Friday 18 November 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (18th November) By: Dr. Pathan



** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي پوليٽيڪل ايجنٽ 
ڪرنل پوٽينجر پنهنجي سرڪار کي تجويز ڏني ته برطانوي فوجين
کي سڀ کان پهرين ڪراچي جو ڪنٽرول سنڀالڻ گهرجي، ڪراچي
 تي ڪنٽرول ٿي ويو ته اسان کي سنڌ تي حڪمراني ڪرڻ ۾ گهڻي ڏکيائي نه ٿيندي.
** 1917ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن 
جي خصوصي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته 
خانبهادر الهندو شاهه، پير بخش ڀٽو ۽ ٻيا 8 زميندار آئيني سڌارن
 بابت مونٽيگو کي ميمورينڊم پيش ڪندا.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي وڏي وزير محمد ايوب 
کهڙو چيو ته آئون هڪ وفد ڀارت موڪلي رهيو آهيان، جيڪو
 سنڌ مان لڏي ويل سنڌي هندن کي اها اپيل ڪندو ته اهي پنهنجي ڌرتي تي واپس موٽي اچن.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي  جناح عوامي ليگ نالي جماعت 
وفاقي سرڪار کي تجويز پيش ڪئي ته صوبائي ڪوٽا واري
 پاليسي کي ختم ڪيو وڃي، سڀئي نوڪريون ميرٽ جي بنياد تي
 ڏنيون وڃن، جڏهن ته تعليم فراهم ڪرڻ جي ذميواري سرڪار
 پاڻ سنڀالي ۽ هر ٻار کي لازمي تعليم ڏياري وڃي.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گيانا ۾ 900 ماڻهن جا لاش مليا،
 جن ۾ 276 ٻار به شامل هئا، اهو علائقو ڏکڻ آمريڪا ۾ آهي، 
آمريڪي حڪومت واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. انهن ماڻهن 
جا لاش هڪ چرچ مان ملياهئا.
** 1981ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سکر جي سيشن عدالت ڇهن 
حرن جي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، ان ڪيس ۾ گرفتار ٿيل 9
 ڄڻن کي موت جي سزا ڏني وئي.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بينظير ڀٽو کي اسلام آباد کان
 لياقت باغ پنڊي وڃڻ کان روڪيو ويو پر ان باوجود هوءَ
 لياقت باغ پهچي وئي ۽ جلسي کي خطاب ڪيو، جنهن کانپوءِ
 کيس گرفتار ڪري ڪراچي ڊي پورٽ ڪيو ويو.
** 2000ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نيويارڪ ۾ سڄي هالي ووڊ
 گڏ ٿي وئي، جتي مشهور اداڪار مائيڪل ڊوگلس  ويلش اداڪاره
 ڪيٿرين زيٽا جونز سان شادي ڪئي، اها هالي ووڊ جي وڏي ۾
 وڏي شادي هئي، جنهن تي ڏيڍ ملين پائونڊ خرچ آيو.وڏي سيڪيورٽي
 باوجود هڪ فوٽوگرافر جوڙي جي تصوير ڪڍي ويو، جنهن تي
 جوڙي انهيءَ رسالي کي هرجاڻي جو نوٽيس جاري ڪيو.

No comments:

Post a Comment