),
10. Altaf Lakhr (Mured Lakhr/Writer/ birth 1st May 1957),
11. Rajib Ali 'Azhar' (Poet/ birth 1st May 1960),
12. Imam Bux Kingrani (Jani Beg/Folklore Poet/ birth 1st May 1961),
13. Faqir Manthar Mangrio (Sanghar/Ex- Editor Daily Mehran/ birth 1st May 1962)
14. M.Rafiq Bughio (Babu Khan/Writer/ birth 1st May 1962),
15. Bela Achhra (Writers/ birth 1st May 1962),
16. Aziz 'Aas' (Poet/ birth 1st May 1964),
17. Hamid Channa (Tharri Muhabat/Writer/ birth 1st May 1966),
18. Abdul Karim Shah 'Azad' (Chak/Poet/ birth 1st May 1966),
19. Udasi Fuljai (Usman Channo/Poet/ birth 1st May 1969),
20. Mehar Allahyar (Shahak/Poet/ birth 1st May 1976),
21. Sagar Zardari (Radhan/Poet/ birth 1st May 1984)
22. Najia Mir (Sukkur/News caster/Writer/birth 1st May 1986)
1st May
DEATH DATES
1. Khaliq Morai (Journalist/ death 1st May 1934),
2. Mir Rasul Bux Talpur (Hyderabad/Ex- Governor, Sindh/ death 1st May 1982)
1st May
EVENTS
1848: The Govt.of India asks the Governor of Sindh to prepare details along with schedule of pensions and grants given by Ex - Rulers as they can be continued if loyalty and sincerity with British Govt. is proved.
1850: His Highness Mir Ali Murad Khan Talpur is not happy and satisfied with proceedings and findings of the Commission appointed by the Govt. for probing his involvement in making changes in the Treaty of Nounihar.
1886: Workers demanding 'Eight hours as working hours' are fired upon by police in Chicago. This ugly event is yearly condemned as 'May Day'. The first ever May Day in Pakistan was observed in 1972.
 
Sindh in History Today (1st May). Date-wise Narration of history, since last 9 months. Research & Video Talk by Dr.Pathan.
اڄ ” مئي ڊي" آھي. 1886 ۾ ماريل پورهيتن جي رت تاريخ کي ريٽو ڪيو. پر ان کان صدي ڏيڍ اڳ سنڌ ۾ شاه عنايت شهيد " جو کيڙي سو کائي" جي مقصد واري هارين جي حقن لاء پاڻ ۽ سندس ساٿين جان جي قرباني ڏني. اسان ايڏو وڏو واقعو دنيا اڳيان نه آندو. پر شاه عنايت جي مزار مٿان پڙ وجهي کيس فقط هڪ پير فقير جي حيثيت ڏئي ڇڏي. اسان نظرياتي ۽ سياسي آدرشن تي ايئن مزارون ٺاهيندا آھيون ۽ پڙ پارائي پير بڻائي ڇڏڻ جا ڪوڏيا آهيون. اسان سندن نظرين, فلسفي ۽ جاکوڙ کي پڙن ۾ پوري ڇڏيندا آهيون.
پهرين مئي تي اسان جي وڏڙن ڇا ڪيو ۽ ڇو ڪيو؟ اهو ڄاڻڻ لاء منھنجو اڄوڪو وڊيو ٽاڪ ڏسو ۽ پنھنجئ تاريخ کي سمجھو. ڇو ته ان ۾ ساڃھ-وندن لاء کوڙ سبق آھن. اسان سان انگريزن کان وٺي ايم.ڪيو.ايم وارن ڇا ڪيو؟ اسان سان ايوب, ڀٽي ۽ ٻين ڇا ڪيو؟ اسان ڪڏهن مذھب ته ڪڏهن مطلب واري گهوڙي تي چڙھي سنڌ جي اتحاد, امن ۽ مستقبل کي ڪيئن لتاڙيو؟ اهو سڀ ڪجھ وڊيو ۾ شامل آهي, بلڪ, ان کان ٻيو به وڌيڪ ڪجھ وڊيو ٽاڪ ۾ شامل آھي. يوٽيوب تي هڪ دفعو سبسڪرائيب ضرور ڪيو. پنهنجو خيال رکجو.

**************
توجه طلب واقعا
***************
1.5.1927:
لالا لڄپت راء جي صدارت ۾ سکر ۾ ”سنڌ پراونشل هندو سميلن" ٿيو. ان ۾ پنج هزار وفد شريڪ ٿيا. هن سيمينار ۾ هندن جي سماجي, ڌرمي ۽ سياسي مسئلن تي ويچاريو ويو ۽ سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ جي مخالفت ڪئي وئي.
1.5.1934:
سکر مان ڪشنچند واسديو هفتيوار اخبار "سناتن ڌرم" جاري ڪئي. هئ اخبار بنيادي طور سناتن ڌرم جي پرچار ڪندي هئي, پر ان کان سواء ڪانگريس پارٽئ جي آرگن طور به ڪم ڪيائين. "ستياگره تحريڪ" دوران نالو ڪمايائين.
5.1.1972:
ممتاز علي ڀٽي سنڌ جي, سردار عطاء الله مينگل بلوچستان جي, مفتي محمود سرحد (ڪي.پي.ڪي) جي وڏي وزير طور حلف کنيو. ملڪ معراج خالد جو نالو پنجاب جي وڏي وزير طور منظور ڪيو ويو.
1.5.1848:
هند سرڪار اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته رپورٽ ٺاهي موڪل ته ٽالپورن جي دور ۾ ڪنهن ڪنهن کي پينشن يا گرانٽ ڏني ويندي هئي.
1.5.1850:
خيرپور رياست جي والئ مير علي مراد خان سنڌ جي ڪمشنر سان لکي احتجاج ڪيو ته اوهان منھنجي ۽ مير رستم خان وچ ۾ ٿيل "نونهار معاهدي" جي انڪواري ڇو ٿا ڪريو. هن وڌيڪ لکيو ته منهنجو خاندان انهئ ڳالھ تي راضي ناهي ته مان انڪوارئ لاء اوهان اڳيان پيش ٿي صفائي ڏيان. [ياد رهي ته اهو معاهدو سنڌ تي فرنگين جي قبضي کان اڳ ٿيو هو ۽ انگريزن کي مير رستم علي خان دانھون ڏيندو هو ته "نونهار معاهدي" ۾ مير علي مراد خان پنهنجئ مرضئ سان پنهنجي حق ۾ ڦير گهير ڪئي آھي. ان وقت انگريزن سندس ڪا ڳاله نه ٻڌي. ڇو ته کين مير علي مراد جي دوستئ ۽ ساٿ جي ضرورت هئي. جڏهن سنڌ تي قبضو ڪري فرنگي حاڪم ٿيا ته پنهنجي يار مددگار مير علي مراد خان خلاف انڪواري ڪرايائون.]
1.5.1886:
شڪاگو ۾ پورهيتن مزدورئ جو وقت 8 ڪلاڪ ڪرڻ لاء احتجاجي جلوس ڪڍيو. پوليس گولي هلائي هڪ پورهيت ماري وڌو. مزدور ڇڙوڇڙ ٿي وري گڏ ٿيا ۽ احتجاجي ميڙ ڪيائون. وري پوليس مٿن حملو ڪري ڪيترن کي گرفتار ڪيو ۽ پوء چئن پورهيتن کي ڦاهي ڏني وئي. انھئ سانحي ۽ جدوجهد کي ياد ڪرڻ لاء "مئي ڊي" ملهائڻ جو رواج پيو. پاڪستان ۾ سرڪاري طور تي پهريون "مئي ڊي" 1972 ۾ ملهايو ويو هو.
***************
{اڄوڪي ڏينهن پهرين مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
پهرين مئي 1908ع شاعر مرزا همايون بيگ فائق (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1936ع شاعر بهاول خان عاصم جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1940ع ليکڪ قلندر شاهه لڪياري جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1940ع محقق ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1947ع مذهبي اسڪالر سيد امير علي شاهه(جيڪب آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1948ع صحافي عبدالقادر ٻگهيو (ڪي اين شاهه) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1949ع ليکڪ ڌڻي بخش پٿر جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1949ع فيروزه سمون جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1951ع ڪيترن ڪتابن جي ليکڪ، سماجي ورڪر ۽ سابق جج, سابق سيڪريٽري لا, محمد اسلم شيخ (شهدادڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1952ع گلوڪار پرڪاش جهروماڻي (بڙودا) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1952ع اسڪالر ڊاڪٽر محمد مراد جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1952ع ليکڪا ۽ سماجي ڪارڪن انيس ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1957ع ليکڪ الطاف لاکير جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1960ع شاعر رجب علي اظهر جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1960ع سياستدان ڊاڪٽر رفيق احمد ٻانڀڻ(فيض گنج) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1961ع سگهڙ امام بخش ڪنگراڻي جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1962ع صحافي منٺار فقير مڱريو (سانگهڙ) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1962ع ليکڪ محمد رفيق ٻگهيو جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1964ع شاعر عزيز آس جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1966ع ليکڪ حامد چنا (ٿرڙي محبت) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1966ع شاعر ۽ ڪهاڻيڪار عبدالڪريم شاهه آزاد بخاري(چڪ) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1969ع شاعر اداسي ڦلجائي جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1971ع شاعر ايوب کوسيجو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1973ع شاعر انور ساگر ڪانڌڙو(مورو) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1976ع شاعر ميهار الهيار جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1984ع شاعر ساگر زرداري (راڌڻ) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
پهرين مئي 1934ع صحافي خليق مورائي جو لاڏاڻو ٿيو.
پهرين مئي 1982ع سياستدان ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر مير رسول بخش ٽالپر جو لاڏاڻو ٿيو.
پهرين مئي 1993 تي ايم.ڪيو.ايم جي چيئرمن عظيم احمد طارق کي قتل ڪيو ويو.

Friday 29 April 2022

Sindh History (April 30, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (30th APRIL)

30th April
 BIRTH DATES

KalachandMirani (Hyderabad/Social worker & Singer/ Born 30th April 1857),

 SoofiJhamandas ‘Aashiq’ (Shikarpur/Poet & Journalist/ Born 30th April 1928),

Wadhuram ‘Pushp’ (Shikarpur>Mombai/Poet & Juggler/ Born 30th April 1930)

, HarBhagwan ‘Nago’ (Nagpur/Singer/ Born 30th April 1952),

 RajkumarDaswani (Ajmir/Artist/ Born 30th April 1953),

 SikandarMallah (Sakrand/Poet/ Born 30th April 1963),

 RiazDahri (Umar Dahri/Poet/ Born 30th April 1973).

DEATH DATES

Moulnan Abdullah (Banguldero/Religious Scholar & Freedom Fighter/ Death 30th April 1932),

 Suleman Shah ‘Salim’ (dabar/Poet/Death 30th April 1975).

EVENTS

1917: Vide order No 2860, the Government of India asks all the District Local Boards for War Loan and it is to taken/drawn from their own budget, budget of Taluka Local Boards; Education and Health.
1919: The meeting of ‘AnjumanZamindaran-i-ZilaLarkano’ (Landlords’ Association of the District Larkano) is held in which Haji Amir Ali Lahori is elected as its chairman in place of K.B.Shah Muhammad Lahori. The meeting congratulates Government for passing and promulgating ‘Rowlatt Act’ and condemns political parties for launching agitation against the bill.
1920: Big public meetings are held at Paat and Shikarpur by Khilafat Committees of respective areas. People are asked to take part in politics and never surrender before the Government and its local agents, Jageerdars and anti-people elements.
1927: Sindh Hindu Sabha is reorganized and HarchandraiVishindas plays key role in this task.
1933: Upper Sindh Khilafat Conference is held at Muradpur. The Conference unanimously adopts so many important resolutions on vital issues such as sympathy with China, condemnation of Japan; restoration of the Mosque of MureedSethar; congratulations to Mufti Saadullah for facing orders of his exile; promotion of local-made products etc.
1947: Muhammad Ali Jinnah denounces the demand for a partition of the Punjab and Bengal. Describes such move as a grave error.
1948: An all-out offensive is launched by Indians in Jammu & Kashmir, 100,000 Kashmiris leave for Pakistan.
1950: Sindh Safety Act to remain. Notification in this regard is issued.
1952:‘Bazim-i-Adab’ is formed at Jacobabad with Osto Ghulam Hussain ‘Hussain’ as its President and Muhammad BuxQureshi ‘Josh’ as Secretary.
1954: Very drastic action against Communists is ordered by A.K.Fazul Haq, Chief Minister of East Bengal (East Pakistan).
1962: Faiz Ahmad Faiz receives Lenin Prize.
1967: A new political alliance called Pakistan Democratic Movement (PDM) is formed in Dhaka comprising Council Muslim League, J.I, Nizam-i-Islam Party and Awami League.
1974: Last bench of POWs, including General Niazi reach Pakistan.
1977: PNA’s Long March to besiege Prime Minister’s residence forestalled by arresting workers reaching the capital.
1978: So many politicians are disqualified. Some of them are Abdul WaheedKatpar, Abdul Sattar Gabol, Bashir Ahmad Shah, Muzafar Shah and Ali Nawaz Shah etc.
1994: Six persons including two MQM protesters are killed in Karachi. Nawaz Sharif visits the city express sympathy with Muhajreen and says that situation in Karachi and Hyderabad may go out of hand soon.

 

Dur Muhammad Pathan: Sindh in History Today (30th April). Chronological History of Sindh, narrated Date-wise daily. Research & Video by Dr.Pathan, Founder, Gul Hayat Institute.
سنڌ جي تاريخ ڏينهن ڏينھن جو حساب ڏئي ٿي. هر هڪ واقعي جي جنم کان وٺي ختم ٿيڻ تائين ايتري معلومات ڏئي ٿي, جو هڪ واقعي تي هڪ مڪمل ڪتاب لکي سگهجي ٿو. ايئن روزانو سنڌ ۾ ٿيندڙ پنجن اٺن واقعن تي پنج اٺ ڪتاب لکي سگهجن ٿا.
30 اپريل جي حوالي سان سنڌ اسان کي ڪهڙا سبق ڏئي ٿي, اهي اڄوڪي منهنجي وڊيو ٽاڪ ۾ موجود آھن. ساڃھ-وند سپوت ۽ سپوتياڻيون ڏسن, ٻڌن, ونڊن ۽ يوٽيوب تي سبسڪرائيب به ضرور ڪن. اڄ وڊيو ٽاڪ ۾ شامل آھي:
1. ڌارين جڏهن به سنڌ کي ڦٻائڻ گهريو ته انهن سنڌي حڪمرانن ۾ اختلاف پيدا ڪيا ۽ عملدارن مان بشني ماڻھن جو ٽولو پيدا ڪيو.
2. ڌارين جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ پوء ڪا جنگ وڙهيئون ته ان لاء ڏوڪڙ ۽ ماڻھون سنڌ جا ڪتب آندائون.
3. غلامئ جي دور ۾ به سنڌي ماڻھن ٻولئ جي جهولي ڀري ۽ علم ادب جي آبياري ڪئي.
4. سنڌ ۾ جڏهن دهشتگردن رت جي هولي کيڏي ته سنڌ-دشمنن ڊوڙي اچي کين شريف, معصوم ۽ مظلوم ثابت ڪيو.
5. وڊيو ٽاڪ ۾ اڃا ان کان سواء وڌيڪ ڪجھ آهي.

***************
توجه طلب واقعا
***************
30.4.1842:
مير نصير خان حيدرآبادئ ۽ آئوٽرام وچ ۾ دلچسپ مگر اهم خط و ڪتابت ٿي. مير نصير خان خط ۾ لکيو هو ته مان فرنگين جو باعتماد وفادار دوست آهيان. پر مير صوبدار خان الائي ڇو فرنگين جو يار ٿيڻ پسند نه ٿو ڪري. هن خط ۾ مير نصير خان اوبيراه هندوء جي به ڳالھ ڪئي هئي ته هي اوهان جو ماڻھون آھي, پر اوهان سان وفادار ڪونهي.
آئوٽ رام اڄ انھئ خط جو جواب ڏيندي لکيو ته اوبيراه ٺڳ ماڻھون آھي. هن سيٺ نائونمل کان 900 روپيا ورتا هئا ۽ وعدو ڪيو هو ته ڪي اهم ڪاغذ اسان جي حوالي ڪندو. هن نه ته اهم ڪاغذات اسان حوالي ڪيا, نه وري نائونمل کان ورتل پئسا واپس ٿو ڪري. آئوٽ رام وڌيڪ لکي ٿو ته اوهان (مير نصير خان) کي فرنگي فوج رکڻ وارو ڏن ڏيڻو پوندو.
30.4.1917:
هند سرڪار پنهنجي حڪم نامي نمبر 2860 مطابق سمورين ضلعي لوڪلبورڊس کي زورئ "جنگي قرض" ورتو. ان ۾ اڌو اڌ لوڪلبورڊ جي بجيٽ مان ورتو ويو ۽ باقي اڌ وري مختلف هيڊس, جهڙوڪ تعليم, صحت ۽ تعلقي لوڪلبورڊس جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي آڻائي ورتو ويو. هي قرض 1922 واپس ڪرڻ لاء چيو ويو.
30.4.1919:
" روولٽ ايڪٽ“ جهڙي ڪاري قانون خلاف سنڌ جي طول عرض ۾ حڪومت خلاف جلوس نڪرڻ شروع ٿيا. پر لاڙڪاڻي جي مدرسي واري ميدان ۾ حاجي امي علئ لاهورئ جي صدارت ۾ "انجمن زميندارانه ضلعو لاڪاڻو" جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ ”روولٽ ايڪٽ“ لاڳو ڪرڻ تي سرڪار کي مبارڪ ڏني وئي ۽ اهو اقرار ڪيو ويو ته ايڪٽ خلاف وڳوڙ پيدا ڪرڻ نه ڏبو, بلڪ اهڙن ماڻھن جي مخالفت ڪئي ويندي.
هن گڏجاڻئ ۾ خانصاحب شاه محمد لاهورئ جي جاء تي حاجي امير علئ کي انجمن جو صدر مقرر ڪيو ويو. ان کان سواء ٺھراء پاس ڪري سنڌ جي ڪمشنر لارينس جا ٿورا مڃيا ويا ته هو وڏئ شفقت سان سنڌي مسلمانن سان سٺو هلي ٿو.
30.4.1920:
پاٽ, ضلعي دادو ۽ شڪارپور ۾ خلافت ڪانفرنسون ٿيون. انھن ۾ فرنگي سرڪار جي ترڪئ, اسلام ۽ خلافت بابت دشمن حڪمت عملئ جي ندا ڪئي وئي. انھئ ڳالھ تي زور ڏنو ويو ته ڏيهي صنعت کي ترقي وٺرائجي, پرڏيهي سامان نه واپرائجي ۽ فرنگي سرڪار خلاف هلندڙ تحريڪن جو ساٿ ڏجي.
30.4.1927:
"سنڌ هندو سڀا" کي نئين سر منظم ڪيو ويو. بلڪ ايئن چئجي ته اها جماعت جهڙوڪ اڄ قائم ٿي. انھئ ۾ سيٺ ھرچندراء وڏي محنت ڪري سنڌي هندن کي منظم ڪيو. هن پارٽئ سنڌ کي ممبئئ کان الڳ نه ڪرڻ لاء زوردار تحريڪ هلائي. سڀا جي قيام ۽ ڪارڪردگئ جو تفصيلي احوال فقط گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.
30.4.1933:
مرادپور ۾ ”اپر سنڌ خلافت ڪانفرنس" ٿي, جنهن ۾ ھنن موضوعن ۽ مسئلن تي ٺھراء پاس ڪيا ويا: 1). "وائيٽ پيپر" کي آئيني سڌارن جو اڻپورو تصور چئي مسترد ڪيو ويو, 2). چين سان همدردي ۽ جپان جي مذمت ڪئي وئي, 3). مريد سيٺارجا وارئ مسجد جي بحالئ جو مطالبو ڪيو ويو, 4). خلافتي مفتي سعدالله کي جلاوطن ٿيڻ تي مبارڪ ڏني وئي ۽ کيس جلاوطن ڪرڻ تي سرڪاري قدم جي مذمت ڪئي وئي.
30.4.1934:
ڪراچئ جي ٿياسافيڪل هال ۾ ”سنڌي سڌار سوسائٽئ" طرفان "قرباني" جي موضوع تي مشاعرو ٿيو. هن مشاعري جي صدارت ڊاڪٽر دائودپوٽي ڪئي.
30.4.1950:
سنڌ ۾ لڳايل "سنڌ سيڪيرٽي ايڪٽ" جي مدي ۾ واد ڪئي وئي.
30.4.1952:
جيڪب آباد ۾ ”بزم ادب" قائم ڪئي وئي. ان لاء اوستي غلام حسين کي صدر ۽ محمد بخش قريشي جوش کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. هن بزم جيڪب آباد ۾ کوڙ سارا مشاعرا ڪرايا.
30.4.1970:
ڪراچئ ۾ 90 سالن کان هلندڙ ”ٽرام وي ٽرانسپورٽ“ بند ڪئي وئي.
30.4.1974:
پاڪستاني جنگي قيدين جي آخري کيپ موٽي آئي. جنرل نيازي به انھن ۾ شامل هو.
30.4.1977:
پي.اين.اي جي لانگ مارچ پرائيم منسٽر هائوس ڏي منھن ڪيو ته جيئن ان کي گهيرو ڪجي. پر اتي ورڪر جي وڏي پئماني جي گرفتارين سندن اميدون پوريون نه ڪيون.
30.4.1978:
مارشل لا حڪومت طرفان ڪيترن سياستدانن کي نااهل ڪيو ويو. انھن مان ڪي آھن: عبدالوحيد ڪٽپر, عبدالستار گبول, بشير احمد شاه ۽ علي نواز شاه.
30.4.1994:
ڪراچئ جي وڳوڙن ۾ ايم.ڪيو.ايم جي ٻن ڪارڪنن سميت ڇه ماڻھون مري ويا. نواز شريف سنڌي-دشمن ايم. ڪيو.ايم وارن سان همدردي ڪرڻ حيدرآباد پهتو ۽ چيائين ته ڪراچئ ۽ حيدرآباد جون حالتون هٿ کان نڪرنديون پيون وڃن.
***************
{ڏينهن 30 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷
[جنم ڏينهن:]
30 اپريل 1857ع گلوڪار ۽ سماجي ورڪر ڪلاچند ميراڻي (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
30 اپريل 1928ع شاعر ۽ صحافي صوفي جهامنداس عاشق (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
30 اپريل 1912ع اديب ۽ مترجم ڊاڪٽر آر ايم هري(روهڙي / ڪڇ) جو جنم ڏينهن آهي.
30 اپريل 1952ع گلوڪار هري ڀڳوان ناگو (ناگپور) جو جنم ڏينهن آهي.
30 اپريل 1953ع اداڪار راجڪمار

Thursday 28 April 2022

Sindh History (April 29, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (29th APRIL)

29th April
 BIRTH DATES

1. Roopchan Sipahimlani (Hyderabad - Ajmir/Journalist/ Born 29th April 1915),
2. Muhammad Bux 'Johar' (Hyderabad/Journalist &Writer/
Born 29th April 1919),
3. Mashkur Sargani (Sobdar Sargani/Poet/
Born 29th April 1960).

DEATH DATES

1. Syed Abdul Rahman Sindhi (Religious Scholar/ Death 29th April 1830),
2. Syed Muhammad Kamil (Politician/
Death 29th April 1937),
3. Ali Bux 'Raza' Ahmadzai (Poet/
Death 29th April 1974),

EVENTS

Part1

1858: Bartel Frere inaugurates the construction work of Karach - Kotri Railway Line. The project is initiated soon after War of Independence and indicate Govt's intention to ensure deployment and transportion of troops in trouble areas without fail and also to send raw material to port in handsome quantity.
1927: The largely attended meeting of Muslims is held at Nawabshah with Moulvi Haji Hakim Muhammad Sidiq Morai. Kidnapping of Muslim woman, avoiding to handove Muslim kids by Hindus in Larkana is the sole agenda of the public meeting. Strong worded resolution is adopted asking Hindus to refrain such a events of high risk for peace and national unity.

 

Part2

1950: Sindh Safety Act to remain till further orders. Notification is issued in this regard. 
1954: Rainy days start for Communist leaders and workers in East Bengal (East Pakistan). The Chief Minister A.K.Fazul Haq orders for crackdown on large scale.
1962: Faiz Ahmad Faiz receives Lenin Prize.
1971: Pakistan proposes moratorium for six months on foreign debt repayment in view of a major set - back in the exports in East Pakistan.
1972: Agenda is set for summit meeting between Bhutto and Indira. Emissaries of both countries meet in Rawalpindi.
1977: Long March is arranged by PNA in Islamabad.

 

Dr Pathan: Sindh in history today (29th April). Research & Video Talk by. Dr.Pathan
***************
توجه طلب واقعا
***************
29.4.1858:
سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر اڄ ڪراچئ کان ڪوٽڙئ تائين ريلوي لائين وڇائڻ واري ڪم جو افتتاح ڪيو.
29.4.1927:
مولوي حڪيم حاجي محمد صديق مورائئ جي صدارت هيٺ نواب شاه ۾ مسلمانن جو وڏو جلسو ٿيو, جنهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿيل هندو مسلم فسادن تي افسوس جو اظھار ڪندي, ضلعي عملدارن جي مسلمانن کي نظرانداز ڪرڻ وارئ حڪمت عملئ جي مذمت ڪئي وئي ۽ مظلوم مسلمانن سان همدردئ جو اظھار ڪيو ويو.
29.4.1939:
سباش چندربوس هئ چئي ڪانگريس جي صدارت تان استعيفا ڏني ته مان گانڌئ جي مرضئ مطابق ڪانگريس پارٽئ جي ورڪنگ ڪميٽي نه ٺاهيندس.
29.4.1945:
لاڙڪاڻي ۾ ”بزم مشاعره" طرفان طرحي مشاعرو ٿيو, جنھن لاء طرح هئي:
"الاهي آھ منهنجئ ۾ پيدا اثر ڪر".
مشاعري ۾ پيش ڪيل شعر جو انتخاب پوء رسالي "اديب سنڌ" ۾ شايع ڪيو ويو.
29.4.1972:
مير رسول بخش ٽالپور سنڌ جو گورنر ٿيو. ھن پيپلز پارٽئ کي مقبول بنائڻ ۾ ذوالفقار علي ڀٽي سان ساٿ ڏنو. اڳتي هلي عراقي سفارت خاني مان اسلحي پڪڙجڻ ۽ سندس ڀاء مير علي احمد ٽالپور کي ان ۾ ملوث ڪرڻ تي اختلاف ڪندي مير رسول بخش گورنرئ جو عهدو ڇڏيو.
29.4.1978:
"جيڪڏهن ضياء الحق قومي حڪومت ٺاهي ٿو ته پي.اين.اي ان ۾ شامل ٿين کان انڪار نه ڪندي.
29.4.1993:
اڄ ”دهشتگردئ خلاف ڪيس هلائيندڙ ڪورٽ" ايم.ڪيو.ايم جي الطاف حسين ۽ ٻين تي چارج فريم ڪئي ته اوهان ميجر ڪليم الدين ۽ ٻين فوجين کي يرغمال ڪيو ۽ مٿن ٽارچر ڪيو.
***************
{29 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷
[جنم ڏينهن:]
29 اپريل 1915ع صحافي روپچند سپاهيملاڻي (حيدرآباد / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
29 اپريل 1919ع ليکڪ ۽ صحافي محمد بخش جوهر (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
29 اپريل 1960ع گلوڪار مشڪور سرگاڻي جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
29 اپريل 1830ع مذهبي اسڪالر سيد عبدالرحمان سنڌي جو انتقال ٿيو.
29 اپريل 1937ع سياستدان سيد محمد ڪامل جو لاڏاڻو ٿيو.
29 اپريل 1974ع شاعر علي بخش رضا احمدزئي لاڏاڻو ڪري ويو.
29 اپريل 2003ع لوڪ گلوڪاره مائي الهه وسائي جي وفات ٿي.

Wednesday 27 April 2022

Sindh in History today (April 28, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (28th APRIL)

28th April
 BIRTH DATES

Syed Abdul Rahman Sindhi (Religious Scholar/ Born 28th April 1740),

GurdasGolani (Sohonagar> Ulhasnagar/Poet & Singer/ Born 28th April 1930),

 AtharMangi (VasoKalhoro/Poet & Producer/ Born 28th April 1948),

 Bashir Veesar (PunhoonVeesar/Poet/writer/ Born 28th April 1951),

 SaleemKorai (Larkano/Story writer/ Born 28th April 1954),

KanjhimalChohan (Writer/ Born 28th April 1955),

TahirMahzoon (Mehar/Poet/ Born 28th April 1985).

DEATH DATES

Syed Muhammad Mubarak Jiliani (Religious Scholar/ Death 28th April 1800),

 Akhund Noor Muhammad Sanwni (Hala/Religious Scholar/ Death 28th April 1865),

Mirza ‘Ahsan’ Karbalai (Hyderabad/Poet/ Death 28th April 1962).

EVENTS

1920: ‘Shewaram Theater’ is inaugurated in Karachi by W.N.Richardson, Sub-Divisional Magistrate of Karachi. The place and building remained drama staging spot in Karachi for years. So many Dramatic Societies of Karachi and even of India staged Dramas here.
1930: The weekly ‘Noor Islam’ in course of his editorial asks Government to release Pir of Pagaro.
1934: The Frontier, Punjab & Sindh Hidu Conference held at Peshawar demands not to separate Sindh from Bombay Presidency. During the movement in for and against the separation of Sindh, our Sindhi Hindu & Muslim leaders avoided to sit together and resolve the issue but, involved and invited external factor in their Sindh affairs and as decided psychologically to divided their home on ideologically and religiously.
1935: A meeting of Muslim leaders is held at Karachi with GhulamHussainHidayatullah in chair. It is demanded that enquiry be conducted on the ugly event of firing on Muslim procession resulting killing of more than twenty people.
1937: The first ever session of the newly elected Sindh Assembly is held with Hiranand in chair to elect its Speaker. PirIllahiBux, Shaikh Abdul MajeedSindhi and DiwanBhojsing are candidates. PirIllahiBux withdraws leaving others to contest. Shaikh Abdul Majeed gets 18 votes whereas DiwanBhojsing earns 40 votes. Hence, DiwanBhojsing is elected first ever speaker of the first ever Assembly of the Sindh Province.
1939: The talks between Mahatma Gandhi and Subhas Chandra Bose, the president of All-India Congress Committee are adjourned without any definite result. The issue is the formation/election of the Working Committee of the party. Mahata Gandhi is associated with AcharyaKirplani, Dr.RajendraParsad;Pandit Jawaharlal Nehru; Bhulabhai Desai; Sarojni Naidu and others.
1952: Karachi is raised to the status of a Chief Commissioner’s province. The trio: Liaquat Ali Khan, Ghulam Muhammad &Choudhri Muhammad Ali are pioneers of ‘Karachi Card’ to defeat Sindhi nationalism and to create secured constituency.
1962: Polling in the first ever general elections to National Assembly for 156 seats is held. Nearly eighty thousand Basic Democracy members are going to elect MNAs on behalf of the nation.
1977: Z.A.Bhutto speaks of U.S hand behind unrest and agitation against a party and its leader that brought POWs back, arranged Islamic Conference; gave tough time to 22 Big Fishes (families),nationalized industries and educational institutions. In his address to joint session of the parliament, he also justifies imposition of martial law in big cities as constitutional.

 

Unique way of telling date-wise daily history, since years. Research & Video Talk by Dr.Pathan
اڄوڪي وڊيو ٽاڪ ۾ ساڃھ-وند سپوتن ۽ سپوتياڻن جي ٻڌڻ, ڏسڻ ۽ ونڊڻ لاء شامل آهي: 1. سنڌ جي قيدي سابق حڪمرانن جا خط, 2. انگريزن جي آزاد رياست خيرپور ۾ مداخلت, 3. پير پاڳاري سورهيه بادشاه کي انگريزن تنگ ڪرڻ شروع ڪيو ته سنڌ جي صحافت خاموش تماشائي نه بڻي, 4. سنڌ ليجسليٽو اسيمبلئ جي پهرين اسپيڪر جي چونڊ ڪيئن ٿي, 5. 1952 ۾ ڪراچئ تي انتظامي حوالي سان ڪارا ڪڪر وسايا, 6. ڀٽي دنيا کي ٻڌايو ته " سفيد هاٿي" هن جي پٺيان پئجي ويو آھي, 7. ۽ ان کان ٻيو گهڻو ڪجھ.
يوٽيوب تي سبسڪرائيب ڪرڻ نه وسارجو.

***************
توجه طلب واقعا
***************
28.4.1841:
ڪئپٽن لي ميزرير اڄ آئوٽ رام کي خط لکي ٻڌايو ته هن سنڌ جو نقشو تيار ڪري ڇڏيو آھي. ڪو ڊرافٽ مين موڪليو ته ان جي ڪاپي ٺاهي وٺي. [سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ ئي فرنگي سنڌ جو نقشو تيار ٿا ڪن ۽ اسان جا حڪمران انھئ ڪم ۽ ڪم جي اهميت کان بي خبر آھن]
28.4.1848:
ميجر جيڪب اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي مراسلو موڪلي ٻڌايو ته روجهاڻ وارو قلعو در اصل حيدرآباد جي مير نصير خان جي ملڪيت هئي. ان ڪري خيرپوري ميرن يا خان آف قلات جي ان تي مالڪئ جو حق ئي نه ٿو ٺھي.
28.4.1930:
پير پاڳاري سورهيه بادشاه جي گرفتاري ٿي ته سنڌ جي اخبارن سرڪار جي انھئ بي واجبي قدم خلاف لکيو.اڄ ھفتيوار "نور اسلام" ايڊيٽوريل لکيو.
28.4.1934:
اڄ پشاور ۾ ”فرنٽير,پنجاب ۽ سنڌ هندو ڪانفرنس" ٿي. انھئ ۾ سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ خلاف ٺھراء پاس ڪيو ويو. [ياد رهي ته ماڻھن ھن دور ۾ سياسي ۽ سماجي تقاضائن بدران دين ڌرم جي نالي تي متحد ٿيڻ شروع ڪيو. جنهن ڪري انھئ مامري ماڻھون منجهائڻ شروع ڪيا.]
28.4.1935:
ڪراچئ ۾ سر غلام حسين هدايت الله جي صدارت ۾ مکيه مسلمان سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي. انھئ ۾ سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ بابت حڪمت عملي ٺاهڻ کان علاوه ٺھراء پاس ڪري حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته ڪراچئ ۾ مسلمانن جي جلوس مٿان ٿيل گوليبازئ ۽ ڪيترن ماڻھن مارڻ جي جانچ لاء انڪواري ڪميٽي ٺاهي وڃي. ياد رهي ته عبدالقيوم نالي هڪ ماڻھونء نٿورام کي ڪورٽ ۾ ڪيس هلندي ماريو هو. هن کي ڦاسي ڏني وئي ۽ مسلمان جلوس جي صورت ۾ لاش کڻي دفنائڻ ٿي ويا ته مٿن گولي هلائي وئي هئي].
28.4.1937:
هيرانند جي صدارت ۾ سنڌ اسيمبلئ جو پهريون اجلاس ٿيو, جنهن ۾ اسپيڪر جي چونڊ ٿي. انھئ لاء شيخ عبدالمجيد سنڌئ ۽ ڀوڄسنگ وچ ۾ مقابلو ٿيو. شيخ عبدالمجيد سنڌئ 18 ووٽ ۽ ڀوڄسنگ 40 ووٽ کنيا. نتيجي ۾ ڀوڄسنگ سنڌ اسيمبلئ جو پهريون اسپيڪر ٿيو.
28.4.1951:
پاڪستان ڪميونسٽ پارٽئ جي سيڪريٽرئ سيد سجاد ظھير کي گرفتار ڪيو ويو. ياد رهي ته اهو سڀ ڪجھ آمريڪا سان دوستئ جو نتيجو هو. پاڪستان جي وزير اعظم کي پهريون روس دوري جي دعوت ڏني. هن اها دعوت قبولي به نه ويو ۽ آمريڪا هليو ويو. آمريڪا چاهيو ته پاڪستان کي ڪميونسٽن کان پاڪ معاشرو بڻائجي.
28.4.1952:
ڪراچئ "ڪمشنر جو صوبو" بڻايو ويو ۽ ابو طالب نقوئ کي ان جي چيف ڪمشنر جي چارج ورتي. هي صوبو 812 اسڪيائر ميلن وارئ ايراضئ تي بڻايو ويو ۽ ان وقت ان جي آدم شماري 12 لک هئي.
28.4.1953:
ڪراچئ جي نئين انتظامي جوڙجڪ پنهنجا رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيا. اي.ڪي.بروهئ جي جاء تي مرزا سڪندر بيگ کي سنڌ جو ايڊووڪيٽ جنرل مقرر ڪيو ويو.
28.4.1954:
وڏئ سرڪار فارمولو تيار ڪيو ته اولھ پاڪستان ۾ اردو ۽ اوڀر بنگال/پاڪستان ۾ بنگالي سرڪاري ٻوليون ٿينديون. باقي ٻيون ٻوليون وڃي ٻن پون. اسان جي ڪراچئ جي وارثئ جي ڪيس هارائڻ کان پوء ايئن ٻولئ جو ڪيس به رضا خوشئ سان هارايو ۽ ڪا مزاحمت نه ڪئي.
28.4.1957:
ملڪ ۾ وڌيڪ هڪ سال لاء ”سيڪيورٽي ايڪٽ" لاڳو رهڻ جو حڪم نامو جاري ٿيو.
28.4.1962:
قومي اسيمبلئ جي 156 سيٽن لاء عام چونڊون ٿيون. انھن لاء 80 هزار بنيادي جمهوريت جي ميمبرن ووٽ وڌا.
28.4.1977:
گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ذوالفقار علي ڀٽي چيو ته ملڪ جي سياسي بي چينئ ۾ آمريڪا جو هٿ آھي.
***************
{ڏينهن 28 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
28 اپريل 1740ع مذهبي اسڪالر سيد عبدالرحمان سنڌي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
28 اپريل 1930ع گلوڪار گورڌن گولاڻي (سنڌ / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
28 اپريل 1948ع شاعر اطهر منگيجو جنم ڏينهن آهي.
28 اپريل 1951ع شاعر بشير ويسر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
28 اپريل 1954ع ليکڪ سليم ڪورائي (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
28 اپريل 1955ع ليکڪ ڪانجهي مل چوهاڻ جو جنم ڏينهن آهي.
28 اپريل 1985ع ليکڪ طاهر محزون (ميهڙ) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
28 اپريل 1800ع مذهبي اسڪالر سيد محمد مبارڪ جيلاني جو لاڏاڻو ٿيو.
28 اپريل 1865ع مذهبي اسڪالر آخوند نور محمد (هالا) جو انتقال ٿيو.
28 اپريل 1962ع شاعر مرزا احسان ڪربلائي جو لاڏاڻو ٿيو.

Tuesday 26 April 2022

Sindh History (April 27, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (27th APRIL)

27th April
 BIRTH DATES

‘Abid’ Aqli (Poet & Journalist/ Born 27th April 1907),

 HotchandHiranand (Writer/ Born 27th April 1909),

 RaghunUdaseen (Sukkur> Agro/Poet & Singer/ Born 27th April 1932),

 Dr.Anand Kumar (NausheroFeroz/Writer & Social worker/ Born 27th April 1941),

 Ram Tanwani (Dara Khan Mari >Bairagarah/Singer/ Born 27th April 1945).

DEATH DATES

 Makhdoom Abdul Latif son of Makhdoom Muhammad HashimThattvi (Religious Scholar/ Death 27th April 1766),

Syed Ali Gohar Shah ‘Asghar’ BanglayDhani (Pir Goth/Saint & Poet/ Death 27th April 1847),

Haji Abdullah Haroon (Karachi/Freedom Fighter/ Death 27th April 1942),

LakhandasLaljani (Writer/ Death 27th April 1965),

GhulamQadirPirzado (Politician/ Death 27th April 1970).

EVENTS

1835: Political Agents appointed by East India Co (Government of India) were very sharp and they put eye on every movement in Sindh. Today, Colonel Pottenger is informing his government that Mir Noor Muhammad Khan has given orders for half his treasures being brought from various places.
1839: Seth NaumalHotchand is in Hyderabad with Colonel Pottenger. Colonel Pottenger has assigned an important task. There is his relative DiwanHirananad near and dear to Mir Nasir Khan. DiwanHiranand is working on most influential post under Talpur Government of Hyderabad. He is approached by Seth Naumal as he (Seth ) can be taken to Mir Nasir Khan.
1912: Ram Shewakram opens the discussion on the topic of ‘The Eternity of the soul and of matter’. The event is arranged by ‘Arya Young Men’s Association’ of Karachi.
1936: Hindu wedding procession with music and band is attacked by Muslims at near Mosque at Jalpaiguri. The action of Muslims paved way for communal riots at Jampur, Khanpur and other places.
1939: Differences between Mahatma Gandhi and Chandra Bose on the matter of formation of the Working Committee of the Congress, makes Gandhi more emotional and concerned. In course of an interview he says that ‘ I am FIGHTING for peace, I shall die for peace, peace in congress, peace in States, peace on earth and good-will amongst men’.
1944: Special prayers are offered by so many people in favour of K.B.MuhammadAyubKhuro and his brother at Sukker. Today, Khuhra brothers are in court as nominated in the murder case of K.B.Allah BuxSoomro. 
1945: Khan Abdul Samad Khan, Balocistan Congress leader, criticizes the leadership of Sindh Congress. He says at Karachi that there is some flow in the Congress organization in Sindh. The late Allah BuxSoomro, a confirmed Nationalist, had received opposition more from Congress than from the so-called Muslim communalists.
1947: Hussain Shaheed Suharwardy, addressing press conference at New Delhi makes plea for a ‘United, undivided and independent Bengal’. But, it was too late as the British had decided to divide India into two pieces and handover to Congress and Muslim league. Sindhis though, not demanded, but realized and started thinking in such a way but only on the platform of literature and not politically.

 

Sindh in History Today (27th April). Research & Video Talk by Dr.Pathan
خدمت ۽ محبت هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آھن. اهي ٻئي عمل عاشق ۽ خادم کي ٿڪائيندا ڪو نه آھن. آئون به سنڌ ۽ ان جي تاريخ سان محبت ڪندي روز تاريخ جو ورق کڻي اوهان جي معلوماتي خدمت ڪندي ٿڪبو ناهيان. لڳ ڀڳ ڏيڍ سال کان آئون روزانو اوهان جي حاضري ڀريندو آھيان. جيسين ساه سسئ ۾ آهي, اهو سلسلو جاري رهندو.
اوهان تاريخ- شناس ساڃه-وندن لاء اڄوڪي وڊيو ٽاڪ ۾ شامل آھي:
1. 1832 ۾ فرنگي سفارتڪارن جون سنڌ ۾ سرگرميون, 2. حڪمرانن ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ ناڻو لڪائي رکڻ جي عادت/پٽ پراڻي آھي, 3. ڌاريا عوام يا ڏيهي حڪمرانن کي پنهنجي ڏيهي ڇاڙتن ذريعي قائل ڪرڻ جو حربو هلائيندا آھن, 4. وڊيو ۾ اڃان ٻيو وڌيڪ به آھي. ڏسو, ٻڌو ۽ يوٽيوب تي سبسڪرائيب ڪريو. پنهنجو ۽ خاندان جو خيال رکجو.

***************
توجه طلب واقعا
***************
27.4.1832:
پانٽينجر اڄ پنهنجئ حڪومت کي مراسلو موڪلي خيرپور ۾ پنهنجئ سفارتڪارئ جو تفصيل لکي موڪليو. هو لکي ٿو ته مان جڏهن مٺياڻي پهتس ته ديوان لکميچند منهنجو مير رستم خان طرفان آڌرڀاء ڪيو. خيرپور پهتس ته سندس وزير فتح خان غورئ هن جو استقبال ڪيو. مير رستم علي سان ملاقات ٿي ۽ کيس معاهدي جو ڊرافٽ ڏنم. هن ڪنهن چون چران کان سواء اهو ڊرافٽ منظور ڪيو ۽ معاهدي ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو.
27.4.1835:
پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي لکي ٻڌايو ته سنڌ جا حڪمران پنهنجو خزانو پاڻ سان نه رکندا آھن. اهي اهو خزانو ٻين رياستن ۾ رکن ٿا. مون کي خبر پئي آھي ته مير نور محمد خان ٻين هنڌن تي رکيل پنهنجي خزاني جو اڌ گهرائڻ جا حڪم جاري ڪيا آھن. [حڪمران خزاني کي پنھنجي ذاتي ملڪيت ڄاڻيندا هئا ۽ ان مان عوامي ڀلائئ وارا ڪم, جهڙوڪ رستا ٺھرائڻ يا واه کوٽائڻ تي ڪم ڪونه آڻيندا هئا]
27.4.1912:
آريا سماجين کي مذھبي مناظرن ڪرائڻ جو خفت هوندو هو. انھن مناظرن ڪي ڌرمي يا نظرياتي مسئلا ۽ مونجهارا ته ختم نه ڪيا, پر هندو توڙي مسلمانن ۾ مذھبي مت ڀيد ۽ اختلاف کي هوا ڏني. آريا سماجين سکر, شڪارپور, لاڙڪاڻي, حيدرآباد ۽ ڪراچئ ۾ جيڪي مناظرا ڪرايا, اهي ڏينھن جا ڏينھن هليا. اهي گڏ ڪري ڇپرائجن ته هڪ ٺاهوڪو ڪتاب جڙي پوندو.
اڄ ڪراچئ ۾ ”روح امر آھي يا مادو امر آھي"جي موضوع تي مناظري جو آغاز ٿيو. انھئ جو بندوبست "آريا ينگ مينس ائسوسيئيشن"ڪيو هو.
27.4.1920:
اڄ ڪراچئ جي سب ڊويزنل ماجسٽريٽ, مسٽر ڊبليو اين رچرڊسن "شيوارام ٿيئيٽر" جو افتتاح ڪيو. لڊبٽر روڊ تي قائم ڪيل هن ٿيئيٽر جي عمارت تي ٻه لک روپيا خرچ آيو هو. هي اهو زمانو هو, جڏهن فلمون عام نه ٿيون هيون. هي ٿيئيٽر ناٽڪ منڊلين کي مسواڙ تي ڏنو ويندو هو. ان ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي ناٽڪ منڊلين ڪيترا ڊراما اسٽيج ڪيا.
27.4.1955:
پاڪستان ۾ آئين سازئ جي عمل کي ڏسي وائسي اينگهايو ويو ته جيئن ڪرسئ تي ويٺل پنهنجي مرضي هلائي سياسي مقصد حاصل ڪري سگهي. آئين سازئ لاء چونڊيل ميمبرن جو تعداد 80 هو. اڄ ملڪ جي گورنر جنرل ان ۾ پنهنجئ مرضئ سان 10 ميمبر ٻيا به ٿافيا ۽ اسيمبلئ ۾ آئين سازي ڪرڻ بدران آئين جوڙڻ تي سوچڻ لاء ڪنوينشن سڏائڻ جو فيصلو ڪيو.
27.4.1977:
ملڪ جي سياسي بحران تي آء.ايس.پي.آر جي ترجمان بيان ڏنو ته آرمڊ فورسز حڪومت جي پٺڀرائپ ڪندا. ٻئي طرف پير پاڳاري چيو ته ڀٽو جنهن سياسي مفاهمت جي ڳالھ ڪري ٿو,اها پي.اين.اي جي سوچن مطابق آھي. [ٻئي موقوف حالتن سڌرڻ طرف اشارو ڪن پيا. پر پوء وري اهڙي هوا گهلي, جنهن جي گهلڻ جو ڪنهن کي امڪان ڪونه هو]
27.4.2003:
استاد عبدالهادئ چانڊئي جي صدارت ۾ سنڌي ادبي سنگت قمبر جي دستوري گڏجاڻي ٿي. ان ۾ قمرالدين قمر,مسيح آزاد, صحبت ٻرڙي ۽ رياضت ٻرڙي شرڪت ڪئي
***************
{ڏينهن 27 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
27 اپريل 1907ع شاعر عبدالفتاح عبد عاقلي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
27 اپريل 1909ع ليکڪ هوتچند هيرانند جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
27 اپريل 1932ع شاعر ۽ گلوڪار رگهن اداسين (سکر / آگره) جو جنم ڏينهن آهي.
27 اپريل 1941ع ليکڪ ڊاڪٽر آنند ڪمار (نوشهروفيروز / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
27 اپريل 1945ع گلوڪار رام تنواڻي جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
27 اپريل 1766ع مذهبي اسڪالر مخدوم عبداللطيف بن مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لاڏاڻو ٿيو.
27 اپريل 1847ع شاعر ۽ بزرگ سيد علي گوهر شاهه اصغر جو لاڏاڻو ٿيو.
27 اپريل 1942ع سياستدان، سماجي ورڪر ۽ آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ عبدالله هارون جو انتقال ٿيو.
27 اپريل 1965ع ليکڪ لکنداس لالجاڻي جو انتقال ٿيو.
27 اپريل 1970ع سياستدان غلام قادر پيرزادو وفات ڪري ويو.
27 اپريل 1982ع مزاحيه اديب ابڙو علامه مستانو سيوهاڻي وفات ڪري ويو.

Saturday 23 April 2022

Sindh History (April 24, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (24th APRIL)

24th April
 BIRTH DATES

1.Moulana Mir Muhammad Naurangi (Religious Scholar & Freedom Fighter/ Born 24th April 1890),

2. Makhdoom Ghulam Hyder (Hala/Gadi Nashin & Politician/ Born 24th April 1899),
3. Mohan Dingra (Hyderabad - Mombai/Singer/
Born 24th April 1935),
4. Ali Nawaz 'Naz' Tunio (Poet/
Born 24th April 1947),
5. Syed Muhsan Shah Bukhari (Tando Muhammad Khan/Politician/
Born 24th April 1951)
6. Ashiq Amar Sitai (Poet/
Born 24th April 1965)

DEATH DATES

1. Makhdoom Allah Bux Khuhrvi (Religious Scholar/ Death 24th April 1917),
2. Makhdoom Ghulam Umar Mahesar (Rahro/Religious Scholar/
Death 24th April 1901),
3. Khudadad Khan Surahio (Larkano/Freedom Fighter/
Death 24th April 1950),
4. Raz Sarwari (Badah/Poet/
Death 24th April 2007).

EVENTS

Part1

1839: It is British Govt. rule in Sindh and Govt. can do whatever it wants. But, it opted to honour the right of property of people. Lieutenant Leckie directs Colonel Spiller, Commanding at Thatta that if wants to cut timber in Thatta area for any unavoidable reason, he must get permission from concerned property holders.
1938: Khilafat Tahrik was a religious - oriented movement. After the abolution of the Khilafat institute by Turkey, Sindh Khilafatees stood disappointed and hunted for parties having religious touch or slogan. They founded it fit to joinhands with Muslim League. That is why, today, Sindh Khilafat Committee, in its meeting held at Hyderabad, resolves and asks Sindhi Muslims to join Muslim League.

Part2

1959: In the event of external threat, Pakistan and India must defend jointly with extending cooperation to each other, suggests Pakistan.
1968: It has been trend and tradition of the Pakistan politics in early days that people working in foreign office were appointed as ministers or prime ministers. Arshad Hussain, Pakistan's High Commissioner in India is appointed as the Foreign Minister of Pakistan, today.
1989: Prime Minister Benazir Bhutto launches Peoples' Program in Peshawar. Akbar Bugti Chief Minister declares to oppose its implantation in Balochistan and terms it amounting to infringing the status of provincial autonomy.
1995: Prime Ministers of Pakistan and Bangladesh agree to repatriate 250000Biharis to Pakistan.

 

Sindh in History Today (24th April). Research & Video Talk by Dr.Pathan
24 اپريل جي تاريخ اسان کي سوچ ۽ لوچڻ تي آماده ڪرڻ لاء ڪهڙن واقعن جي جهولي ڀري آئي آھي, اهو معلوم ڪرڻ لاء منھنجو وڊيو ٽاڪ ڏسو. اسان جيڪڏهن پنهنجئ ڌرتئ سان محبت ڪريون ٿا ته پوء ان جي تاريخ سان به محبت ڪبي ۽ وقت ڪڍي تاريخ پڙھبي, ٻڌبي, شيئر ڪبي ۽ يوٽيوب تي سبسڪرائيب به ڪبي. جيڪڏهن اسان تاريخ کي نه ٻڌنداسين ته دنيا اسان جي دانھن ڪوڪن کي به ڪونه ٻڌندي.
24 اپريل جي تاريخ دانھون ڪندي ٻڌائڻ سمجھائڻ چاهي ٿي ته: 1. پنهنجن ۽ پراون حڪمرانن لٺ ۽ چٺ ڏيکاري پنهنجي حڪومت هلائي ۽ بچائي آھي. 2. جڏهن سنڌ تي ڌارين جي حڪمراني رهي/رهندي آھي ته اسان جو اپر ڪلاس انھن جو پڪو وفادار ۽ گولو غلام بڻجي پوندو آھي. اھو ئي سبب هو جو برطانيه ترڪئ کي شڪست ڏني ته ڪيترن ماڻھن فرنگي حڪومت کي تارون موڪلي مباڪون ڏنيون. 3. پاڪستان ۾ اقتدار مسخري جي ٽوپئ وانگر من-پسند ماڻھن جي مٿي تي رکڻ جي روايت پراڻي آھي. 4. سنڌ جو ڪو به مکيه مسئلو, پيدا ٿيڻ کان اڄ تائين حل ڪونه ٿيو آھي, ويتر اهي وڌندا رهيا آھن.
اڄوڪي وڊيو ۾ انھن سورن جا مثالن سان مذڪور موجود آھن ۽ ان کان سواء ٻيو به گهڻو ڪجھ آهي.

***************
توجه طلب واقعا
***************
24.4.1839:
ٺٽي ۽ جهرڪن ۾ فرنگي فوج کي ترسائڻ لاء ڪاٺ جا ڪچا گهر ٺاهڻ جي ضرورت کي محسوس ڪندي, ڏکڻ سنڌ واري فرنگي اسسٽنٽ سفارتڪار ميرن کي لکيو ته ٺٽي جي آس پاس واري ٻيلي مان ٽمبر جا وڻ ڪٽڻ جي اجازت ڏيو.
24.4.1844:
انگريزن فريب سان حڪومت قائم ڪئي ته ان کي قائم رکڻ لاء اپر ڪلاس کي جاگيرون يا ٻيو ڪجھ ڏئي پنهنجي ڌر بڻايو ٿرپارڪر ۾ راڻن کي راضي ڪرڻ لاء کين ڪي ڳوٺ ڏيڻ يا ڏوڪڙ ڏيڻ واري حڪمت عملي اختيار ڪئي. گورنر جي پڇڻ تي اڄ حيدرآباد جي ڪليڪٽر خط لکي کيس صلاحون ڏنيون ته عمرڪوٽ جي راڻن کي راضي ڪرڻ لاء ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن.
24.4.1919:
چوندا آھن ته "پراوين دهلين احمق نچي". انگريزن جي دور ۾ سنڌ جي اپر ڪلاس ايئن ئي ڪيو ۽ ڏاڍو نچيو. اتحادي ملڪن جنگ ۾ ترڪئ کي شڪست ڏني ته اپر ڪلاس جي ڪيترن ماڻھن کي موقعو مليو ۽ هنن فرنگي سرڪار کي انھئ سوڀ تي مبارڪون ڏنيون. اهي مبارڪون سنڌ جي ڪمشنر معرفت ممبئي سرڪار کي موڪليندا هئا ۽ سرڪار وري اهي سرڪاري گزيٽ ۾ شايع ڪرائيندي هئي. سنڌ مان جن به سرڪار کي مبارڪون ڏنيون, انھن جا نالا گل حيات ۾ محفوظ آھن. اڄوڪئ تاريخ تي جن ماڻھن سرڪار کي ترڪئ کي شڪست ڏيڻ ۽ جنگ ۾ سوڀ ماڻڻ تي مبارڪون ڏنيون, انھن مان سيوهڻ جي راء صاحب جواهر سنگ ۽ نامياري سياستدان ۽ ان وقت جي ڪراچي ميونسپالٽئ جي صدر سيٺ ھرچندراء وشنداس جا نالا ذڪر لائق آھن.
24.4.1938:
مولوين ۽ ملن پوک پوکي ۽ اها لڻي وري مسلم ليگين. خلافت تحريڪ سنڌين ۾ انگريز-دشمنئ جو ٻج ڇٽيو ۽ آزادئ جي تڙپ پيدا ڪيو. جڏهن اهو سلو وڌي وڻ ٿيو ته ساڳين ئي عالمن عوام کي صلاح ڏني ته مسلم ليگ ۾ شامل ٿي وڃو. عوام ايئن ئي ڪيو ۽ نتيجي ۾ آزادئ جي تحريڪ پاڪستان ۽ ورهاڱي تحريڪ جو روپ ورتو.
اڄ حيدرآباد ۾ سنڌ خلافت ڪميٽئ جو اجلاس ٿيو, ان ۾ ٺھراه پاس ڪيا ويا ته: 1). مسلمان مسلم ليگ ۾ شامل ٿين, 2). مسجد منزل گاه مسلمانن کي موٽائي ڏني وڃي ۽ 3). لنوارئ جي جڙتو حج تي پابندي وڌي وڃي.
24.4.1968:
پاڪستان ۾ جهموريت ۽ سياست جي ڀينگ ڪرڻ جا جيڪي نت نوان تجربا ڪيا ويا, انھن مان هڪ اهو به آھي ته سفيرن کي گهرئي وزير يا وزير اعظم بڻايو ويو ۽ انھن کي اهڙي ڪن جن به ڪانه هئي. محمد علي بوگرو آمريڪا ۾ سفير هو, کيس اتان گهرائي ملڪ جو وزير اعظم بڻايو ويو.
اڄ انڊيا ۾ پاڪستان جي سفير ارشاد حسين کي گهرائي ملڪ جو پرڏيهي وزير بڻايو ويو.
24.4.1973:
مخالف ڌر جي اتحاد "يونائيٽيڊ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ" ڀٽي-حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جي.يو.آء ۽ نئشنل عوامي نئشنل پارٽئ جي ڊاهيل حڪومتن کي بحال ڪريو.
24.4.2003:
"عبدالحق عالماڻي يادگار ڪميٽئ" طرفان ڳوٺ سونو خان عالماڻئ ۾ ڪهاڻيڪار عبدالحق عالماڻئ جي 29 ورسي ملهائي وئي. ان ۾ شوڪت شوري, عبدالقادر جوڻيجي ۽ ٻين مرحوم جي فن, فڪر ۽ شخصيت تي روشني وڌي.
***************
{24 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
24 اپريل 1890ع مذهبي اسڪالر مولانا مير محمد نورنگي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
24 اپريل 1899ع هالا سان تعلق رکندڙ سياستدان ۽ بزرگ مخدوم غلام حيدر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
24 اپريل 1943ع تعليمدان ڊاڪٽر بشير احمد چانڊيو(خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي.
24 اپريل 1947ع شاعر علينواز ناز تنيو جو جنم ڏينهن آهي.
24 اپريل 1951ع سياستدان سيد محسن شاهه بخاري(ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي.
24 اپريل 1954ع ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار اخلاق انصاري(لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
24 اپريل 1965ع شاعر عاشق امر سيتائي جو جنم ڏينهن آهي.
24 اپريل 1965ع مشهور پوليس عملدار اي ڊي خواجه(ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
24 اپريل 1917ع مذهبي اسڪالر مخدوم الهه بخش کهڙوي جو انتقال ٿيو.
24 اپريل 1901ع مذهبي اسڪالر مخدوم غلام عمر مهيسر جو لاڏاڻو ٿيو.
24 اپريل 1950ع آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪن خداداد خان سرهيو (لاڙڪاڻو) جو انتقال ٿيو.
24 اپريل 2003ع سنڌي ۽ اردو ڊرامن جي مشهور اداڪاره شهزادئ جي وفات ٿي.
24 اپريل 2007ع شاعر راز سروري (باڊهه) لاڏاڻو ڪري ويو.
24 اپريل 2013ع گلوڪاره شمشاد بيگم لاڏاڻو ڪري ويو.

Tuesday 19 April 2022

Sindh History (April 20, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (20th APRIL)

20th April
 BIRTH DATES

‘Saghar’ Sitai (Shwan/Poet/ Born 20th April 1920),

 Mohan Deep (Agro/Poet/ Born 20th April 1948),

 Akhlaq Ansari (Larkano/Writer/ Born 20th April 1957),

 Muhammad UsmanKumbhar (Haji Khan/Journalist/ Born 20th April 1960),

 Dr.FaizJunijo (SakherijaBhan/Poet/ Born 20th April 1963),

 MushtaqPhul (Talpur Wada/Secretary General Sindhi AdabiSangat/ Born 20th April 1966).

DEATH DATES

Moulana Abdullah (Banguldero/Religious Scholar & Freedom Fighter/ Death 20th April 1932),

 LalsingAjwani (Khairpur> India/Scholar/ Death 20th April 1976).

 

EVENTS

1843: Charles Napier reports to Government of India about his arrangements and intentions with respect to the mode of occupying and managing Sindh.
1856: The Sindh Commissioner requests and recommends the Bombay Government that reduction be made in Baluch Regiment in Sindh.
1921: A meeting of Zamindars of Sindh is held at Larkano with RaisGhulam Muhammad Bhurgri in Chair. It is attended by nearly hundred landlords all over from length and breadth of Sindh and some of them are Fatih Muhammad Khan, K.B.Shahnawaz Khan; Dur Muhammad Khan; Jam F.K.Bhambho Khan; Madhodas of Sukkur; Jan Muhammad Junijo; Sirai Shah Muhammad Lahori; Ali Gohar Khan Bhutto; DhaniBuxJatoi; Choharmal of Larkano; DiwanHimathsing; RaisShamisuddin Bulbil and Mathradas of Hyderabad. On this occasion ‘Sindh Zamindars Association’ is formed and RaisGhulam Muhammad Bhugri and Mathradas are elected president and secretary respectively.
1936: English classes at HyderChandio of TalukaMirokhan are closed due to shortage of students. It was required that there should be at least 15 students to run the classes.
1946: 7th All Sindh Adabi Conference starts at Larkano with Dr.Daudpoto in chair. MianGhulam Abbas Qadri acted as the chairman of the Reception Committee, whereas Abdul Fatah Memon was the secretary.
1954: The Working Committee of the Pakistan Muslim League endorses the recommendation of the Central Parliamentary Party that Central and Provincial Ministers should not hold offices in the Muslim League organization.
1955: The Second reference made by the Governor-General of Pakistan to seek advice of the Federal court on the dissolution of the Constituent Assembly and the competence of proposed Constitution Convention to make the constitution of Pakistan, is admitted by the Federal court.
1973: Forty-seven Pakistani POWs have died in Indian camps, 159 punished, Defense Minister of India tells Indian Parliament.
1978: Politicians and political parties are divided on the subject of national government. PNA intends to accept offer, whereas other parties such as NDP want elections on party basis.
1989: Five killed in Nawabshah ethnic clashes. Army is called in.
1991: NFC Award is announced by the Nawaz Sharif Government. Punjab will get 57.88 %, Sindh 23.28 %, NWFP 13.54 % and Baochistan 5.30 %.
1993: 137 MPAs of the PLM Parliamentary party in Punjab Assembly elect MianManzoorWatto as their new leader of the house. The incumbent Chief Minister GhulamHyderWyne is asked to tender resignation.

Dur Muhammad Pathan: Sindh in History Today (20th April). Research by Dr.Pathan.
سنڌ جي تاريخ اسان کي کوڙ ڪارائتا سبق سيکاري ٿي. 20 اپريل جي حوالي سان اها ٻڌائي ٿي ته ملڪ اسان جو, حڪومت اسان جي, پر ڌارين کي اهڙي ڇوٽ ڏبي جو ڀلي جاسوسي ڪندا وتن ۽ سنڌوء جي سروي ڪن ۽ نقشا ٺاهي سنڌ جا رستا چارا معلوم ڪن. انگريزن اسان جي وڏڙن کي غلام بنائڻ کان اڳ ايئن ڪيو.
20 اپريل جي حوالي سان تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڌاريا جڏهن پنهنجئ حڪمرانئ کي اسان تي سختئ سان مسلط ڪرڻ گهرندا ته ڇانوڻيون قائم ڪندا ۽ پنهنجئ فوج کي منظم ڪندا. تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ ۾ زميندار ۽ جاگيردار ڪن خاص حالتن ۾ ٻوڙو ٻڌي آچار ڪندا آھن.
اڄوڪي وڊيو ٽاڪ ۾ انھن ڳالهين کان سواء گهڻو ڪجھ آھي. اهو ٻڌو, شيئر ڪريو ۽ يوٽيوب تي سبسڪرائيب ڪريو. اهو ۽ ايئن ڪرڻ به اوهان جي سنڌ-دوستي ۽ تاريخ-دوستي ٿيندي.

***************
توجه طلب واقعا
***************
20.4.1832:
اڄ ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت ۽ حيدرآباد جي حڪمران مير مراد علي خان وچ ۾ معاهدو ٿيو, جنهن جون خاص شقون هي آھن: 1). دوستي نسل در نسل رهندي, 2). ٻئي رياستون هڪ ٻئي جي ڪم ۽ علاقي ۾ مداخلت نه ڪنديون,3). ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت سنڌوندئ کي فوجي مقصدن لاء استعمال نه ڪندي, 4). سنڌ ۾ فرنگي يا انھن جا واپاري ايندا ته ڪمپني حڪومت کين پاسپورٽ ڏيندي, 5). مير واپاري سامان تي محصول هڻڻ ۾ آزاد هوندا.
20.4.1838:
ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت اڄ ڪرنل پاٽينجر کي ريزيڊنٽ ان سنڌ مقرر ڪيو ۽ هن وٽ ڪڇ وارو عهدو به برقرار رکيو. ڪئپٽن ميل ول کي سنڌ ۾ سندس نائب مقرر ڪيو. کيس هدايت ڏني وئي ته هو حيدرآباد وڃي پنهنجي اسسٽنٽ کي سفارتڪارئ جا ڪم سمجهائي پوء پاڻ ڪڇ موٽي وڃي.
20.4.1838:
پاٽينجر جي معرفت ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت ۽ مير نور محمد, مير نصير محمد سان معاهدو ڪيو ۽ ان مطابق طئي ٿيو ته فرنگين جو سفارتڪار حيدرآباد ۾ رهندو ۽ ٻنھي رياستن جي دوستئ ۾ چار چنڊ لڳايا ويندا.
20.4.1843:
سنڌ جي گورنر چارلس نيپيئر اڄ سنڌ تي قبضي کي برقرار رکڻ ۽ اوچتي اندروني خواه بيروني خطري کي منھن ڏيڻ لاء پنھنجي منصوبه بندي تيار ڪري اطلاع ۽ اجازت لاء ڪمپني حڪومت کي موڪلي ڏني.
اڄ نيپيئر ڪمپني حڪومت کي اهو به ٻڌايو ته هن سنڌ ۾ ڪئنالن جي صفائئ جو ڪم شروع ڪرايو آھي, جنهن تي 150000 روپيا خرچ ايندو ۽ ان جي منظوري ڏيو. هن اهو به لکيو ته ڪاردار هن ڪم جي ڀينگ ڪندا ۽ رشوت وٺي آب پاشئ جو پاڻي وڪرو ڪندا يا چوري ڪرائيندا. ان لاء سب-ڪليڪٽر مقرر ڪرڻا پوندا.
20.4.1850:
ممبئي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي تاڪيد ڪيو ته ڪراچئ ۽ ٺٽي ۽ انهن جي وچ تي مسافرن جا بنگلا ٺھرايو ته جيئن اسان جي واپاري برادرئ کي رهڻ يا سفر ڪرڻ ۾ ڪا تڪليف ڏسڻي نه پئي ۽ اهي جيئن سنڌ مان ڪچو مال آسانئ سان وٺي سگهن ۽ اسان جي مال جو وڪرو ڪري سگهن. کيس اها به پارت ڪئي وئي ته ڪراچئ ۾ سينيٽوريم به ٺھرايو.
20.4.1921:
لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي 50 زيندارن جي ڪانفرنس ٿي, جنهن جي صدارت رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ ڪئي. انھئ موقعي تي "سنڌ زميندارس ائسوسيئيشن" جوڙي وئي. ان لاء ڀرڳڙئ کي صدر ۽ مٿراداس کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.
20.4.1955:
پاڪستان جي گورنر جنرل فيڊرل ڪورٽ ۾ رفرنس داخل ڪري پڇيو ته ڇا هن کي اختيار آھي ته آئين سازئ لاء ھو ڪنوينشن سڏائي ڪم هلائي. [هن اختيار وٺڻ جي نيت اها هئي ته اڪيلو ماڻھو جيئن چاهي تيئن پنهنجي مرضئ سان آئين سازئ جي عمل تي اثرانداز ٿي سگهي. ياد رهي ته کيس اهو اختيار ڏنو ويو]
20.4.1973:
پاڪستان کي انڊيا ٻڌايو ته اوهان جا 47 جنگي قيدي هتي جيلن ۾ مري چڪا آھن ۽ 159 کي سزا ڏني وئي آھي.
20.4.1989:
نواب شاه ۾ ٿيل سنڌي-مهاجر خوني جهيڙي ۾ 5 بيگناه مري ويا. فوج کي امن امان قائم ڪرڻ لاء گهرايو ويو.
20.4.1991:
نئشنل فنانس ڪميشن ايوارڊ جو اعلان ڪيو ويو, جنهن مطابق پنجاب کي 57.88 سيڪڙو, سنڌ کي 23.28 سيڪڙو, سرحد کي 13.54 سيڪڙو ۽ بلوچستان کي 5.30 سيڪڙو حصو ملندو.
***************
{20 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
20 اپريل 1920ع شاعر ساغر سيتائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 اپريل 1938ع انجنيئر برڪت علي چوهاڻجو جنم ڏينهن آهي.
20 اپريل 1948ع شاعر موهن ديپ (آگره) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 اپريل 1957ع راڳ جي راڻي عابده پروينجو جنم ڏينهن آهي.
20 اپريل 1960ع صحافي ايم عثمان ڪنڀر جو جنم ڏينهن آهي.
20 اپريل 1966ع شاعر ڊاڪٽر مشتاق ڦل(ٽالپر وڏا / خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
20 اپريل 1932ع مذهبي اسڪالر مولوي عبدالله بنگلديرائي جو لاڏاڻو ٿيو.
20 اپريل 1974ع پاڪستان جو پهريون آمر حڪمران جنرل ايوب مري ويو.ڪ
20 اپريل 1976ع اسڪالر ۽ تعليمدان لال سنگ اجواڻي جو انتقال ٿيو.
20 اپريل 1986ع ترقي پسند اديب ۽ صحافي سبطِ حسن جو انتقال ٿيو.