Tuesday 1 November 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (1st November) By: Dr. Pathan


**1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي جاگيردارن ۽ قبائلي سردارن لاءِ
 انگريز عملدار چارلس نيپيئر کي سلام ڪرڻ جو آخري ڏينهن هو، 
انهن کي وارننگ ڏني وئي هئي ته جيڪڏهن هنن چارلس نيپيئر کي
 سلام نه ڪيو ته کين جاگيرون نه ڏنيون وينديون، جڏهن ته انهن کي 
انگريزن جي وفادار ماڻهن جي لسٽ ۾ پڻ شامل نه ڪيو ويندو.
** 1848ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي هدايت 
ڪئي ته سيٺ نائومل سان رابطو ڪيو وڃي ۽ کيس ٻڌايو وڃي ته حڪومت
 کيس پينشن ڏيڻ لاءِ غور نه ڪري رهي آهي.
** 1851ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر بمبئي سرڪار کي ڪراچي
 ۾ ٽرام وي ٺاهڻ لاءِ هڪ پروپوزل موڪليو ۽ درخواست ڪئي ته ڪياماڙي
 مان ٽرام جو رستو ٺاهڻ لاءِ منظوري ڏني وڃي.
** 1909ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي دي ڪراچي ٿيوسافيڪل سوسائٽي کي ايڪٽ xxi آف 
1860ع تحت رجسٽر ڪيو ويو، ديوان دولترام ڄيٺمل انهيءَ سوسائٽي جو پهريون
 باني صدر چونڊيو ويو، جڏهن ته ڊي پي ڪوٽوال کي سيڪريٽري بڻايو ويو.
**  1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ خلافت ڪاميٽي جي سڏ تي علي ڀائرن جو 
ڏهاڙو ملهايو ويو، ان موقعي تي مختلف پروگرامن ۾ اهو مطالبو ڪيو ويو ته سڀني
 سياسي قيدين کي غير مشروط طور آزاد ڪيو وڃي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سر شاهنواز ڀٽو جهونا
 ڳڙهه رياست جي نوابي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
** 1967ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حڪومت جي مختلف کاتن ۾ ٿيل ڪرپشن جي
 معاملن جي جاچ لاءِ هڪ ٽربيونل جوڙيو ويو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارتي وزيراعظم اندراگانڌي اعلان ڪيو ته
 بنگلاديش ٺهي رهيو آهي ۽ ڪير به ان جو رستو نٿو روڪي سگهي.
** 1975ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حنيف رامي ۽ غلام مصطفيٰ کر پيپلزپارٽي 
کي الوداع چئي مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي.

No comments:

Post a Comment