Tuesday 28 February 2023

Sindh in history today (1st March). By. Dr. Dur Muhammad Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {1st March} & My Good Day Wish. ************* 1. Dr. Pathan wishes you Good Night. [To find self and to be self is the only way to understand, accept & respect others, their love & beauty, and to follow sincerity & sacrifice with trust & hope. Egotism is not only self-rejection, but also to deprive self and others of human values, requirements of instincts and urge of love & beauty, peace & progress] خودي ناھي ڪا ئي خواري پرین، آھي اصلئون خود پرستي عذاب، آپي مان اھو ئي ٿو نڪري وڃي، جنھن برہ جو پڙھیو ناھي ڪو باب، اھو ڇا ڄاٹي ڇاهي گناھ يا ثواب، جو سمجھي نہ حساب سونهن جو. ************* 2.SINDH IN HISTORY TODAY (1st MARCH) EVENTS: 1848: British Government of Sindh intended to open post at Khandhkot, but the Government of Khairpur state raised objections. Therefore the Commissioner in Sindh directs Resident at Khairpur to take Khairpur ruler in confidence and make him believe that an opening post will be equally in the interest of both government and an object is the maintenance of peace on the Frontier. 1918: There is acute shortage of class rooms in the Primary school of GajiKhuhawar and pupils are getting education under shadow of tree.Therefore Dy. Collector of Mehar requests the District Local Board Larkano for allowing to run school in Musaferkhano. 1924: Quran Sharif is put on fire at Ratodero. Parchomal and two others are arrested under Section 295 of I.P.C and are brought before the court of the District Magistrate Larkano. BhojsingPahlajani Advocate of Sukkur pleads case in favour of Hindus. Whereas Pirzado Bar at Law appears for the Muslim side. 1930; Ulema of the District Larkano meet at village Wagan and decides to reorganize ‘Jamiat-ul-Ulema Sindh’. MoulanaKhus Muhammad Mirokhani, Moulana Muhammad Azim ‘Sheda’ and Moulana Muhammad Suleman ‘Waiz’ take active part in the move. 1933: LalchandNawalrai, while participating in debate in the session of the Indian Legislative Council demands withdrawal of ‘import Duty’ on material relating to Film Industry and criticizes the composition of ‘Joint Parliamentary Committee’, in which due representation of Minority has been ignored. 1948: Pakistan’s first coin and currency come into circulation. 1956: Pakistan decides to set up high –powered Atomic Energy Commission. 1962; The President enacts a new constitution providing for presidential form of government. Two third majority of the National Assembly can amend the constitution with the prior permission of the president. 1963: Guddo Barrage is inaugurated. 1971: National Assembly session of 3rd March is postponed on the plea that more time is being given to political leaders to arrive at a reasonable understanding on the issue of constitution-making. 1976: General Zia-ul-Haq takes over as Chief of the army staff and replaces General Tikka Khan. ***** واقعاتي تاريخ ************ 1.3.1843: ڪراچئ ۾ گرفتار ٿيل ميرن جي عملدارن کي فرنگي حڪومت آزاد ڪيو. نائونمل جي ڀاء سکرام داس کي ڪسٽم جو ڪليڪٽر ۽ ديوان مولچند کي ڪراچي ٽائون پوليس ٿاڻي جو انچارج مقرر ڪيو ويو. **1848ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي انگريز حڪومت ڪنڌڪوٽ ۾ پوسٽ آفيس کولڻ جو فيصلو ڪيو پر خيرپور رياست جي حڪومت ان تي اعتراض واريا، جنهن کانپوءِ ڪمشنر سنڌ خيرپور ۾ مقرر ريزيڊنٽ کي حڪم جاري ڪيو ته هو خيرپور جي حڪمران کي اعتماد ۾ وٺي، پوسٽ آفيس جي قيام سان سنڌ کي فائدو ٿيندو. 1.3.1918: هندستان سرڪار جي ڊائريڪٽر اڄ سرڪار کي لکيو ته سنڌي پرڏيهي واپاري جنهن جنهن ملڪ ۾ واپاري ڪوٺيون قائم ڪري ويٺا آھن, اتان هندستان جي فرنگي سرڪار خلاف ڪم ٿا ڪن, باغي جماعتن کي ڏوڪڙ ٿا ڏين ۽ اسان جي مخالف حڪومتن سان رابطو رکي انهن جو لٽريچر گهربل هنڌن تي پهچائن ٿا. ** 1918ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ميهڙ جي ڊپٽي ڪليڪٽر ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جي انتظاميا کي درخواست ڪئي ته گاجي کهاوڙ ۾ اسڪولن جا ڪلاس روم ٺهرائي ڏنا وڃن، واضح رهي ته گاجي کهاوڙ ۾ موجود پرائمري اسڪول ۾ ڪلاسن جي عمارت ٺهيل نه هئي، جنهن ڪري ٻارڙا وڻ جي ڇانو ۾ ويهي تعليم پرائي رهيا هئا. 1.3.1924: رتيديري ۾ ڪن ھندن سر عام قرآن شريف کي ساڙيو. پوليس انهئ ڏوه ۾ پرچومل ۽ سندس ساٿين کي انڊين پينل ڪوڊ جي قلم 295 هيٺ گرفتار ڪري چالان ڪيو. ** 1933ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انڊين ليجسليٽو ڪائونسل ۾ سنڌي ميمبر لالچند نول راءِ مطالبو ڪيو ته فلم انڊسٽري سان لاڳاپيل سامان تي امپورٽ ڊيوٽي ختم ڪئي وڃي پر ان تجويز جي مخالفت ڪئي وئي. ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جو پهريون سڪو ۽ ڪرنسي مارڪيٽ ۾ اچي وئي. ** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان حڪومت ايٽامڪ انرجي ڪميشن قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گڊو بئراج جو افتتاح ڪيو ويو. ** 1976ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق جنرل ٽڪا خان جي جاءِ تي آرمي چيف جو عهدو سنڀالي ورتو. 1.3.1986: شڪارپور ۾ صوفي جهامنداس جي جوڙيل ”اداره سچل سرمست“ طرفان درگاه غلام فريد جي سجاده نشين خواجه عبدالرسول جي صدارت هيٺ مشاعرو ٿيو. 1.3.2003: سعيد سومري جي صدارت هيٺ سنڌي ادبي سنگت قمبر شاخ جي دستوري گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ ڪوڙل قربدار, اداسي چانڊئي, سرمد سومري, رياضت ٻرڙي, شبير حسين ۽ منير چانڊئي شرڪت ڪئي. ************* اڄوڪي ڏينهن پهرين مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: احسن ڪربلائي (ٽنڊوآغا / شاعر / 1897)، مينهل فقير مهر (طيب / شاعر / 1920)، نورالدين ”نور“ (ڏاتو جي وانڍ / شاعر / 1929)، محمد پنهل شيخ (ڦل پوٽا / سگهڙ شاعر / 1930)، عبد الحليم ”جوش“ (ڪراچي / شاعر / 1931)، گل حسن گوپانگ (شاعر / 1933)، گورڌن ڪرشناڻي (ڳيريلو – اجين / اديب / 1933)، سوڀراج مينگهاڻي (ميرپورخاص – ممبئي / اداڪار / 1934)، موتي لعل ٺڪر (سيوهڻ – اجمير / سماج سڌارڪ / 1934)، قنمبر ڪوهستاني (ٿاڻو بولان خان / شاعر / 1935)، عام جائي ڪوڏ (عامر جي – بئراڳڙهه / شاعر / 1935)، ڪشن موٽواڻي (ملڪ – اجمير / اداڪار / 1936)، سيد غلام رسول ”سوز“ (اصغرآباد / شاعر / 1938)، ڊاڪٽر شاهنواز ٻرڙو (گهٽهڙ / محقق / 1938)، لعل ”لاچار“ (نواب شاهه – گانڌيڌام / شاعر / 1938)، جان محمد ڪٽوهر (اميد علي / اديب / 1939)، مستنصر حسين تارڙ (لاهور / ليکڪ، اداڪار ۽ ڪمپيئر / 1939)، الاهي بخش شيخ (روهڙي / اديب / 1939)، عبدالخالق ”آزاد“ ڀٽو (شاعر ۽ سياستدان / 1942)، نٿو مورواڻي (ٽنڊوباگو / شاعر / 1945)، حسن هڪڙو (بٺي هڪڙا / شاعر / 1945)، هريش ميرچنداڻي (حيدرآباد – ممبئي / سنگيتڪار / 1946)، غلام عباس ”بدر“ (شاعر / 1947)، جئڪشن ”آمليٽ“(الهاس نگر/گائڪ، سنگيتڪار / 1947)، ”حبيب“ سنڌي (چوکنڊي / شاعر / 1948)، محسن علي ”محسن“ شر (مينگهو شر / شاعر / 1948)، ڊاڪٽر درشهوارسيد (سن / محققه / 1949)، ملڪ الطاف حسين (جيڪب آباد / صحافي / 1953)، منصور عالم ابڙو (قمبر علي خان / مصور ۽ اديب / 1953)، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو (بجار تعلقو قنمبر / زرعي سائنسدان ۽ استاد / 1955)، نظر محمد ڳاهو (خيرپور / سياسي ۽ سماجي اڳواڻ/وڪيل / 1956ع)، آفتاب ابڙو (ڏوڪري / اديب / 1956ع)، سجاد ميراڻي (پريان لوءِ / شاعر / 1956)، گل بيگ ”گل“(شاعر / 1957)، ”سائل“ وسطڙو (شاعر / 1958)، محمد قاسم ”نوشاد“ (رستم / شاعر / 1958)، سائينداد ساند (شاعر / 1959)، منصور عباسي (مسو ڪلهوڙو / اديب / 1959)، حامد ڪلوڙ (عادلپور / شاعر / 1960)، غلام اصغر ”آزاد“ (شاعر / 1961)، زاهد راهوجو (اديب / 1961)، نازسهتو (صحافي / 1963)، جڳديش شيوڪاڻي(اجمير / اديب / 1963)، سڪندر مگسي (بدل مگسي / شاعر / 1964)، عنايت راهي (ميهڙ / شاعر / 1966)، امان چنو (ڇتومنگي / شاعر / 1966)، سرور سميجو (دلدار سميجو / اديب / 1968)، احمد مغل (پريا لوءِ / گلوڪار / 1968)، منصور حسين شيخ (شڪارپور / صحافي / 1969)، منصور گوزائي (گوزو / شاعر / 1969)، جاويد لانگاهه (گوزو / اديب / 1969)، ”وفا“ منظور چوهاڻ (شڪارپور / شاعر / 1969)، ثاقب لطيف(جيڪب آباد / صحافي / 1970)، مارو جمالي (اديب / 1970)، امان الله عرف سليم لاکو (آباد لاکا / اديب / 1970)، نثار عڪاس (رتوديرو / شاعر / 1971)، احمد علي ڪلهوڙو (خيرمحمد آريجا / صحافي / 1972)، دامن علي جتوئي (ماٽو / صحافي / 1972)، جبار ملاح (عليم / شاعر 1973)، ميرمحمد ”رضا“ (تاڪو وڏو / شاعر / 1973)، اخلاق چارڻ (دادو / 1976)، ساحل لاشاري (ڳاڙهي / شاعر / 1976)، ”وفا“ ڪوڙل چنو(ابڙان / شاعر / 1977)، يوسف سارنگ (مڪومعظم / اديب / 1978)، حبدار سولنگي (ڳيريلو / اديب / 1978)، جاويد سوز هالائي (شاعر / 1978)، زمان سومرو (پاٽ / اديب / 1979)، عبد الصمد سومرو (ميرڻ دڙو / اديب / 1979)، گلڻ ڄامڙو (گل محمد ڄامڙو / 1979)، شاهد آفريدي (ڪرڪيٽر/ 1980)، شير مهراڻي (احدي راڄپر / شاعر / 1980)، نورحسين مغيري (خدابخش / اديب / 1980)، ڪرم خان احمداڻي (ڊگهڙي / اديب / 1980)، سلامت جويو (دادو / اديب / 1981)، فرحانه قريشي (دادو / اديبه / 1981)، مختيار سهتو (ٽنڊو غلام علي / شاعر / 1982)، منير پنهيار (ڪنب / شاعر / 1983)، سيد منظور شاهه (موندر / اديب / 1984)، اصغر جمالي (شاهه محمد / اديب / 1986) وڇوڙو: مولانا محمد هاشم قاسمي (1940)، مير سهراب خان ثالث (1962) پير خدا ڏنو رضوي (1963)، سيد خادم حسين شاهه نصرپوري (1963)، مولانا علي محمد ڪاڪيپوٽو (1967)، محمد خان ”غني“ (ٽنڊومحمد خان / شاعر / 1979). مراد علي مرزا (حيدرآباد / ڊراما نگار، افسانه نگار ۽ ناول نگار / 2011ع) مشتاق چنگيزي ( سنڌي فلمن جو هيرو / 2012ع)

Monday 27 February 2023

Sindh in history today (28th February0. By.dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (28th February} & My Good Day Wish. ***** سڄڻ سائين! اسان ڌارين جي دشمنئ جو ذڪر ته زور شور سان ڪيون ٿا, پر جئ ۾ جهاتي پائي اهو نه ڏسڻ چاهيون ته ڌرتئ ۽ ڌرتئ-ڌڻيڻ سان ڪيترو ظلم ڪيو آھي. اسان جي ڪيترن دانشورن ۽ سياستدانن ”ڊرل ماسٽرن“ اسان کي پنهنجين ضرورتن موجب ”رائيٽٽرن“, ”ليفٽ ٽرن“ ۽ ”ابائوٽ ٽرن“ پئي ڪرائي آھي. اسان سنڌي ماڻھن کي انهن يارن ”شخصيت پرستئ“ جا درس پئي ڏنا آھن. جڏهن اها شخصيت مري ٿي وڃي ته پوء وري قبر پرستي ٿا ڪرائن. تاريخ هنن جيان ڌوڪا نه ڏيندي آھي, پر سچ واٽ ”ڏيکاريندي آھي. اچو ته اها پڙھون: ** 1839ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي سنڌ ۾ مقرر اسسٽنٽ ريزيڊنٽ ليفٽيننٽ ايسٽ وڪ ڪمانڊر ان چيف آف آرمي سر جون ڪين کي ٻڌايو ته سندس سربراهي ۾ سنڌ ۾ آيل فوجي اهلڪارن کان سنڌي ماڻهو ڦرلٽ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته کائڻ جي مختلف شين ۽ جنسن جون قيمتون تمام گهڻيون وڌايون ويون آهن، ان ڪري اسان کي اهي جنسون ۽ شيون خريد ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي. 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي انگريز حڪومت فيصلو ڪيو ته سڀني سرڪاري کاتن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي سنڌي ٻولي جو امتحان لازمي پاس ڪرڻو پوندو ۽ اهو به فيصلو ٿيو ته انهن ملازمن کان سندن پوسٽنگ وارن شعبن بابت به پڇيو ويندو. ** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي جي خلافت ڪاميٽي 450 رپين جو چندو گڏ ڪيو ۽ سنڌ خلافت ڪاميٽي جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايو. ** 1923ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هوم رول ليگ تنظيم جي حيدرآباد شاخ جا عهديدار چونڊيا ويا، ناليواري ليکڪ ڄيٺمل پرسرام کي صدر چونڊيو ويو، جڏهن ته ٻولچند ڪوڏومل سيڪريٽري، سنتداس منگت راءِ، هيرانند سنتوڪ رام ۽ ڪيول رام ديارام کي مئنيجنگ ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو. ** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي ميمبر محمد هاشم گزدر ڪٽوتي جي رٿ پيش ڪئي، هن ڄاڻايو ته سکر بئراج جي فالتو سامان ۽ مشنري جي وڪري لاءِ رکيل عملي کي 63 هزار 825 رپيا ڏيڻ بدران کين فارغ ڪيو وڃي، انهيءَ رٿ جي شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد ميران محمد شاهه، محمد ايوب کهڙي، خانبهادر الهه بخش سومرو ۽ سنڌ جي ٻين ميمبرن حمايت ڪئي، جنهن کانپوءِ ايوان ۾ انهيءَ رٿ تي ووٽنگ ڪرائي وئي، 39 ميمبرن رٿ جي مخالفت ڪئي، جڏهن ته رڳو 25 ميمبرن حمايت ۾ ووٽ ڏنو، جنهن ڪري اها رٿ ناڪام ٿي وئي. ** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نوابشاهه ڪانگريس ڪاميٽي جي گڏجاڻي جي صدارت مولوي محمد معاذ ڪئي، سالياني گڏجاڻي ۾ نوان عهديدار چونڊيا ويا. **1943ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بزم مشاعره ۽ سنڌي سڌار سوسائٽي طرفان مشاعرو ڪرايو ويو، جنهن ۾ ناليوارن شاعرن شرڪت ڪئي، هن تقريب کي بعد ۾ اديب سنڌ نالي اخبار ۾ ڇاپيو ويو. ****** اڄوڪي ڏينهن 28 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 28 فيبروري 1928ع شاعر مسرور ڪافي (ڪراچي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي . 28 فيبروري 1928ع ليکڪ علي محمد راهمون جو جنم ڏينهن آهي. 28 فيبروري 1931ع ليکڪ ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو جو جنم ڏينهن آهي. 28 فيبروري 1932ع شاعر محمد عيدن ناز ميراڻي جو جنم ڏينهن آهي. 28 فيبروري 1949ع ناليواري اداڪار صلاح الدين تنيو جو جنم ڏينهن آهي. 28 فيبروري 1953ع اسڪالر خدا بخش ميربحر (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 28 فيبروري 1957ع شاعر اقبال احمد اقبال جو جنم ڏينهن آهي. 28 فيبروري 1965ع صحافي، ڪهاڻيڪار ۽ ويب انجنيئر زاهد ميراڻي جو جنم ڏينهن آهي. 28 فيبروري 1983ع شاعر ادنى ضياء مهيسر جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 28 فيبروري 1974ع صحافي ۽ سياستدان حاجي شاهنواز پيرزادي جو انتقال ٿيو. 28 فيبروري 2013ع ڀلوڙ شاعر حميد شهيد هالائي انتقال ڪري ويو۔ 28 فيبروري 2016ع شاعره، ليکڪا ۽ سنڌي ادبي سنگت جي عورت جوائنٽ سيڪريٽري پروفيسر آپا مهر النساءَ لاڙڪ لاڏاڻو ڪري وئي. 1.Dr.Pathan wishes you Good Day [Be trustworthy, you will avail hope and trust. Be sincere and dedicated, you will get love and respect. Give something, you will receive a lot in return. Get rid of ego, hatred and discrimination, you will get peace of mind. Be kind, you will find beauty before you] جي اٿئي اعتبار, عشق ۽ آدم سندو احترام، تان سک سڪون سندء روح وجود لاء انعام، انا, نفرت ۽ متڀید تو لاء بٹجي پوندا حرام، سدا ايندء پوء آرام، سرت, سونھن سلام مان. 2. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (28th February) EVENTS 1839: Lieutenant Eastwick, Assistant Resident in Sindh informs Sir John Keane, Commander-in-Chief of the army of the Indus that that the army in his (Eastwick) command had been plundered by Sindhi people and the price of commodities had been kept so high that the camp followers were unable to purchase sufficient grain. 1922: The Larkana Khilafat Committee collects and deposits with Sindh Khilafat Committee the donation of Rs.450/ 1923: Hyderabad branch of the Home Rule League elects office-bearers. Eminent writer Jethmal Parsram is elected as the president. Whereas Boolchand Kodomal is elected Secretary. Santdas Mangatrai, Hiranand Santokram and Kewalram Dayaram are elected as members of the Managing Committee. 1934: Muhammad Hashim Gazdar, in the Bombay Legislative Council, moves cut- motion to omit Rs.63,825 earmarked for the staff which is looking after and trying to sell Sukkur barrage machinery that is now unnecessary. Mr.Gazdar, Shaikh Abdul Majeed, Syed Miran Muhammad Shah, Muhammad Ayub Khuhro, K.B.Allah Bux , Sindh members and several members of the nationalist benches deplores continuation of expenditure on the staff which the government gave an undertaking to disband last year. Cut-motion is defeated by 39 against 25 votes. 1939: Moulvi Muhammad Muaz presides over the annual meeting of the Nawabshah Congress Committee. The election for new office-bearers is held on this occasion also. 1943: The Bazim-i- Mushaera and Sindhi Sudhar Society held literary and poetic sitting. The contribution of poets presented on this occasion was published in the Adeeb-i-Sindh, later on.

Sunday 26 February 2023

Sindh in history today (27th February). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {27th February} & Good Day Wish. چو ته تاريخ جو مطالعو ڪريون: ** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي حڪومت سنڌ ۾ ريلوي جي پٽڙي وڇائڻ ۽ ٻيڙي سروس تي ڪم شروع ڪري ڏنو، سنڌ جي ڪمشنر کي چيو ويو ته هو سنڌو درياءَ ۾ فيري سروس هلائڻ جي حوالي سان قدم کڻي. ** 1884ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي مان نڪرندڙ اخبار ”سنڌ گزيٽ“ جنهن جو نالو بعد ۾ روزاني گزيٽ رکيو ويو، ان پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ بمبئي حڪومت جي سنڌ جي ترقياتي رٿائن خاص طور تي پورٽ، اسٽيم ٽرام وي بابت بيحسي واري رويي جي مذمت ڪئي، اهڙي تنقيد کانپوءِ آهستي آهستي اها راءِ قائم ٿي ته سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ٿيڻ گهرجي. ** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي سوشل سروس ليگ نالي جماعت جي مئنيجنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته تعليم کاتي جي اختيارين کي ٺهراءُ موڪليو ويندو ته سنڌي ٻولي کي بي اي ۽ ايم اي جي امتحانن ۾ ٻيو نمبر ٻولي طور لاڳو ڪيو وڃي، جيئن گجراتي، مراٺي ۽ ٻين ٻولين کي لاڳو ڪيو ويو آهي. ** 1944ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ سنڌي سڌار سوسائٽي ۽ بزم مشاعره طرفان ادبي تقريب ۽ مشاعرو ڪرايو ويو، جنهن جي صدارت مولانا علي انور ڪئي، هن ادبي پروگرام ۾ وڏي تعداد ۾ سنڌي اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. ** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اينٽي قادياني موومينٽ جي ايڪشن ڪاميٽي جي 11 ميمبرن مطالبو ڪيو ته سر ظفرالله خان کي وزارت مان هٽايو وڃي. ** 1967ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو ايوب خان جي ڪنوينشن مسلم ليگ کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو، هن هڪ نئين عوامي پارٽي ٺاهڻ تي غور ويچار ڪيو، جنهن کانپوءِ هن اڳتي هلي پاڪستان پيپلزپارٽي جو قيام عمل ۾ آندو. ** 1989ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم بينظير ڀٽو افغانستان جي حوالي سان چيو ته اتان جي نگران حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو معاملو وقت کان اڳ جي ڳالهه آهي، ان معاملي تي اڳتي هلي غور ڪيو ويندو. ** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چين پاڪستان کي ايٽمي پاور پلانٽ فراهم ڪرڻ جي تصديق ڪئي Dr.Pathan wishes you Good Day. [My Heart! Do not be disappointed if you find empty minds without vision & wisdom of human-love & respect. Be happy that you hate hatred and love beauty. Share it without discrimination] منجھ نہ من موڳو نہ ٿي، جي مروت محبت ماٹھن ۾ ناھي، تو وٽ سا جي سرس سرت، سونھن ۽ سچائي سان آھي، تون افسوس ۽ انا جا بت ڊاھي، متڀید بنا ونڊ سلامن سان. ************* 2.SINDH IN HISTORY TODAY (27th FEBRUARY) 1844. 1857: The Government of Bombay is taking steps for Railway communication and Boat service. The Sindh Commissioner is requested to take measures for investigating on the subject of boat traffic on the Indus. 1884: The Karachi Paper, Sindh Gazette (Later on known as the Daily Gazette) in its editorial condemns the apathy and lukewarm response of the Bombay Government to development schemes of Sindh pertaining to Port, the Steam Tramway etc. Such type of criticism by local and vocal press paves way for formation of opinion to get rid of Bombay presidency. 1922: The meeting of the Managing Committee of the ‘Karachi Social Service League’ it is resolve to send resolution to educational authorities demanding that ‘ the Sindhi language be recognized as a Second Language for B.A and M.A Degree Examinations in the same way as Gujrati, Marathi and Kanares are recognized’. 1944: Moulana Ali Anwar presides over literary and poetic sitting organized by Sindhi Sudhar Society and Bazim Mushara at Larkano. 1953: Eleven members of the Action Committee of the Anti-Qadyani Movement demand removal of Sir Zafarullah Khan from ministry. 1967: Z.A.Bhutto decides to quit Conventional Muslim League and intends to form his own political party. 1989: Recognition of interim Afghan Government would be premature, says Benazir Bhutto. 1991: China confirms the supply of nuclear power plant to Pakistan.

Saturday 25 February 2023

Sindh in history today (26th February). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {26th February} & Good Day Wish. ************* ****** ڌيان طلب واقعا ************* 26.2.1835: فرنگين بلمير تي حملو ڪيو ته مير نور محمد اڄ انھئ اره زورائئ تي پاٽينجر سان احتجاج ڪيو. پر انھئ جي فرنگين کي اجازت ڏنائين ته فرنگي سنڌ ۽ ڪڇ وارئ سرحد تي کوسن خلاف ڀلي مهم جوئي ڪن. [کوسا فرنگين ۽ سندن واپارين کي لٽيندا ڦريندا هئا ته جيئن اهي سنڌ ۾ پنهنجا پير ڄمائي نه سگهن.] 26.2.1901: حيدرآباد شهر "ايني بسنت هال" جي نالي سان هڪ خوبصورت عمارت جو اڄ اضافو ٿيو. هن عمات ۾ ريڊنگ روم, لائبرري ۽ مهمان خاني جي گنجائش رکي وئي آھي. خوبچند ميوارام کي ان جو پهريون سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. [46 سال هن لائبررئ ۾ انمول ڪتابن جو اضافو ٿيو. هتي ڪيترا فنڪشن ٿيا ۽ 1947 کان پوء سنڌي هن عظيم ورثي جي حفاظت نه ڪري سگهيا]. 26.2.1920: ترڪئ کي شڪست ڏئي پاش پاش ڪرڻ کان پوء فرنگي سرڪار هڪ پورو هفتو جشن ملهايو ۽ ان ۾ سنڌ جي مٿئين طبقي ۽ ٻين ڪيترن سرڪار-پرست ماڻھن شرڪت ڪئي ھئي. اڄ ”انجمن علماء سنڌ" هڪ فتوا جاري ڪئي ته انھئ فنڪشن ۾ شرڪت ڪندڙ خدا ۽ قوم کان معافي وٺن. ٻئ صورت ۾ سندن سوشل بائڪاٽ ڪيو وڃي. 26.2.1921: لاڙڪاڻي ۾ سنڌ خلافت ڪميٽئ جي گڏجاڻي ٿي. ان ۾ پارٽئ جا نوان قاعدا ۽ قانون منظور ڪيا ويا ۽ فيصلو ڪيو ويو ته جن خانگي خواه غير سرڪاري تعليمي ادارن فرنگي سرڪار کان مالي مدد وٺڻ کان انڪار ڪيو آھي, انھن جي پارٽي مالي مدد ڪندي ۽ ان لاء خواهشمندن کان درخواستون گهرايون وڃن. 26.2.1922: ڳڙھي ياسين ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر مسٽر ٽئنٽن جي صدارت ۾ ”امن سڀا" طرفان فنڪشن ڪرايو ويو. ان ۾ راء بهادر گوڪلداس, ڀائي لالسنگ ۽ روح الله خلافت تحريڪ خلاف تقريرون ڪيون. 26.2.1941: سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽئ طرفان شام جو ستين وڳي ڊي.جي.ڪاليج ۾ ادبي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ ايڇ.ٽي. لئمبرڪ “ڪوهستان محال ۾ آڳاٽي تاريخ جا آثار" جي موضوع تي پنهنجو تحقيقي مقالو پڙھيو. انھئ کان اڳ سوسائٽئ جي سالياني جنرل ميٽنگ ٿي, جنهن ۾ نئين سال لاء ھن ريت ميمبر چونڊيا ويا: ايڇ.ٽي.لئمبرڪ (صدر), سهراب ڪي.ايڇ. ڪيٽرڪ (نائب صدر), اين.ايم. بليموريا (سيڪريٽري ۽ خزانچي), اي.بي. آڏواڻي (جوائنٽ سيڪريٽري) ۽ هي مئنيجنگ ڪميٽئ جا ميمبر: ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي, ڊاڪٽر ڊئريٽ, ڊاڪٽر دائود پوٽو ۽ چيتن ماڙيوالا. 26.2.1947: برطانيه جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ لارڊ لارينس پارليمينٽ ۾ بيان ڏنو ته جيڪڏهن هنستان جون وڏيون سياسي جماعتون اسان سان ڳالهين ۾ نه ٿيون ٺھن ته اسان اقتدار صوبن حوالي ڪنداسين. 26.2.1984: ڪوئيٽا ۾ سنڌي نوجوانن جي گڏجاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي برانچ کولي وئي، جنهن لاءِ عارضي طور تي سرپرست اخترڪاڪيپوٽو، صدر محمد علي لاکو، نائب صدر اسد محمود پٺاڻ نظم، جنرل سيڪريٽري عبدالباري منگي، جوائنٽ سيڪريٽري آغا سعيد، پريس سيڪريٽري الطاف ڦلپوٽو، خزانچي مختيار ابڙو چونڊيا ويا. تنقيدي نشست ۾ آغا سعيد غزل ۽ نظم، اسد محمود نظم، الطاف ڦلپوٽي وائي پڙهي. تنقيد ۾ امتياز سومرو، قيس ابڙو، پروفيسر برڪت علي، امداد ڪلوڙ، ظفر سومر ۽ ٻين حصو ورتو. 26.2.1969: نيٺ ايوب عوامي طاقت اڳيان جهڪي پيو. اڄ هن اقتدار آرمي چيف جنرل يحيا حوالي ڪيو, جنهن ملڪ سان مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيو ۽ سياسي سرگرمين تي پابندي مڙھي ڇڏي. هئ اهڙي منڍئ-مٽ ٿي, جنهن ملڪ کي ٽوڙي ڏيکاريو. ************* {26 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 26 فيبروري 1906ع ليکڪ ۽ پبلشر تيرٿ ساڀاڻي (لاڙڪاڻو / بمبئي) جي پيدائش ٿي . 26 فيبروري 1923ع شاعر ڪندن لال ناچيز (روهڙي / ڀوپال) جو جنم ڏينهن آهي. 26 فيبروري 1926ع شاعر حافظ شاهه ناطق جو جنم ڏينهن آهي. 26 فيبروري 1928ع شاعر ۽ موسيقار ڀڳوان ڀاوناڻي (حيدرآباد / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 26 فيبروري 1938ع شاعر آخوند زخمي هالائي جو جنم ڏينهن آهي. 26 فيبروري 1943ع شاعر ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر لال نارنگ (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 26 فيبروري 1943ع ناليواري سياسي ۽ سماجي ڪارڪن عبدالرحمان محمد يعقوب(ڪراچي) جو انتقال ٿيو. 26 فيبروري 1962ع شاعر غلام عباس جوش قادري جي وفات ٿي. 26 فيبروري 1971ع اسڪالر مخدوم امير احمد جو انتقال ٿيو. 26 فيبروري 1984ع سگهڙ باغ محمد بيشڪ جوکيو (جنگشاهي) جو انتقال ٿيو. 26 فيبروري 2015ع ناميارو راڳي صادق فقير هڪ روڊ حادثي ۾ مڪي مڪرمه سعودي عرب ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. 1.Dr.Pathan wishes you Good Day. [My Dear! I have found beautiful colours of Morning and wonderful freshness of beauty in you. I believe that your vision and wisdom is second to none. I have knocked your door to pray for my share. Empower us, guide us and help us, please] ‏تون ئي سونھن صبح سندي، ‏ تون ئي آھین صبح-سلام. ‏تو کان سونھن سندو انعام، ‏پیو طلبیان جانب جيئڻ لاء. ************* 2. EVENTS from history: 1835: British commander attacks Balmere and Mir Noor Muhammad protest with Colonel Pottenger against this action. However helps them to suppress Khosas and other predatory tribes on the border of Cutuch. 1901: Besant Hall of Hyderabad is chartered. It has the best building consisting of a Reading Room, a good library and nice guest house. Khubchand Mewaram is elected its first Secretary. The lodge is after name of Ainne Besant, eminent Theosophist and politician. 1920: ‘Anjuman Ylema-i-Sindh’ issues Fatwa (Judgment) and asks people to boycott with those who participated in ‘Victory Celebrations’ arranged by Government. The defeat of Turkey is defeat of Muslims, they declared. The Fatwa advices participants of celebration to beg pardon to avoid boycott of the people. 1921: The meeting of the ‘Sindh Khilafat Committee’ is held at Larkano. It is decided to amend Rules of the Party, conduct election, and invite application from schools for financial aid/support. 1922: Mr. Taunton, Assistant Collector presides over the public meeting held by Aman Sabha of Garhi Yasin. R.B.Bhai Gokaldas , Bhai Lalsing and Roohullah in their speeches advises people not to join Khilafat. 1940: The vote of the Speaker saves K.B.Allah Bux’s Government. The vote of ‘No-confidence’ can not be carried out. 1947: lord P. Lawrence, Secretary of State declares on the floor that ‘if the parties did not arrive at the main decision and agreement by the fixed date, it will be possible for British to hand over power to provincial Government. 1969: President Ayub hand over the Government/power to Army Chief General Yahya Khan. Martial law is imposed, assemblies are dissolved and political activities are banned.

Sindh in history today (25th February). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {25th February} & My Good Day wish. ************* اچو ته 25 فيبرورئ جي حوالي سان ڪن واقعن بابت غور فڪر ڪريون: 1835 اڄوڪي تاريخ تي ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي سنڌ ۾ مقرر پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر پنهنجي سرڪار کي رپورٽ موڪلي ته افغاني بادشاهه شاهه شجاع الملڪ حيدرآباد پهتو آهي، جنهن تي ٽالپر حڪمرانن پنهنجو ردعمل پڻ ظاهر ڪيو آهي.اهي شجاع الملڪ جي اچڻ تي ايترا خوش ناهن. ** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ڪيپٽن پريڊي ۽ ڪرنل بليو جي هدايتن تي سيٺ نائومل سردار صاحب خان ڇٽو سان رابطو ڪيو ته جيئن انگريزن جي مال ملڪيت جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. ** 1844ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي انگريز سرڪار خيرپور رياست ۾ پنهنجي عملدارن جي رهائش لاءِ برٽش ريزيڊنسي منصوبي لاءِ 1500 رپيا منظور ڪيا. ** 1849ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خيرپور جي هزهائنس مير علي مراد خان ٽالپر بابت معاملي جي جاچ لاءِ انگريز حڪومت سنڌ جي ڪمشنر، اپر سنڌ فرنٽيئر جي پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ ميجر جيڪب ۽ ڪاٺياواڙ جي پوليٽيڪل ايجنٽ ميجر لينگ تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، مير علي مراد تي اهو ڪوڙو الزام لڳايو ويو هو ته هن معاهدي ۾ پنهنجي طرفان ڪيتريون ئي تبديليون ڪري ڇڏيون آهن. ** 1935ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ سنڌ نيشنل بئنڪ جو قيام عمل ۾ آندو ويو، جنهن جي شروعاتي سيڙپ 10 لک رپيا هئي، بئنڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ ڀائي سوڀراج جهمٽ مل، مکي گوبندرام پريتمداس، ڀائي گوبندرام هسارام، مکي بيگو مل هوتچند، ڀائي هسو مل چيلارام، ڀائي ڪدومل بصرمل، ٻولچند چنديرام واسواڻي، ڀائي جئرام داس گرداسمل، هوتچند گوپلداس ۽ تهليرام بصرمل شامل هئا. ** 1938ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ڊيموڪريٽڪ ڪوليشن پارٽي جي ورڪنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻي سر غلام حسين هدايت الله جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي جي 11 ميمبرن شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي وئي. ** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ قائداعظم محمد علي جناح اقليتن جي حوالي سان خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ رهندڙ سڀني شهرين کي برابر حق ملندا، اقليتن سان پڻ ٻين شهرين وانگر ورتاءُ ڪيو ويندو. ** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو ويسٽ پاڪستان جي ايم اين ايز کي ايسٽ پاڪستان جي شهر ڍاڪا ۾ 3 مارچ تي اسيمبلي جي سڏايل اجلاس ۾ وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، هن چيو ته اجلاس ملتوي ڪيو ويندو. 1. Dr.Pathan wishes you Good Day. [Dear! Look at me with your inner eyes, and not with eyes of others. You will realize and believe that there is no difference, but distance between you & me. Peep into your heart. It is full of eternal beauty, love & peace, and it is very much needed by me and my society ] گھرجي نظر سندء اندر جي، نرمل ! نیٹن سان نہ نھار، سوچن لوچن ساھ سریر ۾ ، تون ڏس تہ کٹي هڪوار،‏ دوست دليئون ڪين ڌڪار، آھي ان پار سونهن سلام جي.‏‎ ‎ ************* 2.SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (25th FEBRUARY) EVENTS 1835: Colonel Pottenger informs his Government that on arrival of Shah Shuja-ul-Mulk at Hyderabad, Mirs with relations and children paid their respect to him and gave presents to him. 1843: on behalf and instructions of Captain Preedy and Colonel Bileau, Seth Naumal approaches Sardar Sahib Khan Chhuto of Shah Bilawal to help Government in ensuring the protection of property and life of people. 1844: Rs.1, 500 are sanctioned by the Government for the construction of the British Residency in Khairpur State. 1849: His Highness Mir Ali Murad Khan ruler of Khairpur, who remained trustworthy friend of the British Government of India and kept himself away from happenings in Hyderabad/Lower Sindh regarding intrigues of British to usurp Sindh, is blamed by the British Government for making interpolations and additions in the treaty of ‘Noornihar’ between Mir Rustam Khan and Mir Naseer Khan. Today, the Governor of Bombay issues instructions to the Sindh Commissioner that Government would not agree with Sindh Commissioner in his suggestion that Mir Ali Murad Khan be pronounced guilty of the charge of forgery, however, the Government appoints a Committee composed of Commissioner, Major Jacob (Political Superintendent of Upper Sindh Frontier) and Major Lang (Political Agent of Kathiawar) to investigate the matter. 1935: ‘The Sindh National Bank Limited’ is established at Hyderabad with Rs. One million as its Capital investment. Its Board of Directors consists of Bhai Sobhraj Jhamatmal, Mukhi Gobindram Pritamdas; Bhai Gobindram Hasaram; Mukhi Bagomal Hotchand; Bhai Hasomal Chelaram, Bhani Kudomal Basarmal; Bulchand Chandiram Wasvani; Bhai Jeramdas Gurdasmal; Hotchand Gopaldas and Tahlram Basarmal. 1938: Sir Ghulam Hussain Hidayatullah presides over the meeting of ‘Democratic Coalition Party’. It is attended by 11 members including K.B. Muhammad Ayub Khuhro and Haji Amir Ali Lahori. The Finance Bill is discussed at length. 1945: ‘Bazim-i-Mushaera’ of Larkano arranges Poetic Sitting. It is organized by Qadri Family of poets and poetry presented on the occasion is published in the Journal ‘Adeeb Sindh’ latter on. 1947: While defining the attitude towards the minorities, Muhammad Ali Jinnah says in Karachi that ‘the minorities to whichever community they belong must be treated fairly and justly and that every effort should be made by majority community to create in them a sense of security and confidence.’ 1971: Z.A.Bhutto threatens to physically thrash those MNAs from West Pakistan who would go to Dhaka to attend the 3rd March session. Suggest that National Assembly session be postponed or time limit for constitution making be removed.

Thursday 23 February 2023

Sindh in history today (24th February). By. Dr. Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {24th February} & My Good Day Wish for YOU. ************* ***** 24 فيبرورئ جي حوالي سان ڪي اهم واقعا ************* ** 1916ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ هڪ اين جي او طرفان منعقد ڪرايل ليڪچر پروگرام ۾ ايڊووڪيٽ کيمچند گوپلداس ”ليڊر گهرجي“ جي عنوان تي تفصيلي ليڪچر ڏنو، واضح رهي ته اهو دور سنڌ ۾ سياسي سجاڳي جو دور هو، ماڻهن پنهنجي قيادت ڳولڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون هيون. ** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سکر مان هفتيوار اخبار ”سنڌ زميندار“ جي شروعات ٿي، اها اخبار ڪڍڻ جو مقصد خلافت تحريڪ جي سياسي اثر کي نقصان پهچائڻ هو، روزاني ”الوحيد“ ۾ خلافت تحريڪ جي حوالي سان مواد ڇپجي رهيو هو، جنهن کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ اها اخبار آندي وئي، آخري ڏينهن ۾ سنڌ زميندار مسلم ليگ جي حمايت ڪئي، هفتيوار سنڌ زميندار جا باني ايڊيٽر ماسٽر عبدالوهاب ۽ احمد عليگ هئا، جڏهن ته آغا نظر علي، مولوي عبدالغفور سيتائي، در محمد اويسي ۽ حافظ خير محمد اوحدي هن اخبار جا ايڊيٽر رهيا. ** 1923ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جوهي تعلقي جي ڳوٺ ڊرگهه بالا ۾ خلافت ڪاميٽي جي مقامي شاخ جي گڏجاڻي ٿي، مولوي دين محمد ۽ ٻين ان موقعي تي خطاب ڪندي عوام کي صلاح ڏني ته سياست ۾ ڀرپور نموني حصو ورتو وڃي. ** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان، ترڪي ۽ ايران بغداد ٺاهه تي صحيحون ڪري ڇڏيون. ** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو ته ملڪ جي گادي جو نئون هنڌ اسلام آباد هوندو، واضح رهي ته ان کان اڳ ۾ ڪراچي کي ملڪ جو گادي جو هنڌ بڻايو ويو هو. ** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عوامي ليگ جي سربراهه شيخ مجيب الرحمان پنهنجي پيش ڪيل ڇهن نقطن تي نظرثاني کان انڪار ڪري ڇڏيو. ** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عدالت ذوالفقار علي ڀٽو جي اپيل جي ٻڌڻي شروع ڪئي، يحيٰ بختيار عدالت کي اها استدعا ڪئي ته ذوالفقار علي ڀٽو خلاف نواب محمد احمد قصوري ڪيس ۾ آيل فيصلو تڪراري آهي، ان ڪري سزا ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي. ** 1981ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانوي شهزادي چارلس ۽ ليڊي ڊائنا جي شادي جو باضابطا اعلان ڪيو ويو، بڪنگهم پئلس ٻنهي جي مڱڻي ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، واضح رهي ته بعد ۾ 29 جولاءِ تي ٻنهي جي شادي ٿي ۽ برطانيا ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو. ** 1986ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق آرمي چيف جو عهدو ڇڏڻ ۽ ملڪ ۾ وچ مدي واريون چونڊون ڪرائڻ وارو سياسي پارٽين جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو. ************* ڏينهن 24 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون ************* جنم ڏينهن: 24 فيبروري 1304ع مشهور مسلمان سياح ابنِ بطوطهجي مراڪش ۾ پيدائش ٿي. 24 فيبروري 1940ع ليکڪ مظهر قريشي جو جنم ڏينهن آهي. 24 فيبروري 1971ع ليکڪ فيروز اختر جو جنم ڏينهن آهي. 24 فيبروري 1976ع ليکڪ فيروز ڪلهوڙي جو جنم ڏينهن آهي. 24 فيبروري 1981ع ڪرڪيٽر محمد سميع جو جنم ڏينهن آهي. 24 فيبروري 1985ع شاعر ناشاد احسان ملاح (نندو) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 24 فيبروري 1943ع شاعر نواب غلام حيدر لغاري جي وفات ٿي. 24 فيبروري 2005ع تعليمي ماهر ڊاڪٽر محمد صالح گوپانگ جو انتقال ٿيو. 24 فيبروري 2018ع باليووڊ جي مشهور اداڪاره سري ديوي جي وفات ٿي Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Do not cry before everybody. Change the narration so as dear can listen you. Keep your sorrows and problems away from everybody, tell your dear with tears in your eyes. Do not bow before everybody, but surrender before beauty and beloved unconditionally. Understand that love requires life and life needs love] دنیا اڳیان تہ اجايو نہ ايئن ليلائجي، ٻھگڻ کي پيو روئي ٻڌائجي، گھرندي هن پرین کان نہ گھٻرائجي، سیس سونھن ۽ سچ اڳیان نمائجي،‏ پرچاء لاء پاند ڳچئ ۾ کڻي پائجي،‏ لائجي تہ نڀائجي، ساجن سلام سان. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (24th FEBRUARY) EVENTS: 1916: The process of political awakening has started in Sindh and people have started making their concepts about the ‘Leadership’. Today Advocate Khemchand Gopaldas delivers lecture on the topic of the ‘Wanted a leader’. It is organized by the NGO of Karachi. 1922: The Weekly ‘Sindh Zamindar’ is founded in Sukkur. The motive behind starting of this paper is to damage the political cause of the Khilafat Movement, block the way of Daily Al-Waheed to propagate political awakening and make the masses to believe and observe loyalty of the British. In its last days, Sindh Zamindar helped the Muslim League in propagating its cause for Pakistan. Its founder editor was Master Abdul Wahab and Ahmad Ali Aleg, Pir Ali Muhammad Shah Rashdi, pir Husammudin Shah Rashdi;Agha Nazar Ali; Moulvi abdul Ghafoor Sitai; Dur Muhammad Awesi and Hafiz Khair Muhammad Odhi remained its editors. 1923: A public meeting is held at village Drigh Bala of Taluka Johi by the local branch of Khilafat Committee. Moulvi Din Muhammad and others speak on the occasion and advise people to take part in politics religiously. 1945: The Ministry/Government of Sir Ghulam Hussain Hidayatullah is defeated in the session of the Sindh Legislative Assembly. The move is made by G.M.Syed. 1946: The Convention of the Sindh Coalition Party is held at Sunn. 1954: ‘The Baghdad Pact’ is signed by Pakistan, Turkey and Iran. 1960: The Federal cabinet decides to name new capital of Pakistan as “Islamabad’. 1971: Shaikh Mujeeb rules out question of adjustment on 6-points, however assures fair and at par treatment for West Pakistan. 1979: The court starts hearing of the review petition. Yahya Bakhtyar pleads the reduction of sentence for Z.A.Bhutto in Muhammad Ahmad case on the basis of split decision. 1986: Zia rejects opposition demand for mid-term polls and vacating COAS post.

Sindh in history today (23rd February). By. Dr.Pathan

TODAY {23rd February} & My Good Wish for YOU. ************* اچو ته تاريخ جا ورق ورايون: ** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ ايس ايس تولاڻي جو خانگي بل پيش ڪيو ويو، جيڪو سنڌ انڪمبرڊ اسٽيٽس ايڪٽ ۾ ترميم جو بل هو، سنڌ جي سڀني ميمبرن بل جي مخالفت ڪئي، بل ۾ اهو ڄاڻايو ويو هو ته آخري اپيل جو اختيار ڪمشنر کان واپس وٺي ڊسٽرڪٽ جج کي ڏنو ويندو، سر غلام حسين هدايت الله پڻ انهيءَ بل جي سخت مخالفت ڪئي. ** 1935ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل انڊيا اينٽي ڪميونل ايوارڊ ڪانفرنس نئين دهلي ۾ شروع ٿي، سنڌ مان لالچند نول راءِ ۽ ڀائي پرمانند شرڪت ڪئي، ڪانفرنس ۾ ڪميونل ايوارڊ ۽ انڊيا بل کي رد ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته سڄي هندستان ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. ** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خانبهادر الهه بخش سومرو جي ڪابينا ۾ شامل ٻن وزيرن نچلداس ۽ ڏيئل مل استعيفائون پيش ڪري ڇڏيون. ** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي محمد علي جناح ڪراچي ۾ اهو اعلان ڪيو ته مسلم ليگ پاڪستان جي معاملي تي پنهنجي موقف کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽندي، هندستان ۾ 10 ڪروڙن کان وڌيڪ مسلمان رهن ٿا ۽ اتي انهن جي قربانين کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، ان ڪري اسان جو مطالبو آهي ته مسلمانن لاءِ الگ پاڪستان رياست قائم ڪئي وڃي. ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستاني پارليامينٽ جو اجلاس ڪراچي ۾ شروع ٿيو، جنهن جي صدارت گورنر جنرل قائداعظم محمد علي جناح ڪئي، اجلاس ۾ مولوي تميز الدين کي پارليامينٽ جو نائب صدر چونڊيو ويو، ايوان ۾ مهاتما گانڌي جي قتل تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو. ** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عوامي ليگ جي سربراهه شيخ مجيب الرحمان ڍاڪا ۾ اٽڪل 50 لک ماڻهن جي وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي مطالبو ڪيو ته ون يونٽ واري معاملي تي ريفرنڊم ڪرايو وڃي ۽ سڌي ريت خودمختيار پارليامينٽ جي چونڊ ڪئي وڃي. ** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو صدر ايوب خان طرفان مليل هلال پاڪستان جو اعزاز احتجاج طور واپس ڪري ڇڏيو. ** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي غلام مصطفيٰ جتوئي بينظير ڀٽو کي پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن بڻائڻ واري فيصلي جي مخالفت ڪئي. ** 1983ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي ويسٽ واري علائقي ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو ۽ فوج ڪنٽرول سنڀالي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي. ************* ڏينهن 23فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون ************* جنم ڏينهن: 23 فيبروري 1931ع شاعر ضياء الحق اسلم جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 فيبروري 1950ع اداڪار ۽ ڊانسر جئي سري نر سنگهاڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 23 فيبروري 1964ع سگهڙ پناهه علي عرف رب رکيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 فيبروري 1989ع شاعر عبدالله آس هنڱورجو جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 23 فيبروري 1831ع بزرگ فيض الله شاهه جيلاني (گهوٽڪي) جو لاڏاڻو ٿيو. 23 فيبروري 1950ع شاعر غلام احمد نظامي جو انتقال ٿيو. 23 فيبروري 1969ع دلين تي راڄ ڪندڙ اداڪاره مڌوبالا جو انتقال ٿيو. 23 فيبروري 2008ع ناليواري براڊڪاسٽر محمد انور هڪڙو لاڏاڻو ڪري ويو. 23 فيبروري 2015ع سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو جج رٽائرڊ جسٽس ڀڳوانداس ديهانت ڪري ويو. Dr. Pathan wishes you Good Day. [Is it not amazing that everybody claims to be the most beautiful and wisest one in the world, and in spite that he/she is in problem and is problem himself/herself?. It is because, we expect & demand for ourselves, but regret to love & respect and give & forgive others] بکیو ھر ڪو ھت برہ جو، پر سڀ ڪو حسن عقل- ڌٹي، ڪجه بہ ایئن ناھي ملٹو، جي نہ قبوليون ڳڻ اوڳڻ گڏ کٹي،‏ پوءِ ڇو ڪجي نہ ھنڌ ھٹي، معافيءَ تلافيءَ دعا سلام سان.‏ ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (23rd February) EVENTS 1912: The NGO ‘Arya Young Men’s Association’ of Karachi arranges Religious Debate on the topic of ‘the evils of flesh eating’. 1934: The Bombay Legislative Council takes up non-official Bill of S.S.Tolani to amend the ‘Sindh Encumbered Estates Act’. It is lost after a considerable discussion. All members from Sindh oppose the bill and speeches generally followed communal lines. The Bill was intended to shift the final appellate power in suits from Commissioner to the District Judge. Sir Ghulam Hussain Hidayatullah, leader of the House vehemently opposes the bill. 1935: All India Anti-Communal Award Conference starts in New Delhi. Lalchand Nawalrai and Bhai Parmanad participate. Both are from Sindh. 1939: Two Hindu Ministers – Nihchaldas and Dealmal- of K.B.Allah Bux Soomro’s ministry tender their resignation. 1947: M.A.Jinnah declares at Karachi that ‘the Muslim League will not yield an inch in their demand for Pakistan. Whatever the Hindu may do, we shall ever remain generous and good to all. Our demand is just and is the only way to liberate the ten crores of Muslims in India. The sacrifices that the Muslims have undergone elsewhere only show more clearly that we have a separate State of Pakistan’. 1948: The first session of the Pakistan Parliament begins with the Governor-General of Pakistan in chair. Moulvi Tamizuddin Khan is elected Dy. President of the Parliament. The House mourns the death of Gandhi. 1965: U.S Defense Secretary Mc.Namara accuses China of trying to drive a wedge between Pakistan and U.S.A. 1969: Shaikh Mujeeb, while addressing a half million people in Dhaka demands directly elected sovereign parliament and referendum on One-Unit. Bhutto renounces his ‘Hilai-i-Pakistan’ title awarded to him by Ayub Khan. 1978: Rais Ghulam Mustafa Jatoi opposes Benazir Bhutto’s chairpersonship of PPP. 1983: Curfew is imposed in Karachi District West and army takes over area.

Tuesday 21 February 2023

Sindh in history tody (22nd February). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {22nd February} & My Good Wish for YOU. ************* ******* توجھ طلب واقعا ************* 22.2.1842: آئوٽرام اڄ گورنر جنرل جي پرائيويٽ سيڪريٽرئ ۽ ممبئي سرڪار ڏي الڳ الڳ خط لکي ٿو. ٻنهي خطن جو مطلب ساڳيو آھي. هن مير نصير خان بابت ٻڌايو آھي ته مير اسان فرنگين خلاف سازشن ڪرڻ ۾ مصروف آھي. اسان جڏهن افغانستان وارئ مهم جوئي ۾ مصروف آھيون ته هن کي اسان لاء کوٽڻ جو موقعو ملي ويو آھي. پر آئون ان جي تدارڪ ۾ لڳو پيو آھيان. 22.2.1941: سن ۾ جي.ايم.سيد جي صدارت ۾ سنڌ مسلم ليگ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽئ جي گڏجاڻي ۽ ان ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مسلم ليگ کي سنڌ ۾ مسلمانن جي واحد نمائنده پارٽي بڻايو وڃي. 22.2.1945: ڊي.جي.ڪاليج ڪراچئ ۾ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽئ جي مئنيجنگ ڪميٽئ جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي تاريخ تي بنيادي ۽ اهم مواد ۽ معلومات گڏ ڪئي وڃي ۽ سنڌ جي تاريخ جي آئوٽ لائين ٺاهي وڃي ته جيئن گڏ ڪيل تاريخي اهميت واري مواد مان فائدو وٺي تجويز ڪيل آئوٽ لائين مطابق تاريخ نويسئ جو ڪم ڪري سگهجي. [نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ اها آھي ته گل حيات ئي اهڙو واحد ادارو آھي, جيڪو تاريخي اهميت وارو مواد گڏ ڪري ٿو ۽ تاريخي تقاضائن کي ڌيان ۾ رکندي محققن ۽ پڙھندڙن تائين اهو مواد پهچائيندو رهي ٿو يا اهڙي مواد بابت خبر ڏيندو رهي ٿو.] 22.2.1955: سنڌ چيف ڪورٽ مولوي تميزالدين جي درخواست تي فيصلو ڏنو هو ته پاڪستان جي گورنر جنرل آئين ساز ايسيمبلي ٽوڙڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو, اهو غلط هو. مرڪزي سرڪار انھئ فيصلي کي فيڊرل ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو. اڄ فيڊرل ڪورٽ جسٽس منير جي سربراهئ ۾ سنڌ چيف ڪورٽ جي فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪيو. 22.2.1969: ايوب سرڪار اڄ اگرتله سازش ڪيس واپس ورتو ۽ نتيجي ۾ شيخ مجيب ۽ ٻيا 33 ڄڻا آزاد ڪيا ويا. [ پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ پارٽين ۽ شخصيتن تي ملڪ دشمنئ وارا ڪيس ٿيندا رهيا آھن. پر جيئن ته اهي ڪوڙا هوندا آھن ۽ فقط مخالفن کي تنگ ڪرڻ لاء هوندا آھن, ان ڪري اهڙا ڪيس واپس ورتا ويندا آھن. اهڙن ڪوڙن ڪيس داخل ڪرائيندڙ حڪومتن تي ڪو قدم نه کنيو ويندو آھي.] 22.2.1974: لاهور ۾ اسلامڪ سمٽ ڪانفرنس شروع ٿي, جنهن جي صدارت وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي ڪئي. * (اڄوڪي ڏينھن تي پاڪستان بنگلاديش کي هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ طور تسليم ڪيو. 22.2.1978: ذوالفقار علي ڀٽي جي وفادار ۽ مٿس قصيدن جهڙو ڪتاب لکندڙ ڏمرجي پيو ته بينظير ڀٽي کي پارٽئ جي قيادت ڇو ٿي ڏني وڃي. *************** {22 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} ************* [جنم ڏينهن:] 22 فيبروري 1732ع آمريڪا جي پهرين صدر جارج واشنگٽن جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 فيبروري 1857ع اسڪائوٽ تحريڪ جي باني لارڊ بيڊن پاول جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 فيبروري 1915ع سابق صدر غلام اسحاق خان جو جنم ڏينهن آهي. 22 فيبروري 19 40ع شاعر محمد جمن هالو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 فيبروري 1917ع سماج سڌارڪ شيوارام تلوڪ چند (ڀريا / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 22 فيبروري 1923ع ليکڪ بهاري لال ڇاٻڙا جو جنم ڏينهن آهي. 22 فيبروري 1923ع شاعر حافظ شاهه حافظ (ٽکڙ) جو جنم ڏينهن آهي۔ 22 فيبروري 1933ع تعليمدان امرت ڪمار (روهڙي / اجمير) جي پيدائش ٿي. 22 فيبروري 1935ع شاعر سڪايل پهنور (ڦلجي اسٽيشن) جو جنم ڏينهن آهي. 22 فيبروري 1944ع ليکڪا ثميره زرين(شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي [وڇوڙو:] 22 فيبروري 1982ع اردو جي ناليواري شاعر جوش مليح آبادي جو انتقال ٿيو Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Don't trust your beauty and adolescence, because they are not everlasting. Don't be proud of your mind, because it can make wrong decisions. Trust your heart and its love, because it is beautiful and wonderful. It can't betray you and always select second to none. Surrender before beauty, because sincerity and sacrifice is its requirement.] عقل تي نہ هل عقل اڪثر ڪري خطا ٿي ويندو آ, عشق ڪر جو وڏي مشڪل سان ئي عطا ٿي ويندو آ, جوڀن ۽ حسن تہ وقت سان گڏ لاپتا ٿي ٿي ويندو آ, سونهن جو حق ادا ٿي ويندو آ, جان ڏي سلام ڪر. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (22nd February) EVENTS 1832: Government of India updates Colonel Pottenger, its Political Agent, in Sindh about contact with Conduct in the difficult and troublesome discussion with Ruler of Hyderabad and his officers. Pottenger informs his Government that he has been asked by Mir Murad Ali to quit Hyderabad at once and proceed to Khairpur. 1914: Religious and Social organization ‘Bandhu Mandal’ of Karachi celebrates its fourth anniversary. Seth Jasraj chairs the function, whereas Mohanji Varma, Dr.K.B.Patel, and Ramji Manji Vadera speak on the occasion. 1941: The meeting of the Executive Committee of the Sindh Muslim League is held at Sunn with G.M.Syed in Chair, and it is decided that the party be popularized in the province. 1955: The Federal Court of Pakistan headed by Justice Muneer issues orders for stay against the decision of the Sindh Chief Court restoring Moulvi Tamizuddin to his office. The decision remained the topic of talk for a long time. 1969: Agartalla conspiracy case is withdrawn by the Government. Shaikh Mujeeb and other 33 accused persons are released. 1974: Islamic Summit Conference starts in Lahore. It is being attended by 22 Heads of states and Governments. President Fazul Illahi inaugurates and it is presided over by Z.A.Bhutto, Prime Minister of Pakistan. 1978: Moulana Kausar Niazi criticizes the move for naming Benazir Bhutto as Party chairperson.

Monday 20 February 2023

Sindh in history today (21st february). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {21st February} & My Good wish for YOU. ************* 1. Dr. Pathan wishes you Good Day. [I have sight, I have vision and I believe and trust your beauty. I can't turn my face and heart. However, It is tragedy with me that neither you own me, nor I own myself. Whereas, the world kowns that I am affiliated and associated only with you. For seeking and getting vision & wisdom, beauty & love I can't knock any other door except of yours. Dear! I need to be a nice man. Add fragrance and colours of your kindness & greatness, beauty & love in me. Let the people see and believe that because of you I am man of marvelous thoughts and wonderful personality ] سچ سڃاڻي پوء ڇو اهو لڪايان؟ چئبو آئون پيو تان ڪفر ڪمايان, پنهنجو ناهيان پڪ تنهنجو آھيان, دنيا جهان کي ٿو پيو اهو ٻڌايان, توء در بن آئون ڪاڏي ڪاهيان؟ تن من روح جو وارث توکي ڀايان, پرچي پئين تان پوء پاڻ پڏايان, سرت سچ سندرتا ۽ سلام سڏايان. ************* 2. SINDH (includin Pakistan) IN HISTORY TODAY (21st February) EVENTS: 1931: The Branch of the Sindh Azad Party is opened at Village Allahabad Dhakhan of Taluka Dadu and Moulvi Haji Abdullah, Rais Arz Muhammad and Mulla Abdul Majid are elected President, Secretary and Treasurer respectively. 1933: In the session of the Indian Legislative Assembly Lalchand Nawalrai of Larkano supported Mr. Mitra’s plea against the Railway Board whose uselessness was proved by the fact that any complaint made against Railway administration was referred to Railway Agents. 1934: Weekly ‘Sindhwasi’ is founded in Sukkur under the editorship of Sadhu Kalani. 1935: The Quarterly meeting of the Larkano District Local Board is held under the presidency of Nabi Bux Khan Bhutto and it is attended by Muhammad Sidik Wagan, Qadir Bux Tunio; Allahdad Tunio; Pir Bux Khuhawar; Faqir Muhammad Unar; Abdul Hadi Bughio; Pirbhdas Tolani; Ahmad Khan Bhutto; Diwan Bhojraj; Fariduddin Jatoi; Hassan Ali Isran; Ali Gohar Lahori ; Gokaldas and Abdul Haq Bhutto. The Board decides to present an Address to Sir Shahnawaz Bhutto on the eve of his Larkano visit. 1940: The Congress member of the Sindh Legislative Assembly, Mr . Mohandas Doulatram brings No-Confidence Motion against K.B.Allah Bux , the Premier of Sindh, in the Assembly. 1952: Thirty-Six students are killed in East Pakistan protesting the rejection of Bengali as one of Pakistan’s national languages. The East Pakistan Assembly passes resolution favoring Bengali as official language. 1956: The Constituent Assembly of Pakistan decides that Karachi will continue to be the Federal Capital till such time as Parliament by law decides the area of the Federal Capital. 1969: The President Ayub, while addressing the Pakistani nation on Radio announces not to contest next elections and promises peaceful transfer of power. 1972: PPP sweeps polls for women seats in all the provincial assemblies. 1978: Sectarian clash during Milad-ul-Nabi (P.B.U.H) procession leave eight dead in Karachi. 1981: MRD demands Gen.Zia’s resignation and announces General Strike on 23rd of March.

Sunday 19 February 2023

Sindh in history today (20th February). By.Dr.Dur Muhammad Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {20th February } & My Good Day for you. ************* **** ڌيان طلب واقعا ************* 20.2.1840: ليفٽيننٽ جنرل سر جان ڪين سنڌ ۾ فرنگي فوج جي نئين سر منصوبه بندي ڪرڻ لاء اڄ گورنر جنرل کان منظوري گهري. هن فرنگي فوج کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ گهريو: 1). ڪراچئ جي قبضي کي برقرار رکڻ لاء ڪراچئ ۾ ضرورت مطابق فوج رکجي, 2). سنڌ ۾ فرنگي مفادن جو بچاء ڪندڙ فوج ٺٽي ۾ رکجي, 3). افغانستان موڪلڻ واري فوج ٻن حصن ۾ ورهائي اتر سنڌ ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ رکجي. 20.2.1917: هند سرڪار انھن سنڌي واپارين ۽ انھن جي واپاري ڪوٺين خلاف سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو. انھن سنڌ ورڪيز لاء چيو ويو ته اهي آمريڪا ۾ قائم ڪيل "غدر تحريڪ" جي مالي مدد ڪن ٿا ۽ ان جي ٽپال به واسطيدارن تائين پهچائن ٿا. ياد رکڻ جي ڳالھ اها آھي ته اها پارٽي هند سرڪار خلاف بڻائي وئي هئي. 20.2.1919: ڪراچئ جي خالق ڏني هال ۾ مسلمانن جو هڪ وڏو جلسو ٿيو, جنهن جي صدارت مولوي عبدالڪريم درس ڪئي. هن جلسي ۾ ٺھراء پاس ڪري انگريز سرڪار جي ترڪئ بابت حڪمت عملئ جي ندا ڪئي وئي ۽ انھئ ڳالھ تي تشويش ڏيکاري وئي ته ترڪي سلطنت کي ٽوڙي نوان ملڪ جوڙيا پيا وڃن. جلسي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا خلافت ۽ ترڪئ جي مسئلي تي عوام کي آگهي ڏئي. 20.2.1923: ڪراچي هوم رول ليگ طرفان جمشيد مهتا جي صدارت ۾ ليڪچر پروگرام ٿيو, جنهن ۾ نامور قلم ڌڻئ ڄيٺمل پرسرام ملڪي حالتن تي روشني وڌي. ياد ڪرڻ جي ڳالھ هئ آھي ته ماضئ ۾ سياستدان ۽ سياسي پارٽيون اديبن ۽ دانشور کي گهرائي ليڪچر ڪرائي ٻڌنديون هيون. اسان جي زماني ۾ اديبن ۽ دانشورن کي سياستدان ويجهو به اچڻ نه ڏيندا آھن. 20.2.1931: اڳي سياستدان ۽ سياسي پارٽيون عوام کي طاقت جو سرچشمو سمجهي عوام سان گڏجي قومي سياست ڪنديون هيون. اڄ سنڌ ۾ عيدالفطر جو ڏينھن آھي. عيد نماز پڙھڻ کان پوء تعلقي ڊگڙي جي ڳوٺ مولوي عبدالحي, حيدرآباد ۽ ماتلئ ۾ عوامي ميڙاڪا ٿيا ۽ "سنڌ آزاد پارٽئ" جون شاخون کولي هن ريت عهديدار چونڊيا ويا: 1). ڳوٺ مولوي عبدالحي ۾ مولوي عبدالحي صدر ۽ الله ڏنو ڀٽو سيڪريٽري. 2). ماتلي ۾ محمد خان نظاماڻي صدر, مولوي عطاء الله سيڪريٽري ۽ حاجي ڪريم بخش خزانچي. 3). حيدرآباد ۾ پير غلام مجدد صدر ۽ عبدالجبار خزانچي. 20.2.1939: خانبهادر الله بخش سومري پنهنجئ حڪومت ۾ سر غلام حسين هدايت الله کي هوم منسٽر ڪري کنيو. 20.2.1947: لارڊ مائونٽ بيٽن کي گڏيل هندستان جو آخري وائسراء مقرر ڪيو ويو. هن جي ايامڪارئ ۾ هڪ هندستان مان پاڪستان ۽ انڊيا جي نالي ٻه ملڪ قائم ٿيا. 20.2.1969: عوامي قوت اڳيان ڪا به غلامي يا آمريت ڪا طاقت نه ٿي رکي. ڏه سال ڏاڍ سان ملڪ هلائيندڙ ايوب خلاف عوام اٿي پيو ته ايوب جهڪي پيو. اڄ ھن مکيه شھرن مان قلم 144 به هٽايو ۽ جن شهرن ۾ ڪرفيو لڳايو هو, سو به هٽايو. 20.2.1996: پاڪستاني سياست جو اهو مخصوص انداز رهيو آھي ته هن ملڪ ۾ جڏهن به ڪا انڌي منڊي لولي لنگڙي جمهوري حڪومت اقتدار ۾ ايندي آھي ته مخالف ڌر ان جي تڏا ويڙھ ڪرائڻ لاء هڪ پير هڻندي آھي. اڄ لنڊن ۾ نواز شريف ۽ الطاف حسين جي گڏجاڻي ٿي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته هٿ هٿ ۾ ڏئي بينظير-حڪومت کي ڊاهي ساه کڻجي. اها پڻ اقتدار جي اصل ۽ مستقل طور واڳ سنڀاليندڙن جي چال هوندي آھي ته ڪرسئ تي ويٺل ۽ ڪرسئ کان پري سياستدانن کي پاڻ ۾ ويڙھائي بڇڙو ڪري ملڪ تي غير جمهوري حڪومت قائم ڪرڻ جو ماحول پيدا ڪجي. ************* {20 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 20 فيبروري 1931ع شاعر خير محمد سوز جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 فيبروري 1934ع ليکڪ قمر حيدري جو جنم ڏينهن آهي. 20 فيبروري 1942ع سماج سڌارڪ ڀڳوان ڪلماڻي (ٽنڊو آدم / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 20 فيبروري 1942ع شاعر ناز مغل جو جنم ڏينهن آهي. 20 فيبروري 1956ع راڳ جي راڻي عابده پروين جو جنم ڏينهن آهي. 20 فيبروري 1967ع ليکڪ بخت ٻرڙو (خيرپور ناٿن شاهه) جو جنم ڏينهن آهي. 20 فيبروري 1977ع شاعر تنها سيف بخاري(هالا) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 20 فيبروري 1944ع سياسي اڳواڻ قاضي خدا بخش جي وفات ٿي. 20 فيبروري 1970ع مذهبي اسڪالر مولانا معين الدين خيانروي لاڏاڻو ڪري ويو. 20 فيبروري 2018ع ناميارو شاعر سوز هالائي لاڏاڻو ڪري ويو. 1. Dr. Pathan wishes you Good Day. [Who is at liberty and free in this society? Most of us are mentally, psychologically and ideologically slaves. Some are ruled by selfishness and vested interests and some are subjects of their heart or mind. My love & respect and sincerity is at the disposal of my dear, but in this situation his/her behavior, attitude and response is controlled by his/her mode, desire and wish. Since centuries it has been tradition of our hearts, minds and Society. In this way we are being ruined by ego, fear and doubts and that has snatched our freedom ] اسان خادم پرين جا پرين پنهنجئ مرضئ جا محتاج, اهي آھن غلامئ جا رواج,صدين کان سرت سلام بجاء. ************* 2. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (20th FEBRUARY) 1840: Lieutenant-General Sir John Keane makes arrangements for breaking of the part of the army of Indus under the command of Major-General Wilshire and distribution of the troops to remain in Upper Sindh and Lower Sindh for political and military reasons. 1917: The Government of India, with reference to the alleged participation of certain Sindhi firms in Sierra Leon with the Ghadar movement in America, states that ‘We are aware that the partners and employees of such firms abroad are in many cases seditiously inclined and probably find in lucrative to keep in with the revolutionary party. We also know that they subscribe money, help to circulate seditious papers and accommodate plotters in distress’ 1923: Jethmal Parsram highlights the present political situation in Sindh and Hind. The lecture is arranged by the Karachi Home Rule League and it is presided over by Jamshed Mehta. 1931: On the eve and day of Eid-ul-Fitr, the Branches of the Sindh Azad Party are opened at Village Moulvi Abdul Hai of Taluka Digri, Hyderabad and Matli. In big public meetings office-bearers are elected at three places. At Hyderabad, Pir Ghulam Mujadid is elected as President and Abdul Jabbar as Treasurer. At Village Abdul Hai, Moulvi Haji Abdul Hai and Allahdino Bhutto are elected President and Secretary respectively. Whereas at Matli Muhammad Khan Nizamani (President), Moulvi Attaullah (Secretary) and Haji Karim Bux (Treasurer) are elected as office-bearers. 1935: Sir Shahnawaz Bhutto, Minister for Local Self-Government, Bombay Presidency, while winding up debate on his Department, announces that Rs.3300 will be provided as aid to Village Panchayat in the Presidency and the equal amount of that will be spent on the uplifting of rural areas. 1939: K.B.Allah Bux inducts Sir Ghulam Hussain Hidayatulla as minister in his cabinet. He is given portfolios of Law and Order and Home. 1969: Ayub-Government bows before agitators. Section 144 is withdrawn from major cities. 1994: Three Afghanis hijack a Peshawar School Bus to Islamabad. Demand convoys of food supplies for Afghanistan, five helicopters and five million Dollars as ransom. 1996: Opposition leader Nawaz Sharif holds talks with MQM leader Altaf Hussain. Both want to get rid of PPP Government

Saturday 18 February 2023

Sindh in history today (19th February). By. Dr.Dur Muhammad Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {19th February} & My Good Wish for YOU. ************ ******* واقعاتي تاريخ ************* 19.2.1968: رڻ ڪڇ جي مالڪئ تي پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ جنگي جهڙپون به ٿيون, پر ٻنهي ملڪن مسئلي جي حل لاء ”انٽرنئشنل آربيٽرل ٽريبيونل“ ۾ ڪيس ڪيو. انهئ ٽرابيونل پاڪستان کي رڻ ڪڇ جي اتر واري حصي ۾ ساڍا ٽي سو هم چورس ميل ڏنا. پاڪستان جي گهر ساڍا ٽيه هزار چورس ميلن جي هئي. (ياد رهي ته ٽرابينل جو فيصلو ۽ بحث ڪن وڏن جلدن تي مشتمل آھي ۽ گل حيات کان سواء سنڌ جي ڪنهن لائبررئ ۾ موجود ڪونهي). 19.2.1969: ڀٽي, ڀاشانئ ۽ ڪجھ ٻين سياستدانن فيصلو ڪيو ته هو انهئ رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس ۾ شامل نه ٿيندا, جيڪا ايوب-حڪومت سان سياسي مونجهارن بابت ويهي ويچاريندي. 19.2.1974: لاهور ۾ ٻن ڏينهن واري مسلمان ملڪن جي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس شروع ٿي. 19.2.1982: اڄ ڪابل طرف کان پاڪستان ۾ قائم ٿيل افغاني مهاجرن جي ڪئمپ تي بم وسايا ويا. 19.2.1989: پاڪستان ۾ قائم ٿيل ”افغان سپريم ڪائونسل“ فيصلو ڪيو ته افغانستان ۾ جيڪا عبوري حڪومت جوڙي ٿي وڃي, اها انجنيئر احمد خان جي سربراهئ ۾ قائم ڪجي. 19.2.1996: ڪراچئ ۾ دهشتگردن هٿان ٿيل هنگامي ۾ 7 بيگناه ماڻھون ماريا ويا. ************ 19 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 19 فيبروري 1879ع ليکڪ ۽ تعليمي ماهر جڳت راءِ ايسرداس (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 فيبروري 1916ع تعليمي ماهر پرمانند جيسرام (سنڌ / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 19 فيبروري 1919ع گلوڪار ۽ شاعر هريرام پهوجا (جيڪب آباد / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي. 19 فيبروري 1949ع سياستدان ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ اسفنند يار ولي جو جنم ڏينهن آهي. 19 فيبروري 1951ع مذهبي اسڪالر علامه طاهرالقادري جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 19 فيبروري 1952ع مذهبي اسڪالر ۽ آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪن مولانا محمد علي جوڻيجو جي وفات ٿي. 19 فيبروري 1974ع ليکڪ ۽ فريڊم فائيٽر نارائڻ داس ملڪاڻي لاڏاڻو ڪري ويو. 19 فيبروري 1998ع پاڪستان جي 450 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪندڙ فلمي اداڪار آغا طالش جو انتقال ٿيو. 19 فيبروري 2008ع ليکڪ، صحافي رام ڪرشن هيرانند راهي بمبئي ۾ ديهانت ڪري ويو. 19 فيبروري 2015ع ليکڪ، ماهر تعليم ۽ سنڌي لغت سائل ڪوش جوڙيندڙ پروفيسر سترامداس سائل جڙيا سنگهاڻي احمد آباد ۾ ديهانت ڪري ويو. Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Though, my dear is different and not difficult, but distance and differences have made everything difficult. I accepted her/him as a human-being, but he/she is always behaving like an Angel. Whereas, angels never believe in human contacts, connections and relations. Therefore, dear can't dare to listen, understand and accept me. Reciprocation is not in his/her nature. Again and again I have to make him/her believe that he/she is love & beauty, but have found him/her abiding by hatred and discrimination.] جن کي سمجهيوسين ماڻھون سي تان نڪتا فرشتا, خبر ڪهڙي فرشتن کي تہ آھن ڇا روح سندا رشتا, ان لاء سمجهن ڪو نہ سپرين سور پنهنجا سربستا, پرين ڪو نہ پرتا, تان جو ڪياسين سلام سرت سان. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (19th February) EVENTS: 1847; The Collector of Hyderabad is directed by the Sindh Government to resolve the issue of Boundary line between Hyderabad Collect orate and Khairpur state and it should be kept in mind that land is exchanged on equal terms of produce. 1915: It was proposed by Moulana Obedullah Sindhi to revolt against British Government throughout united India, on this date. He sent that secret message and was disclosed to the police in Punjab. With the result that Moulana Muhammad Sadiq of Khada was arrested and was sentenced to rigorous imprisonment. So many other peoples were also arrested. This initiate is known as ‘Tahreek Reshmi Roomal’ in the history of our Freedom Movement. 1935: ‘Anti-Separation Conference’ is held at Hyderabad. But, it was too late now. Muslim Upper Class has won the political game and Sindh as to be separated from the Bombay Presidency. 1974: The Governor of Punjab, keeping in view the possibility of outbreak of communal violence, promulgates an ordinance to empower the Punjab Government to deal with communalists with Iron hand. 1954: Treaty of Friendship is signed between Turkey and Pakistan. Both countries will cooperate in spheres of politics, economics and culture. 1968: International Arbitral Tribunal awards to Pakistan 350 square miles against claim over 3500 square miles in the north part of the disputed Rann Jo Kutch. 1974: Two-day Islamic Foreign Ministers Conference begins in Lahore. 1996: Seven are killed in Karachi violence

Friday 17 February 2023

Sindh in history today (18th February). By. Dr. Dur Muhammad Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {18th February} & My Good Day Wish for YOU. ************* ******* دعائن, نيڪ تمنائن ۽ سلامن کان پوء اوهان کي تاريخ جو نياپو ڏيان ٿو. ان لاء 18 فيبرورئ جي حوالي سان تاريخ مان ورق کڻي اوهان جي حضور ۾ حاضر ٿيو آھيان. تاريخ ان ڪري پڙھڻ, ٻڌڻ ۽ سمجهڻ ضروري آھي ته اها قدرن, نظرين ۽ اصولن جا خد و خال ٺاهيندي آھي ۽ اها قوم جي ترقئ يا تنزل جي رفتار ٻڌائيندي آھي. تاريخ ٻڌائيندي آھي ته قوم تي ڪڏهن ۽ ڇو مصيبت ايندي آھي ۽ قوم پنهنجي وڃايل مزاحمتي قوت ڪيئن حاصل ڪندي آھي. سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اسان ۽ اسان جون حالتون صدين کان بدليون ناهن. نه ڄاڻان ڪڏهن اسان مزاحمت ۽ مدافعت جي سگھ وڃائي چڪا آھيون. سنڌي حڪمرانن کي ڌارين انھئ ڪري شڪست ڏني جو هر دور ۾ انھن پاڻ ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ بدران اختلافن ۽ شڪن جو شڪار ٿيا. ان کان سواء حاڪمن پنهنجي عوام کي پاڻ کان پري رکيو ۽ جنگيون انھئ پاڻ اڪيلا ٿي وڙيا ۽ شڪست کاڌائون. صورتحال اڄ به ساڳي آھي. سياسي اتحاد جو عالم اهو آھي ته مٿي ۾ وار گهٽ آھن, پر سياسي پارٽيون وڌيڪ آھن. ڪيترا سياستدان عوام کي پنهنجي ڪرڻ بدران دشمن-نوازئ تي ڳنڍ ٻڌي بيٺا آھن. زور رڳو نعرن تي آھي,مگر مزاحمت ۽ قرباني جو نالو نشان به ڪونهي. ************* توجھ طلب واقعا ************* 18.2.1832: پاٽينجر ۽ سندس سرڪار وچ ۾ کوڙ ساري خط و ڪتابت ٿي, انھن جو اختصار هي آھي: 1). ميرن تو لاء کوڙ مسئلا پيدا ڪيا, پر جس هجئي جو تو پنهنجو ڪم ڪري ورتو, 2). رنجيت سنگ سان سنڌوندي واپاري ۽ فوجي مقصدن لاء ڪتب آڻڻ بابت ڳالهيون ڪاميابئ طرف وڌي رهيون آھن. 18.2.1843: نيپيئر اڄ مياڻئ منجهان پنهنجي گورنر جنرل کي ڪالهوڪي لڙائئ جو احوال تفصيل سان لکي موڪليو. هو لکي ٿو ته مان اڃان هالا ۾ ھئس ته خبر اٺ ھزار ٻروچن ميجر آئوٽرام جي ڪئمپ تي حملو ڪيو, پر هو پاڻ بچائڻ ۾ ڪامياب ويو. مان 16 فيبرورئ تي مٽيارئ روانو ٿيم. 17 تاريخ تي پره ڦٽئ وقت مياڻئ ۾ جنگ جي ميدان ۾ پهچي حملو ڪيم. ڪيترن ميرن جي ويڙھ ۽ بهادري ڏسي مان حيران ٿي ويس. ٻنھي طرفن جي وڏي جاني نقصان کان پوء نيٺ اسان جنگ کٽي ورتي. ان کان پوء مير رستم خان, مير نصير خان, مير ولي محمد خيرپوري, مير نصير خان خيرپوري, مير شھداد خان ۽ مير حسين خان پاڻ اچي پيش پيا ۽ مون اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيائون. اسان جا 256 جوان مري ويا ۽ ميرن جا 5000 ماڻھون مري ويا. سڀاڻي حيدرباد جو قبضو وٺندس. 18.2.1843: قابض, ڪاذب ۽ غاذب نيپئر اڄ مير شير محمد کي خط لکيو ته "تنھنجو خاص نمائندو سيد امام بري تنھنجو نياپو کڻي آيو آھي ته ڪالهوڪئ جنگ ۾ تو ڪو به حصو نه ورتو ۽ تنھنجي فوج ميرپور جي حدن کان ٻاهر پير نه رکيو. تو اهو ٺيڪ ڪيو. هاڻي توکي چوان ته گڏ ڪيل فوج کي ڇڙ و ڇڙ ڪر. جي تو ايئن نه ڪيو ته آئون قهر بڻجي اچي ڪڙڪندس." 18.2.1847: سنڌ سرڪار حيدرآباد جي ڪليڪٽر کي هدايت ڪئي ته مير علي مراد خان سان ملي ڳوٺن ۽ پرڳڻن جي مٽاسٽا جي مامري تي ڳالهاء ته جيئن ان سان حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ ۾ بهتر انتظام رکي سگهجي. 18.2.1948: سر شاهنواز خان ڀٽو جهوناڳڙه اسٽيٽ جو ديوان هو. هن ڪوشش ورتي ته اها رياست پاڪستان ۾ شامل ٿئي. هن ٿورو خزانو به اتان پاڪستان موڪليو. رياست انڊيا پنهنجي قبضي ۾ ورتي ته پاڪستان دانھن کڻي اقوم متحده ۾ ويو. اڄ انھئ تي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ بحث ٿيو. نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ ھئ آھي ته جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جي پاڪستان ۾ حڪومت قائم ٿي ته هن سنڌ ۾ لڏي آيل جهوناڳڙه جي نواب کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو هو. 18.2.1949: نئين ملڪ ٺھڻ بعد وفاق سنڌ ۾ حڪومتن مٿان حڪومتون بدلايون. اڄ يوسف هارون سنڌ جو وڏو وزير ٿيو. 18.2.1969: جڏهن ايوب جي اقتدار جي ٻيڙي ٻڏڻ لڳي ته هن پنهنجي اقتدار کي بچائڻ ۽ پنهنجي خلاف هلندڙ تحريڪ کي ختم ڪرائڻ لاء نوابزادي نصرالله خان کي ميڙ منت ڪئي ته سياستدان گڏ ڪري ڏي ته ساڻن ڳالهيون ڪيان. کوڙ ڪائنچ قميص سبرائي تيار ٿيا. پر شيخ مجيب, مولانا ڀاشانئ ۽ ذوالفقار علي ٺڦ انڪار ڪيو ته ايوب سان ڪا ڳالھ ٻولھ ڪجي. 18.2.1979: "ڀٽي جي جان بخشئ جون کوڙ ساريون رحم جون اپيلون مليون آھن. پر انھن تي آئون اڪيلو ڪو فيصلو ڪري نه ٿو سگهان. پنهنجي فوجي ساٿين ۽ وزيرن سان صلاح ڪرڻي پوندي." - جنرل ضياء الحق جو ردعمل. 18.2.1984: سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي جي ڪاروباري ڪميٽي جي گڏجاڻي شهيد سومرو جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ غلام قادر گل ملاح، اسير ملاح، شهيد سومري ۽ هاشم شوري شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪري محمد نواز عباسي ۽ غلام رسول شوق جي ميمبرشپ منظور ڪري کين سنگت جو باقاعده ميمبر ڪيو ويو ۽ ڪوٽڙي جي نوجوان ۽ نئين ٽهيءَ جي ليکڪن جي رهنمائي لاءِ مهيني ۾ هڪ ڀيرو سنگت جي گڏجاڻي ۾ برک اديبن کي گهرايو ويندو. ان کان علاوه قادر بخش طالباڻي جي والد مولانا عبدالحق رباني، استاد بخاري جي والده ۽ نشرناٿن شاهي جي نياڻي جي وفات تي ڏک ظاهر ڪري همدردي جو اظهار ڪيو ويو. 18.2.1984: سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي هفتيوار گڏجاڻي رمپا پلازه ڪراچي ۾ عابد خاناڻي جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ شاهه محمد پيرزادي، الطاف احمد ۽ غلام عباس جلباڻي غزل تنقيد لاءِ پيش ڪيا. جڏهن ته عابد خاناڻي، رئوف نظاماڻي، شڪور نظاماڻي، محمد بخش سومرو، شبير سومرو، روشن لاشاري، اسلم، جاويد ڀٽي ۽ صادق تنقيد ۾ حصو ورتو. 18.2.1984: سنڌي ادبي سنگت ملير جي گڏجاڻي مصطفيٰ لاکي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ عبداللطيف دادلاڻي مضمون، فيض الله گوپانگ ۽ محمد رحيم خاصخيلي ڪهاڻي پڙهي. تنقيد ۾ جان محمد، غلام سرور عباسي، مشتاق خواجه، حبيب الله ابڙي، محبوب حسين، عبدالستار ۽ ٻين حصو ورتو. 18.2.1996: بينظير اڄ قادرپور گئس فيلڊ جو افتتاح ڪيو. [سنڌ ۾ ڪيترن ماڳن مان گئس ملي آھي. پر اسان جي اقتصادي ماهرن انھن سمورن هنڌن بابت ڪا تفصيلي رپورٽ ڪانه ٺاهي آھي ته روزانو ڪيتري گئس نڪري ٿي, سنڌ کي استعمال لاء مجموعي طور ڪيترئ گئس جي ضرورت آھي, جتان جتان گئس لڌي آھي اتي اتي سنڌ جي بيروزگارئ جو ڪيترو مسئلو ختم ٿيو آھي. گئس نڪرڻ سان سنڌي سماج ۽ معيشت تي ڪهڙا اثر پيا آھن. اسان جا دانشور ۽ سياستدان ڳالهيون ته وڏيون ڪندا آھن, ذھن بدلائيندڙ تحقيقي ڪم نه ڪندا آھن ۽ نه وري ڪرائيندا آھن] ************* {18فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 18 فيبروري 1907ع ليکڪ چنچلداس آريا سپوت (نوابشاهه / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 فيبروري 1927ع ليکڪ ڪرشن کٽواڻي (ٺارو شاهه) جو جنم ڏينهن آهي. 18 فيبروري 1931ع هند ۽ سنڌ جي ناليواري ليکڪ ۽ اديب ٺاڪر چاولاجو جنم ڏينهن آهي. 18 فيبروري 1933ع ليکڪ رام گيانچنداڻي (ٺارو شاهه / نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 18 فيبروري 1940ع شاعر غلام حسين شاد جو جنم ڏينهن آهي۔ 18 فيبروري 1958ع ڊانسر مڌو بخشاڻي (بڙودا) جو جنم ڏينهن آهي۔ 18 فيبروري 1974ع شاعر ذوالفقار راز (سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي۔ 18 فيبروري 1976ع گلوڪارسعيد احمد تنيو (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي۔ 18 فيبروري 1984ع ليکڪ رضوان مهيسر جو جنم ڏينهن آهي۔ 18 فيبروري ميڊيا سان تعلق رکندڙ مهتاب علي نور جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 18 فيبروري 1989ع درويش سوامي اٽل رام(لاڙڪاڻو) ديهانت ڪري ويو. 18 فيبروري 1936ع صوفي شاعر سيد علي اصغر شاهه راشدي (پير ڳوٺ) جو لاڏاڻو ٿيو. 18 فيبروري 1942ع شاعر هادي بخش مسڪين جو انتقال ٿيو. 18 فيبروري 1942ع صوفي شاعر فتح الدين شاهه مسڪين لاڏاڻو ڪري ويو. 18 فيبروري 1967ع شاعر ۽ سياستدان مولوي احمد علي مجذوب لاڏاڻو ڪري ويو. 18 فيبروري 1977ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولانا عبدالرحمان ضيائي وفات ڪري ويو. 18 فيبروري 1986ع ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ عزيز سلام بخاري لاڏاڻو ڪري ويو. 1. Dr.Pathan wishes you Good Day. [If it is impossible for you to love human beings, make it possible by honouring and respecting yourself. If it is impossible for you to believe others, make it possible to believe yourself. Try to understand self. Dear! You are beauty and you are love. Most of time dare to share fragrance of human vision & wisdom] محبت نہ ڪجي پر ماٹھپي مان نہ وڃجي، اسان کي نہ بہ سھي پر پاڻ کي ئي مڃجي.‏‎ ‎ ڪنهن چيئي هئ زندگي سڪونجو نالو ٿي؟ رات هجي انڌوڪار هجي پر ٿڪ نہ ڀڃجي. ************ 2.SINDH IN HISTORY TODAY (18th FEBRUARY) EVENTS: 18th February 1843: Charles Napier writes to Mir Sher Muhammad of Mirpurkhas that ‘ Syed Imam Bari, your deputy, came to me with a message from you, that your Highness is the friend of the British, and you did not march with your army beyond your own territory in this fight; therefore, I approve of your Highness’s message. And now it is necessary that you should disperse your troops you have with me, and so keep no one with you (in shape of army); and if I find that your Highness has any collected, I shall attack them. If you disperse your troops, and keep no one with you, I shall reckon you just the same as before;- friend and ally of the British’. 1847: Secretary to Government of Sindh asks Collector of Hyderabad to wait upon the Ruler of Khairpur with view to arranging for an exchange of land adjoining Sadhuja in place of such scattered in the Hyderabad Collect orate. 1929: G.M.Syed intends to implement his ‘Goth Sudhar’ (Village- improvement) Program. It includes to improve literacy rate, to encourage Home Industry, to open Night Schools, to organize peasants, to include womenfolk in social and economic uplifting . Today, Weekly ‘Muslam’ of Mirpurkhas carries this idea. 1931: The Branch of Sindh Azad Party is opened at Karam Khan Nizamani of Taluka Hala and Moulvi Khair Muhammad, Hamid Khan and Hussain Khan are elected as the President, Secretary and Treasurer. 1947: Moulana Abul Kalam Azad, Central Education Minister announces Educational Policy for United India. It includes the setting up of a ‘National Museum’, the allocation of funds for ‘Research’ and development of ‘Archeological studies’ and the use of broadcasting and films for the purpose of mass education.[In Pakistan, none of indicated fields have still been included in the scheme of education]. 1949: Yousif Haroon takes over as the Sindh Chief Minister. 1969: Shaikh Mujeeb refuses to participate in govt-opposition talks. Dhaka, Karachi and other cities are in grip of marches and demonstrations. People are determined to get rid of Ayub. 1979: For clemency pleas for Z.A.Bhutto, I have to consult military council and cabinet, says Zia.

Sindh in history today (17th February). By. Dr. Dur Muhammad Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {17th February} & My Good Wish. ************* تاريخ جو نياپو: تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ ۽ سنڌين ماضئ ۾ ٻه دفعا اهڙا اهڙا لوڏا کاڌا, جو وري پاڻ سنڀالئ انھئ حيثيت کي حاصل ڪري نه سگهيا. پهريون دفعو مهين جي تباهي ۽ ٻيو دفعو ميرن جي انگريزن هٿان شڪست. مهين جي دڙي کان اڳ مهين جي تهذيب ايترو ته وڏي اوج تي هئي جو جنھن جو مثال دنيا جون تهذيبن جي تاريخ مان نه ٿو ملي. هن حادثي اسان کي اهڙو ڪاپاري ڌڪ ھنيو, اڄ تائين پاڻ سنڀالي نه سگهيا آھيون. اهو ئي سبب آھي جو سنڌي ماڻھون سائنس, ٽيڪنالاجئ ۽ هر علم ۾ ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏئي نه سگهيو آھي. اهڙئ ريت 17 فيبرورئ 1834 تي اسان کي دائمي غلامئ جا زنجير ڳچين ۾ وڌا ويا ۽ جن کي اسان پيرن جا گهنگهرو بڻائي اڄ به نچندا رهون ٿا. اڄ 17 فيبروري آھي. اهو سنڌ جي تاريخ جو هڪ تاريڪ ڏينھن آھي. شايد ڪيترن کي ياد به نه هجي. پر تاريخ اسان کي اهڙيون يادگيريون ڏياريندي آھي. اچو ڏسو ته اڄ تاريخ اسان کي ڇا ٿي ياد ڏياري. ************* توجھ طلب واقعا ************* 17.2.1832: پاٽينجر جيڪو ميرن سان معاهدو ڪرڻ لاء سنڌ آيل هئو, سو اڄ خط لکي پنهنجئ سرڪار کي ٻڌائي ٿو ته حيدرآباد ۾ عوام هن جي خلاف پيو سوچي ۽ سندن رويو مون سان درست ناهي. ان ڪري مير مراد علئ صلاح ڏني آھي ته ڪڇ موٽي وڃ. هن منھنجي حفاظت جو ڪم احمد خان ۽ بخش علئ کي سونپيو آھي ۽ چئي ٿو ته جيڪڏهن خيرپور وڃڻو اٿئي ته اهي تو سان گڏ هلندا. 17.2.1835: سنڌي عملدارن کي جڏهن فرنگي سفارتڪارن جي نيتن تي شڪ ڪيو ته اهي لکپڙھ جي حوالي سان فرنگين کي موٽ ڏيڻ ۾ رخنو وجهڻ لڳا. اها ڳالھ محسوس ڪندي پاٽينجر پنهنجي عملي کي چيو ته جيڪڏهن ميرن سان لکپڙھ يا رابطو قائم ڪرڻ گهرو ته اهو ڪم منشي ڄيٺانند معرفت ڪريو. ان سان ڪنهن ڪم ۾ اجائي دير نه لڳندي. پاٽينجر ميرن سان "انڊس ٽول ٽريٽي" (سنڌو ندئ ذريعي واپاري سامان موڪلڻ تي لڳندڙ معاضي بابت ٺاه) ممبئي سرڪار کي موڪلي ڏنو ته جيئن اها مختلف زبانن ۾ سرڪاري گزيٽ ۾ شايع ڪري ته جيئن واپارين کي پتو پئي. 17.2.1843: مياڻئ وٽ نيپيئر اره زورائي ڪري ميرن مٿان جنگ مڙهي. مير نصير خان جي اڳواڻئ ۾ حيدرآبادي حڪمرانن حڪومت ۽ ملڪ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي مگر ان ۾ ناڪام ويا. ميرن کي شڪست ملي ۽ نڀاڳو نيپيئر ڪامياب ويو. 17.2.1947: اسان جي وڏڙن علم ادب ۽ تاريخ جي خدمت ڪرڻ وقت معيار کي آڏو رکيو. هنن ڪڏهن به ذات پات, دين ڌرم يا ڪنهن ٻئي رشتي کي بنياد نه بڻايو. مانڪ پٿاوالا هڪ وڏو عالم هو. هن جو ڪراچئ تي جاگرافئ وارو انگريزئ ۾ لکيل ڪتاب تمام اهم ڪتاب آھي. هن انھئ ڪتاب ۾ شامل مواد کي "سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽئ" ۾ انعامي چٽاڀيٽئ لاء پيش ڪيو هو. اڄ هسٽاريڪل سوسائٽئ جي سيڪريٽرئ کيس خط لکي ٻڌايو ته تنھنجو قلمي پورهيو معياري ناهي. ان ڪري مئنيجنگ ڪائونسل ان کي انعامي چٽاڀيٽئ ۾ شامل نه ٿي ڪري. 17.2.1955: سنڌ جي چيف ڪورٽ فيصلو ڏنو هو ته گورنر جنرل جيڪو پاڪستان آئين ساز اسيمبلئ جو حڪم نامو ڪڍيو هو, سو غلط آھي. اڄ وفاقي حڪومت ۽ ان جي 9 وزيرن انھئ فيصلي خلاف وفاقي ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو. 17.2.1981: سنڌي ساهت سال جي سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت جهول پاران ضلع سانگهڙ ۾ ان جي شروعات پير بخش ڊٺڙي واري جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهڻ سان ڪئي، انهي سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنت جهول، شهدادپور، شاهپور چاڪر، ٽنڊو آدم ۽ ساگهڙ جي دوستن کانسواءِ سنڌ گريجوئيٽ ائسوسيئيشن سانگهڙ جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. ڪهچري مزار حسين بخش تي ٿي، جنهن جي صدارت درگاهه جي گادي نشين نبن شاهه ڪئي. ڪچهري ۾ ضلع جي مختلف علائقن کان آيل جن دوستن پنهنجا ڪلام ۽ ڪهاڻيون پهڙيون، اهي هي آهن. عاجز اڄڻ، الهورايو اداسي، شاد لغاري، اشوڪ ڪمار، ساگر ناريجو، عليڏنو شاهي، عزيز گوپانگ ۽ ٻين شعر پڙهيا ۽ ڪهاڻين ۾ آفتاب نظاماڻي ۽ الياس ابڙو ڪهاڻيون پڙهيون ۽ محمد حسين لغاري ۽ پير حسن بخش شاهه جي شاعريءَ تي خوبصورت مقالو پڙهيو. آخر ۾ استاد منظور علي خان جي ڀاءُ وزير علي ۽ جڙيل شاهه پنهنجي آواز سان آيل دوستن کي خوب وندرايو. هن پروگرام جي منتظم محترم معصوم ڪالاڻي واضح ڪيو ته اهو سال سڄو پوري سانگهڙ صلع ۾ پروگرام تحت ملهايو ويندو. 17.2.1990: رينجرس وارن ڪراچئ ۾ ايم ڪيو ايم طرفان ٺاهيل ڪيترا ٽارچر سيل پڪڙيا. 17.2.1992: نواز شريف جي حڪومت کي ڊاهڻ ۽ لاهڻ لاء اي.پي.سئ جي فيصلي موجب اڄ کان بينظير ڀٽو پنجاب جي مختلف شھرن ۾ احتجاجي جلوسن ڪڍرايا. ************ {17 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 17 فيبروري 1924ع اسڪالر ڊاڪٽر حبيب الله مرزا (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 فيبروري 1937ع ليکڪ لڪشمڻ ڀمڀاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 17 فيبروري 1976ع شاعر غني غمدل جو جنم ڏينهن آهي۔ 17 فيبروري 1977ع ليکڪ اعظم ککراڻي جو جنم ڏينهن آهي۔ [وڇوڙو:] 17 فيبروري 1830ع پير صغبت الله شاهه جو لاڏاڻو ٿيو. 17 فيبروري 1859ع درويش پير محمد ياسين راشدي جو انتقال ٿيو. 17 فيبروري 1929ع سياسي اڳواڻ ارباب حاجي خميسو ميمڻ لاڏاڻو ڪري ويو. 17 فيبروري 1935ع سماجي ورڪر ديوان سنگهه مرچنداڻي (حيدرآباد) ديهانت ڪري ويو. 17 فيبروري 1988ع سماجي ورڪر رحم علي جعفري (لاڙڪاڻو) لاڏاڻو ڪري ويو. 17 فيبروري 1989ع شاعر حاجي فتح محمد لغاري جو انتقال ٿيو. 17 فيبروري 2019ع انجنيئرنگ جو پارکو ۽ مھراڻ يونيورسٽيءَ جو پھريون وائيس چانسلر ايس ايم قريشي لاڏاڻو ڪري ويو. 1. Dr.Pathan wishes you Good Day. [Minus YOU, peace is figment of imagination and love & beauty are without meaning & importance. You are an ideal and role model. Only you can set trend in sincerity & sacrifice and devotion & dedication. You can make us to believe in hope & trust. If you are lost, our everything is lost including human values and traditions of soul & heart] تون موجود تان حق موجود، ھر پل ھر ھنڌ ھو موجود، تون ھوندین ھوڪو ڏیندین، ناحق کي تون ڪري نابود، تو بن جاني تان درد-درود، اٹپورو وجود, روح سلام بنا. ************* 2. SINDH IN HISTORY TODAY. EVENTS 1832: Colonel Pottenger, Political Agent in Sindh, is given O.K and his way of dealing with Sindh affairs is approved by the Government of India. 1835: The Political Agent of the East India Company Government. Colonel Pottenger directs his Native Agents not to write or try to contact Sindh rulers directly, but always address them through Munshi Jethanand to avoid delays and subterfuges on the part of Talpurs. 1843: It is black day in the history of Sindh. Charles Napeir , with troops consisting of 2800 defeated Talpurs at Meani. They were in 17000 in number. Soon after the fall of Sindh, Jack flag was hosted on the Hyderabad fort and British troops started plundering in city and fort. Proclamation is issued by Charles Napeir and Jageerdars and fighting Balochi groups are advised to refrain from taking risk of fighting British troops, return to their homes and assure their friendly attitude and get their Jageers re-restored. In Karachi, Muhammad Sadiq, Diwan Tekchand and Diwan Mulchand- all responsible officers of Talpurs are arrested and Captain Preedy declares Karachi of becoming a British Town by a proclamation and Seth Naumal is placed at authority. 1916: People of Sindh find it fit to revise and re-assign religious duties of their Religious leaders. Young Amil Association of Karachi arranges gathering and Rewachand Vassanmal delivers lecture on the topic of ‘What should our Pandits do’? 1919: The year 1919 was landmark in the history of Sindh and Hind. It proved to be beginning of politics of agitation and violence. Keeping in view the turning of situation, the Governor of Bombay addresses the Darbar at Sukkur, consisting of Jageerdars, Landlords and Sardars from Sukkur, Larkano and Jacobabad. He speaks about construction of Sukkur Barage, promoting of Education for Muslims and construction of roads in all these three districts. 1931: The Branch of the Sindh Azad Party is opened at Village Siyal near Dadu and Moulvi Mian Muhammad Hassan (President), Sirai Mian Muhammad Hassan (Vice President), Moulvi Muhammad Salih Abbasi (Secretary) and Qazi Mian Haji Ahmad (Treasurer) are elected as office-bearers. 1949: Sindh Legislative Assemble mourns death of Quaid-i-Azam and Sir Ghulam Hussain Hidayatullah. Condolence resolution is passed. Where as Pakistan Parliament passed Bill for the establishment of an Industrial Finance Corporation. 1955: An appeal is filed in the Federal Court on behalf of the Federation of Pakistan and nine ministers against the Sindh Chief Court’s decision , which declares the dissolution of the Constituent Assembly, illegal. 1964: The Chief delegates of the Pakistan- China Joint Boundary Commission chalk out scheme for joint survey and mapping. 1990: Sindh Rangers unearthed several Torture Cells in Karachi.

Wednesday 15 February 2023

Sindh in history today (16th February). By.Dr. Dur Muhammad Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {16th February} & My Good Day Wish. ************* “واقعاتي تاريخ“ جي حوالي سان سوچڻ ۽ لوچڻ بابت اوهان کي سنڌ جي تاريخ جو سنهو: 16.2.1839: پاٽينجر اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي هڪ تفصلي خط لکيو آھي, جنهن ۾ ھو لکي ٿو ته مير نور محمد خان نياپو ڪيو آھي ته منوڙو ٻيٽ اوهان انگريزن کي آيو ۽ اهو ڀلي موٽائي نه ڏيو. پر منهنجي اها ڳالھ هتي ڪنهن سان نه ڪجان. 16.2.1856: ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر جي گذارش قبول ڪندي فيصلو ڪيو ته ڪو ڄاڻو تجربيڪار فوٽو گرافر سنڌ ۾ مقرر ڪبو, جيڪو سنڌ جي شاندار عمارتن جا فوٽو ڪڍندو ته سنڌ جي فن عمارتسازئ کي تصويرن ذريعي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪجي. 16.2.1857: سنڌ جي ڪمشنر صوبائي حڪومت کان شڪاپور ۾ انگريزي اسڪول کولڻ جي منظوري ۽ مالي مدد وٺڻ لاء اڄ لکپڙھ ڪئي. 16.2.1857: سنڌ جي ڪمشنر ممبئئ جي صوبائي سرڪار کان اجازت گهري ته سنڌ جي ٻيلن کي واڍئ ۽ قبضن کان بچائڻ لاء نئين انتظامي جوڙڪ ڪري, سڌئ طرح ڪمشنر جي نگرانئ ۾ رکجن سندس ماتحت ” ٻيلن لاء اسسٽنٽ ڪمشنر“ مقرر ڪجي. 16.2.1969: ايوبي حڪومت ملڪ مان امرجنسي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ته مخالف ڌر وارن مطالبو ڪيو ته هاڻي سمورا سياسي قيدي آزاد ڪيا وڃن ته پوء سرڪار سان ڳالهيون ڪبيون. 16.2.1971: ذوالفقار علي ڀٽي شرط رکيو ته قومي اجلاس ۾ تڏهن وڃبو, جڏهن شيخ مجيب سان سندس ڇهن پوائنٽن واري سياسي فارمولا تي ڳالهيون ڪامياب ٿين. 16.2.1972: صدر ذوالفقار علي ڀٽي بلوچستان ۾ قائم عطاالله منيگل جي حڪومت ڊاٿي ۽ نئشنل عوامي پارٽئ سان واسطو رکندڙ ٻن گورنرن (بلوچستان وارو گورنر غوث بخش بزنجي ۽ سرحد جي گورنر ارباب سڪندر حيات) کي لاهي, اڪبر بگٽئ کي بلوچستان ۽ اسلم خٽڪ کي سرحد جو گورنر مقرر ڪيو. مفتي محمود احتجاج طور سرحد جي وڏ-وزارت تان استعيفا ڏني. 16.2.1977: ذوالفقار علي ڀٽي جو اڳوڻو سياسي عاشق اصغر خان اڄ چيو ته چونڊن جا نتيجا ڀلي ڀٽي ۽ سندس پارٽئ جي حق ۾ اچن, پر ڀٽي جي اختيار جو هي آخري سال آھي. ( مطلب ته فيصلو ٿي چڪو هو ته هاڻي ڀٽي ۽ سندس اقتدار جي پڄاڻي ٿيندي). 16.2.1993: نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم کي ايندڙ ويهن سالن تائين برقرار رکڻ جو فليصلو ڪيو ويو. 16.2.1996: ڪراچئ جي ڪورنگي ٽائون ۾ ايم ڪيو ايم جي ورڪرن جي پوليس سان چڪري ٿي ۽ نتيجي ۾ 8 ايم ڪيو ايمي دهشتگرد ماريا ويا. ************* 16فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 16 فيبروري 1916ع تعليمي ماهر غلام رضا ڀٽو پيدا ٿيو. 16 فيبروري 1920ع صحافي ۽ ايڊيٽر محمد عظيم مهر جو جنم ڏينهن آهي. 16 فيبروري 1929ع موسيقار، گلوڪار ۽ شاعر ڪشنچند ”غافل“ (سکر / مدراس) جو جنم ڏينهن آهي. 16 فيبروري 1929ع شاعر مرزا سلطان بيگ (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 16 فيبروري 1934ع صحافي ۽ شاعر پروانو ڀٽي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 فيبروري 1934ع سگھڙ حسين بخش شر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 فيبروري 1938ع شاعر قادر بخش ”قلندر“ جو جنم ڏينهن آهي. 16 فيبروري 1941ع شاعر ”نواز“ عباسي جو جنم ڏينهن آهي. 16 فيبروري 1948ع ليکڪ دوست علي ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي. 16 فيبروري 1948ع ليکڪ ۽ ريڊيو انائونسر وينا شرنگي (شهدادڪوٽ / دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 16 فيبروري 1955ع اداڪاره راجني تيجاني (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 16 فيبروري 1984ع شاعر آسي بدر چنا جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 16 فيبروري 1914ع بزرگ پير هدايت الله شاهه راشدي لاڏاڻو ڪري ويو. 16 فيبروري 1928ع فريڊم فائيٽر هرچند راءِ وشنداس ديهانت ڪري ويو. 16 فيبروري 1938ع سياستدان ڀوڄ سنگهه پهلاجاڻي (سکر) ديهانت ڪري ويو. 16 فيبروري 1965ع شاعر نور محمد شاهه ”نورل“ وفات ڪري ويو. 16 فيبروري 1966ع صوفي شاعر سنت رگهومل چوهڙ مل ديهانت گذاري ويو. 16 فيبروري 1988ع ناليوارو صحافي ۽ ليکڪ رشيد ڀٽي(سکر) لاڏاڻو ڪري ويو. 16 فيبروري 1997ع جوهي سان تعلق رکندڙ شاعر راهي چنا گذاري ويو. 16 فيبروري 2016ع ناميارو اديب پروفسر فتح الله صديقي لاڏاڻو ڪري ويو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [If heart is not there in mind, then it is impossible to understand sorrows of souls. If there is no beauty & love in mind, then there will be neither peace, nor progress in hearts and society. In such a situation, people strive to know others, but never self and situation] جي ناھي دل دماغ اندر، تان پوء من مطلب سندو محتاج، دوکي دلبي فریب سواء، رانول سمجھي ڪين رواج، سو سورن منجھ سماج، جو پري سونھن سرت سلام کان.‏‎ ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY. EVENTS: 1847; The Collector of Hyderabad is directed by the Sindh Government to resolve the issue of Boundary line between Hyderabad Collect orate and Khairpur state and it should be kept in mind that land is exchanged on equal terms of produce. 1915: It was proposed by Moulana Obedullah Sindhi to revolt against British Government throughout united India, on this date. He sent that secret message and was disclosed to the police in Punjab. With the result that Moulana Muhammad Sadiq of Khada was arrested and was sentenced to rigorous imprisonment. So many other peoples were also arrested. This initiate is known as ‘Tahreek Reshmi Roomal’ in the history of our Freedom Movement. 1935: ‘Anti-Separation Conference’ is held at Hyderabad. But, it was too late now. Muslim Upper Class has won the political game and Sindh as to be separated from the Bombay Presidency. 1974: The Governor of Punjab, keeping in view the possibility of outbreak of communal violence, promulgates an ordinance to empower the Punjab Government to deal with communalists with Iron hand. 1954: Treaty of Friendship is signed between Turkey and Pakistan. Both countries will cooperate in spheres of politics, economics and culture. 1968: International Arbitral Tribunal awards to Pakistan 350 square miles against claim over 3500 square miles in the north part of the disputed Rann Jo Kutch. 1974: Two-day Islamic Foreign Ministers Conference begins in Lahore. 1996: Seven are killed in Karachi violence

Tuesday 14 February 2023

Sindh in history today (15th February). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {15th February} & My Good Wish. .................. ****** توجھ طلب واقعا ************* 15.2.1843: آئوٽرام ۽ ٻيا فوجي حيدرآباد 15 ميل اتر ۾ ٻن آگوبٽن ۾ سوار هئا ته حيدرآبادي ميرن جي ماڻھن انھن تي توبن سان حملو ڪيو, جيڪو ڪلاڪن جا ڪلاڪ هليو. نتيجي ۾ فرنگين جا ٽي ماڻھون مري ويا, ڏه زخمي ٿي پيا ۽ پنج ماڻھن جو پتو نه پيو ته ڪاڏي ويا. 15.2.1843: نيپيئر اڄ هالا مان آئوٽرام کي لکي ٿو ته مان ڪالھ هالا پهتو آھيان ۽ جلد حيدرآباد اچڻ چاهيان ٿو. تون ڪنهن مير کي ڪو دلاسو يا زبان نه ڏجان. هنن لاء مهلت جو وقت ختم ٿي ويو. مان حيدرآباد پهچي هنن تي ايئن ڪڙڪي پوندس جو سندن وهم گمان ۾ به نه هوندو. 15.2.1851: ٺٽي ضلعي جو سونڍن ۾ جاچ پڙتال کان پوء رايو قائم ڪيو ويو ته هتي لوه ٺاهي سگهجي ٿو. آمريڪي واپارئ گارڊنر ايسٽ انڊيا ڪمپنئ کان اجازت ۽ سونڍن ۾ زمين گهري. ڪراچئ جي ڪليڪٽر ۽ ڪمشنر وچ ۾ چڱي خاصي خط و ڪتابت ٿي. ممبئي جي گورنميٽ ڪمپني حڪومت جي هدايت تي اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته هن ڳالھ کي اڳتي چوريو ۽ گارڊنر جي هر ممڪن مدد ڪندو. 15.2.1960: ڪالهوڪي بنيادي جهموريت وارن ميمبرن ذريعي ڪوڙي اليڪشن ۾ کٽڻ جي خوشئ ۾ صدر ايوب اعلان ڪندي قوم کي ڏٽو ڏنو ته مان جلد آئين ٺاهڻ لاء ھڪ ڪميشن ٺاهي ويهاريندس. 15.2.1969: ايوب خلاف تحريڪ هلائڻ دواران گرفتار ٿيلن مان اڄ ذوالفقار علي ڀٽي, رسول بخش ٽالپور, ولي خان, اجمل خٽڪ ۽ شيخ اياز کي آزاد ڪيو ويو. 15.2.1989: سوويٽ يونئين افغانستان خالي ڪري ويو ۽ انديشو ڏيکاريائين ملڪ ۾ وڏي پئماني جي رت ڇاڻ ٿيندي. 15.2.1996: پوليس سان مقابلو ڪندي ايم ڪيو ايم جا چار ورڪر اڦٽ مري ويا. ************* { 15 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 15 فيبروري 1887ع شاعر ڀاون علي شاهه “ساقي”جي پيدائش ٿي. 15 فيبروري 1919ع ليکڪ ۽ تعليمدان عبدالرحيم ڏيٿو جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1919ع بزنيس مين منگهارام ونجاڻي (درٻيلو / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1923ع ليکڪ عبدالله گنڌرو جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1925ع صحافي شيخ علي محمد جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1930ع شاعر ۽ گلوڪار آزاد صوفي(خيرپور / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1932ع اداڪار رام لهيجا (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1933ع شاعر غلام قادر ”سوز“ سومرو پئدا ٿيو. 15 فيبروري 1935ع تعليمي ماهر ڊاڪٽرمير نور محمد ٽالپر جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1935ع شاعر ۽ صحافي ڪرشن لال پرديپ (ڳڙهي ياسين / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1938ع محقق، تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ سيد حاڪم علي شاهه بخاري(دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1941ع مٽياري سان تعلق رکندڙ سياستدان سيد ذاولفقار علي شاهه ڄاموٽ جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1948ع شاعر احمد حسين احمد جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1948ع دادو سان واسطو رکندڙ ليکڪ سنڌو ميراڻي جي پيدائش ٿي. 15 فيبروري 1951ع صحافي فتح چند ڪالرا (جيڪب آباد) جي پيدائش ٿي. 15 فيبروري 1952ع سگهڙ سگهڙ محمد صديق ساريو جي پيدائش ٿي. 15 فيبروري 1955ع ليکڪ مشتاق پهنور جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1960ع شاعر پرڪاش سيوڪ آهوجا (الهاس نگر / پونا) جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1964ع ليکڪ صدف حسيني (دادو) جي پيدائش ٿي. 15 فيبروري 1965ع ميهڙ سان تعلق رکندڙ ليکڪ اظهر هيسباڻي جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1966ع ليکڪ ذوالفقار باڊاهي جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1972ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ بهادر صحافي شهيد اميربخش بروهي جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1973ع شاعر اياز لاکير جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1974ع شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ محقق احسان دانش جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1976ع سنڌ سلامت جي ميمبر ۽ کل مُک ماڻهو غلام مرتضى وساڻ جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 15 فيبروري 1869ع اردو جي ناليواري شاعر مرزا اسد الله غالب جي وفات ٿي. 15 فيبروري 1881ع آخوند اميد علي ٿانوي (هالا) جي وفات ٿي. 15 فيبروري 1928ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ فريڊم فائيٽر هيرانند آڏواڻي ديهانت ڪري ويو. 15 فيبروري 1935ع ٽکڙ سان تعلق رکندڙ فريڊم فائيٽر سيد حاجي حاڪم شاهه جي وفات ٿي. 15 فيبروري 1967ع تعليمي ماهر رحيم بخش شيخ لاڏاڻو ڪري ويو. 15 فيبروري 1979ع مذهبي اسڪالر مولوي عبدالهادي چانڊيو لاڏاڻو ڪري ويو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [My Dear! I have found beautiful colours of Morning and wonderful freshness of beauty in you. I believe that your vision and wisdom is second to none. I have knocked your door to pray for my share. Empower us, guide us and help us, please] ‏تون ئي سونھن صبح سندي، ‏ تون ئي آھین صبح-سلام. ‏تو کان سونھن سندو انعام، ‏پیو طلبیان جانب جيئڻ لاء. ************* SINDH (including Pakistan)IN HISTORY: EVENTS 1843: Charles Napier writes to Major Outram from Hala that ‘I reached this ground yesterday. Do not pledge yourself to anything whatever. I am in full march to Hyderabad, and will make no peace with Amirs. I will attack them instantly, whenever I come up to their troops. They need send no proposals. The has passed, and I will not receive their messages.’ 1910: The construction work of the Hassan Ali House in Sindh Madressah is completed by the contractor Essa Khan. The work was started in 1909. 1920: Thre-day All-India Khilafat Conference starts at Mombai. It is presided over by Rais Ghulam Muhammad Bhurgri and is attended by Moulana Abdul Bari of Firangi, Moulana Abu-ul-Kalam Azad, Moulana Zafar Ali Khan, Dr.Saifuddin, Hasrat Mohani and Muhammad Ali Jinnah. 1931: Branches of Sindh Azad Party are opened at Shikarpur, Thul and Village Moulvi Abdullah Leghari. I Shikarpur Haji Moula Bux (President), Moulvi Fazlullah (Vice President), Moulvi Abdul Karim Chishti (Secretary), Khair Muhammad Faqir (Treasurer) are elected as office bearers. In Thul Abdul Rahman Sarki and Moulvi Abdul Karim are elected as President and Treasurer respectively. In Village Moulvi Abdullah, Moulvi Muhammad Hassan (President), Suleman Khan (Secretary) and Ghazi Khan (Treasurer) are elected as office bearers. 1934: In the meeting of the All-India Muslim Conference, His Highness he Agha Khan gives his nominates Nawab Sir Muhammad Ahmad Saeed Khan of Chatri as Chairman and Seth Haji Abdullah as Secretary of the Party. 1965: US Assistant Secretary of state for Near East & South Asia, Talbot describes Kashmir dispute as an ‘emotional issue’. 1969: Z.A.Bhutto, Wali Khan, Rasool Bux Talpur, Ajmal Khatak & Shaikh Ayaz are released. 1979: Supreme court stays Z.A.Bhutto’s execution to hear review plea from February 24.

Sindh in history today (14th February).By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {14th February} & My Good Day Wish *********** SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {14th February} & My Good Day Wish *********** Wish YOU Good Day. With love, respect and regards. Dr. Dur Muhammad Pathan. Founder, Gul Hayat Institute. ڈاکٹر پٹھان بچھڑ جائوںگا تو بہت بکھر جائوںگا، چین تیرے سوا میں کدھر پائوں گا؟ پیار دے نہ سکو تو درد ہی عنایت کر دو، تیرے درد جدائی میں نکھر جائوں گا، ایک بار تو نظر کرم تم ھم پر کردو، دیکھنا تیرے دل میں میں اتر جائوں گا. ************ SINDH IN HISTORY TODAY (14th February): EVENTS 1843: Majour Outram, Political Agent writes to Mir Shahdad Khan that ‘Your Munshi Metharam, has brought your message to this effect that you are the friend of the British, and, if it is my wish, will come personally to reside in the Agency for my protection; and that your people shall not join in approaching disturbance, and will not oppose the British. This I have understood, and this is my reply: That if your behave as you say, no blame will upon your Highness; but, if a single follower of yours does join in hostilities against the English, the penalty will be yours,; and if any of your people are implicated, it cannot be concealed from me, for, depend upon it, I will make a thorough investigation.’ 1926: Dr. Annie Besant presides over political conference held at Karachi. Speakers throw light on the importance of the ‘Commonwealth of India Bill’ introduced by Dr. Annie Besant in Assembly. 1933: Haji Mir Muhammad Baloch moves adjournment in the Bombay legislative Assembly to discuss the Government’s policy underlying opening of liquor shops in Karachi and Ahmadabad. The president disallows the motion. 1935: ‘The India Bill’ is debated in the House of Commons. Colonel Wedgwood opposes the separation of Sindh from Bombay Presidency. 1945: The Sindh Muslim League meets at Karachi to discuss the awarding of Party Tickets to candidates. 1947: Sj. L. B. Bhopatkar, President of All-India Hindu Maha Sabha at a press conference in New Delhi says that the Muslim League’s boycott of the Constituent Assembly had made it incumbent on it to vacate its seats in the interim Government and if the Muslim League refuses to do, it was up to Governor- General to compel it to this course of action. 1948: At the annual Darbar at Sibi, the Quaid-i-Azam announces to constitute an ‘Advisory Council’ for Baluchistan. 1969: Complete strike is observed throughout Pakistan and meetings are held demanding acceptance of DAC’s 8-points. Two people are killed in Karachi and Lahore each. 1971: Awami League Central Committee reiterates Party’s 6-points and 11-points of students’ council as the basis of new constitution. 1990: COP Leaders demand of President to impose ‘Governor’s rule in Sindh. It is amazing to note the the Governor’s rule in Sindh was always demanded when PPP is in power. 1995: Eleven people are killed in fresh outburst of violence in Karachi Wish YOU Good Day. With love, respect and regards. Dr. Dur Muhammad Pathan. Founder, Gul Hayat Institute. ڈاکٹر پٹھان بچھڑ جائوںگا تو بہت بکھر جائوںگا، چین تیرے سوا میں کدھر پائوں گا؟ پیار دے نہ سکو تو درد ہی عنایت کر دو، تیرے درد جدائی میں نکھر جائوں گا، ایک بار تو نظر کرم تم ھم پر کردو، دیکھنا تیرے دل میں میں اتر جائوں گا. ************ SINDH IN HISTORY TODAY (14th February): EVENTS 1843: Majour Outram, Political Agent writes to Mir Shahdad Khan that ‘Your Munshi Metharam, has brought your message to this effect that you are the friend of the British, and, if it is my wish, will come personally to reside in the Agency for my protection; and that your people shall not join in approaching disturbance, and will not oppose the British. This I have understood, and this is my reply: That if your behave as you say, no blame will upon your Highness; but, if a single follower of yours does join in hostilities against the English, the penalty will be yours,; and if any of your people are implicated, it cannot be concealed from me, for, depend upon it, I will make a thorough investigation.’ 1926: Dr. Annie Besant presides over political conference held at Karachi. Speakers throw light on the importance of the ‘Commonwealth of India Bill’ introduced by Dr. Annie Besant in Assembly. 1933: Haji Mir Muhammad Baloch moves adjournment in the Bombay legislative Assembly to discuss the Government’s policy underlying opening of liquor shops in Karachi and Ahmadabad. The president disallows the motion. 1935: ‘The India Bill’ is debated in the House of Commons. Colonel Wedgwood opposes the separation of Sindh from Bombay Presidency. 1945: The Sindh Muslim League meets at Karachi to discuss the awarding of Party Tickets to candidates. 1947: Sj. L. B. Bhopatkar, President of All-India Hindu Maha Sabha at a press conference in New Delhi says that the Muslim League’s boycott of the Constituent Assembly had made it incumbent on it to vacate its seats in the interim Government and if the Muslim League refuses to do, it was up to Governor- General to compel it to this course of action. 1948: At the annual Darbar at Sibi, the Quaid-i-Azam announces to constitute an ‘Advisory Council’ for Baluchistan. 1969: Complete strike is observed throughout Pakistan and meetings are held demanding acceptance of DAC’s 8-points. Two people are killed in Karachi and Lahore each. 1971: Awami League Central Committee reiterates Party’s 6-points and 11-points of students’ council as the basis of new constitution. 1990: COP Leaders demand of President to impose ‘Governor’s rule in Sindh. It is amazing to note the the Governor’s rule in Sindh was always demanded when PPP is in power. 1995: Eleven people are killed in fresh outburst of violence in Karachi