Monday 14 November 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (14th November) By: Dr. Pathan



 ** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي ڪليڪٽر ڪمشنر کي 
ٺٽي جي سيدن جي پٽيشن موڪلي ڏني، انهيءَ پٽيشن ۾ سيدن درخواست
 ڪئي هئي ته سنڌ جي اڳوڻن حڪمرانن طرفان کين ساليانو 1400
 رپيا امداد ڏني ويندي هئي، جيڪا جاري رکي وڃي، اها امداد کين 
مذهبي سرگرمين جي حوالي سان ملندي هئي، ڪليڪٽر ذاتي طور
 انهيءَ پٽيشن جي حمايت نه ڪئي.
** 1847ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شڪارپور جي ڪليڪٽر شڪارپور
 جي تاريخ بابت ميمورنڊم تيار ڪري ورتو، اهو تاريخ جو اهم دستاويز هو، 
جيڪو انگريز دور ۾ تيار ڪيو ويو، انهيءَ دستاويز ۾ شڪارپور جي مڪمل تاريخ ڏنل آهي.
** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز سرڪار طرفان هڪ نوٽيفڪيشن 
جاري ڪري سڀني لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن ۽ کاتن کي هدايت ڪئي
 وئي ته مستقبل ۾ سنڌ لفظ جي انگريزي ۾ اسپيلنگ Sindلکي وڃي،
 واضح رهي ته ان کان اڳ ۾ سنڌ لفظ جي انگريزي ۾ ڌار ڌار اسپيلنگ لکي ويندي هئي.
** 1916ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي قديم سماجي تنظيم آريا 
سماج جا نوان عهديدار چونڊيا ويا، جنهن ۾ ديارام هيمراج،
 ريواچند بگتاڻي ۽ چندرا بانو شيوڪ کي ترتيب وار صدر،
 نائب صدر ۽ سيڪريٽري چونڊيو ويو.
** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ هڪ پمفليٽ تقسيم ڪيو ويو،
 جنهن تي ناليوارن خلافتي اڳواڻن جان محمد جوڻيجو، پير تراب علي شاهه،
 مولوي محمد عاقل، سيٺ خداداد خان سرهيو ۽ ٻين  جا نالا لکيا ويا هئا، 
پمفليٽ ۾ عوام کي 17 تاريخ تي رکيل گڏجاڻي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي
 ۽ اهو به لکيو ويو ته ان گڏجاڻي جي حوالي سان مختلف افواهه ڦهلايا پيا وڃن،
 جنهن تي ڌيان نه ڏنو وڃي.
**  1944ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جي ايم سيد ۽ سيد غلام حيدر شاهه هڪ ڀيرو
 ٻيهر سنڌ مسلم ليگ جا صدر ۽ جنرل سيڪريٽري چونڊيا ويا.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لنڊن بم ڌماڪن جي ڪيس ۾ مشهور تنظيم
آءِ آر اي سان لاڳاپيل ٻن عورتن ۽ ڇهن مردن کي سزائون ٻڌايون ويون،
 انهن ۾ تنظيم جو مشهور اڳواڻ گيري ڪيلي پڻ شامل هو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانيا ۾ فائر فائيٽرن پهريون ڀيرو پگهارن 
۾ 30 سيڪڙو واڌ لاءِ هڙتال ڪري ڇڏي، اٽڪل 30 هزار فائر فائيٽرن 
جي هڙتال سبب ملڪ ۾ باهه وسائڻ جو سڄو ڪم ٺپ ٿي ويو.

No comments:

Post a Comment