Wednesday 16 November 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (17th August) By: Dr. Pathan



** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مير رستم خان ۽ انگريز عملدار
 ڪيپٽن برنس وچ ۾ ملاقات ٿي، ڪيپٽن برنس ساڻس ٿيندڙ ٺاهه جو مسودو
 حوالي ڪيو ۽ دوستيءَ جي آڇ ڪئي، جنهن کانپوءِ ڪيپٽن برنس کي
 مير نور محمد خان ٽالپر جي صحيح ۽ سيل سان جاري ٿيل پروانو ڏنو ويو،
 جنهن تحت هو بکر جي علائقي ۾ اناج ۽ ٻيون شيون خريد ڪري پئي سگهيو.
** 1904ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سيٺ هرچند راءِ وشنداس لاڙڪاڻي پهتو ۽
 سنڌ هندو سڀا قائم ڪرڻ جي حوالي سان ماڻهن جي حمايت ڪئي،
 واضح رهي ته 1885ع ۾ حسن علي آفندي سنڌ سڀا جي اڳواڻن
 سان اختلاف ڪندي سنڌ محمدن ايسوسيئيشن قائم ڪئي،
 جنهن کانپوءِ سيٺ هرچند راءِ ٻيو سنڌي اڳواڻ هو، جنهن پنهنجي جماعت ٺاهي.
** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد جي هوم اسٽيڊ هال ۾ هوم
 رول ليگ جي گڏجاڻي هيرانند سنتوڪرام جي صدارت ۾ ٿي، جنهن 
۾ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته بي جي تلڪ ۽ بيپن چندرا جي
 پنجاب ۾ آمد تي پابندي ختم ڪئي وڃي، جڏهن ته لالا لجپت راءِ ۽ 
هري رام کي هندستان وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حڪومت مسجد منزل گاهه جو قبضو
 پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته جي ايم سيد، آغا نظر علي
 ۽ بحالي ڪاميٽي جي ٻين اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو، 
مسجد منزل گاهه واري معاملي سکر ۾ امن امان جو وڏو مسئلو پيدا ڪيو،
 صرف ڪجهه ڏينهن اندر 151 هندو ۽ 14 مسلمان مارجي ويا هئا.
** 1958ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خاڪسار تحريڪ جي باني علامه
 مشرقي کي جيل مان آزاد ڪيو ويو، کيس ڊاڪٽر خان صاحب جي قتل
 ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڍاڪا ۾ حالتون خراب ٿيڻ بعد حڪومت
 ڪرفيو لڳائي ڇڏيو ۽ گهر گهر تلاشي لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ اسيمبلي ٻوليءَ وارو تاريخي بل منظور
 ڪري ورتو، جنهن تي اڳتي هلي گهڻو تڪرار پيدا ٿيو ۽ ٻولي وارا فساد ٿيا.
** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جماعت اسلامي جو باني مولانا مودودي وفات ڪري ويو.
** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قومي اسيمبلي جي چونڊن جي آيل
 نتيجن ۾ پ پ 92، آءِ جي آءِ 54 ۽ آزاد اميدوارن 40 سيٽون 
حاصل ڪيون، واضح رهي ته انهن چونڊن جي نتيجي ۾ پ پ جي
 حڪومت قائم ٿي ۽ بينظير ڀٽو ملڪ جي وزيراعظم ٿي.

No comments:

Post a Comment