Wednesday 30 November 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (30th November) By: Dr. Pathan


** 1936ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پنهنجو منشور جاري
 ڪيو، ان حوالي سان سر حاجي عبدالله هارون پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ پنهنجو منشور ٻڌايو.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان مسلم ليگ پنجاب جي صدر 
ميان افتخار الدين وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، هن مطالبو ڪيو 
ته ڀارت سان دوستاڻا لاڳاپا رکيا وڃن ۽ هندستان 
مان ايندڙ مهاجرن جي بحالي لاءِ قدم کنيا وڃن.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب اسيمبلي ون يونٽ بل پاس ڪري 
ورتو، اسيمبلي جي ميمبرن ون يونٽ ٺاهڻ جي حمايت ڪئي.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شيخ عبدالمجيد سنڌي ڇهن پارٽين جي 
ٿيل ڪنوينشن کي صدارتي خطاب ڪندي چيو ته سڀني لاءِ انصاف
 گڊ گورننس ۽ خطي جي ٻين علائقن سان عزت وارا لاڳاپا قائم رکڻ
 پاڪستان جي ضرورت آهي ۽ اها سڀني پارٽين جي ايجنڊا هجڻ گهرجي.
** 1967ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان پيپلزپارٽي
 قائم ڪري ورتي، جنهن جو پهريون چيئرمين هو پاڻ ٿيو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارتي وزيراعظم اندراگانڌي پارليامينٽ 
۾ خطاب ڪندي پاڪستان جي صدر جنرل يحيٰ خان کان مطالبو ڪيو
 ته بنگال مان فوجون واپس گهرايون وڃن.

** 2004ع ۾اڄوڪي تاريخ تي جنرل پرويز مشرف کي 2007ع تائين
 آرمي چيف ۽ صدر مملڪت جي عهدن تي رهڻ جو قانوني جواز ملي ويو،
 وقتي صدر محمد ميان سومري هڪ ئي وقت ٻن عهدن تي رهڻ واري
 بل تي صحيح ڪئي، جيڪو قومي اسيمبلي مان پاس ڪرايو ويو هو، 
پ پ ۽ نواز ليگ سميت مک سياسي جماعتن انهيءَ بل جي سخت 
مخالفت ڪئي پر ق ليگ سميت مشرف جون ساٿاري جماعتون بل
 پاس ڪرائي ويون، پ پ اڳواڻ امين فهيم جو اهو موقف رکيو ته 
مشرف کي اڄ يا سڀاڻي ٻئي عهدا ڇڏڻا پوندا، وقتي صدر مشرف جي 
دٻاءُ ۾ اچي بل تي صحيح ڪئي آهي.نواز ليگ چيو ته مشرف کي
 وردي ۾ صدر چونڊرائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ ملڪ جا خيرخواهه ناهن.

No comments:

Post a Comment