Thursday 24 November 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (24th November) By: Dr. Pathan



** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي روزاني الوحيد ڪراچي جي ايڊيٽر
 قاضي عبدالرحمان کي برٽش حڪومت خلاف لکڻ ۽ عوام کي خلافت 
تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جي صلاح ڏيڻ تي گرفتار ڪيو ويو، هن
 پنهنجي اخبار ۾ خلافت ڪاميٽي جي عدم تعاون تحريڪ جي 
حوالي سان ڪيترائي ايڊيٽوريل لکيا.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سرڪار طرفان جاري ڪيل پريس رليز
 ۾ ٻڌايو ويو ته هندستان مان هيل تائين 2 لک 45 هزار مهاجر پاڪستان
 پهتا آهن، اهي سوني پت، ڍول ڪوٽ، باڙا ۽ ٻين علائقن مان آيا آهن،
 جڏهن ته 2150 مهاجر جالنڌر ۽ ڪرنال وارن علائقن مان روڊ رستي آيا آهن.
** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو آمريڪا
 جي صدر جان ايف ڪينيڊي جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ واشنگٽن روانو ٿيو،
 واضح رهي ته ذوالفقار علي ڀٽو ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن 
جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيو هو پر کيس ڦاهي اچڻ کانپوءِ سندس آخري
 رسمن ۾ ڪنهن به ملڪي سربراهه شرڪت نه ڪئي هئي. جنرل ضياءُ الحق 
جي حڪومت ڳجهه ڳوهه ۾ جنازي نماز پڙهائي ڳڙهي خدا بخش ۾ تدفين
 ڪرائي، عوام کي به جنازي ۾ شرڪت کان روڪيو ويو.
 ڪجهه مخصوص ماڻهو آخري رسمن ۾ شريڪ ٿي سگهيا.
** 1964ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ريجنل لينگويجز آف رائيٽرز گلڊ تنظيم 
جي چيئرمين ۽ سيڪريٽرين احتجاج طور استعيفائون ڏئي ڇڏيون.
** 1967ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان گڏيل قومن ۾ چين جو قانوني
 حق بحال ٿيڻ جي حمايت ڪئي.
** 1970ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايسٽ پاڪستان جي اڳواڻ مولانا ڀاشاني 
چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ڪندي پارٽي اميدوارن کي هدايت ڪئي ته
 اهي پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺن.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي فوج جي ميجر رينڪ تائين سڀني 
اهلڪارن توڙي رزرو فورس ۾ شامل اهلڪارن کي آرڊر جاري ٿيو ته اهي
 فوري طور تي ڊيوٽيون جوائن ڪن. واضح رهي ته ڊسمبر مهيني
 ۾ پاڪ ڀارت ۾ جنگ لڳي هئي، جنگ جون حالتون پيدا ٿيڻ سبب 
جوانن کي فوري طور بارڊر تي طلب ڪيو ويو ۽ پوزيشنون سنڀاليون ويون،
 انهيءَ جنگ جي نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان جو سانحو به پيش آيو ۽ بنگال وارو
 علائقو پاڪستان کان ڌار الڳ ملڪ بڻجي ويو.

No comments:

Post a Comment