Friday 30 June 2023

Sindh in history today (30th June). By. Dr.Pathan

سڄڻ سائين ! جيئو سدائين. جون جي آخري تاريخ آھي ۽ انھئ حوالي سان انگريزئ ۽ سنڌئ ۾ ”سنڌ جي واقعاتي تاريخ" حاضر آھي. جن کي سنڌي نه ٿي اچي, اهي انگريزئ ۾ پڙھن. انگريزئ واري تاريخ ممتاز علئ لکي آھي. جڏهن ته انگريزئ ۾ گڊ ڊي وش“ ۽ واقعاتي تاريخ مون لکي آھي. ************** SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {30th June} and Good Day Wish. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ When anybody has lost faith in Self, People and God, in such a condition he/she can't follow and abide by any ideology, except self-interest. He/She becomes slave of ego and works for hatred and discrimination. He/She in the name of Independence and freedom, will easily snatch relations and affiliations. He/She will become a wandering soul and cannot stay in any heart for long time.] جي مون تان خود پاڻ تان خدا تان ويساه کڄي ويندء، پوء تہ عشق ماڻھپي سميت تو کان پرين ڀڄي ويندء، تنهنجئ آزادئ جو مطلب منهنجي سلامي ۽ غلامي، پوء هر ڪو قدر نظريو اصول تو کان ٿي لڄي ويندء ************* SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {30th JUNE} EVENTS: 1857: Sindh Commissioner is requested by his subordinate officers concerned that a cause way be constructed at Rohri . It will cost Rs.3300, therefore expenditure be met partly from the Ferry Fund and partly from Municipal funds. (Source: The Collector, Upper Sindh’s letter No.242). 1922; Seth Suderdas Valabhdas presides over a public meeting held by the District Congress Committee of Larkano. Speakers throw light on the life & achievement of Dadabhai Nauroji. (Source: ‘Source-Material on Sindh Congress’, compiled by Gul Hayat Institute). 1929: Meetings of sympathy for Bhagatsing and Dutt are held in Sindh and day is observed as a special prayer Day. (Source: Newspapers). 1932: The meeting of Sindh Muslim leaders is held at Karachi at G.M.Syesd’s residence. It is resolved that if K.B.Khuhro is not proceeding to London on or before 5th of July, to present there the case of separation of Sindh, than Syed Miran Muhammad Shah will replace him. This may kept in mind that The election for the chairmanship of the Larkano School Board was due and K.B.Khuhro intended to take part. It gave impression that perhaps he may not procced to London. (Source: ‘Rihan’, by G.M.Syed). 1947: Demarcation and partition of Bengal and Punjab is announced by the Boundary Commission. (Source: Newspapers). 1956: The army is asked to take over control and administration of Food in East Pakistan. (Source: Ibid). 1962: Bill seeking formation and regulation of political parties is introduced in National Assembly of Pakistan. (Source: Newspapers). 1965: Pakistan and India sign an agreement for an immediate cease-fire in Rann of Kachh. (Source: Newspapers). 1970: Fifteen years of ‘One-Unit’ system ends.Merged provinces into West Pakistan are restored.(Source: Ibid). 1972: Indra and Z.A.Bhutto meet in Simla without aides. (Source; ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1977: The meeting is held between Prof. Ghafoor Ahmad of PNA and Pirzado of PPP to discuss the PNA proposals. (Source: Ibid). 1992: Nawaz Sharif Government decides to part away with MQM, defends army Clean-up Operation. (Source: ‘Source-Material on Nawaz Sharif and his party’, compiled bu Gul Hayat Institute). 1993: Nawaz Sharif gets it approved from parliament to impose federal rule in Punjab. Opposition, particularly care-taker Chief Minister Manzoor Watto alleges that Nawaz Sharif intends to capture Governor House and C.M.House. (Source: Ibid). ************** Sindh in history today (30th June). Slection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Reseach by Dr.Pathan. 30 جون جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 30.6.1849: ڪراچئ کان حيدرآباد تائين فرنگين جي ٽپال پهچائڻ جو ٺيڪو جوکين جي ڄام کي ڏنو ويو هو. پر فرنگين خلاف سندس سرگرمين کي ڌيان ۾ رکندي سنڌ جي ڪمشنر فيصلو ڪيو ته هاڻي اهو ٺيڪو جوکين جي ڄام کي نه ڏجي. [ياد رهي ته سيٺ نائونمل معرفت هي شروعات ۾ 1839 ڌاري فرنگين جي يارئ نيازمندئ ۾ آيو ؤ پوء حالتن بدلجڻ سان پاڻ به بدلجڻ لڳو] 30.6.1929: سنڌواسين پاڻ کي ملڪ جي سياسي حالتن کان ڪڏهن به ڪٽي نه رکيو. جيڪو سنڌ کان ٻاهر وهيو واپريو, ان تي سنڌين پنهنجو موقوف ۽ رد عمل ڏيکاريو. اڄ سنڌ ۾ ڀڳت سنگ ۽ دت جي همدردئ ۾ سندن نالي تي ڏينھن ملهايو ۽ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ھنن انقلابي قيدين جي حق ۾ ميڙاڪا ڪيا ويا. 30.6.1932: سنڌ محمدن ائسوسيئيشن جو فيصلو هئو ته محمد ايوب کهڙو انھئ پارٽئ طرفان نمائندو ٿي لنڊن وڃي "گول ميز ڪانفرنس" جي ميمبرن اڳيان سنڌ جي جدائئ جو ڪيس پيش ڪري. ايوب کهڙي لاء مسئلو هئ پيدا ٿيو ته هو لاڙڪاڻه لوڪلبورڊ طرفان اسڪولبورڊ جي چيئرمن چونڊجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو, ان ڪري ولايت وڃڻ ۾ سستي پيو ڪري. اڄ ڪراچئ ۾ سنڌي مسلمان سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ ايوب کهڙي کي چيو ويو ته 25 جولاء تائين ولايت وڃي سنڌ جي جدائئ جو ڪيس پيش ڪر. ٻئ صورت ۾ ميران محمد شاه کي ولايت موڪليو ويندو. [لاچاري هئي. محمد ايوب کهڙو جنهن جهاز ۾ وڃي پيو, ان جو ڪريش ٿي پيو. پر هي زنده بچي ويو ۽ ولايت وڃي پهتو] 30.6.1932: "خلافت تحريڪ" جهڪي ٿي ته انھئ طرفان دکايل دونهين مان ڪانگريس فائدو ورتو ۽ حڪومت خلام "عدم تعاون جي تحريڪ" هلائي. هن تحريڪ کي ڪچلڻ لاء سرڪار پنهنجي عملدارن ۽ ماجسٽريٽن کي وڌيڪ اختيار ڏنا. انھئ سلسلي ۾ گورنر جنرل اڄ ”سال 1932 جو آرڊيننس نمبر 10" لاڳو ڪيو 30.6.1970: پورا پنهرهن سال صوبن جي ڳچئ ۾ "ون-يونٽ" جو ڳچ رهيو. اڄ مغربي پاڪستان جو آخري ڏينھن آھي ۽ سڀاڻي نئين سج سان چارئي صوبا پنهنجي 15 سال اڳ وارئ حيثيت وٺندا. [ "ون-يونٽ“ خلاف سنڌ ۽ سرحد ۾ وڏي تحريڪ هلي. سنڌ وارئ تحريڪ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو به شروع ۾ شامل ٿيو هو. هئ هڪ تاريخي حقيقت آھي ته وفاقي حڪومت ڪنهن تحريڪ جي دٻاء ۾ اچي "ون-يونٽ" ختم نه ڪيو. وس وارا "اوڀر پاڪستان" مان هٿ ڪڍي چڪا هئا. ان ڪري انهئ حصي جي وڃڻ کان پوء ”ون-يونٽ" جو رهڻ اجايو هو. جن ماڻھن سنڌ ۾ ”ون-يونٽ" خلاف تحريڪ ۾ حصو ورتو, تن جي سنڌ-دوستئ کي سلام آھي] 30.6.1956: بنگالين جي باغي ٿيڻ جا ڪيترا ئي ڪارڻ ھئا. بک, بيروزڪاري ۽ ڏڪر به انھن مان اهم ڪارڻ هئا. بکيا بگهڙ ته شينھن سان وڙهي پوندا آھن. اوڀر پاڪستان. ان کان بچڻ لاء کاڌ خوراڪ جو انتظام ۽ ورهاست فوج حوالي ڪئي وئي. 30.6.1962: ايوب ملڪ جو پهريون آمر هئو, جنهن چاهيو ته سياستدان سندس خواهشن ۽ شرطن مطابق پارٽيون ٺاهن. هن کان پوء ضياء الحق به اهڙي ڪوشش ڪئي. اڄ نئشنل اسيمبلئ ۾ سياسي پارٽين ٺاهڻ ۽ ڪن شرطن مطابق هلائڻ لاء بل پيش ڪيو ويو. 30.6.1965: رڻ ڪڇ جي وارثي ۽ مالڪئ تي انڊيا ۽ پاڪستان جيڪا جنگ جوٽي هئي, اڄ ٻنھي ملڪن جنگ بندئ جي ٺاه تي دستخط ڪيا. [ اهو ڪيس بين الاقوامي ٽريبيونل هلائي, ٻنھي ملڪن کي رڻ ڪڇ ورهائي ڏني هو] 30.6.1977: پيپلز پارٽئ طرفان پيرزادي ۽ پي.اين.اي طرفان پروفيسر غفور نمائندگي ڪندي پي.پي.پي-پي.اين.اي ٺاه تي ڳالهيون ڪيون. پيپلز پارٽي محسوس ڪري چڪي هئي ته ڳالهيون هڪ بھانو آھي ۽ فيصلو ڪنهن ٻئي هنڌ ٿي چڪو آھي. 30.6.1993: پنجاب ۾ نواز شريف ۽ سندس خاندان جو مخالف ڌر سان اڄ ۽ ڪلھ اقتدار جي ويڙھ تاريخي ۽ نفسياتي اهميت واري رهندي آھي. اڄ نواز شريف جو ڀائٽيو اها جنگ وڙھي رهيو آهي ۽ ڪالھ (1993ع ۾) نواز شريف پنجاب ۾ اقتدار جي جنگ وڙهي. هن منظور وٽو جي حڪومت خلاف قانوني جنگ شروع ڪئي ۽ پنجاب ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ لاء پاريامينٽ کان اختيار ورتو. ************** {30 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 30 جون 1857ع سماجي اڳواڻ، ليکڪ، فلاسافر ديارام گدومل شهاڻي (حيدر آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 جون 1880ع سماجي اڳواڻ ۽ تعليم جي ميدان ۾ ڪم ڪندڙ آدمجي حاجي دائود ميمڻ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 جون 1903ع شاعر ۽ فريڊم فائيٽر مولوي نذير حسين جتوئي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 جون 1920ع ليکڪ بهاري ٽي مسند (شڪارپور / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 30 جون 1936ع صحافي محرم علي ڀٽي (نوابشاهه) جو جنم ڏينهن آهي. 30 جون 1940ع ليکڪ محمد عثمان ٽڳو (ٽڳا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 جون 1955ع سماجي اڳواڻ نارائڻ ڪيسواڻي جو جنم ڏينهن آهي. 30 جون 1960ع اداڪار گورڌن نيناڻي (دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 30 جون 1931ع بزرگ سيد حزب الله شاهه راشدي (پير ڳوٺ) جو لاڏاڻو ٿيو. 30 جون 1942ع مذهبي اسڪالر ۽ سياستدان پير محمد اسماعيل جان جو انتقال ٿيو. 30 جون 1979ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد ابراهيم بٺوي جي وفات ٿي. 30 جون 2004ع مشهور سنڌي افسانه نگار ۽ ليکڪ جمال ابڙو لاڏاڻو ڪري ويو.

Wednesday 28 June 2023

Sindh in history today (29th June). By. Dr.Pathan & Mumtaz Pathan

[گل حيات انسٽيوٽ طرفان سڀني کي دل جي گهرائين سان عيد مبارڪون ۽ دعائون. جگ جگ جيئو] عيد سعيد ڏينهن 29 جون 2023 تي اوهان جي خدمت ۾ سنڌ جي تاريخ پيش ڪجي ٿي. * انگريزئ ۾ گڊ ڊي وش مون لکي آھي. * انگريزئ ۾ واقعاتي تاريخ منهنجي پٽ ممتاز لکي آھي, ۽ * سنڌئ ۾ واقعاتي تاريخ مون لکي آھي: ************** SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {29th June} and Good Day Wish. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [Love is neither one-sided, nor an act of exploitation. It is mutual understanding without any condition. Though, human-beings are most beautiful, but none is without limitations, faults and mistakes. But It is love that encourages people to accept & respect human - beings without discrimination. Beauty can't reject love and love can't see limitations & drawbacks in and of beauty. The combination of love & beauty is natural and essential for peace of minds & hearts. Dear! Be beauty & love]] سمجهائي ڪوئي ساجن کي تان عشق ناهي ڪائي راند, ريت پريت جي دو طرفي وجهي ٻئي دليون هڪ پاند, انا نفرت متڀيد سان سدائين حسن ۽ عشق جي ويڙهاند, سونهن ۽ سرت ڪري هيڪاند, وٺي روپ سلام سندو. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {29th JUNE} EVENTS: 1849: Major Jacob informs Sindh Commissioner that boundary between the territories of Khan of Kalat and those of Mir Ali Murad Khan are settled. This is kept in mind that Fort of Rajhan and Mamool at first were in undisputed possession of Mir Naseer Khan of Hyderabad and after the conquest of Sindh, confusion took birt and there was dispute between Mir Ali Murad Khan and Khan of Kalat and it was settled by Jacob. (Source: Jacob’s letter No.160). 1945: The leaders’ conference held in Simla is adjourned so as the delegates can avail the opportunity of consultations. It is aimed at to find common factors of interests and as can give proposals for transfer of power. (Source: Indian Annual Register, Vol-1, 1945). 1947: Baluchistan decides to join Pakistan. This may be kept in mind that Bengal and NWFP will double minded on the subject. Punjab, provided platform for Lahore Resolution, but it was Sindh that two times its Assembly decided to join Pakistan. (Source: Newspapers). 1977: It is decided in the meeting of PNA-PPP that assemblies will be dissolved on 10th of July. Talks are in progress. But, Martial Law is imposed four days before that date. (Resource: Newspaper). ************** Sindh in history today (29th June). Slection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Reseach by Dr.Pathan. 29 جون جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 29.6.1849: روجهاڻ جو قلعو حيدرآبادي مير نصير خان جي قبضي ۽ حڪمرانئ ۾ ھوندو هو. پر جڏهن نيپيئر سنڌ تي قبضو ڪري حڪومت هلائي ته انھئ قلعي جي مالڪئ بابت مير علي مراد خان ۽ خان آف قلات وچ ۾ مامرو پيدا ٿيو ۽ ٻنھي ميجر جيڪب کي امين مقرر ڪيو ته هو فيصلو ڪري. 29.6.1945: هندوستان جي وائسراء طرفان سڏايل شملي ۾ سياسي اڳواڻن واري ڪانفرنس ڪجھ ڏينھن لاء مهمل ڪئي وئي ته جيئن اڳواڻ پنهنجين پارٽين وارن اڳواڻن سان صلاح مشورو ڪن. [ سياسي تاريخ سان دلچسپي ڪندڙن لاء هئ ڳالھ ڇرڪائيندڙ ثابت ٿيندي ته وائسراء لارڊ ويول جي مرضي هئي ته اقتدار جي منتقلئ لاء ”ڀلوڀائي ڊيسائي ۽ لياقت علي خان واري فارمولي تي عمل ڪجي. انھن ٻنهي جو فارمولو ۽ چوڻ هو ته هندستان ورهائڻ بدران مرڪز ۽ صوبن ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جون حڪومتون قائم ڪيون وڃن. ان لاء ٻيهر نئين چونڊن ڪرائڻ جي ضرورت ڪانهي. لياقت علئ ۽ ڀلوڀائئ اهو فارمولو ڏنو ۽ لياقت علئ انھئ سلسلي ۾ پنهنجي اڳواڻ قائد اعظم سان صلاح ڪرڻ يا پڇڻ ضروري نه سمجهيو. انھئ فارمولي لارڊ ويول کي گهڻو متاثر ڪيو ۽ هو ان تي عمل ڪرڻ پيو گهري ] 29.6.1947: پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاء سنڌ جو هڪ واضح ۽ کليو کلايو موقوف رهيو. اڄ بلوچستان به پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. پر پنجاب ۽ بنگال سڄي جا سڄا صوبا پاڪستان ۾ شامل نه ٿيا. اهي ورهائجي پاڪستان ۽ انڊيا ۾ شامل ٿيا. تعجب جي ڳاله اها آھي ته پنجاب (لاهور) ۾ ئي "پاڪستان ٺھراء” پاس ٿيو, سڄو پنجاب پاڪستان ۾ شامل نه ٿيو. 29.6.1977: پي.پي.پي ۽ پي.اين.اي وچ ۾ طئي ٿيو ته 10 جولاء تي اسيمبليون ٽوڙيون وينديون. پر 10 جولاء کان گهڻو اڳ حڪومت ٽوڙي مارشل لا لڳايو ويو. [ ڏٺو وائٺو سياسي خلفشار ختم ٿي رهيو هو ۽ معاملا طئي چڪا هئا. پر پاڪستاني سياست ۽ سياسي حالتن بابت تصديق سان پيشن گوئي ڪرڻ ناممڪن رهي آھي. سواء سگهارين قوتن جي, ڪنهن کي به خبر نه هوندي آھي ته سڀاڻي سياست جو اٺ ڪهڙي پاسي ليٽندو] *************** {29 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 29 جون 1880ع ڪي بي نورالدين نانا جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 جون 1902ع شاعر سنتداس سنتل (نوشهروفيروز / پونا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 جون 1933ع مير مراد علي خان ثاني (خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 29 جون 1939ع مشهور ڪهاڻيڪار نسيم احمد کرل(خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 29 جون 1947ع مشهور ٽي وي پروڊيوسر ۽ ڪهاڻيڪار بادل جماليجو جنم ڏينهن آهي. 29 جون 1965ع شاعر، ليکڪ ۽ ڪالم نگار مرتضى سيال جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 29 جون 1886ع صوفي شاعر ۽ بزرگ مخدوم امين محمد پکن ڌڻئ جو لاڏاڻو ٿيو. 29 جون 1947ع سياستدان ڪي بي غلام نبي شاهه (ميرپور خاص) جو انتقال ٿيو. 29 جون 1948ع مذهبي اسڪالر مولانا علي محمد مهيري جي وفات ٿي.

Tuesday 27 June 2023

Sindh in history today (28th June). By. Dr.Pathan & Mumtaz Pathan

GOOD DAY WISH IN ENGLISH By. Dr. Pathan @@@@@ SINDH HISTORY {English} By Mumtaz Ali Pathan @@@@@ SINDH HISTORY {Sindhi} By. Dr.Pathan @@@@@ SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {28th June} and Good Wish. ************ Dr.Pathan wishes you Good Day. [Me with Good Wishes full of love & respect and Sun with Light, are duty bound to knock your door daily, regularly with punctuality. Though, most of friends never look at me and sun and we are not responded accordingly. Perhaps, it is difficult to face Sun and me. But, it is not our problem. People, those hate me from the core of their heart, have to admit that they also get enough love & respect, wishes & regards continuously. Because, I have to abide by Human-values and have to promote Human love and respect. I recognize only beauty and wish peace and progress to every friend and foe] آئون ۽ سج سلامي پرين تو سان پيار جو کڻون پير, عجب جهڙي ڳالهڙي مون ۽ سج کي ڏسي نہ ڪیر، نفرت بدلي محبت ڏیان دل ۾ تون, پر رکان نہ غیر، ملي نہ ملي موٽ محبت جي اگر ان جو آھي خیر، آئون اڌ پاء پتل جو پرین تون سون جو سوا سیر، تون من مان ڪڍي مير , قبولج سر هئ سلام سان.‏‎ ‎ ************* EVENTS from history: 1943: The Governor of Sindh apprise the Government of India of situation and his action taken upon the subject/issue of lands appertaining to the ‘Turban’ conceded to Mir Ali Murad Khan , as well as those belong to mir Rustam Khan which he had resigned to Mir Ali Murad Khan. (Source: Sindh Governor’s letter). 1844: Persian Chiefs request Government of Bombay Agha Khan be permitted to join them at Bampoor. This may be noted thar Sir Agha Khan had moved application for permission to visit Iran and other countries.He was treated as Persian Prince in those days. (Source: Bombay Government’s letter No.1967/139) 1921: The Sindh Swaraj Society is fored with Rais Ghulam Muhammad Bhugre as its President and Santdas Mangharam as Secretary. The Society is formed with double objects of combating official high handedness on one side and the evil aspects of Non-Co-Operation on the other. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1933: The meeting of Peoples Party is held at Karaci with Sir Shahnawaz Bhutto in chair and matters relating to its organization are discussed. (Source: ‘Source Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1940: All the District Local Boards in Sindh are asked by the Government to contribute towards ‘War loan Fund’ (Source: Official Directive). 1942: In his paper ‘Harijan’, Mahatma Gandhi writes under the heading ‘The Hurs in Sindh’, as under: “I have no doubt if I could have gone to Sindh, I might have been able to do something. I have done such things before, not without success. But I am too old for such missions. What little energy I have, I am storing up for what promises to be the last fight of my life”. (Source: “Harijan”) 1992: All MQM MNAs and MPAs resign in protest against army clean-up operation. (Source: Newspapers). Dr.Pathan. *************** توجه طلب واقعا *************** 28.6.1843: سنڌ جي قابض گورنر چارلس نيپيئر اڄ ڪمپني حڪومت کي مير علي مراد خان جي حق ۾ گواهي ڏيندي لکيو ته مير علي مراد کي جيڪو پرڳڻو مليو آھي, ان ۾ هڪ حصو کيس پڳدار هجڻ ڪري مليو آھي ۽ ٻيو حصو سندس پنهنجي ذاتي ملڪيت جو آھي. سندس وڏو ڀاء مير رستم علي خان هن جي حق ۾ حڪومت ڪرڻ تان دستبردار ٿيو هو. ان ڪري مير علي مراد حڪمران ٿيو. [نيپيئر کان اهڙي پڇا ڳاڇا ٿيڻ جو هڪ ڪارڻ ھئ به هئو جو ميجر آئوٽرام سندس سنڌ بابت روين ۽ پاليسين تي سخت تنقيد ڪئي هئي. انھئ تنقيد ۾ نيپيئر تي اهو الزام به هو ته هن مير رستم علئ کي نظرانداز ڪري مير علي مراد جي همت افزائي ڪئي هئي] 28.6.1844: آغا خان ۽ سندس مريدن انگريزن جي سندن ڏکين ڏينھن ۾ دل ورتي هئي. هئ اهو زمانو هو جڏهن فرنگي فوج ٺٽي, جهرڪن ۽ ڀرپاسي تي پنهنجو تسلط قائم ڪري رهي هئي. انگريزن جهرڪن وٽ پنهنجي آگبوٽس جو بندر به بڻايو هو. انگريز آغا خان کي "ايراني شھزادي" جي حيثيت ۾ تسليم ڪندا هئا ۽ کيس پينشن به ڏيندا هئا. آغا خان ايران وڃڻ لاء فرنگي سرڪار کي درخواست ڏني هئي. اڄ ايران مان به ممبئي سرڪار ڏي پارتون آيون ته کيس ايران اچڻ جي اجازت ڏيو. 28.6.1921: رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ جي ڪوششن سان "سنڌ سوراج سوسائٽي" قائم ٿي. پاڻ ان جو باني صدر ٿيو ۽ سنتداس منگهارام کي وري سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. هن سوسائٽئ ٺاهڻ جا ٻه مقصد هئا: 1). سرڪار جي اره زورائين ۽ عوام دشمنين خلاف آواز بلند ڪرڻ, ۽ 2). عدم تعاون تحريڪ جي منفي اثرن جي نشاندهي ڪري عوام کي جوش بدران هوش سان سياست ڪرڻ جو درس ڏيڻ. 28.6.1940: سنڌ سرڪار سنڌ جي سمورن ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ کي تاڪيد ڪيو ته اهي حڪومت کي "جنگي قرض فند" ڏين. [سنڌ جي گورنر سنڌ جي وڏي وزير خانبهادر الله بخش سومري تي بار رکيو ته هو سنڌ جي وڏيرن ۽ اپر ڪلاس وارن کان جنگي قرض/مالي مدد وٺي ڏئي. وڏي وزير جي چوڻ سان ڪيترن وڏيرن ڏوڪڙ ڏنا ۽ وڏي وزير کين پنهنجي دستخط سان کين "آفرين ناما" ڏنا] 28.6.1942: سنڌ ۾ حڪومت ته سنڌين جي هئي, پر حرن خلاف انگريزن باه ٻاري ڇڏي هئي. هر ڪو زباني وات خرچ ڪري پنهنجي سياسي قرض لاهڻ ۾ پورو هو, ليڪن شدت سان انگريزن جي مخالفت ڪرڻ ۽ حرن جي مدد ڪرڻ وارا اٽي ۾ لوڻ برابر به ڪونه هئا. اڄ گانڌئ پنهنجي "هريجن" اخبار ۾ حر تحريڪ ۽ حرن بابت جيڪو لکيو, ترجمي ڪرڻ کان سواء ان مان اقتباس هتي ڏجي ٿو: "I have no doubt, if I could have gone to Sindh, I might have been able to do something . I have done such things before, not without success. But, I am too old for such missions. What little energy I have, I am storing up for what promises to be the last fight of my life". 28.6.1977: ذوالفقار علي ڀٽي درست انديشو ڏيکاريو ته پي.اين. اي ڳالهين ۾ جمود کي جاري رکيو ته اهو جمهوريت ٽوڙي پاش پاش ڪندو. 28.6.1992: چوندا آھن ته چور جي ماء ڪنڊ ۾ روئي ۽ مٿان پئي ته چور لوڙھا ٽپي ڀڄي وڃي. سو سنڌ ۾ فوج طرفان آپريشن ڪلين اپ شروع ٿيو ته احتجاج طور ايم.ڪيو.ايم جي سمورن صوبائي ۽ قومي اسيمبلئ جي ميمبرن استعيفائون ڏنيون [ گروهي ٻڌي انھئ کي چئبو آھي. پر ياد رکڻ جي ڳالھ هئ آھي ته ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت خلاف, درياه مان حصي جي پاڻي وٺڻ جي حق لاء, سنڌي ٻولئ جي تاريخي حق لاء ۽ کنڀي کنيلن جي واپس ڪرڻ لاء يا ڪوڙن ڊوميسائلن ٺھڻ خلاف اسان جو ڪو صوبائي يا قومي اسيمبلئ جو ميمبر احتجاج ڪندي استعيفا نه ڏيندو] 28.6.2009: شڪارپور سنڌي ادبي سنگت ڪهاڻئ بابت ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو ۽ ٻولين جو ڏينھن پڻ ملهايو. هن تقريب ۾ ممتاز بخارئ, ڊاڪٽر خادم منگئ, خليل مورياڻئ, ضياء شاه, وحيد محسن, نسيم بخارئ ۽ عديل مهر وغيره شرڪت ڪئي. *************** {28 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 28 جون 1948ع آرٽسٽ رام لال چنداڻي (اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 28 جون 1866ع نواب غلام حيدر لغاري جو لاڏاڻو ٿيو.

Monday 26 June 2023

Sindh in history today (27th June), Dr.Pathan & Mumtaz Pathan

Good Day Wish By Dr,Pathan@@@@@ Sindh in history {in English} By Mumtaz Pathan @@@@@ Sindh in history {in Sindhi| By. Dr.Pathan @@@@@ SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {27th June} and Good Day Wish. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ The trio of ego, interest and avoiding to listen, has terribly damaged the integrity and greatness of we people. Because of this we are neither ear and eyes, nor golden heart. Due to this we can't accept & respect truth & sincerity, vision & wisdom and human & natural values. My Dear! Get rid of that trio, because you are source of inspiration and aspiration for peace & progress and love & beauty ] هڪ مڳي ٻي مطلبپرستي ٽيون ڪن-لاٽار, انهن اوڳڻن ئي پيدا کوڙ ڪيا ماڻھن لاء آزار, انهن اوڳڻن جي ڪارڻ سچ وڃائيو سنسار, انهن اوڳڻن وارا نہ تہ سرت-وند نہ ئي ڏاتار, انهن اوڳڻن وڌا ملڪن ۾ ماڻھپي جا ڏڪار, دوست مٺا دلدار, تون سار سونهن سلام کي. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {27th JUNE} EVENTS: 1832: Colonel Pottenger is appointed as Political Agent for Sindh affairs. (Government of India’s letter). 1856: The Government intends to disband ‘Baloch Regiment” in Sindh. Collectors of Shikarpur and Sukkur are asked to give comments. (Source: Sindh Commissioner’s office letter No.64). 1933: Kumari Amrait Kaur, Mrs. Hamid Ali and other ladies addressing All-India Women’ Conference express strong dissatisfaction with the ‘White Paper’ Proposal for women’s franchise. They advocated equal rights to all citizens without any sex-bar and failing adult suffrage they urge that women’s vote should be based on simple literacy. (source: Indian Annual Register, Vol-1, 1933). 1957: The One-Unit is now of two years, but still political parties and some politicians are opposing it. Today, Republican Party strongly oppose and condemns the imposition of it. (Source: Newspaper). 1959: Auction of evacuee property stars in Karachi (Source: Ibid). 1960: Divisional Councils under Basic Democracy system start functioning in West Pakistan (Source: Pakistan Year Book)’ 1965: Premier Harold Wilson of Britain sends a draft agreement to India & Pakistan on Rann of Kuch dispute. (Source: Newspapers). 1972: Z.A.Bhutto, President of Pakistan leaves for Simla.(Source: “Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1973: National Assembly Special body suggests Friday as weekly holiday (Source: Newspapers). 1977: Government will not receive and accept new draft from PNA, says Abdul Hafiz Pirzado Dr.Pathan. 27 جون جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 27.6.1832: ڪرنل پاٽينجر کي اج سنڌ ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ طور مقرر ڪيو ويو. هو انھئ تقررئ کان اڳ به سنڌ ۾ سفارتڪارئ جو ڪم ڪار ڪندو هيو. پاٽينجر جي نيت اها هوندي هئي ته فرنگي سنڌ تي قبضو ڪن. هن کي پنهنجئ حڪومت کي ڪراچئ فوج موڪلڻ جي صلاح ڏني ۽ هن ئي سنڌ جي اڀرندي سرحدي پٽئ تي کوسن ۽ سوڍن خلاف فوجي آپريشن ڪرايا, هن ئي مير حڪمرانن کان شروعاتي ٺاه ڪرايا. هن پنهنجئ ايمڪارئ ۾ سنڌ بابت يا سنڌ خلاف خطن ۾ لکيو, اهو تفصيل اوهان کي گل حيات جي ويب تي ملي ويندو. 27.6.1843: مير حڪمرانن جا اهي ديرا (گهر-ڌياڻيون) جيڪي پنهنجي جنگي قيدي ورن سان گڏ سنڌ کان ٻاهر نه ويون, پر سنڌ ۾ رهڻ پسند ڪيائيون, تن مان هڪ هڪ کي سنڌ جي فرنگي سرڪار طرفان هر مهيني 4500 روپيا ڏنو ويندو هو. ديرن ڌاري حڪومت کان ڪجھ به نه پئي ورتو, پر نيپيئر لکي ٿو ته سرڪار ۽ ديرن وچ ۾ اهو مامرو هڪ بااثر ٻروچ ڪرايو. 27.6.1856: فرنگي حرفتي ۽ چالاڪ حڪمران هئا. هنن پاڻ کي بچائڻ ۽ حڪومت کي بچائڻ لاء مقامي ماڻھن کي پنهنجي فوج ۾ شامل ڪرڻ لاء وڏي چال کيڏي. هنن ٻروچ حڪمرانن کان فريب سان سنڌ کسي هئي. ان ڪري ٻروچن جي مٿي تي هٿ رکڻ لاء ۽ جابلو ٻروچن کي مڪامي سنڌين خلاف استعمال ڪرڻ لاء ”بلوچ ريجمينٽ" ٺاهي. سنڌين کي بي هٿيار رکڻ ۽ فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کان فرنگي حڪومت وڏي ڪوشش ڪئي. حڪومت جي انھئ بدنيتئ سنڌ سماج تي ذات پات جو زنگ چاڙھيو. سنڌي ماڻھون "ٻروچ" ۽ "غير ٻروچ" کان سواء ”مارشل" ۽ ”غير مارشل" طبقن ۾ ورهائجڻ لڳا. انھئ حڪمت عملئ رد عمل ۾ نج سنڌين ۾ ”ويڙھاندي فرد ۽ گروه" پيدا ڪيا. ان ڪري خود سرڪار لاء امن امان قائم ڪرڻ جو مسئلو پيدا ٿيو. فرنگي حڪومت سوچيو ته "بلوچ ريجمينٽ" ۾ ڇانٽي آڻجي, پر ضلعي عملدارن ڪمشنر کي صلاح ڏني ته ڇانٽي وڏي پئماني تي ڪبي ته سرڪاري آفيسن جي حفاظت ڏکي ٿي پوندي. اهو تاثر/پتو اڄوڪئ انھئ لکپڙه مان ملي ٿو, جيڪا سنڌ جي ڪمشنر ۽ ممبئي سرڪار وچ ۾ ٿي آھي. 27.6.1957: "ون-يونٽ" هڪ اهڙو منحوس ۽ ڏاڍ وارو ٽوڙھو هو, جنهن جي لڳ ڀڳ سمورن صوبن ٺھڻ کان اڳ ئي مخالفت ڪئي ۽ ان جي مڙھجڻ کان پوء به ان جي مخالفت ٿيندي رهي. "ون-يونٽ" کي ٺھيئي مڙھيئي ٻه سال گذري ويا آھن. پر اڄ ”ريپبليڪيشن پارٽئ" مطلبو ڪيو ته "ون-يونٽ" ختم ڪيو وڃي. [ اسان سنڌي اها دعوا ڪري نه ٿا سگهون ته ڪو "ون-يونٽ" اسان جي تحريڪ ڪري ختم ٿيو. ڳاٽ اوچو ڪري اها ڳالھ ڪرڻ بدران اسان کي پنهنجي نئين نسل کي سمجهائڻو آھي ته "ون-يونٽ" ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ جا مقصد ڪهڙا هئا. "ون-يونٽ" خلاف تحريڪ فقط سنڌ ۾ ڪانه هلي هئي. نه وري ڪنهن تحريڪ جي دٻاء ۾ اچي "ون-يونٽ“ ٽوڙيو ويو هو. اسان کي عوام کي اهو سچ ٻڌائڻ گهرجي] 27.6.1959: ڪراچئ ۾ اويڪيو پراپرٽي (لڏي ويندڙ ھندن طرفان ڇڏي ويل پراپرٽي) جو نيلام شروع ڪيو ويو. 27.6.1960: اولھ پاڪستان ۾ اڄ کان بنيادي جمهوريت جي نظام مطابق قائم ڪيل "ڊويزنل ڪائونسلن" ڪم شروع ڪيو. [پاڪستان جي ٽن وڏن آمرن ملڪ کي پنهنجو پنهنجو نظام ڏنو ۽ ان مطابق ملڪ هلايو. مشرف "ضلعي نظام" رائج ڪيو, ضياء الحق پنهنجئ مرضئ وارو "اسلامي نظام" لاڳو ڪيو ۽ آفيس وقت ۾ ملازمن کان ٻيپهرئ جي نماز پڙھرائي ۽ بينڪن ۾ رکيل ڏوڪڙن مان زورئ زڪوات ڪٽرائي, ايوب وري "بنيادي جمهوريت" وارو نظام قائم ڪيو] 27.6.1972: 1965 جي جنگ کان پوء ايوب شاسترئ سان "تاشقند معاهدو" ڪيو ۽ هن جو سياسي زوال شروع ٿيو. اوڀر پاڪستان آزاد ٿيڻ کان پوء ڀٽي اندرا سان "شملا معاهدو" ڪيو ۽ سندس سياسي زوال شروع ٿيو. اڄ ملڪ جي صدر وارئ حيثيت ۾ ذوالفقار علي ڀٽو انڊيا سان معاهدو ڪرڻ لاء شملا روانو ٿيو هو. 27.6.1977: پيپلز پارٽئ جي وزير ۽ اڳواڻ حفيظ پيرزادي بيان ڏنو ته هاڻي پي.اين.اي وارن جو ڪو نئون ٺاه قبول نه ڪبو. *************** {27 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 27 جون 1924ع ليکڪ نٿر مل چندناڻي (بهلاڻي / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 جون 1939ع برصغير جي ناليواري موسيقار آر ڊي برمن جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 جون 1949ع سماجي اڳواڻ ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر خان محمد پهنور جو جنم ڏينهن آهي. 27 جون 1970ع سماجي ورڪر امين الدين جوکيو جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 27 جون 1920ع مولوي عبدالقيوم رستماڻي جو لاڏاڻو ٿيو. 27 جون 1927ع مذهبي عالم مولوي غلام رسول شڪارپوري جو لاڏاڻو ٿيو. 27 جون 2003ع شاعر، ليکڪ ۽ سماجي ۽ سياسي ورڪر سيد اڪبر شاهه جي وفات ٿي. 27 جون 2010ع اديب ۽ ليکڪ احسان دانش ڀٽو(شڪارپور) جو لاڏاڻو ٿيو.

Sunday 25 June 2023

Sindh in history today (26th June). By. Dr.Pathan & Mumtaz Pathan

GOOD DAY WISH BY Dr.Pathan @@@@@@@@@@ SINDH IN HISTORY IN ENGLISH BY. Mumtaz Pathan @@@@@@@@@@ SINDH IN HISTORY IN SINDHI BY Dr.Pathan @@@@@@@@@@@ SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {26th June} and Good Day Wish. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. TRANSLATION: [I find you more and more away and at distance, as I try to reach near to you my Dear. In spite of that I am not disappointed. Because, beauty without love and vision & wisdom without sacrifice are nothing. Because , they are two sides of same coin] جیئن جیئن تانگھیان ۽ طلبیان، تیئن پري پرین پنڌ، پوء بہ ھوتن جو در ھنڌ، منھنجو سرت ۽ سلام سندو ************* SINDH (including Pakistan ) IN HISTORY TODAY {26th JUNE} EVENTS: 1857: The Collector of Shikarpur is asked by the Commissioner to submit report about ‘ferries service’ started between Sukkur and Rohri and Sadar Bazar and Pir Subra. ( Source: Sindh Commissioner’s letter No 1092). 1929: Sir Sankaran Nair criticisms status and work of the Simon Commission., says that members of its Central Committee had no knowledge of either the views of the members or of the lines on which they were likely to report. (Source: Indian Annual Register, Vol-1, 1929). 1940: The meeting of the Primary Muslim League of Goza is held with Moulvi Ghulam Muhammad Buriro in chair. The meeting congratulates the All-India Muslim League for adopting of ‘Pakistan Resolution’ at Lahore. (Source: Daily Al-Waheed, Karachi) 1947: The Sindh Legislative Assembly, at a special sitting, decided by 33 votes that Sindh should join the new constituent Assembly (Source: Indian Annual Register, Vol-1, 1947). 1950: Sindh Chief Minister announces Carpet Industry for Rohri. Whereas Punjab Chief Minister announces Engineering college in Mulatan. What difference it makes? (Source: Newspapers). 1977: PNA handed over its draft of demands to the Government and demands response as soon as possible. (Source: Ibid). 1991: Thirteen people including four women and seven children of a family are slaughtered in Lahore (Source: Newspapers). 1992: MQM top brass including Azim Tarq is arrested. (Source: ‘Source-Material on MQM’, compiled by Gul Hayat Institute). 1994: Country-wide strike is observed by Traders. The Business community is not happy with economic and financial policies of the Government. (Source: Ibid) .* 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر شڪارپور جي ڪليڪٽر کي هدايت ڪئي ته سکر ۽ روهڙي توڙي صدر بازار ۽ پير سبرا وچ ۾ فيري سروس شروع ڪرڻ بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي جي خصوصي اجلاس ۾ 23 ووٽن جي حمايت سان اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ کي نئين آئين ساز اسيمبلي ۾ شموليت ڪرڻ گهرجي. ** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي وڏي وزير روهڙي ۾ ڪارپيٽ انڊسٽري قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته ساڳئي ڏينهن تي پنجاب جي وڏي وزير ملتان ۾ انجنيئرنگ ڪاليج ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان نيشنل الائنس معاهدي جو مسودو ۽ مطالبا حڪومت حوالي ڪيا ۽ چيو ته جلد کان جلد مطالبا پورا ڪيا وڃن. ** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور ۾ چئن عورتن ۽ 7 ٻارن سميت هڪ ئي خاندان جي 13 ڀاتين کي ڪهي قتل ڪيو ويو. ** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايم ڪيو ايم جي سربراهه طارق عظيم سميت اهم اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو. ** 1994ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي واپارين وفاقي بجيٽ خلاف احتجاج ڪندي سڄي ملڪ ۾ هڙتال ڪري ڇڏي، واپارين جو چوڻ هو ته اسان سرڪار جي اقتصادي ۽ معاشي پاليسين مان خوش ناهيون، بجيٽ ۾ انهن جون تجويزون پڻ شامل نه ڪيون ويون آهن ۽ ڪيترائي ٽيڪس لڳايا ويا آهن. ** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ اسيمبلي ٺهراءُ منظور ڪندي صوبي ۾ امڪاني گورنر راڄ کي رد ڪري ڇڏيو، ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته سنڌ جمهوري نظام ۾ ڪنهن به صورت ۾ گورنر راڄ کي قبول نه ڪندي. ٻئي طرف وڏي وزير لياقت علي جتوئي جو چوڻ هو ته وزيراعظم نواز شريف خاطري ڪرائي آهي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ نه لڳايو ويندو. ** 2002ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اڳوڻي وفاقي وزير عمر اصغر خان پاڻ کي ڦاهو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو، ڪراچي جي گذري واري علائقي جي گهر مان سندس لاش مليو، هن خلاف نيب جي جاچ به هلندڙ هئي، عمر اصغر ايئر مارشل رٽائرڊ اصغر خان جو پٽ هو. ************* اڄوڪي ڏينهن 26 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 26 جون 1893ع شاعر ۽ بزرگ سيد نجي الله شاهه راشدي (پير ڳوٺ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 جون 1927ع ليکڪ نور عباسي (ڀريا) جو جنم ڏينهن آهي. 26 جون 1944ع راڳي ڀڳت ارجن ڪنواڻي (گمبٽ / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي. 26 جون 1953ع شاعر اقبال شينو (دادو) پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 جون 1970ع شاعره پرهه سڪينه گاد (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 26 جون 1274ع مشهور اسلامي مفڪر ابو جعفر محمد نصير الدين طوسي جو انتقال ٿيو. 26 جون 1946ع سياستدان تهلرام لوڪومل جي ديهانت ٿي. 26 جون 1950ع موسيقار غلام علي چاڳلا (ڪراچي) جو انتقال ٿيو. 26 جون 1955ع صحافي تلوڪچند شرما (ڀريا / اجمير) جي ديهانت ٿي. 26 جون 1973ع شاعر محمد رمضان آزاد جو انتقال ٿيو. 26 جون 2005ع شاعر مجرم لغاري (جهڏو) جو انتقال ٿيو. 26 جون 2010ع مشهور شاعر احمد خان مدهوش (جوهي) جو لاڏاڻو ٿيو. 26 جون 2016ع صوفي راڳي جمال الدين فقير لاڏاڻو ڪري ويو. 26 جون 2020ع سياستدان ۽ اڳوڻو صوبائي وزير حاجي منور علي عباسي (لاڙڪاڻو) لاڏاڻو ڪري ويو.​ 26 جون 2020ع جماعت اسلامي جو اڳوڻو امير منور حسن وفات ڪري ويو.

Saturday 24 June 2023

Sindh in history today (25th June). By. Dr.Pathan & Mumtaz Patham

Good Day by Dr.Pathan @@@@@@@@@@@ Sindh in history {in English} by. Mumtaz Pathan @@@@@@@@@@@@ Sindh in history {in Sindhi} by. Dr.Patyhan @@@@@@@@@@ SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {25th June} and Good Day Wish. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [The number of human-beings is increasing without gap but, human-values are assassinated double than that increasing population. It has made beautiful lives and wonderful world very terrible & horrible. Do something my dear, play your role and set new trends in sincerity & trust, love & beauty. We need peace of minds & hearts] ماڻھون ڄمن روز پر هر پل مري ماڻھپو, ڏاڍو ڏکيو جياپو, سرت سونهن سلام بنا. ************* SINDH (includng Pakistan) IN HISTORY TODAY {25th JUNE} EVENTS: 1844: The Government of India transmits copy of a letter from the Secret Committee to Sindh Governor and requesting him to ascertain whether it was the desire of the ex-Amirs of Sindh to leave Sindh and join their husnands. This may kindly be noted that ladies declined to leave Sindh for the purpose of residing with their husbands. (Source: Government of India’s letter No.451). 1856: Govrnment is interested to preserve and document Antiquities of Sindh. The Commissioner, Sindh requests Government of Bombay for appointment of Captain henre of the 1st European Regment as Photograper on the pay of Rs.300.(Source: Commissioner, Sindh’s letter No.289). 1945: Acharya J. B.Kriplani, General Secretary of the Congress addressing a press conference on the ‘Wavell proposal’ at Lucknow, says if the coalition at the center was to be based on Hidu-Muslim parity than elements other than Muslim League and Congress should also have been invited in the leaders’ conference. (Source: Indian Annual Register, Vol-1, 1945). 1927: Seth Harchandrai Vishindas presides over a public meeting held in the Khalikdina Hall, which passes a strongly worded resolution against the separation of Sindh from Bombay Presidency. This may kindly be noted that he was the first Sindhi politician who promoted the idea of separation of Sindh from from Bombay Presidency. (Source: The Daily Gazette,Karachi). 1953: British do not want to see democracy in Pakistan, says Moulvi Tamizuddin, the first president of the Pakistan Constituent Assembly. (Source: Newspapers). 1954: Justice Muneer Ahmed famous for his decision in favour of the Government in Tamizuddin case, is appointed as Chief Justice of Pakistan (Source: Ibid). 1955: Report on the murder of Liaquat Ali Khan is released. It suggests that there is no evidence whatsoever to suggest that any political motive was behind the act. (Source; Newspapers). 1966: Pakistan and Afghanistan will be connected with Railway. An agreement is signed by both countries. (Source: Newspapers). 1970” Presidential Order abolishing One-Unit can not be challenged in any court, new Ordinance is promulgated. (Source: Newspapers). 1972: Simla Agreement will be discussed and approved by the National Assembly, Z.A.Bhutto intends to take representatives into confidence. (Source: “Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1990: Mohen-Jo-Daro International Airport is innagurated. (Source: Newspapers) Sindh in history today (25th June). Slection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Reseach by Dr.Pathan. 25 جون جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 25.6.1843: ليفٽيننٽ رابرٽ مقابلي ۾ مير شير محمد جي ڀاء کي سيوهڻ ۾ پڪڙي گرفتار ڪيو ته انھئ ڪاميابئ تي ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل اڄ چارليس نيپيئر کي مبارڪ ڏني. 25.6.1844: جڏهن ٺڳئ سان سنڌ تي قبضو ڪري, مير حڪمرانن کي پڪڙي جنگي قيدي بڻائي جلاوطن ڪيو پيو وڃي ته انھن ميرن جي ديرن (ونين) ورن سان گڏ وڃڻ ۽ وطن ڇڏڻ کان انڪار ڪيو هو. اڄ وري سنڌ جي گورنر نيپيئر کان ڪمپني حڪومت پڇا ڪئي ته جاچ وٺي ڏي ته ڪنهن ڪنهن جا ديرا پنهنجي ورن ڏي وڃڻ لاء تيار آھن. ڇوته سندن ور وطن واپس ورندا ئي ڪونه ۽ ونين کي ورن کان پري ڇو رکيو وڃي. 25.6.1856: سنڌ جي وقتي ڪمشنر ممبئي سرڪار کي لکيو ته اسان سنڌ جي قديم آثارن جي منظرن, عمارتن تي ٿيل عڪس نگارئ ۽ ڪاشئ جي ٿانون/سرن جي چٽسالي ۽ ڪاٺ تي اڪريل جاميٽري گرافس وغيره کي فوٽوگرافئ ذريعي محفوظ ڪرڻ گهرون ٿا ۽ ان لاء يورپين ريجمينٽ جي ڪئپٽن هرن جون خدمتون ورتيون آھن. اوهان مهرباني ڪري کيس 300 روپين جي ماهوار پگهار تي مقرر ڪري ڏيو. [سنڌ جي وڻن ٽڻن, پکي پکڻن, جيتن جانورن, گلن ٻوٽن, عمارتن وغيره جا فوٽو ڪڍي سنڌ جي "تصويري تاريخ" مرتب ڪري سگهون ٿا. پر اهڙي شعور اچڻ لاء اسان جي ادارن ۽ افراد کي شايد اڃا گهڻو وقت لڳندو] 25.6.1927: ڪراچئ جي خالق ڏني هال ۾ ھندن جو وڏو جلسو ٿيو, جنهن جي صدارت سيٺ ھرچندراء وشنداس ڪئي. هن پنهنجي صدارتي تقرير ۾ سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪرڻ جي شديد مخالفت ڪئي. [ياد رهي ته هرچندراء وشنداس اهو پهريون سنڌي سياستدان هو, جنهن سڀ کان پهريون سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. پوء ھئ ئي انھئ جو وڏو مخالف ٿي بيٺو. مذھبي مت ڀيد جي اثر ۾ ڪيترن هندن اها سياسي غلطي ڪئي ته سنڌ ملڪ کي هو صوبي جي حيثيت ۾ به ڏسڻ نه پيا گهرن. سنڌي مسلمان اپر ڪلاس انھئ مخالفت مان سياسي فائدو ورتو ۽ ڳالهيون ڪري هندن جي شرطن مڃڻ کان سواء حڪمران ٿيڻ لاء سنڌ کي صوبائي حيثيت وٺي ڏني. ان دور جي هندو توڙي مسلمان سياستدانن ايئن غلطيون ڪيون] 25.6.1945: هن دور ۾ سنڌ-ڄائو آچاريه ڪرپلاڻي آل انڊيا ڪانگريس جو جنرل سيڪريٽري هئو. لارڊ ويول تجويز پيش ڪئي هئي ته مرڪز ۾ ھندن ۽ مسلمانن تي ٻڌل مخلوط حڪومت قائم ڪرڻ گهرجي. آچاريه ڪرپلاڻئ لکنو ۾ ان تي تبصرو ڪندي چيو ته پوء فقط ڪانگريس يا مسلم ليگ سان سرڪار ڳالهيون نه ڪري, پر ٻين مسلم ۽ غير مسلم اڳواڻن جي ڪانفرنس ڪوٺائي, انھئ مخلوط حڪومت وارئ تجويز کي سڀني لاء قبول ڪرڻ جوڳو بڻائجي. [ ياد رهي ته انگريزن کي هندستان ڇڏڻ کان سواء ڪا واٽ ئي ڪانه هئي. انھن تڪڙي جان ڇڏائڻ لاء انھن غلام ملڪن جو حق نظرانداز ڪيو, جن کي هنن غلام بڻايو. اصول مطابق انھن غلام ملڪن کي آزاد ڪرڻ گهربو هو. اها سوچ غلام ملڪن (جيئن سنڌ) جي سياستدانن کي به ڪانه آئي ۽ ٻه وڏيون پارٽيون ملڪ کي ٻن ٽڪرن ۾ ورهائڻ تي بضد ٿي ويون] 25.6.1955: لياقت علي خان جي قتل بابت قائم ڪيل انڪواري رپورٽ پڌري ٿي. ان ۾ چيو ويو ته سندس موت پٺيان ڪنهن سياسي دشمنئ جو عمل دخل ڪونهي. [ياد ڪرڻ جي ڳالھ هئ آھي ته ابتدا ۾ لياقت علي خان ملڪ جو بي تاج وزير اعظم رهيو. قائداعظم ۽ سندس وچ ۾ شديد اختلاف پيدا ٿيا,انھن به هن جي حيثيت کي نه گهٽايو. لياقت علي خان روس جي دعوت ٺڪرائي, آمريڪا جو دورو ڪيو ۽ واپسئ تي ڪميونسٽن خلاف باه ٻاري. هن "راولپنڊي سازش ڪيس" کي اڀاريو ۽ ان ۾ انھئ زماني جي فوجي افراد به شامل هئا. فيض احمد فيض به فوج ۾ رهيو. لياقت علي خان پنهنجئ مرضئ مطابق يڪ طرفو, ڪنهن کي اقتدار ۾ شريڪ ڪرڻ کان سواء بااختيار وزير اعظم ٿيڻ چاهيو هو ۽ سندس انھئ رويئي هن لاء مسئلا پيدا ڪيا] 25.6.1970: وفاقي سرڪار آرڊيننس لاڳو ڪيو ته صدر طرفان ون-يونٽ ٽوڙڻ واري حڪم نامي کي ڪنهن به ڪورٽ ۾ چئلينج نه ڪري سگهبو. [ وفاق جي خاص حڪمت عملئ ڪري "ون-يونٽ" مڙهيو ۽ ٽوڙيو ويو هو. ڪا به ائنٽي ون يونٽ تحريڪ ون يونٽ مڙھڻ جو دڳ روڪي سگهي. اهڙئ ريت ڪنهن به "ون-يونٽ ٽوڙيو تحريڪ" ڪري ون-يونٽ ڪونه ٽٽو. جڏهن اوڀر پاڪستان کي ئي پاڻ سان گڏ رکڻو ۽ کڻڻو ڪونه هو ته پوء مغربي پاڪستان ۾ ”ون-يونٽ" جي ڪا ضرورت ڪانه هئي. "ون-يونٽ" خلاف سنڌ ۾ مثالي تحريڪ هلي ۽ ان تحريڪ ۾ ڏنل قربانين جي بي قدري نه ڪري سگهجي. پر "ون-يونٽ" انھئ تحريڪ ڪري ختم نه ٿيو. ان ڪري اسان کي ڏسڻ سوچڻ گهرجي ته اسان جون تحريڪون گهربل مقصد ڇو نه ٿيون ماڻي سگهن] 25.6.1972: ذوالفقار علي ڀٽي بيان ڏنو ته مان جيڪو "شملا معاهدو" ڪري آيو آھيان, ان تي عوامي نمائندن کي اعتماد ۾ وٺبو ۽ قومي اسيمبلئ ۾ بحث ڪبو. 25.6.1990: مهين جو دڙو انٽرنئشنل ايئرپورٽ جو افتتاح ٿيو. *************** {25 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 25 جون 1922ع شاعر سائق بخاري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 25 جون 1929ع تعليمي ماهر ۽ محقق ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي (ايم اي قاضي)جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 25 جون 1939ع سماجي اڳواڻ محمد طالب ڀُرٽ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 25 جون 1968ع ليکڪ غلام مصطفى چنا جو جنم ڏينهن آهي. 25 جون 1971ع شاعر محمد عرس اوٺو (ميرپور بٺورو) جو جنم ڏينهن آهي. 25 جون 1978ع باليووڊ جي سنڌي اداڪار آفتاب شوداساڻئ جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 25 جون 1976ع شاعر حاجي عبدالله واصف جو انتقال ٿيو. 25 جون 2009ع پاپ موسيقي جي بي تاج بادشاهه مائيڪل جيڪسن جو انتقال ٿيو

Friday 23 June 2023

Sindh in history today (24th July). By, Dr.Pathan

1). GOOD DAY WISH. By.Dr.Pathan %%%%%%%%%%%%%%%%% 2). SINDH IN HISTORY {English| By. Mumtaz Pathan $$$$$$$$$$$$$$$$$$$ 3).SINDH IN HISTORY {Sindhi}. By.Dr.Pathan ################# SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {24th June} and Good Day Wish. ************ Dr.Pathan wishes you Good Day. TRANSLATION: [Though, living in the Global village with all facilities of fast communication on our disposal, in spite of that we are at longest distance and we are not in reach of each other. Matter of priorities & problems, interests & ego has created that distance and we are adding differences in it. Therefore, love & beauty, peace & sincerity have lost value and importance for us] تان جو رھون پرین پیرانڌئ، پوء بہ پھچڻ کان گھٹو پري،‏ جنهن بنا ساعت ڪانہ سري, تن کي پر پتو ناھي پیار جو.‏‎ ‎ ************* EVENTS: 1851: Prior to the occupation of Sindh by East Imdia Company, Colonel Pottenger, Political Agent played key role like wise in early days of British Govt. Major John Jacob helped government in keeping the border of Sindh Frintier safe and protected with gunand gold. Bugtis, Jakhranis, Domkis and other Baloch tribes gave him tough time also. Some of them are made prisioners and vide Letter No.199, the Commissioner takes decision that these prisioners be confined in Ahmadnagar Jail. 1922: Sindh has wonder history of Freedom Movement. A beautiful and young lady of 25 years, Kirshna is on propeganda tour and runover by a train and is crushed to death. The Great Cause always demands Great Sacrifice. 1940: TheCourt probing the causes of Masijid Manzalgah dispute records statements and evidences in Karachi. 1948: Pakistan and Sindh governments create understanding on matter related to refugees and there are nomore differences on the subject. 1949: Retal price of the wheat per 40 K.G is fixed at Rs 6 and 4 Anna. 1954: Mr. Iftikhar Hussain Mamdot is sworn in asGovernor of Sindh. He was previously dismissed as Chief Minister of Punjab. 1955: It is announced in Washington, Delhi and Karachi that as per aggrementon the Canal Waters dispute from April 1 to September 30, 1955, & after taking into account Pakistan's ability to transfer waters in replacement from the Western Rivers establishes ad hoc amounts for additional canal withdrawals by India from the three Eastern Rivers (Ravi, Beas & Sutlej) during the period covered by the agreement. 1956: The Refugees' Transist Camp is closed by the Punjab Government 1966: Z.A. Bhutto reaches Karachi after quiting the ministry. He is accorded warm welcome by the people-anexample in the history of Karachi. 1988: General (retd.) Rahimuddin Khan is named Sindh Governor. Mir Zafarullah Khan Jamali is named caretaker chief minister of Balochistan. 1992: President & Army Chief meet. Military courts being set up to try the culprits in Sindh. Vice-Chairman, MQM, SalimShahzad is arrested. FIR registered also against Altaf Hussain. 1995: Twenty people are killed & many others wounded as violence paralyses Karachi. 1995: Benazir Bhutto denies rift with Leghari on Karachi issue. Terrorist activities can't lowdown Government Dr.Pathan. 24 جون جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 24.6.1851: سنڌ جي ڪمشنر اڄ جيڪب آباد جي پوليٽيڪل ايجنٽ کي لکيو ته اهي بگٽي, جن اسان جي چوڪين تي حملو ڪيو هجي يا اسان جي فورس سان مزاحمت ڪئي هجي, انھن کي پڪڙي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ بدران احمد نگر جيل موڪليو. 24.6.1843: اسان جي اڳوڻن حاڪمن جي مهربانئ سان فرنگين کي سنڌ ۾ پنهنجا ڪارخانا/فيڪٽريون هڻڻ جي اجازت ملي. ناٿن ڪرو ميرن جي دور ۾ ڪراچئ/راڻي باغ/چڙيا گهر ڀرسان فيڪٽري ھنئي هئي. ان کان اڳ ٺٽو فرنگين, ڊچن ۽ پورچگيزن جي ڪوٺين ۽ ڪارخانن جو هنڌ رهيو. نيپيئر سنڌ تي قبضو ڪري گورنر ٿيو ته ٺٽي جي منشي پيتامرداس ڪليم داخل ڪيو ته ٺٽي ۾ جتي فرنگين فيڪٽري قائم ڪئي هئي, اها سندس جاء/ملڪيت آھي. پوء ان تي ڪئپٽن ويلس جاچ پڙتال ڪئي. هن چيو ته اها عمارت پيتامبر کي ڏيڻ بدران انھئ جي مرمت ڪرائي مسافر خانو بڻائجي ۽ واپارين کي هڪ روپيو ڏهاڙئ جي مسواڙ تي رهڻ لاء ڏجي. 24.6.1916: هاسارام سندرداس پمناڻي, جيڪو پوء ڪانگريسي سنڌ اسيمبلي ميمبر ٿيو ۽ مسجد منزلگاه وارن فسادن جي نتيجي ۾ ماريو ويو, سو روهڙئ جو مشھور ڌرمي ۽ سماجي سڌارڪ ماڻھو هو. هو اتان "ڌرم درشن" جي نالي سان ماهوار رسالو به ڪڍندو هو ۽ انھئ رسالي جو مڪمل سيٽ گل حيات ۾ موجود آھي. اڄ ھاسارام پمناڻئ روهڙئ ۾ ”ست سري ڌرمداس شيوا منڊلي" قائم ڪئي. جنهن پليٽ فارم تان مهيني ۾ ٻه دفعا ڌرم, سنسڪرت ٻولي ۽ سماج جي موضوعن تي ليڪچر ٿيندا هئا. اڄ نامور تعليمدان ڪرم چند هنگوراڻئ انھئ منڊلي ۾ ليڪچر ڏنو. 24.6.1920: اتر سنڌ, خاص طور تي جيڪب آباد ضلعي ۾ حڪومت خلافيتن تي ڏاڍيون سختيون شروع ڪيون. انھئ گنڀير صورتحال کي نظر ۾ رکندي خلافتي اڳواڻن جيڪب آباد ۾ ”خلافت ڪانفرس" سڏائي, جنهن جي صدارت مولانا تاج محمود امروٽئ ڪئي. هن ڪانفرنس اتان جي خلافيتين جا حوصلا بلند ڪيا. بئريسٽر جان محمد جوڻيجي انھئ موقعي تي پنهنجا سرڪاري القاب ڦٽا ڪيا ۽ مولانا تاج محمود امروٽئ پنهنجي سخت لهجي وارئ تقرير ۾ وڏيرن ۽ زميندارن کي انتباه ڪيو ته سرڪار جي هٿن ۾ کيڏڻ ۽ استعمال ٿيڻ ڇڏي ڏيو. 24.6.1940: مسجد منزلگاه مامري تي ٿيل خون فساد جي انڪواري ڪرڻ لاء سرڪار ٽريبيونل ٺاهيو هو. اڄ ڪراچئ ۾ کڏي واري مولانا محمد صادق ۽ فوجدار عمر خان انھئ ٽريبينل اڳيان پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا. 24.6.1948: اسان جي اقتدار ڌڻين خوشئ خوشئ سان سچي ۽ پڪي پاڪستاني هجڻ جي شاهدئ ۽ شوق ۾ ڪراچي وفاق جي حوالي ڪئي. انھئ لکت جي مس ئي اڃا ڪانه سڪي ته اڄ وفاق ۽ سنڌ سرڪار پناهگيرن جي سنڌ ۾ آبادڪارئ وارئ ايگريمينٽ ڪئي. 24.6.1954: افتخار ممدوٽ, جنهن کي پنجاب جي وڏ-وزارت تان ڊسمس ڪيو ويو هو, اهو اڄ سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. 24.6.1955: پاڪستان ۽ انڊيا باهمي پاڻئ واري مامري تي ٺاه ڪيو [ انڊيا کي نديون وڪرو ڪيون/ڏنيو ويون ۽ سنڌ سدائين لاء پاڻئ جي اڻاٺ جو شڪار ٿي وئي. انھئ ٺاه جي روشنئ ۾ پاڪستان مختلف ڊيم ٺاهڻ منصوبه بندي ڪئي ۽ انھئ تي ڪم شروع ڪرايو. ان ڪري سنڌ اڃا پاڻئ جي کوٽ جو وڌيڪ شڪار ٿي] 24.6.1970: پاڪستان جي ديني سياسي جماعتن پاڻ ۾ گڏجي "اسلامي متحده محاذ" قائم ڪيو. ان ۾ شامل ٿيندڙ پارٽيون هيون: جماعت اسلامي, جميعت العلماء پاڪستان, پاڪستان جمهوري پارٽي ۽ اهل حديث. 24.6.1996: جماعت اسلامئ فيصلو ڪيو ته سرڪار طرفان پيش ڪيل عوام-دشمن بجيٽ خلاف اسلام آباد طرف مارچ ڪبو. حڪومت انھئ صورتحال کي منھن ڏيڻ لاء آرمئ کي گهرائي ورتو. *************** {24 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 24 جون 1880ع سياستدان لوڪومل گوبند بخش ملڪاڻي (حيدر آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 جون 1890ع مذهبي اسڪالر ۽ سياستدان مولوي پير محمد اسماعيل جان جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 جون 1905ع ليکڪ چرن داس گرسهاڻي (ڀريا / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 24 جون 1926ع ناليواري عالم ۽ اسڪالر مولانا غلام مصطفى قاسمي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 جون 1964ع پ پ پ جي عورت اڳواڻ راءِ ناز بوزدار(پنو عاقل) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 24 جون 1958ع صحافي قاضي عبدالرحمان جو لاڏاڻو ٿيو. 24 جون سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قاضي فضل الله جو انتقال ٿيو. 24 جون 2016ع ڪلاسيڪل راڳي الهڏنو خاصخيلي ٽنڊي الهيار ويجهو روڊ حادثي ۾ انتقال ڪري ويو.

Thursday 22 June 2023

Sindh in history today (23rd June). By.Dr.Pathan

1). GOOD DAY WISH By. Dr.Pathan....@@@@@@@@@@@@@@@@@@ 2). SINDH IN HISTORY TODAY {English} By. Mumtaz Pathan....@@@@@@@@@@@@@@ 3)..SINDH IN HISTORY TODAY {Sindhi} By. Dr.Pathan....@@@@@@@@@@@@@@@@@ SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {23rd June} and Good Day Wish. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Whenever likes & dislikes, wishes & desires are promulgated as Martial Law Regulations and they are not adjusted with demands and are not as per principle of give & take, consequently the process of social, cultural and ideological deterioration starts immediately. The situation becomes high risk for Human love & respect and beauty & integrity and peace & progress] ھو جو صاحب چئجي يا ھوت، هن جي 'مرضي' ماري يا جیاري، ڪن کي تہ خوشین جا خرار ملن، ڪو ايئن گھنگھر گھٹو پیو گھاري، جو سرت سونھن ۽ سلام سھاري، سو بچي انھئ ڀڙڪندڙ باھ مان. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {23rd JUNE} EVENTS: 1832: The Bombay Government allows Colonel Pottenger to assemble army for routing out free-booters in eastern Sindh. (Source: Letter No.154) 1843: Lieutenant Gordon, in charge of the ex-Amirs of Sindh recommends to the Secretary to the Governor of Bombay that allowance should be made to Amirs/detained Talpurs as under: Provisioning 13 ex-Amirs and 98 attendants (Rs.8.000), Monthly wages to servants (Rs.3000), Clothing (1500), Establishment of carriages, horses etc (Rs.2500), Mir Nasir Khan of Hyderabad (Rs.2800), Mir Rustam Khan of Khairpur (Rs.2500), Mir Sobdar Khan (Rs.2500), Mir Muhammad Khan (Rs.2000), Mir Hussain Ali s/o Mir Mir Muhammad (Rs.1400), Mir Muhammad Khan (Rs.600), Mir Yar Muhammas (Rs.400), Mir Nasser Khan of Khairpur (Rs.700), Mir Hussain Ali s/o Mir Nasser Khan of Hyderabad (Rs.500),Mir Abbas Ali s/o Mir Nasser Khan of Hyderabad (Rs.300), Mir Fatih Khan s/o Mir Sobdar Khan (Rs.500), Mir Muhammad Ali s/o Mir Sobdar Khan (Rs.300) and Mir Ali Bux s/o Mir Rostam Khan (Rs.500)- (Source: ‘Correspondence related to Sinde’) 1922: The meeting of Aman Sabha- anti Khilafat & Congress-is held at Tando Muhammad Khan with K.B.Jam Mitta Khan in chair. About 20 landlords, Pirs and Mukhis address the meeting and ask people not to join any agitation against the Government. Moulvi Abdul Aziz is awarded Turban and Longi for his services in this regard. This meeting is attended by the Deputy Collector and Mukhtiarkar of Shadadpur, Diwan Kirpaldas,Dyaram Ghanomal,Seth Radha Kirshin,Shamdas, Diwan Wadhomal and Diwan Tekchand. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1934: R.K.Christia, a Sindhian lady is awarded the degree of Ph.D by the London University. She got education in D.J.Sindh College and served in ‘Women College’, Lahore. She did Ph.D. on the topic of ‘Action of Bacteria on the corrosion of metals’.(Source: The Daily Gazette, Karachi). 1948: Pakistan Government takes over the administration of Karachi from Sindh Government. Most of Sindhi politician are happy and take it as their service to Pakistan, but majority of Sindhi believe it as fall of Karachi. (Source: Newspapers). 1956: Government of Pakistan decides to celebrate 23rd March as a national day. This decision is taken nine years after the creation of Pakistan! (Source: Newspapers). 1988: Pir Pagaro offers PML leadership to President Zia. (Source: Ibid). By: Dr. Pathan ** 1832ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ مقرر پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر کي اجازت ڏني وئي ته هو ايسٽرن سنڌ جي علائقي ۾ پنهنجي فوج مقرر ڪري. ** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي سنڌ تي قبضي کانپوءِ سنڌ جي حڪمرانن جي چارج رکندڙ انگريز عملدار ليفٽيننٽ گورڊن بمبئي جي گورنر کي سفارش ڪئي ته گرفتار ڪيل ٽالپر حڪمرانن لاءِ معاوضا ۽ الائونس منظور ڪيا وڃن، هن پنهنجي سفارش ۾ چيو ته حڪمران خاندان جي 13 فردن ۽ 98 عملي جي ماڻهن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 8000 رپيا رکيا وڃن، انهن جي نوڪرن جي ماهوار پگهار لاءِ 3000 رپيا، ڪپڙن لاءِ 1500 رپيا، گهوڙي گاڏين لاءِ 2500 رپيا، حيدرآباد جي مير نصير خان لاءِ 2800 رپيا، خيرپور جي مير رستم خان ٽالپر لاءِ 2500 رپيا، مير صوبدار خان ٽالپر لاءِ 2500 رپيا، مير محمد خان لاءِ 2000 رپيا، مير حسين علي پٽ مير محمد لاءِ 1400 رپيا، مير محمد خان لاءِ 600 رپيا، مير يار محمد لاءِ 400 رپيا، خيرپور جي مير نصير خان لاءِ 700 رپيا، نصير خان جي پٽ مير حسين علي لاءِ 500 رپيا، مير عباس علي لاءِ 300 رپيا، مير صوبدار خان جي پٽ مير فتح خان لاءِ 500 رپيا، مير محمد علي لاءِ 300 رپيا ۽ رستم خان جي پٽ مير علي بخش لاءِ 500 رپيا منظور ڪيا وڃن. ** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خلافت ڪاميٽي ۽ ڪانگريس جي مخالفت ۾ ٺاهيل جماعت امن سڀا جي ٽنڊو محمد خان ۾ خانبهادر ڄام مٺا خان جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ اٽڪل 20 زميندارن، پيرن ۽ هندو مکين شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن کي چيو ويو ته اهي حڪومت خلاف ڪنهن به تحريڪ جو حصو نه ٿين، مولوي عبدالعزيز کي ٽربان ۽ لونگي سان نوازيو ويو، گڏجاڻي ۾ شهدادپور جي ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مختيار ڪار ديوان ڪرپل داس، ديارام گهنومل، سيٺ راڌا ڪرشن، شامداس، ديوان واڌو مل ۽ ديوان ٽيڪچند به شرڪت ڪئي. ** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ واسڻ آر ڪي ڪرسٽيا کي لنڊن يونيورسٽي طرفان پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني وئي، هن ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي مان تعليم حاصل ڪئي ۽ لاهور وومين ڪاليج ۾ وڏي عرصي تائين نوڪري ڪئي. ** 1948ع ۾ پاڪستان حڪومت ڪراچي جو ڪنٽرول سنڌ سرڪار کان حاصل ڪري ورتو، جنهن تي ڪيترائي سنڌي سياستدان خوش ٿيا پر اڪثر سنڌي اڳواڻن ان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ مخالفت ڪئي. ** 1956ع ۾ وفاقي سرڪار پهريون ڀيرو 23 مارچ کي يوم پاڪستان جو ڏهاڙو ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو، ان کانپوءِ هر سال اهو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. ** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پير پاڳاري مسلم ليگ جي قيادت جنرل ضياءُالحق حوالي ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي. ************* اڄوڪي ڏينهن 23 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون​ ​ جنم ڏينهن:​ ​ 23 جون 1834ع قَاضي عبدالنبي شڪارپوري جي پيدائش ٿي.​ 23 جون 1938ع شاعر محمد بخش ”حافظ“(نوان جتوئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.​ 23 جون 1940ع شاعره لڪشمي جيوتي (ڪراچي / الهاس نگر) جي پيدائش ٿي۔​ 23 جون 1954ع ڪشمور سان تعلق رکندڙ صحافي جئه رام داس بجاج جو جنم ڏينهن آهي.​ ​ وڇوڙو:​ ​ 23 جون 1901ع مذهبي عالم مولوي غلام رسول تنيو جو انتقال ٿيو.​ 23 جون 1941ع مذهبي عالم مولوي غلام محمد ٻنوي جو انتقال ٿيو.​ 23جون 1948ع عالم مولوي محمد سليمان واعظ جو انتقال ٿيو.​ 23 جون 1948ع عالم حاڪم معين الدين کيانروي جو انتقال ٿيو.​ 23 جون 1974ع مولوي نذير حسين جتوئي (لاڙڪاڻو) جو انتقال ٿيو.​ 23 جون 1980ع اندرا گانڌي جو پُٽ سنجي گانڌي هڪ جهاز حادثي جو شڪار ٿي ويو.​ 23 جون 1989ع سياستدان ايم اي قريشي جو لاڏاڻو ٿيو.​ 23 جون 2004ع مذهبي عالم عزيز الله جروار جو انتقال ٿيو.​

Wednesday 21 June 2023

Sindh in history today (22nd June) By.Dr.Pathan

22.6.2023 @@@@@@@@ Good Day Wish By.Dr.Pathan @@@@@@@@ Sindh in history {in English| By. My Son Mumtaz Ali Pathan @@@@@@@@ Sindh in history {in Sindhi} By.Dr.Pathan@@@@@@@@ SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {22nd June} and Good Day Wish with English Translation. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Only to pose like religious-minded, but to work against religious teachings, is worst act of exploitation of people and to defame and deny religion. Common teaching of all religions is to love & respect, serve & support human beings and to be cause of peace & progress and beauty of society] ڪرين ياترا ڪاشئ مٿرا ھنگلاج جي، یا وڃین من ڌوئڻ لاء ڪعبي یا ڪربلا، جي ماري نہ سگھین جا اٿئي من اندر، نفرت بغض متڀید پرماريت جي ڏائڻ بلا،‏ تنھنجا ورت وظیفا روزا يا تپسيا ۽ چلا، ڪم جا ناھن سرت سونھن سلام سواء.‏ ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {22nd JUNE} EVENTS: 1836: Colonel Pottenger sends report to the Government of India appraising it of the health condition of Mir Noor Muhammad Khan who was ill since days. (Source: His letter No.56). 1948: India introduces permit-system for who so ever from Pakistan will visit India. It was to curb the return of Indian Muslim migrants to India. (Source: Newspapers) 1949: NWFP Government impose ban on migration of Pathans to Sindh (Source: Newspapers). 1950: Khan M.Akram and Shaikh Muzaffar, both editors from Multan resign from Journalist Association headed by Pir Ali Muhammad Shah Rashdi. Pakistan journalism was the first sector that accepted and promoted ‘provincialism’ and other negative influences.(Source: Interview with Pir Ali Muhammad Shah Rashdi, by Dr.Pathan). 1966: Z.A.Bhutto gets unprecedented welcome as a Hero at Lahore Railway station. He had left Government due to differences with President Ayub on Tashkent Agreement. (Source: “Source-Material on Bhutto family”, compiled by Gul Hayay Institute). 1969: Pakistan Democratic Party is formed with the merger of four parties namely Awami League (Nasrullah Group), National Democratic Front, Nizam-i-Islam and Justice Party. (Source: Newspapers). 1972: In protest against economic policy of PPP Government, Stock Market start starts strike that will be observed for two days. (Source: Newspapers). 1978: Z.A.Bhutto appoints his daughter Benazir Bhutto as PPP Chairperson (Source: ‘Source-Material on Bhutto family”, Compiled by Gul Hayat Institute). “سنڌ جي واقعاتي تاريخ. 22 جون“. ************* 22.6.1836: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي سنڌ واري سفارتڪار ڪرنل پاٽينجر اڄ خط لکي پنهنجئ سرڪار کي خبر ڏني ته سنڌ جو حڪمران مير نور محمد خان سخت بيمار آھي ۽ سندس بچڻ جي اميد گهٽ آھي. {فرنگي نمائندا ۽ جاسوس پنهنجئ سرڪار کي سنڌ ۽ حڪمرانن جي ذري ذري جي خبر ڏيندا هئا ته جيئن ان جي روشنئ ۾ سندن حڪومت سنڌ سان لاڳاپن وارئ حڪمت عملئ ۾ ڦير گهير ڪري سگهن}. 22.6.1948: انڊيا حڪومت پاڪستان مان ايندڙ ماڻھن لاء پرمٽ سسٽم جاري ڪيو ته جيئن انهن مان مستقل طور انڊيا ۾ رهي نه سگهي. انهئ حڪمت عملئ انڊيا ڏانهن لڏپلاڻ جا دروازا بند ڪري ڇڏيا. ليڪن پاڪستان ڏانهن لڏپلاڻ وارا در ايئن بند نه ڪيا ويا. ان ڪري ڪو به انڊيا مان پاڪستان آيو ته ان جو واپس موٽڻ ناممڪن ٿي پيو. 22.6.1949: سرحد صوبي اڄ پابندي لڳائي ته ڪو به پٺاڻ سنڌ ڏانهن هجرت نه ڪري. سنڌ جي حڪومت سنڌي هندن جي لڏپلاڻ لاء اهڙو حڪم نامو جاري ڪري پئي سگهي, پر اهڙئ سياسي دانشمندي ڪانه ڏيکاري وئي. 22.6.1950: پاڪستان قائم ٿئي اڃا ڪي سال مس گذريا هئا جو صوبائي ۽ لساني تعصب پرستي وڌي وڻ ٿي وئي. پير علي محمد شاه ”پاڪستاني ايڊيٽرن جي انجمن“ جو صدر هو. هن خلاف پنجاب ۾ مخالفت شروع ٿي. اڄ ملتان جي ٻن ايڊيٽرن خان محمد اڪرم ۽ شيخ مظفر احتجاج ڪندي ”پاڪستان جي ايڊيٽرن وارئ انجمن“ تان ان ڪري استعيفا ڏني جو هڪ سنڌي (پير علي محمد شاه) ان انجمن جو صدر هو. 22.6.1966: ايوب-حڪومت مان استعيفا ڏيڻ کان پوء ذوالفقار علي ڀٽو پهريون دفعو لاهور پهتو ته هن جو شاندار ۽ تاريخي استقبال ڪيو ويو. 22.6.1969: چئن سياسي پارٽين, هر هڪ ”عوامي ليگ (نصرالله گروپ)“, ”نئشنل ڊيموڪريٽڪ فرنٽ“, ” نظام اسلامي“ ۽ ”جسٽس پارٽئ“ گڏجي ”پاڪستان ڊيموڪريٽڪ پارٽئ“ نالي سياسي اتحاد قائم ڪيو. 22.6.1972: پيپلز پارٽي حڪومت جي اقتصادي حڪمت عملئ کان تنگ ايندي اڄ ملڪ جي اسٽاڪ مارڪيٽ ٻن ڏينهن جي هڙتال شروع ڪئي. 22.6.1978: ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجئ ڌئ بينظير ڀٽو کي پارٽئ جو چيئرپرسن مقرر ڪيو ۽ ملڪ ۾ خانداني/موروثي سياست واري نظام کي هٿي ڏني. ************ اڄوڪي ڏينهن 22 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 22 جون 1860ع شاعر سوامي گنگارام ڀاونداس (چڪ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 جون 1906ع شاعر، تاريخدان، سياستدان ۽ اڳوڻي ميئر ڪراچي جي الانا جو جنم ڏينهن آهي. 22 جون 1924ع صحافي قائم الدين منگي (پنجو ديرو) جو جنم ڏينهن آهي. 22 جون 1925ع تعليمي ميدان ۾ ڪاوشون ڪندڙ نظام الدين ميمڻ (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 جون 1926ع ليکڪ قلب علي ٽڪلو جو جنم ڏينهن آهي. 22 جون 1932ع باليووڊ جي مشهور اداڪار امريش پوري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 جون 1956ع سياستدان شاهه محمود قريشي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 جون 1957ع ليکڪ سڪندر سرواڻ (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 جون 1964ع ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ رئوف پارس دايو (گهوٽڪي) جو جنم ڏينهن آهي. 22 جون 1978ع ليکڪ ارباب پلهه جو جنم ڏينهن آهي. 22 جون 1983ع شاعر ساحل سيتائي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 22 جون 1947ع هاري تحريڪ جي شهيد بختاور خاصخيلي جي شهادت جو ڏهاڙو آهي. 22 جون 1969ع شاعر، سماجي اڳواڻ ۽ مذهبي اسڪالر سيد علي اڪبر شاهه (ميهڙ) جو لاڏاڻو ٿيو. 22 جون 1982ع مذهبي اسڪالر مولوي الله بخش تنيو انتقال ڪري ويو. 22 جون 1992ع مشهور لوڪ فنڪار ڍول فقير جو انتقال ٿيو. 22 جون 2012ع اردو جي مشهور ليکڪ، ناول نگار ۽ ڪالم نويس عبيد الله بيگ جو انتقال ٿيو. .

Tuesday 20 June 2023

Sindh in history today (21st June). By.Dr.Pathan

Post consists of 3 Parts: 1. Good Day Wish by Dr.Pathan @@@@@@@@@@@ 2. Sind History in English by. Mumtaz Ali Pathan.@@@@@@@@@ 3) Sindh in History in Sindhi by. Dr.Pathan. @@@@@@@@@@@@@@@@@ SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {21st June} and Good Day Wish. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [My Dear Heart & Mind! Fight with your self. Fight to win for me, Motherland and its people. Defeat your ego and interest. Let the love win for protection of beauty & peace. Be at war and be at par with your vision & wisdom] جا جئ اندر ۾ جنگ، سا ھوتن لاء تون ھار، انا اجائئ ھوڏ کي، تون پنھنجي من کي مار، نينهن سان پوء نهار،سرت سونھن سلام کي. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {21ST JUNE} EVENTS: 1916: Sawami Devananda delivers his first lecture, to be followed by series of lectures on the request of ‘Hindu Shewak Mandal’ of Karachi. (Source: Daily Gazette, Karachi). 1920: NGO of Shikarpur, Citizens’ Association of Shikarpur elects its officer-bearers. They are Diwan Vishindas Jethmilani (President), Seth Ghanshamdas Rajpal (Chairman Managing Committee), Balwantsing Lokram (Secretary)and Ramchand of H.M.Academy (General Secretary). 1943: A resolution conveying warm greetings to the heroic Red Army and Soviet people is passed at a meeting of Sindh-Baluchistan Communist Party. The second anniversary of Soviet-German war is celebrated. (Source: Indian Annual Register, Vol-1, 1943) 1955: Muhammad Ayunb Khuhro, Pir Ali Muhammad Shah Rasdi, Mir Ghulam Ali Talpur, Haji Moula Bux Soomro, Seromal and Yousif Haroon are elected as members of the Constituent Assembly (Source: Newspapers). 1960: Abdul Qadir Sanjrani from Sindh is inducted in West Pakistan cabinet. (Source: Newspapers). 1962: Moulv iFarid Ahmad, politician from East Pakistan demands Friday instead of Sunday as holiday. (Source: Ibid). 1964: Z.A.Bhutto is awarded ‘Hilali-i-Pakistan’ for his valuable services regarding reshaping of country’s foreign policy. (Source: “Source-Material on Bhutto family’’, compiled by Gul Hayat Institute). 1968: Some of accused in Agartala Conspiracy case confess that they were planing for an independent East Pakistan (Source: Newspapers). 1980: Zakat system is introduced in Pakistan. There will be compulsory deduction of Zakat from Bank deposited. (Ibid). 1988: Supreme Court strikes down registration of political party’s clause. Decision is given in Benazir Bhutto’s petition on Party Act. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1992: Major Arshad pleads guilty of killing nine persons in TandoBahawal. Confession made before an army court of inquiry. (Source: Newspapers). Dr.Pathan. 22 جون جي حوالي سان وڌايل, ۽ سڌاريل سنڌ جي "وضاحتي واقعاتي تاريخ". تحقيق ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ. نئين, منفرد ۽ مستند انداز سان سالن کان سنڌواسين لاء سنڌ-شناسئ, تاريخ- بينئ ۽ تاريخ-فهمئ لاء تاريخ ٻڌائڻ جو اڻ-کٽ سلسلو. *************** توجه طلب واقعا *************** 21.6.1832: پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته حيدرآباد وارو مير نور محمد خان بيمار ٿيو ته سرڪار جي اجازت سان سرجن هيٿرون کان سندس دوا ڪرائي وئي هئي. هاڻ مير جي طبيعت سڌري چڪي آھي. اوهان سرجن هيٿرون کي سنڌ ۾ رهڻ وارو الائونس ڏيو. 21.6.1842: آئوٽرام پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته مير حڪمرانن جي اسان خلاف ٿيندڙ سازش مٿان سازش, اسان جي طاقت ۽ واپار جي کي رسندڙ ڌچڪي وارئ صورتحال ۾ مير حڪمرانن سان نئين انداز سان ڳالهائڻ ۽ نئين معاهدي ڪرڻ جي ضرورت آھي. مير لاهي پاهي اسان جي مفادن خلاف ڪم ڪن ٿا. عوام اسان جي ٽپال ۽ رابطن جي ذريعن وسيلن کي ڇيهي رسائڻ جو جهڙوڪ قسم کنيو آھي. سنڌ ۾ اسان جي فوج جي نفري گهٽ آھي. هاڻي اسان کي ميرن کان پنهنجئ مرضئ وارا معاهدا زورئ مڃرائڻ گهرجن. هو لکي ٿو ته اسان کي پنهنجي آگبوٽس لاء ڪوئلي ۽ ٻارڻ جي بندوبست ڪرڻ لاء سنڌوندئ جي ڪنارن تي قائم جنهنگ ۽ ٻيلا وڍڻ گهرجن. بکر واري قلعي تي اسان جي سخت گرفت هجڻ گهرجي. 21.6.1848: سنڌ جي ڪمشنر کي ممبئي سرڪار اجازت ڏني ته ڪوٽڙئ ۽ سيوهڻ وچ ۾ ٽپال واري سسٽم وڌيڪ بهتر بڻاء. 21.6.1943: ڪراچئ ۾ ”سنڌ بلوچستان ڪميونسٽ پارٽئ" جي گڏجاڻي ٿي ۽ ان ۾ ٺھراء پاس ڪري روس جي عوام ۽ اتان جي "ريڊ آرمئ" کي مباڪون ڏنيون ويون. انھئ ڏينھن تي روس-جرمنئ وچ ۾ ٿيل جنگ جي ياد واري ڏينھن ملهايو ويو, جنهن ۾ روس کي ڪاميابي ملي هئي. 21.6.1952: آمريڪا پاڪستان کي 20 ملين ڊالر امداد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. [پاڪستان کي قائم ٿيڻ کان وٺي ڪهڙن ملڪن ۽ ادارن ڪيتري مالي امداد ڪئي يا قرض ڏنو ۽ ان مان سنڌ کي ڪيترو حصو مليو, يا انھن قرضن/امداد ملڪي سياست تي ڪهڙا ۽ ڪيترا اثر وڌا, سنڌي معاشي محقق شايد قيامت تائين انھئ موضوع تي تحقيق نه ڪري!!!] 21.6.1955: پاڪستان قائم ٿئي سال گذريا, پر ملڪ جو آئين نه ٺھيو ته جيئن ڪي شاهينگ پنهنجي ذاتي مطلبن ۽ خواهشن مطابق حڪومت هلائي سگهن. اڄ سنڌ مان محمد ايوب کهڙو, پير علي محمد شاه راشدي, مير غلام علي ٽالپور, حاجي مولا بخش ۽ مکي سيرومل "آئين ساز اسيمبلئ" جا ميمبر چونڊيا ويا. 21.6.1960: سنڌ مان عبدالقادر سنجراڻئ کي "اوله پاڪستان حڪومت" ۾ وزير طور کنيو ويو. ون-يونٽ جي زماني ۾ سنڌ مان ڪهڙا ڪهڙا اسيمبلئ جا ميمبر ٿيا ۽ ڪهڙا ڪهڙا وزير ٿيا, انھئ موضوع تي تحقيق ٿيڻ جي ضرورت آھي. سنڌ جون اهي يونيورسٽيون جن ۾ ”پاڪستان اسٽڊيز"/"پوليٽيڪل سائنس"/”هسٽري" جا شعبا آھن, انھن کي هن موضوع تي ايم.فل يا پي ايڇ.ڊي ڪرائڻ گهرجي. 21.6.1964: پاڪستان سرڪار طرفان صدر ايوب هٿان ذوالفقار علي ڀٽي کي "هلال پاڪستان" ايوارڊ ڏنو ويو. [جڏهن ايوب-شاهئ خلاف تحريڪ چوٽ تي هئي ته ڀٽي اهو ايوارڊ واپس ڪيو هو] 21.6.1968: "اگر تله سازش ڪيس" ۾ پڪڙيل ماڻھن اڄ ٽريبينل اڳيان مڃيو ته هنن آزاد بنگلا ديش ٺاهڻ جي منصوبه بندي ڪئي هئي. [ اهي ماڻھون بي گناه هئا ۽ سياسي مخالفت جو نشانو بڻايا ويا هئا. پر هنن حڪومت جي ڏاڍ مان فائدو ورتو ۽ پنهنجو ڏوه باسي پنهنجي آزادئ جي تحريڪ کي شھرت ۽ هٿي ڏنائون. ان لاء هنن پنهنجي جان جي پرواه نه ڪئي. بنگالين غلام قومن کي ھڪ سياسي ڏانء ڏنو. اهڙي ڏوه ۾ بنگالي پڪڙي گم ڪيا ويا ته سندن ڀينرن ۽ مائرن روڊن رستن ۽ پريس ڪلبن اڳيان ڪو روڄ راڙو ڪونه ڪيو!!!] 21.6.1977: پي.اين.اي طرفان سندس حڪومت خلاف هلايل تحريڪ ۽ ٿيل ڳالهين تي اثرانداز ٿيڻ لاء ذوالفقار علي ڀٽي اقتدار جي آخري ڏينھن ۾ مسلم ملڪن جا هنگامي دورا ڪيا. اڄ ھن ڪوويت, ايران ۽ افغانستان جو دورو ڪيو. پر حالتن کي سندس ڪابه سياسي يا سفارتڪارئ واري ڪوشش بدلائي نه سگهي. 21.6.1980: جنرل ضياء الحق طرفان پنهنجئ مرضئ وارن مذھبي سڌارن آڻڻ جي پوئوارئ ۾ اڄ زڪوات جي زورئ ڪٽوتئ جو عمل شروع ٿيو. 21.6.1992: آرمي ڪورٽ اڳيان اڄ ميجر ارشد مڃيو ته ٽنڊو بهاول ۾ هن جي حڪم تي دهشتگرد نه پر بيگناه 9 هاري ماريا ويا. ************** {21 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 21 جون 1921ع فريڊم فائيٽر ڊاڪٽر ڀڳوانداس چندواڻي (سکر / اجمير) جي پيدائش ٿي. 21 جون 1932ع شاعر لائق سيتائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 جون 1944ع شاعر سيف ٻنوئ جو جنم ڏينهن آهي. 21 جون 1951ع گلوڪار ڪشن ڪمار ڀولاڻي (جئپور) جي پيدائش ٿي. 21 جون 1953ع بيگناه ماري ويل محترمه بينظير ڀٽوجو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 21 جون 1037ع مشهور مسلمان سائنسدان، طبيب ۽ فلاسافر ابن سيناجو انتقال ٿيو. 21 جون 1935ع شاعر ۽ ليکڪ آخوند هدايت الله مشتاق هالائئ جو انتقال ٿيو. 21 جون 1938ع مذهبي عالم مولوي عبدالحڪيم راجنپوري جو انتقال ٿيو. 21 جون 1947ع فريڊم فائيٽر حاجي عبدالرحيم شاهه (سجاول) جو انتقال ٿيو. 21 جون 1963ع فريڊم فائيٽر حاجي علي شير ڀرٽ جو انتقال ٿيو. 21 جون 1989ع ليکڪ غلام محمد سومرو (حيدر آباد) جو انتقال ٿيو. 21 جون 2012ع سياستدان سيد اميد علي شاهه رضوي(ٽنڊو الهيار) جو لاڏاڻو ٿيو.

Monday 19 June 2023

Sindh in history today (20th June). By. Dr.Pathan

This Post consists of three Parts: 1]. Good Day Wish By Dr.Pathan, 2], Sindh in History in English by my Son Mumtaz Pathan, and 3]. Sindh in history in Sindhi by Me, Dr.Pathan ========================== SINDH (including Pakistan) IN History today {20th June} and Good Day Wish. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Do not lead any crowed and dance to please people. Lead your self, if you intend to be an ideal leader. Do not insist upon anybody for love & respect. It will make you beggar, and beggars are always losers. Respect yourself and love all without any discrimination. Be beauty, love will follow you. Be peace, tranquility will follow you. You are not follower, but leader] اڳیان ايئن تون ڄڃ م ڄل، نچين ڪوه ؟ڪنهن کاتي؟ پٺيان ايئن تہ پرين نہ هل، ڪل ڪهڙي پرچن ڇا تي؟ هل پاڻ تون تاتي،سلام ٿي. ‏‎ ‎ ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {20thJUNE} EVENTS: 1943: M.A.Jinnah, replying to an address presented to him by the Karachi Muslim Chamber of Commerce, says that unless a nation is economically well organised and powerful, it cannot, progress in any spare. The economic side is the very foundation of a nation. (Source: Indian Annual Register, Vol-1, 1943). 1947: Bengal Assembly members decide that the province should be partitioned. (Source: Newspapers) 1959: AnjumanTaraqiPasandMusanfeen is declared unlawful. (Source: The Government Notification) 1964: Total number of people those lost their lives in cyclon, that hit Hyderabad Division is more than 600. (Source: Newspapers) 1974: Ban is imposed on political activities of Khan Abdul Ghaffar Khan (Source: Newspaper) 1970: The Land Commisison is a abolished by the West Pakistan Govt. The Governor issuer orders. (Source: Newspapers) !977: Z.A.Bhutto proposes Muslim countries Defence pact. (Source: Ibd) 1992: Curfew is clamped on six areas in Karachi. Six are killed in clash among rival MQM groups. (Source: Newspapers). 1993: Altaf Hussain wanted me dead, says Major Kaleem of the F14 when examined as Prosecution witness by Special Public Prosecuter before Special Court for STA. ******** 20.6.1839: سنڌ ۾ مقرر ڪيل ۽ مقيم فرنگي سفارتڪارن جي خط و ڪتابت مان ظاهر ٿئي ٿو ته قنڌار ۽ قلات جي ابتر حالتن مير حڪمرانن جون من مستيون وڌائي ڇڏيون آھن ۽ فرنگي سوچي رهيا آھن ته ميرن طرفان متان ڪا مزاحمت يا سازش ٿئي. پر کين اها پڪ آھي ته فرنگين جي فوجي سگھ کان مير ڊنل آھن ۽ ان ڪري ڪا منظم مزاحمت نه ڪئي ويندي. جان ڪين جي سربراهئ ۾ فرنگي فوج حيدرآباد کان گذري خيرپور پهتي ته وچ تي ڪو اڻ وڻندڙ واقعو رونما نه ٿيو ۽ ميرن ڪٿي به سندس دڳ نه روڪيو. 20.6.1847: سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ ۽ پوء فرنگين روهڙي شهر ۽ ان پسگردائئ کي انتظامي ۽ دفاعي طور تي اهم سمجهيو. اتان خيرپور کان وٺي بهاولپور تائين هر شئ تي نظر رکڻ آسان هئي. ان ڪري سکر جي پلين ٺھڻ کان اڳ روهڙي انگريزن لاء اهم هئي. روهڙئ جي ڊپٽي ڪليڪٽر فيرنگٽن کي سنڌ گورنر طرفان حڪم ٿيو ته روهڙئ جو نقشو ٺاهجي ۽ ضلعي جون حدون مقرر ڪجن. ( پرڳڻي کي اڳ ضلعو چئبو هو). ڊپٽي ڪليڪٽر اهو ڪم اڄ پورو ڪيو. 20.6.1852: اها انتظامي روايت انگريزن وڌي ته هر ڪو سرڪاري کاتو/ڊپارٽمينٽ پنهنجي سالياني پروگريس رپورٽ ٺاهي سرڪار کي پيش ڪري. سرڪار اهي شايع ڪرائيندي هئي. انهن رپورٽن ۾ سنڌ جي تاريخ جو مستند خزانو موجود آھي. سنڌ جون سرڪاري ۽ درباري لائبرريون ته لٽيون ۽ خالي ڪيون ويون. پر سنڌ ۾ اهي هر ضلعي جي ڪليڪٽرئ, انڊيا آفيس لائبرري لنڊن ۽ انڊيا جي آرڪائيوز ۾ موجود آھن. اڄ پوليس کاتي پنهنجي سالياني رپورٽ سنڌ جي ڪمشنر کي پيش ڪئي. 20.6.1920: سنڌ خلافت ڪميٽئ جون چونڊون ٿيون, جن ۾ حاجي عبدالله هارون کي صدر, مولانا تاج محمود امروٽئ کي نائب صدر ۽ حڪيم شمس الدين احمد (قاضي فضل الله جو وڏو ڀاء) کي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو. [ نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ اها آھي ته وڏيرڪو ۽ جاگيردارانه طبقو هن پارٽئ کان پري رهيو. ڇو ته اها سرڪار خلاف هئي. البته سرمائيدار ۽ پير انھئ پارٽئ جي حوالي سان سنڌ جي سياست جا واڳ ڌڻي ٿيا ۽ ديني عالمن ان ۾ ھراول دستي جو ڪردار ادا ڪيو] 20.6.1920: اسان جي دور ۾ جيئن سياست مذهب تي حاوي رهي آھي ۽ سياسي آدرشن کي سندن پوئلڳ سڀ ڪجھ سمجهن ۽ چون ٿا, انھئ جي ٿوري مٽيل صورت ۽ سوچ خلافت تحريڪ به پيدا ڪئي. ڪيترا ملان سرڪاري مالي امداد تي ديني ۽ تعليمي مدرسا/اسڪول هلائيندا هئا. خلافت تحريڪ دوران انھن ديني ۽ تعليمي تشهير کي پاسيرو رکي سياسي فيصلن ۽ سوچن کي اهميت ڏني. نتيجي ۾ ڪيترن مولوين سرڪار کان مالي مدد وٺڻ کان انڪار ڪيو. جڏهن ته مالي مدد سرڪار پنهنجي کيسي مان ڪونه ڪندي هئي. پر اهو عوام جو ئي پئسو هو. عالمن جي جذبي کي ته سلام آھي, ليڪن سندن فيصلو درست نه هو. اڄ جن سرڪار کان اسڪولن/مدرسن لاء مالي مدد وٺڻ کان انڪار ڪرڻ جو اعلان ڪيو, اهي آھن: خليفو محمد عثمان (ڳوٺ مريد موچي, تعلقو ميروخان), مولوي محمد حسن (سجاول گوپانگ), مولوي دين محمد (ڳوٺ بٺي), مولوي محمد عالم (محبوب تنيو), مولوي محمد اعظم (پنڊ, ميروخان), مولانا عمران (ٽنڊو علي مراد), مولوي خير محمد (ڳوٺ ڇٽو جويو), مولوي فتح محمد (حاصل جمالي), مولوي قادر بخش (ڊٻ چانڊيو) ۽ حافظ عبدالغني (ڀنڀو چانڊيو). 20.6.1922: ٽنڊي باگي جو نالو وٺبو ته سکي مرد ۽ تعليم کي عام ڪندڙ خانبھادر مير غلام محمد ٽالپور جو نالو زبان تي تري ايندو. اپر ڪلاس جو ماڻھو هو, ان ڪري انگريزن سان نه ڦٽايائين. خلافت تحريڪ سرڪار لاء خطرو ٿي اڀريو ته خلافت تحريڪ جي مخالفت ۽ فرنگي سرڪار جي مدد لاء ”امن سڀا" ٺاهي وئي. اڄ ٽنڊي باگي جي "امن سڀا" جي خانبھادر مير جي صدارت ۾ عوامي ميڙاڪو ڪوٺايو. حيدرآباد انگريزن جي حامي مولوئ عبدالعزيز کي خاص دعوت ڏئي گهرايو ويو هو. مکي هيرومل, ڪشونداس, ڀائي ٽوپڻ مل, عيدن مل ۽ تور مل انگريزن جي وفادار رهڻ بابت تقريرون ڪيون. 20.6.1956: اڄ جيئن پنجاب ۾ صوبائي اسيمبلئ جو اسپيڪر سرڪار کي بجيٽ پيش ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو, تيئن اڄوڪي ڏينھن تي اوڀر پاڪستان جي وڏي وزير کي اسپيڪر بجيٽ پيش ڪرڻ ڪانه ڏني. 20.6.1964: حيدرآباد ڊويزن ۾ طوفان بارشن تباهي مچائي ڇڏي. سرڪاري پڌرائئ مطابق 600 ماڻھون اجل جو شڪار ٿيا. 20.6.1968: وفاقي سرڪار اڄ قومي اسيمبلئ کي ٻڌايو ته پشاور لڳ بڊابير ۾ قائم ٿيل آمريڪي ڪميونيڪيشن يونٽ جي ليز ختم ٿيڻ واري آھي. 20.6.1973: اصغر خان, جيڪو شروعات ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جو سياسي ۽ نظرياتي عاشق هو, سو بيان ۾ چئي ٿو ته پيپلز پارٽي حڪومت آمريت جو هڪ روپ آھي. اها نه جمهوريت جي حق ۾ آھي ۽ نه وري عوام جي مفاد ۾ آھي. 20.6.1977: ڀٽي-حڪومت خلاف ڪراچي, سيالڪوٽ ۽ لاهور ۾ وڏو گوڙ ٿيو. پوليس فائرنگ ۾ سيالڪوٽ ۾ 4 سياسي ڪارڪن مري ويا ۽ 16 زخمي ٿيا. ان ڪري شھر ۾ ڪرفيو لڳايو ويو. 20.6.1988: مارشلا لا اختيارئ وارن هٿيارن بابت ترميم ٿيل آرڊيننس لاڳو ڪيو, جنهن مطابق هٿيار کڻي هلڻ ۽ بنا لائيسنس هٿيار رکڻ تي ڳريون سزائون رکيون ويون. 20.6.1992: ڪراچئ جي ڪيترن هنڌن تي وڳوڙ ٿيا ۽ اتي ڪرفيو لڳايو ويو. وڳوڙن دوران ايم.ڪيو.ايم جي هڪڙي ڌڙي ٻئي ڌڙي جا 6 ڪارڪن ماري وڌا. هوڏانھن لنڊن م الطاف حسين ۽ نواز شريف جي ڪراچئ جي حالتن تي گوڏا ڀڃي ويچار ڪيو. 20.6.1993: دهشتگردي ٽوڙ اسپيشل ڪورٽ ۾ ميجر ڪليم بيان ڏيندي چيو ته الطاف حسين جي نيت ۽ ڪوشش اها هئي ته مون کي ماريو وڃي. *************** {20 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 20 جون 1850ع تعليمي ماهر ۽ سماجي ڪارڪن تاراچند شوڪيرام (حيدر آباد) جي پيدائش ٿي. 20 جون 1875ع مذهبي عالم پير خدا ڏنو نصرپوري جي پيدائش ٿي. 20 جون 1887ع بزرگ پير ضياءُالدين شاهه راشديجي پيدائش ٿي. 20 جون 1936ع ليکڪ چنا شبير ناز (شڪارپور) جي پيدائش ٿي. 20 جون 1940ع شاعر جڳت منشاراماڻي (سکر / راجڪوٽ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.. 20 جون 1940ع مذهبي عالم مولانا فيض محمد هَڪڙو جي پيدائش ٿي. 20 جون 1946ع صحافي مير هزار خان منصور جو جنم ڏينهن آهي. 20 جون 1968ع ليکڪ ظفر ٽالپر جو جنم جي پيدائش ٿي. 20 جون 1978ع شاعر امر کهاوڙ جي پيدائش ٿي. 20 جون 1980ع تنها شبير چانڊيو جي پيدائش ٿي. [وڇوڙو:] 20 جون 1918ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولانا عبدالغفور همايوني مفتون جو انتقال ٿيو. 20 جون 1968ع مذهبي عالم مولوي غلام رسول کوسي جو انتقال ٿيو.

Sunday 18 June 2023

Sindh in history today (19yh June). Dr.Pathan

GOOD DAY WISH BY Dr.Pathan SPNDH IN HISTORY TODAY (ENGLISH) By. Mumtaz Ali Pathan SINDH IN HISTORY TODAY (Sindhi) By. Dr.Pathan SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {19th June} and Good Day Wish. ************ Dr.Pathan wishes you Good Day. [If you are well wisher of Human-beings without discrimination. If you love & respect and serve & support people, and if you are setting trends in sincerity & selflessness; and you are protecting & promoting truth, peace & beauty, then you have to face tough time. Ali, the greatest figure in Muslim history, was assassinated because of this noble cause. Dear! Don't be thankless. Love & respect those, who love & respect you and well wishers] جو ڪونہ ڄاٹي محبت ماٹھپو، سو پنھنجي محسن کي ماري، علئ ۽ سندس اولاد شھید ٿیو، جوحق سچ سمجھایوسونھاري، اھو ماٹھو هت گهنگهر ٿو گهاري، جو ساٿي سچ سرت سلام جو. ************ EVENTS (19th june) 1847: The Collector of Karachi is directed not to interfere in the affairs of Karachi town as all Magistraterial duties would be performed by the Police authorities. (Source: Govt.’ letter No. 2057). 1842: Differences are erupted over the ownership of some villages between Mir Ali Murad Khan and Mir Rustom Khan. Today, Mir Ali Murad Khan asks Lieutenant Brown that his case be taken up by the British Government and he would be willing to abide by their decision (Source: Letters No. 57, 127) 1850: Brigadier-General John Jacob forwards to Commissioner for approval a plan and description of the military limits at Khan Garag [Jacobabad]. (Source: His office letter No.821). 1917: The Larkana District Local Board approves Annual grants to following Schools: Sindh Madressah, Karachi-Rs.2500, D.J.Sindh College, Karachi-Rs.1000, Technical School Sukkur- Rs.100, A.V.School, Tilti-Rs.250, Larkana Madressah-Rs.2500, Mehar Madressah-Rs.500, A.V.School, Dadu-Rs.600, Girls School, Sehwan-Rs.100. 1932: The Muslim Majority of Sindh observes ‘Sindh Separation Day’. (Source: ‘Sindh ji Siyasi Jidojhid’). 1947: Muslim League High Command selects Karachi as the capital of Pakistan. Other proposals discussed were Lahore and Dhaka. (Source: History of the All-India Muslim League). 1954: Pakistan informs the Soviet Union of her decision to impose reciprocal restrictions on the movement of Soviet Diplomats in Pakistan (Source: Newspapers). 1968: The Agartala Conspiracy trial begins in Dhaka. The Special Tribunal is headed by Justice S.A.Raman (Source: Newspapers), 1996: Nawaz Sharif gives strike call to protest against the budget, terming it highly inflationary. (Source: Ibid). Dr.Pathan. 19 جون جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ". تحقيق ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ. *************** توجه طلب واقعا *************** 19.6.1839: سنڌ جو اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ لفٽيننٽ ليڪي پنهنجي سرڪار کي اطلاع ٿو ڏئي ته ايران طرفان حملي جو خطرو وڌي ويو آھي ۽ ميرن هنن حالتن مان فائدي وٺڻ ۽ اسان سان ٿيندڙ ٺاه تي صحيون ۾ دير ڪرڻ لاء مير نور محمد, مير نصير خان ۽ مير محمد خان فيصلو ڪيو آھي ته اسماعيل شاه ۽ سندس پٽ صادق شاه کي گورنر جنرل ڏي موڪليو وڃي ته جيئن ٿيندڙ ٺاه ۾ ڪجھ ڦير ڪئي وڃي. 19.6.1840: آئوٽرام اڄ پنهنجئ سرڪار کي خط ذريعي سنڌ ۾ غير فرنگين جي آمد ۽ چرپر جي خبر ڏيندي لکي ٿو ته ڪجھ ڏينھن اڳ ايران مان ڪي ماڻھون مسقط رستي ڪراچئ پهتا. ڪراچئ جي ميرن واري گورنر کين عزت ۽ حفاظت سان حيدرآباد پهچايو. هو ٽي ڏينھن سيد زين العابدين وٽ رهيا. هو هاڻي خيرپور کان ٿيندا لاهور ويندا. هنن کي ترڪي لباس پاتل آھي. هر ڪنهن وٽ پستول ۽ خنجر به آھي. 19.6.1842: سنڌ کي غلام ٿيڻ ۾ اڃان ڏينھن پيا آھن. سنڌ ۾ جتي ڪٿي ميرن جي حڪمراني آھي. پر حڪمرانن جا پاڻ ۾ اختلاف ٿين ٿا ته پاڻ ٻوڙو ٻڌي آچار نه ٿا ڪن. ليڪن فرنگين کي عاقل ۽ فاضل ڄاڻي فيصلا فرنگين کان ٿا ڪرائن. خيرپور جي مير علي مراد ۽ مير رستم علي خان وچ ۾ ڪن ڳوٺن جي مالڪئ جو مامرو ٿيو ته پوليٽيڪل ايجنٽ لفٽيننٽ بروان کي چيائون ته فرنگي سرڪار فيصلو ڪري. 19.6.1850: برگيڊيئر جنرل خان ڳڙھ (جيڪب آباد) ۾ ڇانوڻئ جي حدن جو پلان ٺاهي اڄ منظورئ لاء سنڌ جي ڪمشنر ڏي ڏياري موڪليو. 19.6.1917: فرنگي سرڪار تعليمي ادارن ۽ اسپتالن وغيره جي پاڻ مالي مدد ڪرڻ بدران اهو بار سنڌ جي ضلعي لوڪلبورڊن تي رکندي هئي. اهي بورڊ سنڌ مدرسي, ڊي.جي.ڪاليج, سکر جي ٽيڪنيڪل اسڪول ۽ مکيه اسپتالن کي جون مهيني گرانٽون ڏيندا هئا. 19.6.1932: هندن جي سخت مخالفت باوجود سنڌ جي اپر ڪلاس سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ واري تحريڪ هڪ زوردار تحريڪ بڻائي ڏيکاريو. اڄ انھئ سلسلي ۾ اڄ سنڌ جي وڏن شھرن ۾ ”سنڌ جي علحدگئ جو ڏينھن" ملهايو ويو. 19.6.1947: مسلم ليگ هاء ڪمانڊ ڪراچئ کي پاڪستان جي گادئ جو هنڌ/شھر طور منظور ڪيو/فيصلو ڪيو. [ياد رهي ته پاڪستان جي گادئ لاء ڍاڪا, لاهور ۽ ڪراچئ, ٽنھي شھرن تي سوچيو ويو هو. پر فيصلو ڪراچئ بابت ڪيو ويو] 19.6.1954: اگر تله سازش جي حوالي سان مجيب الرحمان ۽ سندس ساٿين تي ملڪ ٽوڙڻ ۽ ملڪ سان غداري ڪرڻ جي ڏوه ڪيس هلائڻ لاء جسٽس ايس.اي.رحمان جي قيادت ۾ ٽريبيونل جوڙيو ويو. [ سنڌ ۾ اهڙن ڏوهن لاء فردن تي ته ڪيس ڪيا ويا,پر ساڳي ڏوه ۾ گهڻن ماڻھن کي ملوث ڪري ڪو ٽرائبيونل نه بڻايو ويو. سنڌ ۽ اوڀر پاڪستان ۾ فرق اهو رهيو ته اتي عوامي ۽ اجتماعي تحريڪ ۽ سوچ ھلي ۽ سنڌ ۾ اها انفرادي تحريڪ ٿي اڀري] 19.6.1996: حڪومت بجيٽ پيش ڪئي ته اڄ نواز شريف بجيٽ کي عوام-دشمن چوندي اسٽرائيڪ جي ڪال ڏني. [بجيٽ خلاف اسٽرائيڪ ڪال ڏيڻ جي ريت ۽ روايت اڄ به قائم آھي] ************* { 19 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 19 جون 1931ع ليکڪ هاشو پارواڻي (دادو / الهاس نگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 جون 1932ع ناليواري تعليمدان آپا مريم نوحاڻي(حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 19 جون 1937ع ليکڪ جمال رند جو جنم ٿيو. 19 جون 1944ع شاعر مير محمد پيرزادو(ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي. 19 جون 1950ع ليکڪ آفتاب ميمڻ (ڏيپلو) جو جنم ڏينهن آهي. 19 جون 1952ع صحافي حاڪم علي سهتو جو جنم ڏينهن آهي. 19 جون 1958ع بدين سان تعلق رکندڙ صحافي ظهير حسين حيدري جو جنم ڏينهن آهي. 19 جون 1981ع شاعر پروانو غفور لغاري جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 19 جون 1947ع بزرگ هري رام بائو (ڀريا) ديهانت ڪري ويو. 19 جون 1963ع غزل ۽ ڪلاسيڪل راڳ جي شهنشاهه راڳي استاد برڪت علئ جو انتقال ٿيو. 19 جون 1986ع شاعر ۽ صحافي حافظ احسن چنا (ملڪاڻي) جو انتقال ٿيو.

Saturday 17 June 2023

Sindh in history today (18th June) . By. Dr.Pathan

Good Day Wish by. Dr.Pathan Sindh in History today (English) by. Mumtaz Ali Pathan Sindh in history today (in Sindhi) by. Dr.Patham SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {18th June} and Good Day Wish. ************* Dr.Pathan wishes YOU Good Day with love, respect and regards. {Translation of my Poetry composed in Sindhi language} [It is easy to like, but very difficult to accept. It is most difficult to maintain contacts & affiliations and relations & connections. Life never believes in dreams. It is hard ground reality. Beautify it with love as it can accept you. Be more sincere, as can share Beauty Offer sacrifice, as love can declare you wise] ڀانئڻ اچي سڀ کي، نڀائڻ ڪنھن ڪنھن جو ڪم، رشتا گھرن رت روح جو، کائن هر پل لڱ لحم، جي ھٹین دوستئ جو دم، چئج سرت سان سلام تون. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {18th JUNE} EVENTS: 1921: AmanSabha is started at Thatta with Ghulam Hussain pensioner as its President and HarchandraiTailram as its Vice President. The Sabha will hold public meetings so as to ask people not to participate in any movement launched by Khilafat or Congress party. (Source: Daily Gazette, Karachi) 1932: For the first time Shah Abdul Latif Bhitai’s anniversary is celebrated by the Government. Three day celebrations start today. Activities consist of Literary Conference, Zamindars’ Conference, Coopreative Conference; Exhibitions of Home Industry and Agriculture and Musical/Singing Sitting. (Source: Report of the Mela Committee). 1943: Field Marshal Sir Archibald Percival Wavell is appointed Viceroy and Governor-General of India in succession to the Marquis of Linlithgow. (Source: Indian Annual Register, Vol-1, 1943). 1947: Punjab Assembly party leaders- IftkharMamdot, Lala Bhin Sen Sachar and Sardar Swarn Singh agree formula regarding Punjab partition. (Source: Newspapers). 1949: MoulanaShabir Ahmad Usmani appeals people and Government to help in establishment of Urdu College in Karachi. (Source: Newspapers). 1958: Mir Ghulam Ali Talpur and other politicians suggest referendum as only option to resolve disputed issue of One-Unit. (Source: Newspapers). 1966: Z.A.Bhutto resigns as the Foreign Minister of Pakistan due to differences with the President on Tashkank agreement. (Source: Ibid). 1978: Karakoram Highway is opened for trafic. (Source: Ibid). 1985: Hamdard University is established in Karachi. (Source: Newspapers). 1988: U.S Peace Crops Volunteers’ team is on Pakistan visit for first time in 21 years. (Source: Ibid). 1993: After Afghanis, now Bosinians get shelter on the invitation and offer of the Government of Pakistan. Their first batch of 226 refugees reach Pakistan as desired and allowed by Prime Minister Nawaz Sharif. (Source: Ibid). Dr.Pathan. 18 جون جي حوالي سان "سنڌ جي واقعاتي تاريخ" . تحقيق ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ. *************** توجه طلب واقعا *************** 18.6.1832: ڪرنل پاٽينجر ممبئي حڪومت کي گذارش ڪئي ته 6 تلوارون ۽ 6 بندوقون ٺھرائي مير مراد علي خان کي تحفي ۾ ڏنيون وڃن. 18.6.1857: ممبئي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي تاڪيد ڪيو ته ڪراچئ کان ڪوٽڙئ تائين ريل رستي ٺهرائڻ ۾ سستي نه ڪئي وڃي. 18.6.1921: خلافت تحريڪ جي زور ٽوڙڻ ۽ ماڻھن جي دلين ۾ فرنگي حاڪمن جي وفاداري پيدا ڪرڻ لاء انگريز عملدارن پنهنجي ذاتي ڪوششن سان سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ”امن سڀا" نالي جماعت کولائي. اڄ ٺٽي ۾ به "امن سڀا" قائم ٿي. ان لاء پينشنر غلام حسين کي صدر ۽ هرچندراء ٽھلرام کي نائب صدر مقرر ڪيو ويو. 18.6.1932: پهريون دفعو شاه لطيف جو سرڪاري طور تي عرس ملهايو ويو. ٽن ڏينھن وارين تقريبن جو اڄ پهريون ڏينھن هئو. انهن ٽن ڏينهن ۾ ”ادبي ڪانفرنس", "زميندارن جي ڪانفرنس", "ڪوآپريٽو سوسائٽين جي ڪانفرنس", "زرعي اوزارن ۽ شين جي نمائش" “راڳ روپ جي محفل" ٿي. 18.6.1947: پنجاب جي سياسي پارٽين اتفاق سان فيصلو ڪيو ته پنجاب جو ورهاڱو ڪيو وڃي.[ سنڌ جي ڪن ڪانگريسي اڳواڻن گانڌئ سان ملي مطالبو ڪيو هو ته سنڌ کي به ورهايو وڃي. پر اها ڳالھ گانڌئ قبول نه ڪئي] 18.6.1949: مولانا شبير احمد عثمانئ اڄ ڪراچئ ۾ اڙدو ڪاليج قائم ڪرڻ جي اپيل جاري ڪئي. [هن واقعي لکڻ جو ڪارڻ اهو آھي ته اهو ٻڌائي سگهان ته مولانا شبير احمد عثماني ديني عالم هو ۽ هن ڪنهن مدرسي قائم ڪرڻ لاء اپيل جاري نه ڪئي. پر پنهنجي ٻولئ جي حق ۾ ڳالھ ڪئي. نوٽ ڪرڻ جي ڳاله اها آھي ته اسان جي ڪنهن به عالم يا سياستدان کي "سنڌي ڪاليج" قائم ڪرڻ جو خيال اڄ ڏينھن تائين ڪونه آيو. اسان ڪڏهن به نه سوچيو آھي ته ڪو "سنڌي ڪاليج" قائم ڪجي, جنهن ۾ مختلف مضمون سنڌئ ۾ پڙھايا وڃن] 18.6.1962: پير علي محمد شاه راشدئ کي فرانس لاء سفير مقرر ڪيو ويو. [ ڪنهن سنڌي محقق اها تحقيق نه ڪئي آھي ته پاڪستان ٺھڻ کان وٺي اڄوڪي ڏينھن تائين ڪيترا سفير ٿيا آھن ۽ انھن ۾ سنڌي سفير ڪهڙا ۽ ڪيترا ٿيا ۽ هر هڪ سفارخاني جي ايسٽبلشمينٽ ۾ سنڌي ملازم ڪهڙا ۽ ڪيترا ٿيا. اسان دانهون ته وڏيون ڪندا آهيون پر پاڻ سان ٿيل بي انصافين جا انگ اکر گڏ نه ڪندا آھيون.] 18.6.1966: ذوالفقار علي ڀٽي وزير خارجه واري عهدي تان استعيفا ڏني. هن قدم کان پوء ملڪي سياست ۾ وڏو ڦيرو آئيو. ايوبشاهئ جو خاتمو آيو ۽ پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آئي. 18.6.1972: اصغر خان ۽ ٻين ڀٽو-مخالف سياستدان وڏي واڪ بنگلاديش کي تسليم ڪرڻ واري سوچ ۽ ڪوشش جي شديد مخالفت شروع ڪئي. 18.6.1977: وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي وڃي بادشاه شاه خالد ۽ پوء ڪرنل قدافئ سان ملاقات ڪئي ۽ کين پاڪستان جي سياسي گهوٽالي ۽ ان ۾ پي.اين.اي جي ڪردار کان باخبر ڪيو. 18.6.1978: ڪراڪرم رستو آمدرفت لاء کوليو ويو. [ان سان سنڌ جي واپار, سماج ۽ سياست تي جيڪي اثر پيا, انھئ تي سنڌي محققن کي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي. پر اهڙن موضوعن تي اسان جي محققن جي اک ئي ڪونه ٻڏندي آھي] 18.6.1985: حڪيم سعيد ڪراچئ ۾ ”ھمدرد يونيورسٽي" قائم ڪئي. [سنڌ جي ڪنهن به علم, عقل يا ڌن-ڌڻي ڪراچئ کان سواء ڪنهن به ضلعي ۾ ايئن خانگي يونيورسٽي قائم نه ڪئي آھي] *************** {18 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 18 جون 1933ع شاعر حبيب سمون جي پيدائش ٿي. 18 جون 1948ع اداڪار مهندر ٽڪاڻي (اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 جون 1950ع اداڪار ورندر واسواڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 18 جون 1900ع مذهبي اسڪالر مخدوم محمد صالح جو لاڏاڻو ٿيو. 18 جون 1953ع مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر مولانا محمد صادق کڏي وارو لاڏاڻو ڪري ويو. 18 جون 1961ع ليکڪ قاضي عبدالرزاق (روهڙي) جو انتقال ٿيو. 18 جون 1988ع ليکڪ آفتاب نظاماڻي جو انتقال ٿيو. 18 جون 2012ع پشتو گلوڪاره غزالا جاويد کي سندس پيء سان گڏ قتل ڪيو ويو

Friday 16 June 2023

Sindh in History today (17th June). By. Dr.Pathan & Mumtaz Pathan

ENGLISH VERSION BY MUMTAZ PATHAN SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {17th June} and Good Day Wish. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Dear! You are source of inspiration for hearts. Please, be cause of change of minds also. Make us able & capable to implement your beauty, vision & wisdom for bringing better change in our hearts, minds & society] جیئن جانب من موھین، تیئن من جي موڙین یار ! سپنا سڀ ساڀیان ٿین، ڪن سوچون پڻ سینگار، موڙ کٹي تون مھار، صدقي سندء سرت سلام جي. ************* SINDH IN HISTORY TODAY {17th June} EVENTS: 1842: British Agents are very much in the political and social affairs of Sindh and Balochistan. Differences are witnessed between Khan of Kalat and other Chiefs such as Beejar Khan Darya Khan. Negotiations are initiated by British (Government of India) Agents and progress is reviewed and discussed in their correspondence. (Source: Letter No. 69 from Assistant Political Agent to Political Agent, Sindh). 1939: Punjab Government issues a communique containing a warning that firm action, including the enforcement of the Criminal Law Amendment Act, would be taken, if necessary, against the organizers of Kisan Satyagraha in Lahore. (Source: Indian Annual Register, Vol-1, 1939). 1948: Quaid-i-Azam, the Governor-General of Pakistan leaves for Ziarat to experience his Eleventh Hour of his life. Liaquat Ali Khan, the prime Minister, get chance to look after affairs regarding governance till Jinnah breath his last. Major decisions relating to governance are taken by the Prime Minister during Quaid’s stay at Ziarat. (Source: Newspapers). 1951: In a meeting of migrants at Lahore, it is decided to convene ‘Muajreen Convention’ so as to discuss the problems being faced by Muhajreen and apprise the Government of their difficulties. (Source: Ibid). 1953: Punjab Government withdraws ‘Panahgeer Allowance’ with immediate effect. (Source: Newspapers). 1960: Archaeologists claim that they have discovered a Mosque at Bhanbhore site. (Source: Ibid). 1965: President of Pakistan, Ayub Khan and Prime Minister of India give their consent to the Run n of Kachh boundary agreement. 1977: Agreement between PNA and PPP Government must bear stamp of the Government of Saudi Arabia, demands Moulana Shah Ahmad Noorani. (Source: Newspapers). 1988: All Parties’ Conference held at Lahore rejects ‘Shareat Ordinance’ promulgated by Zia-ul-Haq. (Source: Newspapers). 1991: Four are killed when Bolan Mail is attacked by armed men at Madaji Railway Station. (Source: Newspapers). SINDHI VERSION BY Dr.Pathan “سنڌ جي واقعاتي تاريخ"(17 جون). تحقيق ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ. *************** توجه طلب واقعا *************** 17.6.1939: هن زماني ۾ سنڌ ۾ ”هاري پارٽي" ۽ پنجاب ۾ ”ڪسان پارٽي" نالي ساڳين مقصدن واريون پارٽيون هونديون هيون. فرق اهو هئو ته سنڌ ۾ ھارين جي قيادت خود زميندار ۽ سرمائيدار طبقو ڪندو هو. ڇو ته انھن جي نظر بئراج جي کوٽائئ بعد نڪتل زمينن تي هئي. پنجاب جي ڪسان پارٽئ جي قيادت مڊل ڪلاس ترقي پسند/ڪميونسٽ خيال وارن جي هٿ ۾ هئي ۽ انھن وٽ پنھنجي ٻني ٻاري لاء زمين به هئي. اهي پاڻئ, ڀاڻ, ڍل جي مسئلن کي پاڻ ئي منھن ڏيندا هئا ۽ انھن مسئلن ڪري اهي گڏ ۽ منظم هئا. لاهور ۾ ان ڪري هنن "ڪسان ستياگره" ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته اڄ پنجاب حڪومت پڌرنامو جاري ڪيو ته ڪسان پارٽي ستياگره جو فيصلو واپس وٺي,نه ته ڏنڊي جي زور تي امن امان خراب ڪرڻ واري ڏوه ۾ مٿن قدم کڻبو. 17.6.1941: هن زماني ۾ اڃان "سنڌ يونيورسٽي" ڪانه هئي ۽ سنڌ واسي "ممبئي يونيورسٽئ" سان تعليمي لاڳاپي ۾ هئا. انھئ يونيورسٽئ جي سينيٽ جي سنڌي اميدوارن کي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ به ووٽ ڏينديون هيون. هن سال ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ مولا بخش سومرو ممبئي يونيورسٽئ جي سينيٽ جي ميمبرئ لاء اميدوار بيٺا. ڪيترن ضلعي لوڪلبورڊ مان ووٽ مولابخش سومري کي مليو ۽ اتان ڊاڪٽر گربخشاڻئ کي ووٽ نه مليا. [ ياد رهي ته سنڌ جو اپر ڪلاس ڪنهن جي لياقت ۽ صلاحيت بدران پنهنجي مفادن مطابق فيصلا ڪندو آيو آھي. هڪ دفعي علامه آء.آء.قاضئ ۽ ٻئي دفعي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ "سنڌ مدرسي" جي پرنسپالئ لاء درخواست ڏني ته هنن کي پرنسپال نه بڻايو ويو]. 17.6.1948: پاڪستان جو باني قائد اعظم محمد علي جناح بيمار ٿيڻ ۽ ڊاڪٽرن جي صلاح تي اڄ زيارت روانو ٿي ويو. سندس طبيعت جي سخت خراب هجڻ ڪري وزير اعظم لياقت علي خان حڪومتي ۽ انتظامي معاملا سنڀاليا ۽ هلايا ۽ اهو سلسلو ملڪ جي بانئ جي وفات تائين جاري رهيو. وزيراعظم ۽ گورنر جنرل جا حڪومتي ڪر و وهنوار هلائڻ ۽ ٻين ڳالهين تي اختلاف رهيا. سردار شوڪت حيات پنهنجي آتم ڪٿا واري ڪتاب ۾ انھن اختلافن بابت هڪ واقعو لکيو آھي ته هڪ دفعي وزيراعظم زيارت ۾ گورنر جنرل سان ملڻ ويو ته گورنر جنرل هن کي ايندو ڏسي پنهنجئ ڀيڻ کي چيو ته ڏسڻ آيو اٿئي ته مان زنده آهيان يا مرڻ وارو آھيان. 17.6.1951: اڄ لاهور ۾ ”آل پاڪستان مهاجرين ڪانفرنس" ٿي. ان ۾ پناهگيرن کي درپيش مسئلن ۽ حڪومتي حڪمت عملئ تي غور ڪيو ويو. 17.6.1953: پنجاب حڪومت پناهگيرن جي ڀلائئ ۽ آبادڪارئ لاء صوبي ۾ ”پناهگير الائونس" ڏيڻ جو اڳ فيصلو ڪيو هو. اهو فيصلو اڄ واپس ورتو ويو. [تاريخ نويسن کي نظر ۾ رکڻو آھي ته انھئ زماني ۾ پناهگيرن بابت سنڌ حڪومت جي حڪمت عملي ڪهڙي هئي ۽ اسان جا سياستدان ڪيئن نه پنهاگيرن تان اول گهول پيا وڃن] 17.6.1960: ڀنڀور جي کوٽائي دوران آثار قديميه جي ماهرن کي مسجد جا آثار مليا. [چڱو ٿيو جو سنڌين جي اسلام دوستئ ۽ پوئوارئ جي ان مان ڪيترن کي پڪ پئي, جن کي اڳ ۾ گهڻا شڪ گمان هئا. پر ڪاش کوٽائي ڪندڙن کي ڪا اهڙي شئ به ملي ها, جنهن مان ثابت ٿئي ها ته سنڌي سائنسدان ۽ عمارت سازئ جي فن ۽ ٻين ڳالهين جا به ماهر هئا] 17.6.1977: پي.پي.حڪومت پي.اين.اي وارن جو مطالبو مڃيندي سجاد احمد جان جي جاء تي دوراب پٽيل کي چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو. اڄ پي.اين.اي جي اڳواڻ مولانا شاه احمد نورانئ مطالبو ڪيو ته پي.پي ۽ پي.اين.اي جي ٺاه تي سعودي عرب تصديقي ۽ ضمانتي دستخط ڪري. 17.6.1991: مدئجي ريلوي اسٽيشن تي هٿياربندن بولان ميل تي فائرنگ ڪئي, جنھن جي نتيجي ۾ 4 مسافر مري ويا. [سنڌ ۾ اهڙن واقعن جو پس منظر اهو هو ته جيئن امن امان قائم ڪرڻ ۽ اغوائن جي ڏوهن کي گهٽائڻ جي نالي ۾ ڪنهن جي لاء سنڌ ۾ مستقل روزگار جو بندوبست ڪري سگهجي] *************** {17 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 17 جون 1919ع شاعر ۽ تعليمدان شيخ عبدالواحد شاهد جي پيدائش ٿي. 17 جون 1930ع شاعر روپ ڪمار گهايل جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 جون 1949ع شاعر فتح محمد چانگ راهي جو جنم ڏينهن آهي. 17 جون 1952ع اداڪار چندراسين نواڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 17 جون 1953ع ليکڪ انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 17 جون 1961ع اداڪاره شانتا آهوجا (بڙودا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 جون 1964ع ليکڪ ابرار چانڊيو (ميهڙ) جو جنم ڏينهن آهي. 17 جون 1966ع صحافي عبدالرئوف نورنگزادو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 جون 1974ع شاعر جاويد سنڌو جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 17 جون 1812ع مير غلام علي ٽالپر (حيدر آباد) جو لاڏاڻو ٿيو. 17 جون 1837ع مذهبي عالم مولانا محمد يعقوب پيچوهو (همايون) جو لاڏاڻو ٿيو.