Tuesday 29 November 2022

Sindh in history today (30th November). By.Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY (30th NOVEMBER. ************** Here is Dr.Dur Muhanmad Pathan, Founder, Gul Hayat Institute to wish you Good Day and to share Events from history of Sindh (including Pakistan) with you today on 30th of November 2022. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 30 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** [30/11, 6:39 am] Dr Pathan: [عشق نہ اٿاري جن کي،سي پوء آئون اٿاريان ڪيئن؟ نکاريا نہ جي نينهن، سي اٿن ڪيئن اڌ رات جو.] ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ 30 نومبر 2012 تي سلامن, دعائن ۽ نمستي سان اوهان جي خدمت ۾ ٣٠ نومبر جي واقعاتي تاريخ وڊيو ٽاڪ/لنڪ سميت عرض رکجي ٿي. *************** ڪي واقعا *************** 30.11.1842: نيپيئر اڄ سکر مان پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته جاچ پڙتال مان پڪ ٿي آھي ته مير رستم علئ ۽ مير نصير خان اسان خلاف محاذ ٺاهڻ لاء خط لکيا,جيڪي اسان جي ماڻھن پڪڙيا. گرمين (اپريل) اچڻ کان اڳ مان ميرن تي چڙھائي ڪندس. مون وٽ 4000 انفينٽري, 1000 ڪيولري ۽ 300 اٺ آھن.ان ڪري مون کي ڪنهن به قسم جو اونو الڪو ڪونهي. 30.11.1936: حاجي عبدالله هارون پريس ڪانفرس ۾ پنهنجئ پارٽئ " يونائيٽيڊ پارٽي" جو مينيفيسٽو پڌرو ڪيو. سنڌي مسلمان سياستدانن هڪ ٿي سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ته ڪرايو, پر پاڻ سياست جي صفبندي ڪرڻ وقت هڪ ٿي نه سگهيا. يونائيٽيڊ پارٽئ غير مذھبي بنيادن تي ٺاهي وئي, پر ڪو به هندو ان جو ميمبر نه ٿيو. سنڌي سياستدانن جي انھئ باهمي اختلاف مان فائدو ٻين کي مليو. 30.11.1938: هن سال ئي سنڌ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جا پير پختا ٿيڻ لڳا. نه ته 1912 کان سنڌ ڪوشش ڪئي ته هتي قائم ڪيل سندن "سنڌ مسلم ليگ" کي آل انڊيا مسلم ليگ الحاق ڏئي, پر ايترو عرصو رڙندا رهيا. اڄ آل انڊيا مسلم ليگ جي سنڌ پراونشل شاخ پنهنجي جنرل باڊئ جو اعلان ڪيو. جنرل باڊئ ۾ 88 ميمبر هئا. هن پارٽئ پاڪستان تحريڪ کي ڪامياب ڪري ڏيکاريو. پر پاڪستان ٺھڻ کان پوء ”سنڌ مسلم ليگ" جي تاريخ مرتب نه ڪئي وئي. اڄ ٺاهيل جنرل باڊئ جي ميمبرن جا نالا گل حيات جي گنج ۾ موجود آھن. 30.11.1956: ڪراچئ ۾ ڇهن سياسي پارٽين جي گڏيل ڪنوينشن جي صدارت ڪندي, شيخ عبدالمجيد سنڌئ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته سمورن صوبن سان عدل ۽ انصاف جي بنياد تي لاڳاپا رکڻ سان ئي بهتر حڪمراني ڪري سگهجي ٿي ۽ وقت جي تقاضا آھي ته حڪمران انھئ طرف توجھ ڏين, ۽ اها سمورين سياسي پارٽين جي ايجنڊا هجڻ گهرجي. 30.11.1967: پاڪستان پيپلز پارٽئ جي نالي سان نئين سياسي پارٽي ٺاهي وئي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي ان جو چيئرمن چونڊيو ويو. 30.11.1971: انڊيا جي وزير اعظم اندرا گانڌئ اپر هائوس ۾ تقرير ڪندي پاڪستان جي صدر جنرل يحيا کان مطالبو ڪيو ته اوڀر پاڪستان (بنگلاديش) مان پاڪستاني فوج ڪڍي وڃ. 30.11.2003: "بزم سچل" لاڙڪاڻي طرفان جواد جعفرئ جي صدارت ۾ ”عيد مشاعرو" ٿيو, جنهن ۾ 46 شاعرن پنهنجو ڪلام پيش ڪيو. *************** {30 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: *************** 30 نومبر 1869ع مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر سيد اسد الله شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 30 نومبر 1901ع ليکڪ رام داس لکاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 30 نومبر 1928عليکڪ، فلمساز ۽ صحافي هري موٽواڻي جو جنم ڏينهن آهي. 30 نومبر 1933ع سياستدان عبدالرحمان مهيسر جو جنم ڏينهن آهي. 30 نومبر 1962ع صحافي مختيار چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. 30 نومبر 1963ع ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار اڪبر لغاري جو جنم ڏينهن آهي. 30 نومبر 1968ع صحافي منور ڪلهوڙي جو جنم ڏينهن آهي. 30 نومبر 1968ع ليکڪ ۽ اديب نور احمد جنجهي جو جنم ڏينهن آهي. *************** [وڇوڙو]: *************** 30 نومبر 1943ع آزاديء جي تحريڪ ۾ سرگرم رهندڙ مولانا محمد کٽيءَ جي وفات ٿي. 30 نومبر 1982ع ڪوٽ لاشاري سان تعلق رکندڙ شاعر نواب الهداد ”صوفي“جي وفات ٿي. 30 نومبر 2013ع ريڊيو پروڊيوسر آغا محمد علي جي وفات ٿي. 30 نومبر 2015ع ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان مومن بلو انتقال ڪري ويو. 1. Good Day Wish: Dr.Pathan wishes you Good Day. عشق نہ اٿاري جن کي،سي پوء آئون اٿاريان ڪيئن؟ نکاريا نہ جي نينهن، سي روشن بڻجن ڪيئن ڏينهن؟ اٺا نہ اکين جا مينهن، تہ اڀري سلو ڪيئن سلام جو. [ You can't make anybody realise about his status and position, if he/she is not taking efforts to peep into his/her inner world. He/She can't believe in his/her Beauty, vision and wisdom as desired or indicated by you. It is tragedy that so many people are illiterate in Self-searching and Self - FINDING. They will not make you mirror to see themselves. They can't fall in love, but always fail in love.] 2. EVENTS: 1846: Sindh Governor, Charles Napier is not happy with Mir Ghulam Shah and Mir Fazul Ali. These both Talpurs are involved in forgery case. Their application for grant of Jageer is pending with Govt. Today it has been decided that let get themselves released from sentence, later on they will be granted some portion of Jageer round Tanda and Doobi. 1936: Haji Abdullah Haroon, the leader of Sindh United Party announces the Manifesto of his Party in the Press Conference at Karachi. 1938: Sindh Provincial Muslim League releases the list of its General Body. It consists of 88 members. Most of them are Pirs, landlords and Jageerdars of Sindh. 1947: Mian Iftkhar, President of the Punjab Muslim League resigns and demand better relation with India and utmost care for Indian Muslim migrants. 1954: The Punjab Assembly unanimously adopts a resolution favoring and supporting one - Unit scheme. 1956: Shaikh Abdul Majeed Sindhi presides over the Convention of 6 major parties and asks for equal opportunities, justice, rule of law, share in governance and democracy for all people of the country. 1967: Pakistan Peoples' Party is formed and Z.A.Bhutto is elected as its Chairman.

Sindh in history today (29th November). By.Dr.Pathan

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 29 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** [ ڪو پنهنجو پاڻ کي, قوم کي, قوم جي ماضئ حال مستقبل کي پڙھي ٿو يا نه, اهو منھنجو مسئلو ناهي. منهنجو ڪم آھي ته تاريخ کي جامع ۽ غير جابدار بنائڻ جا جتن ڪريان.] ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ طرفان اوهان جي خدمت ۾ 29 نومبر تي سلام ۽ دعا سان گڏ 29 نومبر جي واقعاتي تاريخ *************** 29.11.1838: برنس اڄ شڪارپور مان پنهنجي گورنر جنرل کي مراسلو موڪلي تجويز ٿو ڪري ته شڪارپور جو ڪجھ حصو ميرن اسان جي حوالي ته ڪيو, پر ان مان سندن ساڙ, ڊپ ۽ نفرت پيدا ٿي آھي. ان ڪري اسان سنڌ جي ڪنهن حصي/علائقي کي قبضي ۾ نه وٺون. ان سان جتي ڪٿي اسان تي توسيع پسندئ جا الزام لڳندا ۽ رنجيت سنگ به ڪن اڀا ڪندو. منهنجي صلاح آھي ته اسان سنڌ ۾ پنهنجا پنج يا ڇھ ھزار فوجي رکون ۽ انھن تي ايندڙ خرچ حيدرآباد جي مير نورمحمد, مير نصير خان, مير محمد خان ۽ خيرپور جي مير مبارڪ خان کان زورئ ڀرايون. 29.11.1842: خيرپور بابت فرنگي جاسوسن جيڪا اڄ رپورٽ لکي آھي, ان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 23 نومبر تي مير علي مراد پنهنجئ گذارش تي سکر ۾ نيپيئر سان ملاقات ڪئي ۽ ڪيترين ڳالهيون مخفي ڪيون ويون. نييئر 24 تاريخ تي شڪارپور ويو ۽ 25 تاريخ تي واپس موٽي آيو. سبزل ڪوٽ وٽ اسان جي واپارين کان مير رستم علئ جي ڪاردار جيڪا ٽئڪس ورتي هئي, اها به نيپيئر واپس ورتن ۽ پنج ڏينھن ڪاردار کي سکر ۾ اسان جي جيل ۾ بند ڪرڻ جو حڪم به ڪيائين. مير علي مراد وري 29 نومبر تي نيپيئر سان ملڻ آيو. 29.11.1922: برطانيه ترڪئ خلاف سمرنا ڏانھن پنهنجا جنگي ٻيڙا موڪليا ته انهئ قدم خلاف سمورئ سنڌ ۾ خلافتين طرفان احتجاجي ميڙاڪا ڪيا ويا. بٺي, تعلقي ميروخان ۾ احتجاجي جلسي جي صدارت قاضي عزيزالله ڪئي. نصرپور ۾ مولوي تاج محمد جي صدارت ۾ جلسو ٿيو. درگاه ٺلاه, لڳ باقراڻي ۾ جلسي جي پير محمود شاه راشدئ جلسي جي صدارت ڪئي. اهڙا ميڙاڪا انڙ پور, مٽيارئ, امروٽ ۽ وسي ملوڪ شاه ۾ به ٿيا. 29.11.1922: "الوحيد" اخبار جي ايڊيٽر تي "ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ 108" هيٺ سٽي ماجسٽريٽ ڪراچئ جي ڪورٽ ۾ ڪيس هليو. 29.11.1926: جئرامداس دولترام ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو. اڄ حيدرآباد ڊسٽرڪٽ ڪائونسل گڏجاڻي ڪري ووٽرن جا ٿورا مڃيا. 29.11.1948: پناهگيرن جي "بامبي مسلم ائسوسيئيشن“ ڪراچئ ۾ سنڌ حڪومت جي مذمت ڪئي ته اها پناهگيرن جا مسئلا حل نه پئي ڪري. ياد رهي ان وقت پير الاهي بخش جي وڏ-وزارت هئي. هن پناهگيرن کي ڪراچئ ۾ آباد ڪرڻ لاء ”پير الاهي بخش ڪالوني" ٺھرائي. سندس ئي ايمڪارئ ۽ اڳواڻئ ۾ ڪراچئ کي مرڪز حوالي ڪيو ويو هو. 29.11.1953: جتي جتي "سنڌ هاري پارٽي" جون شاخون ھيون, انھن اتي "عدم تشدد" جو ڏينھن ملهايو ۽ سنڌواسين کي امن ۽ ڀائيچاري سان رهڻ جو تاڪيد ڪيو. 29.11.1955: اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ جي ڪارڪنن ۽ عهديدارن کي وڏي پئماني تي گرفتار ڪيو ويو. اهڙن سخت قدمن کڻڻ جو روحاني راز اهو هو ته عوام ۾ نفرت ۽ علحدگئ جا جذبا اڀاريا وڃن. 29.11.1968: ايوب-شاهئ کان جان ڇڏائڻ لاء زندگئ جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻھون ميدان ۾ لهي پيا. اڄ وڪيلن مختلف شھرن ۾ جلوس ڪڍيا. 29.11.1976: پهرين ڊسمبر 1976 کان سنڌ ۽ بلوچستان ۾ الڳ الڳ هاء ڪورٽون ڪم ڪنديون- صدر اهڙو حڪم نامو جاري ڪيو. 29.11.1998: سنڌي ادبي سنگت, خداآباد شاخ طرفان "شاه جو فڪر" جي موضوع تي نظير احمد ڀنڊ ليڪچر ڏنو. جن شرڪت ڪئي, انھن مان محمد ابراهيم پنهور, اعجاز علي ڀٽي, الله بچايو پنهور, محمد ابراهيم ڀنڊ, محمد علي جتوئي, محمد خان برماڻي, محمد حنيف برماڻي ۽ بشير احمد قريشئ جا نالا ذڪر لائق آھن. *************** {29 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: *************** 29 نومبر 1933ع سنڌ جي اڳوڻي وزير اعلى ۽ سياستدان ممتاز ڀٽوجو جنم ڏينهن آهي. 29 نومبر 1939ع ليکڪ ۽ براڊ ڪاسٽر ممتاز مرزا جي پيدائش ٿي. 29 نومبر 1972ع ليکڪ عبدالسميع ڪنڌر جو جنم ڏينهن آهي. 29 نومبر 1975ع شاعر ياسين بادل لاشاري (ڪامارو شريف) جو جنم ڏينهن آهي. *************** [وڇوڙو]: ************** 29 نومبر 1882ع صوفي شاعر الهداد صوفي جو انتقال ٿيو. 29 نومبر 1938ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ليکڪ ۽ صحافي پرمانند ميوارام جي ديهانت ٿي. 29 نومبر 1970ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد اسماعيل اوڍي جي وفات ٿي. 29 نومبر 2005ع سنڌي فلمن جي ناليواري هدايتڪار، پروڊيوسر ۽ اداڪار شاهه اسد جو دل جي دوري سبب انتقال ٿيو. 29 نومبر 2006ع مفتي ڪريم بخش مگسي جي وفات ٿي. 29 نومبر 2014ع مذهبي اڳواڻ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي سکر ۾ مسجد ۾ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو. SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY (29th NOVEMBER. ************** Here is Dr.Dur Muhanmad Pathan, Founder, Gul Hayat Institute to wish you Good Day and to share Events from history of Sindh (including Pakistan) with you today on 29th of November 2022. If you want to know about me and my humble services, visit my website www.drpathan.com 1.Good Day wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ You can't see clear picture, if tears are in our eyes. Let your eyes rain over desert of your own heart, but people need your charming eyes, smiling face and helping hand. Let the people must not catch, but surely avail your vision & wisdom and beauty & love. Don't be sand in any hand, including your own. Be flower with beautiful colour and wonderful fragrance. It is life. It is your definition.] لڙڪ نہ مگر تنهنجئ مرڪ جي ضرورت آھي, مٺين ۾ وارئ کي جهلڻ جي اها صورت آھي, ماڻهو نہ مورت آھي, سرت سلام سونهن سواء. 1922: U.K has sent Fleet to Samarna to attack Turkey and this action provoked people in Sindh. Protest public meetings are held in the length and breadth of the country. Some of places/villages of protest are Buthi of taluka Mirokhan, Nasrpur, Dargah Thullah, Bakrani, Unarpur, Matiari, Amrote & Vasi Maluk Shah. 1926: Jairamdas Doulatram has been elected as the member of the Bombay Legislative Council. Today, the Hyderabad District Committee in its meeting adops resolution to express thanks to people for support in election. This may be kept in mind that Jairamdas Doulatram was a first Sindhi who became Governor of Bihar, in India after partition. 1948: Bombay Muslim Association of Karachi condemns Sindh Ministry of Pir Illahi Bux for not resolving of the problems of Indian Muslim migrants. 1953: Sindhi Hari Committee observes 'Anti - violation Day'. 1955: Workers and leaders of Awami League are arrested in East Pakistan on large scale. 1968: Lawyers are on roads. They take out procession in various cities with demand for restoration of the democracy in Pakistan. 1976: Separate High Courts for Sindh and Baluchistan from 1st of December. Notification is issued.

Monday 28 November 2022

Sindh in history today (28th November). By.Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(28th November). ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 28 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 28.11.1838: سنڌ ۾ مقيم فرنگي سفارتڪار اڄ خط لکي ”ميشرز فرٿ ائنڊ ڪمپنئ" جي پارسي واپارئ ايجنٽ پيسٽنجي فرمجي کي تاڪيد ڪيو ته سنڌ ۾ خشڪئ ذريعي ڏکڻ سنڌ مان اتر سنڌ وڃڻ ۾ توکي جان ۽ مال جو سدائين خطرو رهندو, ڇو ته سنڌي ماڻھون اسان تي ٻريا ويٺا آھن. ان ڪري تون پاڻئ رستي پهريون وڪر پهچي, اتان ٻيڙئ ذريعي تون اتر سنڌ تائين وڃي سگهين ٿو. 28.11.1838: اڄ ڪمپٽن ايسٽ وڪ ڪڇ واري فرنگي ريزيڊنٽ کي لکيو ته هزار يا ان وڌيڪ اٺ موڪل ته سنڌ ۾ فرنگي فوجين جو سنڌ ۾ سامان کڻڻ ۾ مدد ڪن. هتان جا حڪمران اٺن جي خريدارئ ۾ ڪا مدد ڪرڻ بدران رنڊڪون ٿا وجهن. 28.11.1923: "سنڌ خلافت ڪميٽئ" پنهنجي سالياني رپورٽ شايع ڪئي. هئ رپورٽ سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم ڊاڪيومينٽ آھي. ان ۾ سنڌ ۾ قائم ڪيل شاخن, سزايافته ڪارڪنن ۽ گڏ ڪيل چندن بابت مستند معلومات موجود آھي. [گل حيات ۾ فرنگي دور جي سياسي پارٽين جا اھڙا کوڙ ڊاڪيومينٽس موجود آھن. هڪ هڪ پارٽئ جي انھئ سورس مٽيريل کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪري سگهجي ٿو] 28.11.1938: سنڌ مسلم ليگ جي سيڪريٽرئ شيخ عبدالمجيد سنڌئ اڄ آل انڊيا مسلم ليگ جي سيڪريٽري جنرل لياقت علي خان کي لکيو ته سنڌ مسلم ليگ کي الحاق ڏيو. [ياد رهي ته 1907 کان وٺي "سنڌ مسلم ليگ" طرفان الحاق لاء لکپڙھ ٿيندي رهي, پر ان جو کڙ تيل نه نڪتو. 1938 کان پوء آل انڊيا مسلم ليگ کي سنڌ ۾ پير ڄمائڻ جي ضرورت ٿي ته الحاق به ڏنائون ۽ سنڌ مسلم ليگ کان وڏي پئماني واري صوبائي ڪانفرنس به ڪرايائون] 28.11.1947: 155235 پناهگير پنهنجو وطن ڀارت ڇڏي هتي پهتا. 28.11.1951: ڪراچئ ۾ آباد ٿيندڙ ڪن پناهگير سرڪار کان ڪراچئ کي گورنر جي نگرانئ هيٺ صوبي بنائڻ جو مطالبو ڪيو. 28.11.1960: مغربي پاڪستان جي حڪومت مغربي پاڪستان کي 11 ڊويزنن ۾ ورهايو. سنڌ ۾ 2 ڊويزنون قائم ٿيون. 28.11.1969: جنرل يحيا خان وعدو ڪيو ته "ون-يونٽ“ کي ٽوڙيو ويندو. [انهئ وعدي جو روحاني راز اهو هئو ته مستقبل قريب ۾ اوڀر پاڪستان کي الڳ ڪرڻ کان پوء ”ون يونٽ“ قائم رکڻ ڪنهن ڪم جو نه ٿيندو] 28.11.1978: پاڪستان مسلم ليگ جي اڳواڻن پير پاڳاري خلاف بي اعتمادئ جو ووٽ آڻي سندس صدارت ختم ڪئي. ان کان پوء مسلم ليگ ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي ۽ "مسلم ليگ فنڪشنل" جنم ورتو. *************** 28 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 28 نومبر 1786ع عالم دين، مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر احمد شاهه بريلويجو راء بريلي ۾ جنم ٿيو. 28 نومبر 1887ع ڦلجي سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر مولانا محمد هاشم انصاري جو جنم ڏينهن آهي. 28 نومبر 1928ع اردو جي نامياري ليکڪا، ڊراما نگار ۽ ناول نگار بانو قدسيهجو جنم ڏينهن آهي. 28 نومبر 1935ع شاعر ۽ اداڪار سڌارشن ”ناچيز“ (ڪراچي/ ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 28 نومبر 1975ع ڪامارو شريف سان تعلق رکندڙ شاعر ياسين بادل لاشاري جو جنم ڏينهن آهي. 28 نومبر 1990ع بدين سان تعلق رکندڙ شاعر طارق چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 28 نومبر 1932ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ شاعر غلام سرور فقير جي وفات ٿي. 28 نومبر 1945ع ڳڙهي ياسين سان تعلق رکندڙ فريڊم فائيٽر خوشي رام باشا رام جي ديهانت ٿي. ************* 1. GOOD DAY: *************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [Unawareness and unkindness make people living dead. Whoever is not helping hand, cannot be a good ear. Hence, cannot listen, understand and follow love & beauty, peace & sincerity. Dear! Be kind & cooperative and try to understand sorrows & longings of others besides, your own] نہ ڪل پئي نہ ڪھل اچي، پوء چئبو مڙدو آھ وجود، سو ڪیئن سٹي ساز سرود، سرت سونھن سلام سندو؟ 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. My Daily Post consists of Birth dates & Death dates of Luminaries and some Events. Birth/Death dates are not included with this Post. However, it is shared in Sindhi on Internet Groups. ************** 1838: Captain East wick requests Captain Melville, Assistant Resident in Cutch to supply him with one thousand camels or even more to enable the British force to proceed into the interior of Sindh as it was useless to depend on Sindh rulers for any assistance as they in spite of their profession were hostile to the advance of the British army and would be delighted to throw obstacle in their way. 1923: The Sindh Khilafat Committee releases its Annual Report. It is wonderful document on the party, its leaders, branches and activities. It also contains list of Party workers those were sentenced to imprisonment. 1938: Shaikh Abdul Majeed Sindhi, Secretary Sindh Provincial Muslim League writes to Nawabzada Liaquat Ali Khan Hon. Secretary to All India Muslim League for the affiliation of Sindh Muslim League. 1947: Pakistan is now Gate Way to Indian Muslim migrants. 155235 reach today. 1951: Some people of Karachi demand that Karachi be declared as the Governor's province. 1960: West Pakistan is divided into 11 administrative Divisions . Sindh stand divided into 2 Divisions. 1969: Gen. Yahya Khan announces election under Provisional Constitution Order, on 5th October 1970, and also promises to disban One - Unit. 1977: March 1977 polls were a complete hoax, says former Chief Election Commissioner Justice Sajjad Ahmad Jan. 1978: Pir Pagaro faces no - confidence move. Muhammad Hussain Chatta becomes new party chief. PML splits into two factions.

Sunday 27 November 2022

Sindh in history today (27th November). Dr. Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(27th November). ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 27 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ طرفان سنڌ جي وارثن ۽ مالڪن کي اڄ 27 نومبر تي سلام, نياز ۽ دعائون. جگ جگ جيئو. عالمن ۽ اڪابرن, عاقلن ۽ فاضلن, سياڻن ۽ سپورنجن کي سيکارڻ ۽ سمجهائڻ لاء آئون ڪو روزانو "واقعاتي تاريخ" شيئر نه ڪندو آھيان. پر, مان پنهنجي حصي جو قومي قرض لاهڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان. سنڌ جي تاريخ تي جيئن ۽ جيڪو ڪم نه ٿيو آھي, آئون انھئ کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان. ڪيتريون اهي ڳالهيون به ڪري ويندو آھيان, جيڪي اسان اڳ نه ٻڌيون ۽ نه پڙھيون. اڄ (27 نومبر) جي "واقعاتي تاريخ" سان گڏ وڊيو ٽاڪ/لنڪ به شامل ڪريان ٿو. ************* 27.11.1838: سنڌ ۾ فرنگي فوج جي ڪمان سنڀاليندڙ ميجر جنرل ولٽشائر سنڌ ۾ پهتو. پاٽينجر هن سان فوج لاهڻ بابت لاڳاپيل ڳالهين تي پنهنجا ويچار ونڊيا. 27.11.1847: سنڌ جي ڪمشنر جو ساليانو پگهار 52 هزار مقرر ڪيو ويو ۽ هو جڏهن سفر تي نڪرندو ته سندس 10 روپيا ڏهاڙي مقرر ڪئي وئي. 27.11.1854: جاگيرن واري اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور شهر جي تاريخ لکي هئي, جيڪا سنڌ جي ڪمشنر اڄ پنهنجي مراسلي نمبر 402 مطابق صوبائي سرڪار کي موڪلي. اهو شڪارپور بابت هڪ اهم ۽ مستند ڊاڪيومينٽ آهي, جيڪو پوء سرڪار ڇپرايو. ان جي ڪاپي گل حيات ۾ موجود آھي. 27.11.1938: وقتي چيئرمن محمد ايوب کهڙي جي صدارت ۾ سنڌ مسلم ليگ جي عهديدارن جي چونڊ ٿي. صدر جي چونڊ لاء شيخ عبدالمجيد سنڌئ ۽ حاجي عبدالله هارون هڪ جيترا ووٽ کنيا. ان ڪري وقتي چيئرمن حاجي عبدالله هارون جي حق ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ان ڪري حاجي عبدالله هارون صدر ٿي ويو. شيخ عبدالمجيد سنڌئ کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. 27.11.1947: ستر هزار پناهگير انڊيا ڇڏي آيا. جيڪو آيو, ان کي قبوليو ويو ۽ ڪنهن کان ڪو نه پڇيو ويو ته پاڪستان تحريڪ ۾ ھنن انڊيا ۾ ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا. 27.11.1949: حيدرآباد ۾ سنڌ هاري ڪميٽئ جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس ٿيو, جيڪو ٻه ڏينھن هليو. هن اجلاس ۾ جاگيردارئ جي خاتمي بابت جيڪو ٺھراء پاس ڪيو ويو, ان جو متن آھي: " هي اجتماع مسٽر يوسف هارون جي نئين وزارت کان مطالبو ٿو ڪري ته جلد از جلد جاگيردارئ جي خاتمي جو بل تيار ڪيو وڃي......ڇو ته اهي جاگيرون انگريزن يا ٻين بادشاهن پنهنجي طاقت برقرار رکڻ لاء ڪن قومي غدارن کي عطا ڪيون هيون." 27.11.1951: جيڪب آباد کان ڪشمور- ديرا غازي خان کان ٿيندي محمود ڪوٽ تائين ريلوي پراجيڪٽ منظور ڪيو ويو. *************** {27 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} **********-**** [جنم ڏينهن]: *************** 27 نومبر 1922ع اسٽيج ڊراما ليکڪ گورڌن چوڌري (ٽنڊو الهيار / اجمير) جو جنمڏينهن آهي. 27 نومبر 1923ع ليکڪ نرنجن کلناڻي (سکر / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 27 نومبر 1927ع گلوڪار ۽ اداڪار چمن داس تلسي لال (ٺٽو/ دبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 27 نومبر 1950ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ صحافي حبيب الله ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 27 نومبر 1961ع ليکڪ، ڊراما نگار ۽ ڪمپيئر ڊاڪٽر محمود مغل جو جنم ڏينهن آهي. *************** [وڇوڙو]: *************** 27 نومبر 1862ع آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفرجي رنگون جي جيل ۾ وفات ٿي. 27 نومبر 1879ع شهداد ڪوٽ سان تعلق رکندڙ مولانا نور محمد جي وفات ٿي. 27 نومبر 2000ع ٿر سان تعلق رکندڙ سياستدان ارباب فيض محمد نهڙيوجو انتقال ٿيو. 27 نومبر 2001ع شاعر ۽ ليکڪ امام بخش عاصم(شڪارپور) جو انتقال ٿيو. ************* 1. GOOD DAY: *************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [Whoever is not graceful, kind & cooperative, is illiterate in helping & supporting and loving & respecting people. He/She is flower without fragrance. His/Her beauty,vision & wisdom are neither for love, nor for peace & progress] جي رحم نہ رکبو روح ۾، نہ رکبي نيڪ نیت نظر، ماٹھپي مروت ۽ محبت سندا، جي کولي نہ رکبا در، پوء پوندا دلین تي نہ اثر، سرت سونھن سلام جا. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. My Daily Post consists of Birth dates & Death dates of Luminaries and some Events. Birth/Death dates are not included with this Post. However, it is shared in Sindhi on Internet Groups. ************* 1838: Col. Pottenger welcomes and congratulates Major General Wiltshire, Commanding British Troops in Sindh on his arrival in Sindh and offers his opinion on several points connected with the disembarkation of the force. 1848: The salary of Commissioner in Sindh is fixed at Rs 52,000 per annum with a travelling allowance at Rs 10 per diem. 1947: Eighty - four thousand Indian Muslims migrates to Pakistan. 1949: Two - day Session of the General Council of the Sindh Hari Committee starts at Hyderabad. The major issue of the Jagerdari system in Sindh dominates the agenda. The Ministry of Yousif Haroon is demanded to take necessary action about the abolition of that system. 1952: Jacobabad - Kashmore - Dera Ghazi Khan - Mahmudkot raily project is approved. 1971: Chinese Dy.Foreign Minister, in his address to the U.N General Assembly condemns India for its armed aggression against Pakistan. 1981: Pakistan shows willingness to sign the nuclear non - proliferation treaty if India also agrees to do so. 1992: Ban on Benazir's entry into Rawalpindi and Islamabad is lifted. 1994: Lahore High Court orders release of Gul Masih in blasphemy case. He was sentenced to death by the District & Session Judge, Sargodha. 1996: PML ( J ) splits into Hamid Nasir Chattha and Abdul Ghafoor Hoti factions.

Saturday 26 November 2022

Sindh in history today (26th November). By. Dr. Pathan

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 26 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 26.11.1838: ڪئپٽن برنس سنڌ منجهان پنهنجي گورنر جنرل کي لکيو ته مير نور محمد خان جي فرنگين سان عدم تعاون ڪري, هن کي حڪمراني تان لاهڻ گهرجي ۽ هو پنهنجو پٽ گورنر جنرل جي حضور ۾ موڪلي پئ جي اره زوراين ۽ سازشن لاء معافي وٺي. 26.11.1838: هڪ طرف برنس پنهنجي گورنر جنرل ڏي خط موڪلي مير نور محمد خلاف کيس ڀڙڪائي ٿو ته ٻئي طرف ساڳئ تاريخ ۽ ساڳي ڏينهن تي مير نور محمد کي خط لکي سندس چاپلوسي ڪري ٿو. کيس گڏجي شڪار ڪرڻ واريون يادون ڏياري ٿو ۽ لکي ٿو ته تو جيڪو فرنگين سان ياري رکڻ وارو ٻوٽو پوکيو آھي, وقت سان گڏ وڌي وڻ ٿيندو. 26.11.1847: منشي غلام حسين (جنھن سنڌئ ۾ ڪتاب لکيا) ۽ منشي پريتمداس فرنگي سفارتڪار آئوٽرام معرفت قبضي ۾ ورتل ڪراچئ ۾ فرنگي حڪومت طرفان سرڪاري منشي مقرر ڪيا ويا هئا. جڏهن نيپيئر سنڌ هو گورنر ٿيو ته انھن ٻنھي کي نوڪرئ تان لاٿائين, ڇوته نيپيئر ۽ آئوٽرام جي هڪ ٻئي سان اڻ بڻت هئي. انھن ٻنھي نيپيئر جي ڏاڍ خلاف ڪراچئ جي ڪليڪٽر جي دفتر ۾ پٽيشن ڏني, جيڪا اڄ ممبئي سرڪار جي گورنر کي موڪلي وئي. 26.11.1931: ميهڙ ۾ حاجي مير محمد بلوچ ”خلافت ڪانفرنس" جي صدارت ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ مشهور سياستدانن مان جي.ايم.سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌئ به شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ سنڌ جي جدائئ, ڪشمير سان همدردئ, قرآن شريف فقط مسلمان پرنٽر ۽ پبلشر طرفان ڇپرائڻ ۽ زرعي خواه صنعتي پورهيتن جي حقن بابت ٺھراء پاس ڪيا ويا. 26.11.1946: حيدرآباد واري لوڪومل گوبند بخش ملڪاڻئ ناياب نادرات Antiquities جو وڏو خزانو پاڻ وٽ گڏ ڪيو هو. اڄ سنڌ جو گورنر اوڏانھن اها ميڙي چونڊي ڏسڻ ويو. 26.11.1948: اڄ ” پبلڪ سيفٽي ايڪٽ" جي قانون تحت "ڊان", "سنڌ آبزرور", "جنگ" ۽ "انجام" اخبارن تي پابندي مڙھي وئي. اهي اخبارون پناهگيرن جي مسئلي ۽ ٻين مامرن تي گهڻو لکي رهيون هيون ۽ امن امان جي صورتحال بگڙڻ جو انديشو پيدا ٿي پيو. 26.11.1965: سک اڳواڻ تارا سنگ اعلان ڪيو ته پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ ”سکن لاء ملڪ" جوڙينداسين. 26.11.1971: پاڪستان سرڪار "نئشنل عوامي پارٽئ" تي پابندي لڳائي ۽ پارٽئ جي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو. *************** نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 26 نومبر 1915ع تعليمدان، ليکڪا ۽ روحاني شخصيت ڀڳتياڻي هري ديوي(حيدر آباد / پونا) جو جنم ڏينهن آهي. 26 نومبر 1935ع ناليواري ليکڪ، عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجوجو جنم ڏينهن آهي. 26 نومبر 1939ع مشهور شاعرسيد مرتضى شاهه ڏاڏاهيجو جنم ڏينهن آهي. 26 نومبر 1940ع ليکڪ ڀڳونتي لڇمڻ ڪڪڙيجا(ڪراچي / الهاس نگر) جوجنم ڏينهن آهي. 26 نومبر 1947ع ليکڪ، اديب ۽ سنڌ دوست ڪاموري عبد القادر منگي جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: 26 نومبر 1954ع نواب غيبي خان چانڊيو جو انتقال ٿيو. 26 نومبر 1973ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ شاعر عبدالله عابد جي وفات ٿي۔ 26 نومبر 2000ع ناليواري شاعر، نعت خوان ۽ مولودي غلام نبي مهيسر جي وفات ٿي۔ SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(26th November). ************* 1. GOOD DAY: *************** Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Neither because of your caste or colour, nor because of your ideology, age and gender, but you are accepted and respected by me because, you are love & beauty and vision & wisdom. I have nothing to do with your limitations, faults and mistakes. I am not impressed by your good deeds, wealth or status. You are body and soul. You are human-being. You always behave with kindness & cooperation. You always avoid hatred & discrimination. YOU are my Ideal.] اسان تان نہ قبوليو اوهان کي ڪڏھن اڌورو اڻپورو, پر خوبين خامين روح ۽ وجود سميت سارو سمورو, ڀلي ڇو نہ هجي تنهنجو رانول رنگ ڪارو يا ڀورو, نہ جنس عمر ذات پات دين جو ٻرڪيوسين ٻورو, نہ ڪي گهريوسين اجورو, وفا ايثار نمرتا سلام جو. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. My Daily Post consists of Birth dates & Death dates of Luminaries and some Events. Birth/Death dates are not included with this Post. However, it is shared in Sindhi on Internet Groups. ************** Events: 26th November Part1 1847: The Collector of Karachi forwards petitions of Munshi Ghulam Hussain and Munshi Pritamdas against the order of dismissal passed by Sir Charles Napier, the late Governor of Sindh. Both helped Major Out ram in difficult and early days, but were removed from service because of differences between Napier and Outram. 1931: Haji Mir Muhammad Baloch is presiding over the Mehar Khilafat Conference. It is attended by Shaikh Abdul Majeed Sindhi and G.M.Syed also. Very important decisions are taken and resolutions are passed . The subjects covered are Separation of Sindh, Suppor to Kashmiris, Rights of agricultural and industrial workers and printing of Quran by Muslim printers only. Part2 1946: The collection of rare antiquities collected by Lok6al Gobindbux Malkani has invited attention of Sindh Govt. The Sindh Governor precedes Hyderabad to visit this unique collection. 1948: The ban is imposed on daily Dawn, Sindh Observer, Jang, Anjam and Sindh under Public Safety Act. 1951: Khowaja Shahabuddin and I.I.Chundrigar take oath as Governor of NWFP and Punjab respectively. 1965: Akali Leader Tarasing speaks about creating Sikh state between India and Pakistan. 1971: All groups and factions of N.A.P are banned due to its activities against interests and security of Pakistan. President Yahya orders detention of party.

Thursday 24 November 2022

Sindh in history today (25th November). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(25th November). ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 25 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 25.11.1842: ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ نيپئر کي خط لکيو ته جيئن تو سنڌ جي صورتحال جي روشنئ ۾ ميرن سان هڪ هڪاڻي ڪرڻ جي منصوبه بندي ڪئي آھي, آئون ان جي منظوري ڏيان ٿو ۽ تو کي ان تي عمل ڪرڻ جو اختيار به ڏيان ٿو. مان ممبئي سرڪار کي به اهڙو اطلاع ڏيان ٿو. تو ڏانھن پنجاب مان فوج ۽ ٻيڙيون سکر ڏياري موڪليان ٿو. 25.11.1934: “ٻالڪن جي ٻاري" نالي تنظيم اڄ پنهنجو 8 قيام ڏينھن ملهايو ۽ ان موقعي تي رنگ برنگي تقريب ٿي. هن تنظيم جو باني دادا شيوڪ موٽواڻي هو. اڄ سالياني/پروگريس رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته سڄئ سنڌ ۾ ”ٻالڪن جي ٻارئ" جون 14 شاخون قائم ٿي چڪيون آھن ۽ 1500 ٻار انھن جا ميمبر آھن. 25.11.1935: مهين جي دڙي جي کوٽائئ مان لڌل ڪڻڪ کي تجربي طور بنگال ۾ پوکيو ويو ۽ اهو تجربو ڪامياب ويو. 25.11.1954: ڪراچئ ۾ “پهرين بين الاقوامي اسلامڪ ڪانفرنس" ٿي. 25.11.1962: قومي اسيمبلئ ۾ مخالف ڌر پنهنجو "پيپلز پارٽي" جي نالي سان اتحاد ٺاهيو. ["پيپلز پارٽئ" جو نالو ورهاڱي کان اڳ سر شاهنواز ڀٽي ڪم آندو ۽ هن هم خيال سياستدانن سان گڏجي انھئ نالي سان "سنڌ پيپلز پارٽي"ٺاهي. ورهاڱي کان پوء جي.ايم.سيد ۽ خان عبدالغفار خان "پيپلز پارٽي" نالي سياسي تنظيم ٺاهي] 25.11.1968: ايوب-مخالف سياستدانن جي دڙي طرفان ايوب خلاف هلايل تحريڪ "پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ" ملڪ جي ڪيترن شھرن ۾ مظاهرا ڪري مطالبو ڪيو ته سياسي قيدي هڪ دم آزاد ڪيا وڃن ۽ بلوغت جي بنياد تي ووٽ ڏيڻ جو حق ڏئي چونڊون ڪرايون وڃن. 25.11.1971: پاڪستان سرڪاري طور برطانيه کي گذارش ڪئي ته انڊيا ۽ پاڪستان جي بگڙجندڙ لاڳاپن کي بهتر بھائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. 25.11.1993: ڪراچئ ۾ ”ملير ضلعو" قائم ڪيو ويو. هئ ڪراچئ ۾ قائم ٿيندڙ پنجون ضلعو ٿيو. *************** 25 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: ************** 25 نومبر 1879ع شاعر، ليکڪ ۽ فلاسافر ساڌو ٽي ايل واسواڻي(حيدرآباد / پونا) جو جنم ڏينهن آهي. 25 نومبر 1911ع ليکڪ ماني رام سائيناڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 25 نومبر 1914ع حيدر آباد سان تعلق رکندڙ اداڪار گوپي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 25 نومبر 1919ع شاعر، راڳي ۽ اداڪار ديپڪ آشا (ٽنڊو آدم / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 25 نومبر 1930ع نوشهرو فيروز سان تعلق رکندڙ سياستدان احمد علي خان جلباڻي جو جنم ڏينهن آهي. 25 نومبر 1942ع شاعر عبدالغفور عابد جو جنم ڏينهن آهي. 25 نومبر 1945ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ليکڪا ثريا سوز ڏيپلائي جو جنم ڏينهن آهي. 25 نومبر 1946ع ليکڪ نام ديو تاراچنداڻي (لقمان / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي. 25 نومبر 1952ع ناليواري ڪرڪيٽر ۽ سياستدان سابق وزير اعظم عمران خان جو جنم ڏينهن آهي. 25 نومبر 1959ع ليکڪ منظور علي مهيسر جو جنم ڏينهن آهي. 25 نومبر 1968ع شاعر، ليکڪ ۽ سماجي ورڪر اسلم عباسي(مورو) جو جنم ڏينهن آهي. 25 نومبر 1973ع جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ صحافي عبدالسميع سومري جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 25 نومبر 1960ع مذهبي اسڪالر مولانا عبداللطيف جي وفات ٿي. 25 نومبر 1985ع سگهڙ محمد خان لاڙڪ جي وفات ٿي. 25 نومبر 1999ع شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر تنوير عباسي جي اسلام آباد ۾ وفات ٿي. 25 نومبر 2013ع نامياري اسڪالر ۽ عالمِ دين علامه عبدالغفور قاسمي سجاولي جو انتقال ٿيو. 25 نومبر 2014ع تعليم جي ميدان ۾ اهم خدمتون انجام ڏيندڙ آپا مريم سلطانه نوحاڻي لاڏاڻو ڪري وئي ************* 1. GOOD DAY: *************** Dr. Pathan wishes you Good Day. [ You are beauty & love, vision & wisdom and peace by birth and by nature. Open doors of your Golden Heart. Let the people peep into it and witness a wonderful and beautiful universe there. Let the people know and understand the reason and cause of loving, respecting and accepting you as my second to none Ideal.] تنهنجي هٿ چاٻي پنهنجي دل جو تون دروازو کول, نينهن-نگر جو تون رهواسي اها ئي ٻھڳڻ ٻولي ٻول, سندء فطرت انمول, سينگاريل سونهن سلام سان. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. My Daily Post consists of Birth dates & Death dates of Luminaries and some Events. Birth/Death dates are not included with this Post. However, it is shared in Sindhi on Internet Groups. ************** 1844: The Govt. of India provides guidance to the Sindh Govt. about nature and extent of relations with nearer states. 1934: Balkan Ji Bari - An organization of Youngsters, celebrates its 8th anniversary. It is told in its report that 14 branches of Bari are functional in Sindh and 1500 are enrolled so for. 1935: The wheat found from Mohen -Jo- Daro is harvested in Bengal and amazing results are gained. The intimate and efforts were taken by Sir Daniel Hamilton, who purchased Wheat from the England Mission. 1956: Sardar Abdul Rab Nishtar demands Pakistan to quit Common Wealth Part2 1949: The first International Islamic Conference opens in Karachi. 1954: The Federal Legislative Assembly unanimously welcomes the One Unit Scheme for West Pakistan 1962: Opposition groups in National Assembly form alliance to be known as Peoples' Party. 1968: Pakistan Democratic Movement holds protest marches in many towns of West Pakistan and demands restoration of adult franchise, release of political leaders and lifting of emergency without fail. 1971: Pakistan officially asks Britain to use its influence to prevent worsening Indo - Pak situation. 1993: Fifth district in Karachi, to be called as Malir District is created.

Sindh in history today (24th November). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(24th November). ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 24 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 24.11.1831: فرنگي سرڪار "سنڌ مشن" جو آغاز ڪيو, جنھن جو ميرن کي مياڻئ جي جنگ ۾ شڪست ڏئي ملڪ تي قبضي ڪرڻ تي ختم ٿيو. انھن ٻارنھن سالن ۾ فرنگين سنڌ ۾ فريب, توسيع پسندئ ۽ منافقئ جي سوين داستانن کي جنم ڏنو. 24.11.1842: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ نيپيئر کي لکيو ته تون سنڌ ۾ آھين ۽ مون کان وڌيڪ سنڌ جي صورتحال کي سمجهين ٿو. ان ڪري جيڪو تون فيصلو ڪندين, مان ان منظوري ڏئي ڇڏيندس. مير نصير خان ۽ مير رستم علئ جيڪي پنجاب جي مهاراجا ڏي اسان خلاف جيڪي خط موڪليا هئا, اهي پڪڙي تو وڏو ڪم ڪيو آھي. مير رستم علئ جو وزير فتح محمد غوري جيڪي گوٿناڪيون ڪري ٿو, ان جو ذميوار ۽ جوابدار مير رستم علي ئي آھي. ميرن هٿ سان سيد محمد شريف کي ڀڄايو آھي, جڏهن ته کين خبر به هئي ته هو اسان جو ڏوهاري هو ۽ اسان کي گهربل هو. سيد کي ڀڄائي ميرن معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي. مير علي مراد کي اقتدار ۾ آڻڻ انصاف ۽ اسان جي حق ۾ آھي. ڇوته گهڻن ميرن بدران هڪ مير کي سنڀالڻ سولو آھي. ڏکڻ سنڌ ۾ گرمين کان اڳ اسان کي فوجي حملو ڪرڻ گهرجي. 24.11.1920: انگريزن مان جان ڇڏائڻ لاء اسان جي وڏڙن وڏيون قربانيون ڏنيون. شايد ئي ڪا اهڙي مشھور اخبار نه هجي, جنھن جي ايڊيٽر جيل جي سزا نه ڪاٽي هجي. "الوحيد" اخبار جي لڳ ڀڳ سمورن ايڊيٽرن تي ڪيس ٿيا. اڄ ھن اخبار جي ايڊيٽر قاضي عبدالرحمان کي پڪڙيو ويو, ڇو ته هن حڪومت سان سهڪار نه ڪرڻ وارئ تحريڪ جي حق ۽ فرنگي حڪومت جي خلاف لکيو. 24.11.1942: اڄ کان 80 سال اڳ گهٽھڙ تعلقي قمبر جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ هئو. ان ۾ ڳوٺاڻن ڏينھن رات هڪ ڪري پاڪستان جي تحريڪ هلائي. اڄ گهٽھڙ ۾ ”مسلم ليگ" جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ سر غلام حسين هدايت الله جي حڪومت جي حق ۾ ٺھراء پاس ڪيو ويو. 24.11. 1947: سرڪار نامدار پڌرو ڪيو ته سوني پٽ, ڍولڪوٽ ۽ باڙا مان 245000, ۽ ڪرنال ۽ جالندر مان 2151 پناهگير خير سان پنهنجو اباڻو وطن ڇڏي هتي پهتا. [آھي ڪو محقق جو ٻڌائي ته انھن ھنڌن تي پاڪستان تحريڪ ڪنهن ۽ ڪيئن هلائي ۽ اتي ڪيتريون قربانيون ڏنيون] 24.11.1951: "سنڌ مهاجر بورڊ“ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته پناهگيرن جا مسئلا هڪدم حل ڪيا وڃن. 24.11.1963: اڄ ملڪ جو وزير خارجه ذوالفقار علي ڀٽو, آمريڪي صدر ڪينيڊئ جي تدفين وارن رسمن ۾ شرڪت ڪرڻ لاء واشنگٽن روانو ٿيو. ذوالفقار علي ڀٽي ڪيترن ملڪن جي اڳواڻن جي تدفين ۾ شرڪت ڪئي پر سندس تدفين ۾ پنهنجا يا پراوا به شريڪ نه ٿي سگهيا!!! 24.11.1970: انڊيا سان جنگ وارئ صورتحال ڪري موڪلن تي ويل ۽ رزرو سامونڊي ۽ باقي فوجين کي هڪدم ڊيوٽئ تي پهچڻ جو حڪم ڏنو ويو. 24.11.1996: قومي اسيمبلي ڊاهڻ خلاف بينظير ڀٽو اڄ سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي. *************** 24 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: *************** 24 نومبر 1938ع ليکڪ، قانوندان ۽ بئنڪر قاضي فضل ڪريم (دادو) جوجنم ڏينهن آهي. 24 نومبر 1956ع شاعره ۽ ليکڪا اندرا شبنم پوناوالا(ڪراچي/ پونا) جوجنم ڏينهن آهي. 24 نومبر 1952ع اردو ٻوليء جي مشهور شاعره پروين شاڪر جو جنم ڏينهن آهي. 24 نومبر 1961ع هندستاني ترقي پسند ليکڪا ارون ڌتي راءِجوجنم ڏينهن آهي. 24 نومبر 1967ع سنجهوري سان تعلق رکندڙ صحافي شبير قريشي جوجنم ڏينهن آهي. 24 نومبر 1972ع شاعر سورج سجاولي جوجنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: ************** 24 نومبر 1935ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سياستدان ڏيئومل ديپچند ديهانت ڪري ويو. 24 نومبر 1952ع شاعر ۽ فريڊم فائيٽر محمد بخش واصف (حيدر آباد) جو انتقال ٿيو. 24 نومبر 1967ع شاعر ۽ مولودي جهانگل شاهه مست جي وفات ٿي. 24 نومبر 1977ع اسڪالر ۽ ليکڪ محبوب علي چنا جو انتقال ٿيو. 24 نومبر 2004ع تي پرسوجي گدواڻيءَ جو انتقال ٿيو. 24 نومبر 2012ع ڊان اخبار جو ناليوارو ڪالم نگار ۽ ببيباڪ ليکڪ اردشيرڪائوسجي گذاري ويو. 24 نومبر 2012ع موري سان تعلق سياستدان۽ اڳوڻو سينيٽر قرارالدين جو جي وفات ٿي. ************* 1. GOOD DAY: *************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [Whoever has ego, wealth and authority, but has no human love & respect in heart & mind, is promoter of problems and evil-maker.He/She becomes high-risk for common peace & progress and love & beauty. It becomes tough task to beautify his/her vision and purify his/her wisdom] اھا دل دنیا ۽ ساري دانائي، آھي ادب آدمیت کان سواء سور، سو سور بٹجي پئي ناسور، جي ماٹھو ماٹھوء ھٿان مجبور،‏ پر تن کي ملي سدا سرور، جي سوچن لوچن سونھن سلام لاء. ‏ 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. My Daily Post consists of Birth dates & Death dates of Luminaries and some Events. Birth/Death dates are not included with this Post. However, it is shared in Sindhi on Internet Groups. *************** EVENTS 1920: The editor of Al - Wahid, Qazi Abdul Rahman is arrested due to preaching Non - co - Operation Movement against the Govt. 1942: The Ghathar Muslim League resolves to support Sir Ghulam Hussain ministry. 1947: 245,000 Indian Muslims of Sonipat, Dhoolkot, Rohat and Bara migrate to Pakistan. More 2150 enter Pakistan by Motor transport from Karnal, Jullandhar and Nahan state. 1951: Sindh Muhajreen Board demands redressing of problems of farmer Muhajreen. 1952: Pakistan releases and publishes the text of the Indo - American agreement of 1951, which made India a member of a Regional Security Pact as early as March 1951. 1963: The External Affairs Minister, Z.A.Bhutto leaves for Washington to represent Pakistan at the funeral of J.F.Kennedy. 1967: Pakistan backs restoration of the lawful right of Chaina in the United Nation. 1970: All personnel of Pakistan army up to the rank of Major and those belonging to reserve list and sailors under age of 50 years are ordered to report for duty. 1973: Pakistan may seek arms aid from Arabs if U.S.A persistently refuses for deliver arms. 1981: Pakistan lodges a protest with the Govt. of India over beating of a staff member of embassy in New Delhi on November 21. 1996: Supreme court admits Benazir Bhutto's petition about National Assembly dissolution.

Tuesday 22 November 2022

Sindh in history today (23rd November). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(23rd November). ************* 1. GOOD DAY: *************** Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Everybody speaks about your beauty & love and vision & wisdom, except you. You have forgotten or lost yourself. Listen the call of time, place and circumstances. People I like me are determined to approach you and pray for your kindness, cooperation and participation. Dear! Be, what you are. You are love, beauty and peace.] ڳالهيون سندء سونهن جون هو ڏس ڪيئن ماڻهون پچارن, مون جيان همٿ نہ هارن, سارن نهارن توکي سلام چئي. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 23 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 23.11.1838: سنڌ ۾ مقيم فرنگي سفارتڪار ڪرنل پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي صلاح ٿو ڏئي ته ڏکڻ سنڌ ۾ ڪنهن مناسب هنڌ تي فرنگي مفادن جي بچاء واري فوج Subsidary Force رکجي ۽ ان تي ٿيندڙ خرچ پکي لاء سنڌ جي ڪنهن حصي تي قبضو ڪجي. [ياد رهي ته ميرن کي ڏٽا ڏنائون ته اوهان جي حڪومت ۽ سنڌ کي ٻاهرين حملن کان بچائڻ لاء اسان سنڌ ۾ پنهنجي فوج رکنداسين. ميرن معاهدي ۾ انھئ کي هڪ شق طور قبول ڪيو] 23.11.1842: نيپيئر اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي ٻه خط لکيا. هڪ خط ۾ لکي ٿو ته مير رستم علئ اسان کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواء چورئ پنجاب جي مهاراجا ڏي خط لکيا آھن ۽ ظاهر آھي ته انھن خطن ۾ اسان خلاف محاذ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. هو ٻئي خط ۾ لکي ٿو ته سندس مير علي مراد خان سان ڳالھ ٻولھ ٿي آھي. هو اسان کان اقتدار جي مسند تي ويهڻ لاء مدد جو طلبگار آھي. 23.11.1940: سنڌ جي وزير جي.ايم.سيد وزارت تان استعيفا ڏني. 23.11.1947: سرڪار پڌرو ڪيو ته اڄ ستيتاليھ ھزار پناهگير پنھنجو ملڪ ڇڏي هتي پهچي ويا آھن. 23.11.1954: آمريڪا طرفان فوجي امداد جي پهرين کيپ اڄ پاڪستان پهتي. [فوجي امداد جي نالي ۾ آمريڪا فوجي اسلحو کپائڻ لاء هڪ منڊي حاصل ڪري ورتي] 23.11. 1958: پاڪستان ۾ ڏسي وائسي آئين سازئ ۽ قانونسازئ جي عمل ۾ رنڊڪون وڌيون ويون ته جيئن پنهنجئ مرضئ موجب ملڪ کي هلايو وڃي. اڄ وري جسٽس اي. آر. رحمان جي اڳواڻئ ۾ ھڪ "لا ڪميشن" ويهاري وئي. 23.11.1964: صدر ايوب اڄ صدارتي اميدوار طور فارم ڀرايو. [ياد رهي ته سندس مقابلو پاڪستان جي بانئ جي ڀيڻ فاطمه جناح ڪيو ۽ تاريخ ۾ چونڊن چورائڻ ۽ مخالفن کي شڪست ڏيڻ جي هڪ روايت قائم ڪئي وئي] *************** 23 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 23 نومبر 1908ع ليکڪ ۽ سياسي اڳواڻ قاضي فيض محمدجو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1912ع ليکڪ ۽ پبلشر پارو مل ڪيولراماڻي (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1912ع شاعر محمد خان مخمور جو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1924ع سيوهڻ سان تعلق رکندڙ ليکڪ محمد پريل سولنگي جوجنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1926ع ليکڪ ٽڪلو بي اي جوجنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1931ع سياستدان اميرالدين شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1934ع سماجي اڳواڻ ايشور منگهاڻي (حيدر آباد / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1957ع ليکڪ سوسان مرزا جو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1957ع گلوڪار ڪمار سانوجو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1993ع جوهي سان تعلق رکندڙ نوجوان شاعر شهزاد علي لاشاريجو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 23 نومبر 1934ع آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ مذهبي اسڪالر نور محمد نظاماڻي جي وفات ٿي. 23 نومبر 1983ع پاڪستان فلم انڊسٽري جي چاڪليٽي هيرو وحيد مرادجي وفات ٿي. 23 نومبر 1998ع موسيقار ۽ شرنائي نوازآچر فقير مڱڻهارجي وفات ٿي. 23 نومبر 2015ع اردو جي نامياري شاعر ۽ ليکڪ جميل الدين عالي جي وفات ٿي. 23 نومبر 2018ع تي رتوديرو سان تعلق رکندڙ دانشور ۽ اديب استاد عطاءُ اللّٰه ابڙو وڇڙي ويو 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. My Daily Post consists of Birth dates & Death dates of Luminaries and some Events. Birth/Death dates are not included with this Post. However, it is shared in Sindhi on Internet Groups. ************ EVENTS 1838: Colonel Pottenger suggests his Govt that subsidiary force be established in Lower Sindh and advises the cession of a portion of the country Sindh to meet the cost. 1940: G.M.Syed resigns as the Sindh Minister. 1947: Forty - seven thousand Indian Muslims enter Pakistan. 1952: The Indian Govt. rejects the Anglo - American proposal calling for immediate demilitarization talks. 1954: First shipment of U.S military aid to Pakistan arrives. 1955: The Baghdad Pact Council winds up its two - day conference with a joint 19 - point communiqué calling for peace, security and prosperity in the Middle East. 1958: Law Commission is set up with Justice S.A.Rahman, Judge of Supreme court as its chairman. 1960: Urdu is made compulsory subject up to class X11. 1963: U.S.A lovers segment of Pakistani society mourn murder of U.S President. 1964: President Ayub files his nomination paper for the Presidential candidate. In election he faced Fatima Jinnah and people in power set trend that rigging leads to rule and who so ever is power has to win. No problem if sister of the Quaid -i- Azam is declared defeated. ************** RESEARCH CONTRIBUTION OF DR. DUR MUHAMMAD PATHAN ************** Ex-Member Board of Governors Cadet College Larkano Ex-Member, B.LS.E, Larkano (1998 - 1999). Ex- Member, Board of Studies Shah Latif University, Khairpur. Member, B.O.G of Sindhi Adabi Board, Jmashoro (1989 to 1991, & sitting member). Ex- Member, Academic council of the B.I.S.E, Larkano. Ex- Member, BOG, Mirza Kaleech Baig Chair University of Sindh. Ex- Member BOG, Bilawal research Institute. RESEARCH Examiner for M.Phil & Ph.D in various subjects for various Universities. Approved Ph.D Guide in Sindhi (University of Sindh & Shah Latif University, Khairpur). Approved Ph.D GUIDE in Pakistan Studies (University of Sindh & Shah Latif University, Khairpur). Approved Ph.D GUIDE in Education' (University of Sindh). Approved Ph.D GUIDE in Sindhology (University of Sindh) Approved Ph.D GUIDE in History & Culture (Pakistan Study Centre, Jamshoro). Approve Ph.D GUIDE in Pakistan Studies (Shah Abdul Latif University, Khairpur). Remained Approved M.Phil GUIDE in Pakistan Studies (Quid-I-Azam University, Islamabad). Guided / Produced: CONTRIBUTION: I. Feroza Sammo. M.Phil in Sindhi, (Sindh University). Topic: “ Child Literature in Sindhi Language ”. II. Dr. Bashir Ahmed "Shad". Ph.D in Sindhi (Sindh University). Topic: “ Life & Poetry of Moulvi Sanauallah Abassi”. III. Mr. Imdad Hussain, M.Phil, in Pakistan Studies (Quid-I-Azam University Islamabad). Topic: “Hassian Ali Effindey – Life & Educational Services”. IV. Dr. Imdad Hussain Sahito Ph.D in Pakistan Studies, (Shah Latif University) Topic: “Decade of Dacoits in Sindh”. V. Zulfiqar Jalbani . M.Phil in Sindhi (Shah Latif University). Topic: “ Life & Contribution of Gulam Rabani Agro”. VI. Dr. Ahsan Danish, Ph.D in Sindhi (Sindh University) (Co- Guide). Topic: “ Study of Poetry of Shah Latif”. VII. Dr. Fayaz Latif Ph.D in Sindhi (Sindh University) (Co- Guide). Topic: “Study of Poetry of Shaikh Ayaz”. Ph.D Examiner 1. Dr. Muhammad Idrees Sommoro, Ph.D in Islamiat (Sindh University) Topic: “Literary role of Religious Leaders”. 2. Dr. Adal Sommoro, Ph.D in Sindhi,(Shah Latif University). Topic: “ History of Sindhi Adabi Sangat”. 3. Dr. Kadim Mahar, Ph.D in Sindhi,(Shah Latif University). Topic: “Study of Poetry of Tenveer Abbasi”. And other more Ph.D & M.Phil Students. VIII . Introduced and worked on a unique project of "PRESERVATION OF HISTORY, CULTURE & LITERATURE OF SINDH" at the Institute Of Sindhology. IX. Helped in establishing Museum in Sindh Madressah-Tul-Islam, Karachi. X. Established Educational 'Museum of District Larkano in D.O.E Colleges), Office. XI. WORKS REFERED / QUOTED BY SCHOLARS: I. Allah Rakhio Butt, in his book "History of Sindhi Journals", 1981. II. G. Allana, in his book "Ginans of Ismaili pirs", 1984. III. Dr. Mumtaz Bukhari, in his thesis for Ph. D, in Sindhi (Sindh University). IV. Dr. Azizul Rehman, in his thesis for Ph. D, in Journalism (SindhUniversity). V. Dr. Ghulam Rasool Baloch, in his thesis for Ph. D, in Sindhi (S.U). VI. Dr. Mazharuddin, in his thesis for Ph. D, in Political Science, (S.U). VII. Dr. Shamis Abbasi, in her thesis for Ph. D in Sind hi (Sindh University). VIII. Dr. Khan Muhammad Punhwar, in his thesis for Ph.D in Journalism (S.U) IX. Dr. Badar Ujjan in his thesis for Ph. D , in Sindhi (Shah Latif University). X. Dr. Ghulam Rasool Sooinro, in hIs thesis for Ph.D in Sindhi (Kar: University). XI. Dr. lmdad Hussain Sahito, in his thesis for Ph.D in Pakistan Studies (S.A.L.U) XII. Dr. Khan Mohammad Larik , in his thesis for Ph.D in Islamic Culture (S.U). XIII. Dr. M. Laique Zardary, in his thesis for Ph.D in Political Science (S. U). XIV. Dr. M ldrees Soomro, in his thesis for Ph.D in Islamic Culture (S. U). XV. Dr. Bashir Ahmed, in his thesis for Ph.D in Sindhi (Sindh Univesity). XVI. Dr. Abdul Razak Soomro, in his thesis for Ph.D in Islamic Culture (S.U).

Monday 21 November 2022

Sindh in history today (22nd November). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(22nd November). ************* 1. GOOD DAY: *************** Dr.Pathan wishes you Good Day: [Whoever has ego, wealth and authority, but has no human love & respect in heart & mind, is promoter of problems and evil-maker.He/She becomes high-risk for common peace & progress and love & beauty. It becomes tough task to beautify his/her vision and purify his/her wisdom] اھا دل دنیا ۽ ساري دانائي، آھي ادب آدمیت کان سواء سور، سو سور بٹجي پئي ناسور، جي ماٹھو ماٹھوء ھٿان مجبور،‏ پر تن کي ملي سدا سرور، جي سوچن لوچن سونھن سلام لاء. ‏ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 22 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 22.11.1838: فرنگين لفٽيننٽ چارلس کان سنڌ جي ساحلي پٽئ جي سروي ڪرائي. اسان جي حڪمرانن کي نه سروي جو پتو ۽ نه فرنگين جي سازشن جي ڪن جن! چارلس پنهنجو ڪم پورو ڪري واپس ورڻ وارو ھئو ته پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي چيو ته چارلس کي ان وقت تائين واپس نه گهرايو, جيسيتائين فرنگي فوج سنڌ ۾ پهچي. ڇو ته فوج ليفٽيننٽ چارلس جي تجربي ۽ مشاهدي مان گهڻو لاڀ پرائي سگهندي. اڄ پاٽينجر ممبئ جي ميشرس فرٿ ائنڊ ڪمپنئ کي به لکيو ته اندروني سنڌ ۾ شڪارپور تائين حالتون اسان جي حق ۾ نه آھن. ان ڪري پنهنجو مال توکي هوشياري سان آڻڻو پوندو. سنڌي جيڪڏهن ڦريندا نه ته بي عزتو ضرور ڪندئي. 22.11.1926: ڪراچئ جي ٿياسافيڪل هال ۾ 110 عورتن جي گڏجاڻي ٿي, جن ۾ حاجي عبدالله هارون, بنده علي قاسم ۽ اين.ڊي.ملڪ جون ونيون ذڪر لائق آھن. گڏجاڻئ ۾ سرڪار کان مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا گڏيل تعليمي ادارا هلايا وڃن, ميوزڪ ۽ طبعي تربيت کي ڪورس ۾ شامل ڪيو وڃي. 22.11.1927: ڪمشنر جي اڳواڻئ ۾ سنڌ ۾ "نيچرل هسٽري سوسائٽي" قائم ڪئي وئي. هن سوسائٽئ ڪيترا سال سنڌ جي نيچرل هسٽرئ تي ڪم ڪيو. سوسائٽئ طرفان رسالو به جاري ڪيو ويو ۽ اهي سمورا رسالا گل حيات ۾ محفوظ آھن. ڪاش ڪنهن کي جوش ۽ هوش اچي ته انھن رسالن جو مواد ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي. 22.11.1935: هن وقت ملڪي ڪرڪيٽ ۾ سنڌين جو نالو نشان به ڪونهي. پر ماضئ ۾ سنڌين هن راند ۾ دنيا ۾ نالو ڪمايو. اڄ ڪراچئ ۾ سنڌ ۽ آسٽريليا وچ ۾ ڪرڪيٽ مئچ ٿي. سنڌ ٽيم جو ڪپتان غلام محمد هئو. راند مهمان ٽيم کٽي. انھئ مئچ جو تفصيل يوٽيوب تي به موجود آھي. 22.11.1948: پاڪستان جي وزير اعظم ڍاڪا ۾ تقرير ڪندي چيو ته پاڻ کي پٺاڻ, پنجابي, بلوچ ۽ بنگالي سڏرائڻ بدران پاڪستاني سڏايو. 22.11.1963: ٽنڊي ڄام ۾ ”ايٽامڪ انرجي ايگريڪلچر سينٽر" جو افتتاح ڪيو ويو. 22.11.1971: انڊيا اڄ اوڀر پاڪستان ۾ ڀرپور جنگ جو آغاز ڪيو. 22.11.1983: صدر ضياء الحق اعلان ڪيو ته نه تڪڙيون چونڊون ٿينديون ۽ نه وري گول ميز ڪانفرنس ڪري سياستدانن سان ڪي ڳالهيون ٿينديون. *************** 22 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: *************** 22 نومبر 1842ع پير سيد حزب الله شاهه تخت ڌڻي (پير ڳوٺ) واري جو جنم ڏينهن آهي۔ 22 نومبر 1879ع ليکڪ رام داس لاکاڻي (ٺٽو/ احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 22 نومبر 1923ع شاعر رحيم بخش قمر جو جنم ڏينهن آهي۔ 22 نومبر 1828ع شاهه مردان شاهه (ثاني) پير پاڳاري جو جنم ڏينهن آهي. 22 نومبر 1930ع مشهور سنڌي ليکڪ موهن ڪلپنا (ڪوٽڙي/ الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 22 نومبر 1930ع شاعر منوهر بيدي عاجز (ڪنڊيارو/ الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 22 نومبر 1946ع صحافي تيرٿداس اميراڻئ جو جنم ڏينهن آهي۔ 22 نومبر 1948ع اسڪالر شهزادو شيخ جي جنم جو ڏينهن آهي۔ 22 نومبر 1953ع ليکڪ سراج ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي۔ 22 نومبر 1964ع اديب ۽ محقق الطاف جوکيي جو جنم ڏينهن آهي۔ 22 نومبر 1967ع بٺوري سان تعلق رکندڙ صحافي زاهد حسين خوجا جو جنم ڏينهن آهي۔ 22 نومبر 1972ع اداڪار ۽ گلوڪار رياض حسين سومرو جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: ************** 22 نومبر 1953ع اسڪالر ۽ سيرت النبي جي مصنف سيد سليمان ندوئ جو انتقال ٿيو. 22 نومبر 1956ع آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نور محمد شيخ جي وفات ٿي. 22 نومبر 1958عاسڪالر، تعليمدان ۽ محقق شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽوجي وفات ٿي. 22 نومبر 1965ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ ليکڪ احسان بدوئ جي وفات ٿي. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. My Daily Post consists of Birth dates & Death dates of Luminaries and some Events. Birth/Death dates are not included with this Post. However, it is shared in Sindhi on Internet Groups. ************ 1838: Colonel Pottenger requests Lieutenant Chales, commanding the Court's Surveying Brigade, not to leave coast of Sindh until the arrival of the British troops as his experience and study will be very useful for troops. He also advises Messrs Firth & Co, Bombay not to bring his goods into the interior of Sindh and do not proceed to Shikarpur because it would expose him to the risk of being insulted, if not plundered. 1926: The meeting of ladies is held in Theosophical of Karachi. This meeting of more than 110 ladies support co - education, demand teaching of English at Secondary level, including Music and Physical training in the scheme of education. Mrs. Haji Abdullah Haroon, Mrs. Bandhali Kasim and Mrs. N.D. Mallik play vital role in meeting 1927: The Sindh Natural History Society is formed with Commissioner as its president. 1935: Cricket match is played between Austrelia and Sindh at Karachi. Sindh Team is headed by Ghulam Muhammad. The match is won by guest team. 1948: Do not bracket yourself as Sindhis, Punjabis, Bengalis, Pathan or Balochi. Be Pakistani and behave like Pakistanis, asks people, the Prime Minister of Pakistan, Liaquat Ali Khan, in Dhaka Public meeting. 1963: Atomic Energy Agriculture Centre at Tandojam is inaugurated. 1971: India launches an all - out offensive against East Pakistan. 1983: No resumption of political activities in near future, no need of any round table conference, says CMLA Zia. ************** What people write to me: INTERNATIONAAL INSTITUUT VOOR SOCIALE GESCHIEDENIS INTERNATIONAL INSTITUTE OF SOCIAL HISTORY INTERNATIONALES INSTITUT FUR SOZIAL GESCHICHTE INSTITUT INTERNATIONAL D’HISTOIRE SOCIALE Dr Dur Mohammad Pathan, Gul Hayat Institute, Vill: Khair Muhammad Arija, District: Larkana, Sindh, PAKISTAN Amsterdam, Our ref.: 7 September 1998 Your ref.: Dear Dr Pathan, Having reported on my visit to the Gul Hayat Institute, I can confirm that the International Institute of social History (IISH) has been impressed by the considerable efforts made by the Gul Hayat Institute (GHI) over the past eight years in preserving valuable historical material on Sindh society. IISH realizes that you and your family have sacrificed much for the realization of this archive in the village of Khair Muhammad Arija. IISH considers it important that such work should be facilitated in the future. In this spirit, we would like to suggest that GHI and IISH be affiliated to each other. The purpose of this affiliation is to help ensure that material on the history of Sindh and other parts of Pakistan be conserved for future generations. IISH is looking forward to co-operation with GHI in the exchange of information and in other ways that may be of mutual benefit. We trust that this affiliation will lead to a strengthening of the GHI as well as to more scholarly interest in the history of Sindh at the IISH. To this end, we invite you, Dr dur Mohammad Pathan, in your personal capacity as well as in that of Director of the Gul Hayat Institute, to initiate this new co-operation between our Institutes in Sindh. Your Sincerely, Pro. Willem van Schendel Asia Department Cruquiusweg 31 – NL-1019 AT AMSTERDAM – Tel 31-20-6685866 – Fax 31-20- 6654181 ABN – AMRO Bank 41.13.90.805 – Postgiro 4740245

Sunday 20 November 2022

Sindh in history today (21st November). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(21st November). ************* 1. GOOD DAY: *************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [Mountains are beautiful because they are at distance. Sound of drums is enjoy able, if listened from distance. Whoever is more near, cannot remain more dear. Distance is blessing. If it is not maintained, will create differences] دھل جبل ۽ صاحب دوست، سڀ لڳن پري کان پیارا، ویجھو وڃین تہ ورچي پون، تن جا تنھنجا جذبا سارا، گھٹا پئجي وڃن گھارا، نسبت رغبت دعا نیاز سلام ۾ 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. My Daily Post consists of Birthdates & Deathdates of Luminaries and some Events. Birth/Death dates are not included with this Post. However, it is shared in Sindhi on Internet Groups. ************ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 21 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 21.11.1838: برنس اڄ شڪارپور مان ڪرنل پاٽينجر کي خط لکي ٻڌائي ٿو ته کيس مير رستم خان جي وزير ٻڌايو آھي ته مير نور محمد خان حيدرآباد مان جهان خان کي مير رستم علي خان ڏي موڪليو آھي ته جيئن انگريزن سان لاڳاپا رکڻ لاء پاڻ ۾ ھم خيالي پيدا ڪجي. برنس انھئ ڳالھ کي ايئن ٿو پيش ڪري ته جيئن مير نور محمد خان فرنگين خلاف محاذ ٺاهي رهيو هجي. [انگريز ٿوري وقت ۾ پنهنجئ جاسوسئ جو ڄار وڇائي چڪا هئا ۽ ميرن جا خاص ماڻھون فرنگين کي مخفي ڳالهيون ٻڌائيندا هئا. مير رستم علئ جي وزير غوري جو نالو ان سلسلي ۾ ڳڻائي سگهجي ٿو] 21.11.1838: لالا آسانند مير رستم علي خان طرفان حيدرآباد دربار ۾ نمائندو مقرر ٿيل هو. هن برنس کي ٻڌايو ته حيدرآباد مان مير نور محمد خان محمد خان کي خيرپور موڪليو آھي جيئن مير رستم علئ کي وڃي ڏوراپا ڏئي ته تون منهنجي ڪيترن خطن جو جواب نه ڏنو آھي ۽ اهو به نه ٿو ٻڌائين ته انگريزن سان لاڳاپن رکڻ لاء اسان جي ڪهڙي هڪ جهڙي حڪمت عملي هجڻ گهرجي. 21.11.1856: جڏهن ليفٽيننٽ فورڊ اپر سنڌ جو ڪليڪٽر هئو ته هن سرڪار کي سفارش ڪئي ته لاڙڪاڻي واري گهاڙ واه ۾ اضافي ڪرڻ لاء ان جي کوٽائي ڪرائي وڃي. [ياد رهي ته سرڪار گهاڙ واه جي کوٽائي ڪرائي ۽ اهو لاڙڪاڻي کان شھدادڪوٽ تائين آبي رستو بڻجي ويو ۽ ان ۾ ٻيڙيون هلنديون ھيون. فورڊ جي نالي پٺيان ڪجھ وقت گهاڙ واه کي "فورڊ واه" به سڏيو ويو. 21.11.1840: فرنگي نه چاهيندا هئا ته ڪو غير انگريز سنڌ ۾ قدم رکي. فرنگين کي ڊپ هوندو هو ته روس, فرانس ۽ ايران هندوستان تي حملو ڪري فرنگين جا ٿڏا پٽرائي. ان ڪري فرنگي ڪنھن ٻئي ملڪ جي ماڻھونء کي جاسوس سمجهندا هئا. هنن ڏهاڙن ۾ ميسن Masson نالي آمريڪي سياح سنڌ ۾ آيو ته فرنگين جون ننڊون ڦٽي ويو. سنڌ ۾ مقيم فرنگي سفارتڪارن ۽ سندن حڪومت وچ ۾ انھئ مسئلي تي خط و ڪتابت جو طويل سلسو شروع ٿي ويو. 21.11.1932: ڪراچئ ۾ مسلمان اڳواڻن جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ جي.ايم.سيد, حاجي عبدالله هارون ۽ علامه آء. آء. قاضئ جا نالا ذڪر لائق آھن. اڳواڻن علامه آء.آء.قاضئ جي تجويز تي غور ڪيو ته سنڌي مسلمانن جي ترجمانئ لاء ڪا انگريزي اخبار ڪڍجي. پر گهربل موڙئ کي پورو ڪرڻ مسئلو بڻجي پيو ۽ اخبار ڪڍڻ واري آس پوري نه ٿي سگهي. 21.11.1932: محمد ايوب کهڙي علامه اقبال کي تار ڪئي ته "گول ميز ڪانفرنس" ۾ سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ واري اسان جي مطالبي جي حمايت ڪريو. 21.11.1947: انڊيا حڪومت نواب مشتاق احمد گرمانئ تي الزام هنيو ته هو بهاولپور ۾ هند-مسلم فساد ڪرائي رهيو آھي. *************** 21 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 21 نومبر 1956ع ليکڪ ۽ شاعر استاد لغاريجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 نومبر 1965ع شاعر علي محمد درد (قاضي پير محمد) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 21 نومبر 1991ع هالا سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ ليکڪ غلام محمد قريشي جي وفات ٿي. 21 نومبر 1996ع نوبل انعام يافته پاڪستاني سائنسدان عبد السلامجي وفات ٿي. 21 نومبر 2015ع مدبر سياستدان، شاعر ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم محمد امين فهيم جو لاڏاڻو ٿيو. 1932: Haji Abdullah Haroon, G.M.Syed, Alama I.I.Kazi and other Muslim leaders meet to consider about starting/founding daily English Newspaper for Sindhi Muslims. But the idea is not materialized because required amount can not be collected. The fact was that the idea was brain child of Alama I.I.Kazi and supported by business minded leaders. It failed because Upper Class had nothing to do with these things. 1932: Muhammad Ayub Khuhro writes to Alama Iqbal requesting him to support Sindh separation case in the Round Table Conference. 1947: Nawab Mushtaq Ahmad Gurmani is blamed by India that he is creating conditions of Hindu - Muslim roits in Bahawalpur state, where he is heading Govt. as its Prime Minister. 1950: The meeting of Jamait-i-Islami, Jinnah Muslim League, Azad Pakistan Party, J.U.I & Ahl-i-Hadith resolve to oppose anti-people policies of Punjab Government. 1958: 30th of November is fixed by Government to surrender false claims pertaining to rural and urban properties. 1968: The United States ambassador to Pakistan discloses that the dismantling of the USA Communication Unit in Badaber, near Peshawar would begin in January 1969. 1993: Army will stay in Sindh and will continue the Operation Clean-up, says Benazir Bhutto, Prime Minister of Pakistan.

Saturday 19 November 2022

Sindh in history today (20th November). By. Dathan

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 20 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 20.11.1831: انگريز جڏهن اوڀر سنڌ کان سنڌ ۾ داخل ٿيندا هئا ته سڀ کان سوڍن سندن دڳ روڪيا ۽ انھن کي لٽڻ ڦرڻ شروع ڪيو. فرنگي نمائندن ميرن کي دانھون ڏنيون. ان جي نتيجي ۾ ميرن نواب غلام شاه کي جڳت سنگ سوڍي ۽ پونجاجي سوڍي کي مت ۽ مات ڏيڻ لاء مٿن چڙھائي ڪرڻ لاء موڪليو. 20.11.1835: ڪرنل پاٽينجر اڄ لڌيانه جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪئپٽن Captain.Wade کي لکيو ته تو جيڪي ٻيڙيون موڪليون هيون, انھن کي هٿي ميرن روڪي ڇڏيو آھي. [ان ڪري مال بردارئ ۾ مشڪلات پيدا ٿي پيون آھن] 20.11.1850: جيتوڻيڪ ڏکڻ سنڌ ۾ فرنگي حڪومت جو ڏهڪاء ھئو, پر پوء به اتر سنڌ ۾ انگريزن جي عوام طرفان مخالف ٿيندي رهي. خيرپور رياست ۾ جڏهن چوري ٿيندي هئي ۽ پڪڙجڻ کان پوء چور تي ڏنڊ مڙھيو ويندو ته جنهنجي چوري ٿيندي هئي, ان کان چوري موٽائڻ وقت ڪجھ رقم ورتي ويندي هئي. عوام انگريزن جون چوريون ڪيون ته چوري واپس ٿيڻ تي هنن کان به ڪجھ نه ڪجھ ورتو ويندو. ان تي سنڌ جي ڪمشنر خيرپور حڪومت کي گذارش ڪئي ته اسان جي ماڻھن کان ڪجھ به نه وٺو. 20.11.1856: جڏهن سنڌ جون حالتون انگريزن جي حق ۾ نه هيون ته مير علي مراد خان هنن لاء ڇپر ۽ ڇانو بڻيو. سندس انهئ انگريز-دوستئ تي ٻيا مير خوش نه هئا. پر مير علي مراد ڪنھن جي پرواه نه ڪئي ۽ انگريزن سان سهڪار ڪيائين. پوء جڏهن مياڻئ جي لڙائئ بعد ڏکڻ سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت قائم ٿي ته فرنگين مير علي مراد کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هن مٿان انڪواريون ڪرايون. مير علي مراد خان انهئ زيادتئ خلاف راڻئ سان انگلنڊ ملڻ ويو, پر اتي به سوڀيارو نه ٿيو. اڄ مير علي مراد خان ڪمپني حڪومت جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽر کي لکيو ته مون ۽ فرنگي حڪومت وچ ۾ پيدا ٿيل اختلاف اسان جي لاڳاپن ۽ دوستئ تي اثرانداز ٿيڻ نه ڏيندس. 20.11.1919: لاڙڪاڻي ۾ 1884 کان وٺي لاهوري خاندان جي سياست ۽ سماج ۾ وڏو اثر رهيو. پر خلافت تحريڪ هن خاندان جي سياسي طور تڏا ويڙھ ڪئي. حاجي امير علي لاهوري "لاڙڪاڻه انجمن" جو صدر هو ۽ ميان علي محمد قادري انجمن جو نائب صدر هو. خلافتي اڳواڻن انھئ انجمن ۾ بغاوت جو ٻج ڇٽيو. ان ڪري انجمن جي صدر ۽ نائب صدر کان سواء انجمن جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ جي.ايم غلام علئ کي صدر, سيٺ خداداد سرهيئي کي نائب صدر, جان محمد جوڻيجي کي سيڪريٽري ۽ اي جي پيرزادي کي قانوني صلاحڪار چونڊيو ويو. *************** 20 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 20 نومبر 1903ع تاريخدان ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشيجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 نومبر 1911ع ناول نگار رام پنجواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 نومبر 1920ع تعليمي ماهر ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر محمد الياس ابڙوجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 نومبر 1926ع سياستدان سيد ظفر علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 20 نومبر 1941ع اردو جي ليکڪا ۽ ڊراما نويس حسينه معين جو جنم ڏينهن آهي. 20 نومبر 1941ع نامياري آبپاشي ماهر ۽ ليکڪ ادريس راجپوتجو جنم ڏينهن آهي. 20 نومبر 1951ع نامياري شاعر عبد الغفار تبسم جو جنم ڏينهن آهي. 20 نومبر 1977ع شاعر نبي بخش ساحل جو جنم ڏينهن آهي. 20 نومبر 1977ع صحافي الهه بخش ڪنڀر جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: ************** 20 نومبر 1928ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻ سيٺ سوڀراج چيتو مل ديهانت ڪري ويو. 20 نومبر 1958ع ليکڪ خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي وفات ٿي. 20 نومبر 1967ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد نورنگزادو جو انتقال ٿيو. 20 نومبر 1967ع شاعر امير بخش نظر سنڌئ جي وفات ٿي. 20 نومبر 1984ع اردو جي مشهور ترقي پسند شاعر فيض احمد فيضجو انتقال ٿيو. 20 نومبر 2009ع سياستدان، اڳوڻي وزير اعلى ۽ نگران وزيراعظم غلام مصطفى جتوئئ جو انتقال ٿيو. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(20th November). ************* 1. GOOD DAY: *************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [Dear! You are absolute reality and not any shadow. Do not follow shadows in name and search of any ideal, leader or beloved. No one is second to none in beauty & love, vision & wisdom like you. You are role model and play your role as my an ideal] ھي پاڇا ھلن پاڻ سان، یا خود پاڇن سان ھلجي؟ بي خبرا جت برہ کان، سرت ڪڏھن نہ ات سلجي، پاڻ کٹي پوء پلجي، پر رکجي ریت دعا سلام جي 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. My Daily Post consists of Birthdates & Deathdates of Luminaries and some Events. Birth/Death dates are not included with this Post. However, it is shared in Sindhi on Internet Groups. ************ 1835: Colonel Ponttenger vide his letter No.92 informs Captain Wade, Political Agent of Ludhiyana that boats send by him to Sindh have been detained on Indus by Sindh rulers . 1919: It is turning point In the political history of Larkano. Lahori's family is being challenged by Khilafatees. The meeting of the Anjuman of Larkano is held without its president (Haji Amir Ali Lahori) and Vice President (Mian Ali Muhammad Qadri) and following are elected office - bearers: G.M.Ghulam Ali (President), Seth Khudadad Surhio (V.P), Jan Muhammad Junijo (Secretary) and A.G.Pirzado (Legal Advisor). 1948: Prime Minister Liaquat Ali Khan assures Bengalis in Public meeting in Dhaka that Justice and equal opportunities will be provided to all without discrimination.

Friday 18 November 2022

Sindh in history today (19th November). By.Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(19th November). ************* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 19 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 19.11.1838: پاٽينجر اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي خط لکي ٻڌايو ته مير نورمحمد جو خاص ماڻھو سيد اسماعيل شاه ڪوشش ڪري رهيو آهي مون ۽ مير وچ ۾ پيدا ٿيل رنجشون گهٽائي. هن مون سان ملاقات دوران چيو ته ذري گهٽ سڀني ڳالهين تي مير ۽ اوهان وچ ۾ اتفاق ته ٿي چڪو آھي ۽ باقي ڪجھ گذارشون ڪيان ٿو, انھن جو اوهان تدارڪ ڪريو. اسماعيل شاه چيو ته:1). اسان کي پڪ ڏيو ته پنجاب ۽ افغانستان اسان لاء خطرو نه ٿيندا, 2). اوهان جو ڪو به فوجي درياه جي هن پاسي نه ايندو, 3). اسان کي معاهدي جي ٻن شقن تي اعتراض آھي. ان لاء اسان جي وڪيل کي وائسراء ملڻ ڏنو وڃي. اسماعيل شاه وڃڻ وقت مون سان خلاصو ٿي ڳالهايو ۽ چيو ته مان ۽ منھنجو خاندان انگريزن جا وفادار آھيون. 19.11.1838: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ پاٽينجر کي لکيو ته حيدرآبادي ميرن جو رويو مايوس ڪندڙ آهي. مير نور محمد پنهنجي لاء کڏو کوٽي رهيو آھي. شاه شجاع سان وعدو ڪري به هن کي ڏن ڏيڻ کان ڪيٻائي رهيا آھن. منھنجو خيال آھي ته ڏکڻ سنڌ جي حڪمراني مير صوبدار کي ڏجي. 19.11.1933: حڪيم فتح محمد سيوهاڻئ ۽ سندس ادبي سنگت طرفان قائم ڪيل "سنڌي سڌار سوسائٽئ" فرفان غلام علي چاڳلا جي صدارت ۾ ڪراچي اڪيڊمي هال ۾ مشاعرو ٿيو. هئ طرحي مشاعرو نه هو, ليڪن شاعرن کي "قادر جي قدرت" جو موضوع/عنوان ڏنو ويو هو. 19.11.1938: سنڌ مسلم ليگ جي آرگنائيزنگ ڪميٽئ جي ميمبر محمد ايوب کهڙي جي صدارت هيٺ ميهڙ ۾ حاجي خان وڪيل جي جاء تي مسلم ليگ جي گڏجاڻي ٿي ۽ ان عهديدارن جي چونڊ ڪئي وئي. 19.11.1968: ايوب شاهئ لاء باه اولھ پاڪستان مان ٻري ۽ ان ۾ اڄ اوڀر پاڪستان به شامل ٿيو. ڍاڪا ۽ ٻين شھرن ۾ حڪومت-مخالف جلوس ڪڍيا ويا. 19.11.1969: پاڪستان ۽ يو.ايس.ايڊ USAID وچ ۾ معاهدو ٿيو, جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي 20 ملين $ جو ڀاڻ مهيا ڪيو ويندو. سنڌ جي حقن جي حفاظت جي ڳالھ ڪندڙن ڪڏهن عوام کي ڪونه ٻڌايو آھي ته پاڪستان کي سندس ٺھڻ کان وٺي اڄوڪي ڏينھن تائين ٻين ملڪن مان ڪيتري امداد ملي ۽ ان مان سنڌ کي ڪيترو ونڊ مليو. ************** { 19 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 19 نومبر 1917ع هندستان جي اڳوڻي وزيراعظم اندرا گانڌي جو الهه آباد ۾ جنم ٿيو. 19 نومبر 1922ع شاعر نندي لال مڌوڪر (شڪارپور/ بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 19 نومبر 1936ع ليکڪ نانڪ مدناڻي (روهڙي / نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 19 نومبر 1938ع اداڪار ۽ ليکڪ واسديو سنڌو ڀارتي (حيدرآباد / جئپور) جو جنم ٿيو. [وڇوڙو]: 19 نومبر 1799ع بزرگ سيد محمد عابد (ثاني) جيلاني جو انتقال ٿيو. 19 نومبر 1924ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ سياستدان الو مل ٽيڪم داس جي ديهانت ٿي. 19 نومبر 1957ع ناليواري سياستدان سر شاهنواز ڀٽو(ذوالفقار علي ڀٽو جو والد) جي وفات ٿي. 19 نومبر 1968ع اسڪالر ۽ شاعر سيد لطف الله بدوي(شڪارپور) جي وفات ٿي. 19 نومبر 2008ع ريڊيو ڊائريڪٽر سيد الهه بخش شاهه بخارجو انتقال ٿيو. 1. GOOD DAY: *************** Dr. Pathan wishes you Good Day. [ I have lost myself in your beauty but, have found you in me. You are in my mind & heart. Who am I? Do you want to know? Now, I am you. Come on and witness light of your love and see me in brightness of your beauty.] هئ منهنجو تن من روح وجود آھي اولڙو تنهنجئ سونهن سندو, بادل تنهنجي بره جو تو بن سدا هنن نيڻن مان هر پل وسندو, تو بن پري رهي نہ سگهندو, آء اچي ڏس اثر سندء سونهن جو. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation ************ 1838: The Governor - General of India is not happy with policy of Sindh rulers and terms it as continued treachery. He has also observations about their releases of contribution for Shah Shuja -ul- Mulk. 1928: The Star players stage drama 'Sidhartha' in Karachi. Hamayun Mirza, Sheren Mirza and Principal Goklay play part of Sidhartha, Student and Shidondha respectively. The music is composed by A.G.Chagla. 1938: The meeting of the Organizing Committee is held in Mehar with K.B.Khuhro in chair and Haji Khan Advocate as host. In this meeting office - bearers of the Mehar Muslim League are elected. 1944: Agha Ghulam Nabi, Vice President of the Sindh Muslim League is awarded party ticket to contest for election on the vacant seat of Sindh Assembly. Part2 1966: 'Pakistan is a modern miracle and has no parallel in world', says British Secretary of State William Ross. 1968: East wing of Pakistan also joins the protest way against Ayub - Shahi. Students take out processions demanding unconditional release of all political detenus and restoration of democracy. Z.A.Bhutto is also in jail and is shifted to Sahiwal. 1969: Pakistan and U.S Agency for International Development (USAID) sign a ¤ 20 million loan agreement for supply of fertilizer to Pakistan. 1981: The U.S full house foreign affairs committee approves the sale of F - 16 Jets to Pakistan.

Thursday 17 November 2022

Sindh in history today (18th November). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(18th November). ************* 1. GOOD DAY: *************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [You will not be accepted & respected as what you are. But, will be termed and treated as desired & required by others. Dear! Try to be, what you are. Do not destroy yourself for want of pleasing others. You can't please others at or on any cost] مڃیندء پنھنجئ مرضئ موجب، جو تون آھین یا ناھین، تن لاء ڪجھ بہ ناھین، پوء متقي محبتي آھین يا سڏائین،‏ چنڊ تارا کٹي اڀ مان لاھین، يا سیس نمائین سلام سان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 18 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 18.11.1838: سنڌ جي حڪمرانن انھئ ڳالھ تي رضامندو ڏيکاريو ۽ اجازت ڏني هئي ته فرنگين جي فوج سنڌ مان گذري ڀلي افغانستان وڃي. اڄ پاٽينجر ايندڙ فوج جي انچارج کي خط لکي ٻڌايو ته اوهان ڪنهن خوف خطري ۽ خدشي کان سواء وڪر ۾ اچي ڊاٻو ڪيو. اوهان جي ڪٿي به رستي روڪ نه ٿيندي. هو وڌيڪ لکي ٿو ته مان اوهان جي سار سنڀال لاء ليفٽيننٽ ايسٽ وڪ کي وڪر موڪليو آھي. اوهان جيڪڏهن سندس پهچڻ کان اچي ويا ته مون اتي جي برٽش ايجنٽ کي چئي ڇڏيو آھي ته هو اوهان جو خيال رکي ۽ ٻيڙين ۽ ٻئي سامان جو بندوبست ڪري. اسان اوهان لاء اڳ ئي 500 اٺن جو بندوبست ڪري ڇڏيو آھي. 18.11.1842: نڀاڳو نيپيئر هن وقت سکر ۾ آھي ۽ بد نيتي اٿس ته اڏري وڃي حيدرآباد وڃي ميرن سان ٻه پاڻي ڪريان. ان حوالي سان اڄ گورنر جنرل کي لکي ٿو ته سنڌوندئ جو پاڻي تانگهو ٿي ويو آھي. مان ريگستان مان يا سنڌوندئ ڀرسان رستي تان ڪوچ ڪريان. ميرن جون خبرون ملن ٿيون ته سندن خزانو خالي ٿي رهيو آھي ۽ هاڻي پنهنجئ فوج کي پالڻ ھنن لاء مسئلو ٿيندو. ڪيترا ويڙهاڪ هنن کي ڇڏي ويا آھن. سئ سان تپ اسان لاء مسئلو ٿي پيو آھي ۽ ميرن لاء به. هئ هتي انھئ بخار جي مند آھي. مان پنهنجي سپاهين لاء طبي سهولتون مهيا ڪري رهيو آھيان. حيدرآبادي ميرن جا خط موڪليان ٿو, جيڪي اسان پڪڙيا آھن. اهي خط هنن ڀر پاسي وارن کي اسان خلاف اتحاد قائم ڪرڻ لاء لکيا آھن. 18.11.1917: لاڙڪاڻي ۾ ”سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ جي شاهنواز خان ڀٽي جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته جماعت جو هڪ وفد آئيني سڌارن بابت پنهنجو موقوف پيش ڪرڻ لاء مانٽيگو سان ملي يادداشت نامو پيش ڪندو. وفد ۾ خانبهادر الهندي شاه, خانبھادر پير بخش ڀٽي, غلام حسين ۽ ٻين ستن زميندارن کي شامل ڪيو ويو. [سنڌ محمدن ائسوسيئيشن جي هن گڏجاڻئ جي مڪمل رپورٽ گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. 18.11.1920: مقامي خلافت ڪميٽئ جي اهتمام سان ڏوڪرئ ۾ عوامي ميڙاڪو ٿيو. آخر ۾ ٺھراء پاس ڪري مولوي عبدالڪريم چشتئ, مولوي مولاداد ۽ ڀڳوانداس جي وطن ۽ تحريڪ لاء ڏنل قربانين ۽ جيل ڀوڳڻ تي سندن واکاڻ ڪئي وئي ۽ حڪومت طرفان خلافيتن خلاف ٿيندڙ ظلم زيادتن جي مذمت ڪئي وئي. 18.12.1933: ڪراچئ ۾ ”بزم ادب" طرفان مشاعرو ٿيو, جنهن جي مصرع طرح ھئي: "هئ زندگي اسان جي مثل - حباب آهي". هن مشاعري ۾ ذاتي يا قلمي طور تي حصي وٺڻ وارن ۾ ڪجھ ھئا: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي, لعلچند مجروح, هدايت علي نجفي, قادر بخش بشير, حاجي محمود خادم, محمد بخش واصف ۽ غلام احمد نظامي. 18.11.1966: صدر ايوب انھئ ڳالھ کي مڃيو ته وڏا ملڪ مفت ۾ امداد نه ڏيندا آھن. امداد ڏيڻ وقت سياسي مفاد سندن ذھن ۾ ھوندا آھن. 18.11.1972: انڊيا ۽ بنگلاديش انھئ ڳالھ تي راضي ٿيا ته سولين جنگي قيدي پاڪستان کي واپس ڪبا. 18.11.1981: سکر جي سيشنس ڪورٽ ڇهن حرن کي مارڻ واري ڪيس تي فيصلو ڏيندي 9 ملزمن کي ڦاهئ جي سزا ٻڌائي. ياد رهي اهي حر 6 آڪٽوبر 1973 تي ماريا ويا هئا. 18.11.1992: منع ۽ سختئ باوجود ڪنھن نه ڪنهن طريقي سان بينظير ڀٽو اسلام آباد مان نڪري لياقت باغ وڃي جلسي کي خطاب ڪيو. پوء کيس جهلي زورئ ڪراچئ اماڻيو ويو. ************** {18 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} جنم ڏينهن: 18 نومبر 1822ع حيدر آباد سان تعلق رکندڙ آزادي تحريڪ جي اڳواڻ هريچند گنگا رام جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 نومبر 1828ع ليکڪ ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر مينگه راج تلريجا (شڪارپور / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 18 نومبر 1965ع جوهي سان تعلق رکندڙ شاعر خليل عارف سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 18 نومبر 1968ع شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر عزيز منگي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 18 نومبر 1907ع صوفي شاعر فيض دريا شاهه جي وفات ٿي۔ 18 نومبر 1970ع تعليمي ماهر خانبهادر ڪي بي نورالدين نانا (ڪراچي) جي وفات ٿي۔ 18 نومبر 1976ع مذهبي اسڪالر ۽ شاعر مولانا عبدالغفور طوفان جي وفات ٿي۔ 18 نومبر 1979ع شهداد ڪوٽ سان تعلق رکندڙ عالم ميان عبدالحليم ميڪڻ لاڏاڻو ڪري ويو۔ 18 نومبر 1982ع اديب، نقاد ۽ شاعر ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل جو انتقال ٿيو. 18 نومبر 1983ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ مزدور اڳواڻ پوهومل ديهانت ڪري ويو۔ 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation ************ 1838: Colonel Pottenger suggests his Govt. that British troops shall land at Vicar and must take control of Karachi (as who so ever will control Karachi, will rule Sindh without any difficulty.). 1856: Major Goldsmid remained Assistant Commissioner for Jagers and was from Military side. He was not good books of John Jacob. When Jacob became Acting Commissioner, Major Goldsmid today tenders his resignation from civilian post. 1917: Special meeting of the Sindh Muhammadan Association is held at larkana and it is decided that K.B. Allah Ando shah, K.B.Pir Bux Bhutto and eight landlords will present Memorandam to Montegu on constitutional reforms. 1920: Dokri Khilafat Committee helds public meeting on the eve Eid Milad -u- Nabi (P.B.U.H). Speakers pay homage to Moulana Chishti, Moulana Mouladad and Bhagwandas for their sacrifices. They are prisoners at present. Part2 1947: A deputation will be sent to India so as meet Sindhi Hindus and insist them to return back to Sinh, says Khuhro, chief minister of Sindh. 1952: Jinnah Awami League advises Pakistan Govt, not follow provincial quota policy but make appointments on merit so as educated can get the government service. 1966: Aid by Big powers is always conditional and interest - oriented, say President Ayub. 1981: Sukkur Sessions’s court announces its judgment in murder case of six Hurs. Nine accused persons are sentenced to death. 1992: Benazir Bhutto is stopped to proceed from Islamabad to Liaquat Bagh Rawalpindi. However she manages and addresses public meeting. She is arrested and deported to Karachi.

Wednesday 16 November 2022

Sindh in history today (17th November). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(17th November). ************* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 17 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 17.11.1838: ڪرنل پاٽينجر اڄ حيدرآباد مان خيرپور برنس کي مير نور محمد ۽ مير نصير خان جا سنڌ مان اناج ۽ اٺ خريد ڪرڻ بابت جاري ڪيل پروانا ۽ 30 هزار روپين جون هنڊيون ڏياري موڪليون ۽ کيس تاڪيد ڪيو ته اٺن ۽ اناج جي خريداري شروع ڪريو. 17.11.1838: برنس اڄ مير رستم علي خان کي لکيو ته اوهان طرفان ڪمال خان خط ۽ مخفي نياپو کڻي آيو آھي. خوشئ جي ڳالھ آھي ته اوهان اسان سان دوستئ وارو معاهدو ڪرڻ گهرو ٿا. اسان اوهان سان اهو معاهدو ڪنداسين جو اوهان ۽ اوهان جو خاندان خوش ٿي ويندو. چار ڏينھن اڳ مون دريا خان جيلانئ ۽ خير محمد خان غورئ هٿان توڏي نياپا ڪيا آھن. پڪ ته اوهان کي سربستو حال احوال مليو هوندو. 17.11.1904: سيٺ ھرچندراء وشنداس اڄ ٻن ڏينھن جي دوري تي لاڙڪاڻي پهتو. هن ضلعي جي نامور هندو اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ۽ کين "سنڌي هندو سڀا" ۾ شامل ٿيڻ ۽ انھئ پارٽئ کي فعال بنائڻ جي پارت ڪئي. 17.11.1919: سرڪار "روولٽ ائڪٽ“ وارو ڪارو قانون لاڳو ڪري,هندستان جي ڪيترن اڳواڻن جي چرپر تي پابندي لڳائي. اڄ حيدرآباد ۾ ”ھوم رول ليگ" جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ سرڪار کان مطالبو ڪيو ويو ته بپن چندرپال ۽ تلڪ تان پنجاب وڃڻ تي لڳايل پابندي هٽائي وڃي. 17.11.1939: سنڌ سرڪار "مسجد منزلگاه بحالي تحريڪ" جي سختگير اڳواڻن کي گرفتار ڪيو, جن ۾ جي.ايم.سيد ۽ آغا نظر علي به شامل هئا. حڪومت زور تي "مسجد منزلگاه" جو قبضو به پنھنجي هٿن ۾ ورتو. حڪومت جي انھئ سخت قدم مامري کي وڌائي ڇڏيو. ان جي نتيجي ۾ ھن تحريڪ جي موافقت ۽ مخالفت چوٽ چڙھي وئي, جنھن ۾ 151هندن ۽ 14 مسلمانن کي پنهنجئ حياتئ تان هٿ کڻڻو پيو. جي.ايم.سيد جي گرفتارئ کان پوء رد عمل طور دادو ۽ لڪئ جي وچ ۾ ريل جون ڪن هنڌن تان پٽڙيون به اکاڙيون ويون ۽ ٽيليفون جون تارون به ڪٽيون ويون. 17.11.1947: سرڪار پڌرو ڪيو ته اڄوڪي ڏينھن تي ڀارت مان 80 هزار پناهگير پهچي ويا آھن. 17.11.1950: پير الاهي بخش گهر ڪئي ته لالوکيت (لياقت آباد) ۾ پناهگيرن کي ترت شهري سهولتون مهيا ڪيون وڃن. 17.11.1958: علامه مشرقئ تي ڊاڪٽر خانصاحب کي قتل ۾ ڪيس ھلندڙ ھو. اڄ کيس آزاد ڪيو ويو. 17.11.1971: اڄ اوڀر پاڪستان جي گادئ واري شهر ڍاڪا ۾ ڪرفيو لڳائي گهر گهر تلاشي شروع ڪئي وئي. 17.11.1972: سنڌ اسيمبلئ اڄ ”ٻولئ وارو بل" پاس ڪيو, جنهن ۾ ڪراچئ جي گهٽين ۾ ٿڏيو ويو. 17.11.1988: ضياء الحق جي موت کان پوء ٿيل ڪالهوڪين قومي اسيمبلئ جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽئ 92, آء.جي.آء 54 ۽ آزاد اميدوارن 40 سيٽون کٽيون. *************** 17 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: ************** 17 نومبر 1894ع آزادي جي تحريڪ جي سرگرم اڳواڻ ۽ واپاري طيب علي علوي جو جنم ڏينهن آهي. 17 نومبر 1925ع شاعر نوتن داس ساگر جو جنم ٿيو. 17 نومبر 1939ع شاعر سيد لعل شاهه سوز جو جنم ڏينهن آهي. 17 نومبر 1952ع نامياري گلوڪاره رونا ليلىجو جنم ڏينهن آهي. 17 نومبر 1957ع شاعر غلام نبي مشتاق جو جنم ڏينهن آهي. 17 نومبر 1959ع گهوٽڪي جي صحافي سيد اصغر علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي. ************** وڇوڙو: ************** 17 نومبر 1956ع شاعر شيرل باڊاهي جي وفات ٿي. 17 نومبر 2007ع سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۽ فلمن جي امر اداڪار شفيع محمد شاههجو ڪراچي ۾ دل جي دوري سبب انتقال ٿيو. 17 نومبر 2010ع سنڌي ۽ اردو ڊرامن جي ٽي وي پروڊيوسر فيض ٻگهيو جو انتقال ٿيو. 17 نومبر 2012ع انتها پسند هندو تنظيم شيوسينا جي اڳواڻ بال ٺاڪري جي وفات ٿي آهي. 1. GOOD DAY: *************** Dr. Pathan wishes you Good Evening. [Is it not amazing that everybody claims to be the most beautiful and wisest one in the world, and in spite that he/she is in problem and is problem himself/herself?. It is because, we expect & demand for ourselves, but regret to love & respect and give & forgive others] بکیو ھر ڪو ھت برہ جو، پر سڀ ڪو حسن عقل- ڌٹي، ڪجه بہ ایئن ناھي ملٹو، جي نہ قبوليون ڳڻ اوڳڻ گڏ کٹي،‏ پوءِ ڇو ڪجي نہ ھنڌ ھٹي، معافيءَ تلافيءَ دعا سلام سان.‏ 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation ************ 1838: Captain Burns meets Mir Rustom Khan and discussed with him the draft of treaty. 1904: Seth Harchandrai Vishindas is on two day tour of Larkana. He meets Lalchand Navalrai and other Hindu leaders and asks them to help him in opening the Sindh Hindu Sabha. 1919: The Hyderabad Home Rule League in its meeting adopts resolution requesting Government to remove restrictions on Messers Bipin Chandarpal and B.G.Tilak from visiting Punjab, and allow Lala Lajpatrai and Harriram to return to India. The meeting is held in Holmsted Hall with Hiranand Santokram in chair. 1939: Sindh Government takes action against Masjid Manzalgah agitators. G.M.Syed, Agha Nazar Ali and others are arrested and the control of the mosque is taken by force. It proved to be beginning of the terrible violence and ended with death of 151 Hindus and 14 Muslims. 1947: Eighty – thousand Indian Muslims reach Pakistan. 1950: Pir Illahi Bux demands civic facilities for Lalu Khet (now Liaquatabad) where Indian Muslims migrants are facing problems. 1958: Allama Mashrqi is set free by the court as accused in the murder of Dr.Khan sahib. 1971: Curfew is imposed and house to house search is made in Dhaka. 1972: Language bill is passed by the Sindh Assembly. 1979: The founder of the Jamait –i- Islami, Moulana Maududi breaths his last. 1984: India recalls its envoy from Islamabad over diplomatic row. 1988: PPP secures 92, IJI 54 and Independents 40 national assembly seats. Result is declared by the Election Commission of Pakistan.

Tuesday 15 November 2022

Sindh in history today (16th November). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(16th November). ************* 1. GOOD DAY: *************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [Sacrifice can not be offered by selfish people. Ideal people set trends in this regard so as to pave way to accept & respect Human-beings without discrimination. It is their sacrifice that protect & propagate love, beauty & peace of the society and for the society] قرباني قدرن نظرين لاء، جيئن بنجر بر لاء آب ، نہ سمجھن جي راز ، تن جي سرت ۽ سونھن عذاب، پر انھن کوڙ کٽیو ثواب، جي ھلن نیاز سلام سان 2. IMPORTANNT EVENTS: History: 1843: The Collector of Karachi is asked by the Bombay Government to report reasons which actuated him to withdraw the concession given by Talpur Government to Syeds of Thatta. 1845: Zangi Khan Talpur, the last surviving brother of Mir Sohrab Khan is dead. The Sindh Commissioner requests the Bombay Government that a portion of Rs.100 per month be granted to the mother and Rs 200 to Mir Allah Dita for himself and support of the family. 1920: Daily Al – Wahid in the course of article ask people to boycott Council Election and not to vote any candidates, because they will bow before anti – I – people government. 1923: It is the first day of the “Jazeerat –ul- Arab Week” in Sindh. The week is being observed to voice for the political freedom of Arabs and to condemn the British policy on the subject. 1936: In a meeting headed by Sir Ghulam Hussain, party matters are discussed and K.B. Khuhro and Yar Muhammad Junijo are appointed to organize “Sindh Muslim Political Party” in Larkano and Dadu districts. The meeting is held at Larkano. 1947: Liaquat Ali Khan, Prime Minister of Pakistan says that his government will knock the doors of International Court to get matters between India and Pakistan resolved. 1956: The Executive Committee of the Muslim League asks Pakistan Government to quit Common Wealth. 1960: The Federal cabinet of Pakistan gives consent on the Water Agreement with India. 1962: President Ayub opens the new township north of Karachi which is to accommodate 30,000 families of Panahgeers. 1971: Indian troops moved into East Pakistan and begin to advance towards Dhaka. 1988: General elections are hold in Pakistan. 1989: Nawaz Sharif, the Chief Minister of Punjab opens Bank of Punjab. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 16 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 16.11.1843: ٽالپور حڪمران ٺٽي جي سيدن کي مالي امداد ڏيندا هئا ۽ سيد ان مان مذھبي ۽ سماجي خدمتون سرانجام ڏيندا هئا. ڪراچئ جي فرنگي ڪليڪٽر اها امداد بند ڪري ڇڏي. مامرو وڃي ممبئي حڪومت تائين پهتو. اڄ ممبئي حڪومت کانئس تفصيلي رپورٽ گهري ته ڪهڙن سببن ڪري ٺٽئي سيدن کي ملندڙ مالي امداد بند ڪئي وئي آھي. 16.11.1845: مير رستم علي خان جي خاندان جو زنگي خان ٽالپور گذاري ويو ته سنڌ جي ڪمشنر اڄ ممبئي سرڪار کي سفارش ڪئي ته زنگي خان جي والده کي 100 روپيا در ماه ۽ مير الهڏتي کي 200 روپيا درماه ڏنا وڃن. 16.11.1920: "الوحيد" اخبار اڄ پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ عوام کي صلاح ڏني ته ڪائونسلن جي چونڊن ۾ ووٽ نه ڏين. ڇو ته اهي هڪ ڍونگ آھن. ڪو به چونڊيل نمائندو عوامي امنگن جي ترجماني ڪري نه سگهندو. ان لاء جو سرڪار چونڊيل نمائندن کان سواء ڪائونسل تي پنهنئ مرضئ جا ايترا نمائيندا ٿاڦيندي جو لائق نمائندو عوامي حق ۾ يا سرڪار خلاف ڪو آواز بلند نه ڪري سگهندو. 16.11.1923: سنڌ ۾ ”سنڌ خلافت ڪميٽئ" جي سڏ تي اڄ کان "جزيرت العرب هفتو" ملهائڻ شروع ٿيو. هفتي ملهائڻ جو مقصد اهو هئو ته هڪ طرف عوام کي عربستان ۾ فرنگين جي سياسي چال بابت ڄاڻ ڏني وڃي ته ٻئي طرف حڪومت کان مطالبو ڪجي ته اها "جزيرت العرب" ۾ پنهنجئ مرضئ ۽ مطلب واري سياسي تبديلي نه آڻي. 16.11.1936: سر غلام حسين هدايت الله جي صدارت ۾ لاڙڪاڻي ۾ ”مسلم پوليٽيڪل پارٽئ" جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ محمد ايوب کهڙي کي لاڙڪاڻي ضلعي ۽ يار محمد جوڻيجي کي دادو ضلعي لاء آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. 16.11.1947: پاڪستان جي وزير اعظم لياقت علي خان بيان ڏنو ته جيڪڏهن انڊيا حڪومت اسان سان مامرا سلجهائڻ کان ڪترايو ته اسان انٽرنئشنل ڪورٽ جو در کڙڪائينداسين. 16.11.1956: پاڪستان مسلم ليگ جي "ايگزيڪيوٽو ڪميٽئ" پاڪستان سرڪار کان مطالبو ڪيو ته "ڪامن ويلٿ" مان هٿ ڪڍي. 16.11.1960: ايوب-شاهئ پاڪستان جو نديون انڊيا کي ڏنيون. انھئ "پاڻئ واري معاهدي" جي سندس ڪابينه اڄ منظوري ڏني. 16.11.1962: صدر ايوب اڄ ڪراچئ جي اتر ۾ ”نيو ٽائونشپ" جو افتتاح ڪيو. هن منصوبي جو مقصد اهو هو ته جيئن پناهگيرن ۽ سرحد کان لڏي ايندڙ پٺاڻن جي 30 هزار خاندانن جي آبادڪاري ڪري سگهجي. 16.11.1971: ڀارتي فوج اوڀر پاڪستان ۾ داخل ٿي ۽ ڍاڪا ڏانھن پيش قدمي شروع ڪيائين. 16.11.1988: پاڪستان ۾ عام چونڊون ڪرايون ويون. 16.11.1989: پنجاب جي وڏي وزير نواز شريف "پنجاب بينڪ" جو افتتاح ڪيو. *************** 16 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 16 نومبر 1931ع مشهور تعليمدان ۽ سماجي ورڪر انور الدين شيخ(پنو عاقل) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 نومبر 1942ع ليکڪ پونم چندروملاڻي (حيدر آباد / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1947ع سياستدان رحيم بخش بوزدار(گهوٽڪي) جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1951ع سياستدان انور احمد خان مهر(سکر) جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1952ع اداڪار اشوڪ کتري (الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1963ع ٽنڊي آدم سان تعلق رکندڙ شاعر وسيم سومرو جو جنم ٿيو. 16 نومبر 1963ع باليووڊ اداڪاره ميناڪشي جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1968ع شاعر محمد نواز ناز جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1971ع ڪرڪيٽر وقار يونس جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1975ع شاعر وفا صالح راڄپر جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1975ع ليکڪ ستار سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1998ع شاعر گلزار تبسم (واهي پانڌي) جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 16 نومبر 1946ع شاعر ڪريم ڏنو شڪارپوري جي وفات ٿي. 16 نومبر 1963ع سياستدان، شاعر ۽ مضمون نگار سيد ميران محمد شاه جي وفات ٿي. 16 نومبر 1973ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالحميد قريشي جو انتقال ٿيو. 16 نومبر 1980ع شاعر علي ڏنو شاهه علڻ جي وفات ٿي. 16 نومبر 1980ع حڪيم قاضي عبدالهادي (نوشهرو فيروز) جي وفات ٿي. 16 نومبر 1981ع تعليمدان پروفيسر امينه هاليپوٽو جو انتقال ٿيو.

Monday 14 November 2022

Sindh in history today (15th November). By. Dr.Pathan

G.M.MEHKRI WRITES TO ME: (DR. DUR MUHAMMAD PATHAN) [ I founded Gul Hayat Institute at my Village Khair MuhammadArija, in 1990. My senior friends very kindly remained in my touch and startedappreciating my new move.Dr. G.M.Mehkri was one of them. On 6th ofJune 1991, he sent me letter and that is reproduced here as it covers so manythings: His vision & wisdom, love for new trends and moral support for me.] My Dear Dr. Dur Muhammad Pathan Great congratulations. May your work become the seed of manysuch deliberately small, highly local, intensively interesting, deeply rootedcooperatively uphold (generation after generation )educational, cultural andhistorical institutions, all over Sindh. You have so already very discrestly avoided the magile maniaof trying to build, like the honey – bee, from top to bottom. Institutions likehuge and hollow drums are excellent for making noise that they are there. Frombottom to top is what the ever enduring pyramids. As you know all too well, the Research work being turned outby the Institute of Sindhology could be stepped up a thousand fold, is SindhScholars, writers, even the socalled ILLITERATE poets from all over Sindh couldbecome part and parcel of the group – thinking of the Institute. I was amazed at the sight of venerable Savants in rags, thevery heart and soul of Sindhi literary and poetic culture, who attended thegreat seminar held, because of the labours of Dr.Abbasi, some years back, atKhairpur. Neither they knew theexistence of the Institute of Sindhology, nor knew of their existence. Theycame from the remote villages and goths of Sindh, with Sindhi culture andthought as their only asset; but ignored just because they had not adnornedthemselves with tinsil degrees. Often degrees in ignrance, and worse,confusing. Think, just think about Homer & Shakespere being ignoredjust because they were not degree holders !!! For the enduring work, the real leaders do their best tocreate leadership around them. Sir Syed Ahmad Khan surrounded himself withpeople greater than himself in their respective fields, Hali, a greaterpoet, a gtreater historian, a greater organiser etc etc. Soalso Mahatma Gandhi surronded himself wit a greater internationalist, Valabhai Patel, a greater organisers,greater economists so on. Much earlier, Akbar surrounded himslf with hisimmortal Nauratans. He did not at all hesitate to embrace the Revenue Ministerof Sher Shah himself, Raja Todarmal, as his own Finance Minister. All that hewanted was that his work should outlast him. “There is not even eight man to Jinnah in his Muslim League”recoerded Reverly Nechols in his book “Verdict On India”. Because Jinnahtolerated only the Ninth Raters, his Muslim League was deeply buried along withhim. Today’s enduring leadership consists in building up a strongstructure of trained leadership behind. A pyramid, and not a bee – hive. Frombottom to top. Otherwise Institutions built with all love and care, get buried alongwith their Founders. You Dr. Dur Muhammad Pathan, have built up Gul Hayat . Sureyou want it to long long outlive you. This can only be done by developingleadership inspired by you in the services of larkanians and Sindh. Dur Muhammad you do notwant it to be a mushroom, like a many others, with not even a tomb –stone. Keepthe UNESCO and SIMTHSONIAN INSTITUTE regularly informed of your wondeful work.The Folk architecture of Sindh is fast getting wiped out. Sindh isbecoming VANASING SINDH. OnlyInstitutions like yours can help delay the destruction. Make extensive use ofphotography, even in a small way. In your Institution, kindly give extensivelectures on the Culture os Sindh, and also most specially in Sindhi language in various Sindhitowns and Goths. Copy the manner in which the Roman catholics in your towns andvillages build their cherches. Dr.Dur Muhammad Pathan should be remembered a hundred years,hence, in the same way as Sir Syed Ahmad is remembered today. Entrust differentphases of your vast work to differententhusiastics . Give them the freest of hands to develop their own creativity. Due to age and disease, I have become cripple. So, I can notvisit your Institute. If you happen to be in Karachi, kindly do try to see me.Cultivate Press Publicity as much as you can and publish News Letter also. Yours Sincerely G.M.Mehkri *********************** SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(15th November). ************* 1. GOOD DAY: *************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [None of us is only good or only bad. We are combinations of both and equal in respect of abilities & limitations. But those are great, who accept everybody in toto and not partially. They are illiterate in hatred & discrimination. They believe in beauty and follow it with love] ڳڻ اوڳڻ ھر ڪنھن جان سان، ھر ڪو سمجھي نفرت ۽ محبت، اهو تن من روح ماڻي فرحت، جو ڄاڻي سونھن سرت سلام کي. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation ************* 1843: The Collector of Karachi, forwards to Commissioner a petition from Syeds of Thatta , praying that Rs.1400 per annum be continued as it was granted by Sindh Rulers for the support of their religious activities. The Collector disfavors this petition. 1847: The Collector of Shikarpur prepares Memorandum on the history of Shikarpur. It is a wonderful and important document ever compiled by English to trace the history of Shikarpur. 1857: It is notified for all the officers and concerned quarters that spelling of the word 'Sind' be adopted in future. Prior to this it was being written in different spellings. 1916: Arya Samaj, one of the oldest NGOs of Karachi, elects its office - bearers. Dayaram Hemraj, Rewachand Bhugtani and Chandra Bhanu Shewak are elected President, Vice President and Secretary respectively. 1919: A pamphlet is distributed in Larkano bearing names of leading Khilafat leaders such as Jan Muhammad Junijo, Pir Turab Ali Shah, Moulvi Muhammad Aqil, Seth Khudadad Khan Surahio and others. It is Rejoinder to the pamphlet issued by Anjuman Islam and Municipalty of Larkano. In this pamphlet people are advised to attend public meeting on 17th instant and do not believe in misguiding pamphlet by Anjuman Islam. 1944: G.M.Syed and Syed Ghulam Hyder Shah are re - elected president and General Secretary of the Sindh Muslim League. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 15 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 15.11.1838: ڪئپٽن برنس خيرپور ۾ ميرن سان-خاص طور تي مير رستم علي خان سان ڳالهين ڪرڻ ۾ مصروف آھي. کيس پنهنجئ سرڪار طرفان هدايت ڪئي ٿي وڃي ته مير کي يقين ڏيار تي سنڌ ۾ اسان پنهنجي ۽ اوهان جي مفادن جي بچاء لاء جيڪا فرنگي فوج رکنداسين, ان جو خرچ پاڻي فقط حيدرآبادي ميرن کان وٺبو ۽ ان جو بار خيرپوري ميرن تي نه وجهبو. ٻيو ته بکر جو قلعو اسان فرنگي ان ڪري خيرپوري ميرن کان وٺڻ چاهيون ته ان ۾ اسان بارود ۽ ٻيو فوجي سامان رکنداسين, جيڪو ڪابل ويندڙ فرنگي فوجين کي ڏکيئي وقت ڪم ايندو. 15.11.1858: سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر پنهنجئ بالا سرڪار کي ٻڌايو ته مري قبيلي وارن جي اره زورائين ۽ ڦر لٽ وارن واقعن کي ٻنجي ڏيڻ لاء بگٽين جي مٿي تي هٿ رکي ميدان ۾ آڻي انھن کي مري قبيلي وارن سان ويڙهائڻ شروع ڪيو آھي. 15.11.1932: سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪري صوبائي حيثيت وٺي ڏيڻ تي سنڌ موافقن ۽ مخالفن جي ٻن ڪئمپن ۾ ورهائجي وئي. هندن جي اڪثريت سنڌ کي الڳ ۽ آزاد صوبائي حيثيت ۾ ڏسڻ نه پئي گهري. جڏهن ته سڀ مسلمان ان کي ممبئئ کان الڳ ڪرڻ پيا گهرن. هندن توڙي مسلمانن پنھنجي ماڻھن کي الڳ الڳ هوشيار ۽ بيدار ڪرڻ شروع ڪيو. مسلمانن طرفان اڄ حيدرآباد ۾ ”ٻي سنڌ آزاد ڪانفرنس" ٿي. مسلمانن پنجاب مان صدارت لاء مذھبي اڳواڻ گهرايو. هن موقعي تي "سنڌ آزاد ڪانفرنس" نالي سان سر شاهنواز ڀٽي جي صدارت ۾ سياسي پارٽي به ٺاهي وئي. 15.11.1936: سکر بئراج کليو ته سنڌ جي زميندارن ۽ آبادگارن محسوس ڪيو ته اتان نڪتل زمينون ٻين صوبن وارن, خاص طور تي پنجابين کي ملي رهيون آھن. ان ڪري سنڌ جي زميندارن, سرمايه دارن ۽ سياستدانن هارين کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو. اڄ ٽنڊي ڄام ۾ جمشيد مهتا جي صدارت ۾ هاري ڪانفرنس ٿي. هن ڪانفرنس ۾ جيرامداس دولترام, پروفيسر گهنشامداس, نارائداس آنند, شيخ عبدالمجيد سنڌي, سنتداس منگهارام, عبدالقادر کوکر, ڊاڪٽر چمنداس ۽ ڄيٺمل پرسرام شرڪت ڪئي. 15.11.1947: انڊيا ۽ پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ ان تي نظر رکڻ لاء ”انٽر ڊومينين منارٽي بورڊ“ قائم ڪيو. 15.11.1951: نوابزادي لياقت علي خان جي جاء تي خواجه ناظم الدين کي "پاڪستان مسلم ليگ" جو صدر بڻايو ويو. 15.11.1968: ايوب-شاهئ خلاف جتي ڪٿي آواز بلند ٿيڻ لڳا. اڄ وڪيل برادرئ ڪراچئ, ملتان ۽ راولپنڊئ ۾ قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندي حڪومت خلاف جلوس ڪڍيا 15.11.1981: آمر ضياء الحق پنهنجي سياسي نيت تان پڙدو کڻندي چيو ته ملڪي حالتون اهڙيون ناهن جو ڪي جلدي چونڊون ڪرائجن. *************** 15 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 15نومبر1881ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر مولانا عبدالرحمان ميمڻ جو ڏينهن آهي۔ 15نومبر1899ع ليکڪ مولچند ٺاڪر جو حيدرآباد ۾ جنم ٿيو 15نومبر1908ع مذهبي اسڪالر ۽ صحافي حڪيم عطا محمد ڀٽي (سکر) جو جنم ٿيو۔ 15نومبر1912ع ليکڪ ۽ سياستدان نارائڻ داس ڀمڀاڻي جو جنم ٿيو 15نومبر1920ع اسڪالر ڊي ڪي مشاراماڻي (روهڙي / احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1934ع مذهبي اسڪالر مولانا سلطان احمد سيٺار جو جنم ڏينهن آهي۔ 15نومبر1936ع اسٽيج اداڪار ۽ ڊائريڪٽر منوهر جاڳ (شڪارپور / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1941ع شاعر، ليکڪ ۽ اداڪار ورهو رفيق (سکر/احمدآباد) جو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1945ع شاعر لال دين بسمل جو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1946ع سياستدان ۽ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر آفتاب شاهه جيلاني جو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1953ع اسڪالر ۽ زرعي ماهر ڊاڪٽر محمد اسماعيل رند جو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1956ع ليکڪ آزاد قاضيجو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1957ع شاعر انجم سومرو جو جنم ڏينهن آهي۔ 15نومبر1960ع سماجي ورڪر ڊاڪٽر رضا محمد جوکيو جو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1960ع صحافي ذلف پيرزادو (ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي۔ 15نومبر 1963ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ آرٽسٽ آغا سعيد جو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1965ع شاعر بدر شاههجو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1968ع ناليواري قانوندان ۽ سياسي اڳواڻ اياز لطيف پليجوجو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1974ع اسڪالر، ليکڪا ۽ ڪالم نگار انيتا شاهه لڪيارئ جو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1986ع ٽينس جي مشهور رانديگرياڻي ثانيه مرزاجو جنم ڏينهن آهي *************** وڇوڙو: *************** 15 نومبر 1981ع اردو ۽ فارسي جي مشهور شاعر خاور رضوي جي وفات ٿي.