Tuesday 29 November 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (29th November) By: Dr. Pathan


** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خلافت ڪاميٽي سنڌ جي مختلف شاخن
 طرفان ترڪي ۾ جنگي ٻيڙا موڪلڻ تي برطانيا جي حڪومت خلاف
 مظاهرا ڪيا ويا ۽ جلوس ڪڍيا ويا، ان حوالي سان 
مختلف شهرن ۾ احتجاجي گڏجاڻيون پڻ ٿيون، نصرپور، انڙپور،
 مٽياري، امروٽ شريف، وصي ملوڪ شاهه، ميرو خان ۽ ٻين
 شهرن ۾ احتجاجي پروگرام ٿيا. جن کي خلافت ڪاميٽي جي اهم اڳواڻن خطاب ڪيو.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان صوبي
 ۾ عدم تشدد جو ڏهاڙو ملهايو ويو، ان حوالي سان مختلف شاخن
 طرفان پروگرام ڪرايا ويا، جنهن ۾ مقررن سنڌ ۾ امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ليڪچر ڏنا.
** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪئناڊا جو مسافر جهاز اڏامڻ جي
 ٿوري دير بعد هيٺ ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 119 
مسافر فوت ٿي ويا.اهو حادثو جهاز ۾ خرابي پيدا ٿيڻ سبب پيش آيو.
** 1968ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ وڪيل
 به ميدان ۾ اچي ويا، مختلف شهرن ۾ وڪيلن طرفان وڏا جلوس ڪڍيا ويا.
** 1976ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ پهرين ڊسمبر
 کان الڳ الڳ هاءِ ڪورٽن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
 واضح رهي ته ٻنهي صوبن لاءِ اڳ ۾ هڪ هاءِ ڪورٽ هئي.
** 1986ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سوويت يونين جي سربراهه ميخائل
 گورباچوف ڀارت جي دوري دوران تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڀارت،
 پاڪستان ۽ سوويت يونين کي خطي ۾ امن لاءِ دوست ٿي رهڻو پوندو.
** 2007ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل پارٽيز ڊيموڪريٽڪ الائنس 
(اي پي ڊي ايم) عام چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو،
 جڏهن ته انهيءَ الائنس ۾ شامل جي يو اءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان
 ۽ اي اين پي جي سربراهه اسفنديار ولي اهو فيصلو
 مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان نواز شريف 
لاهور ۾ ساٿي اڳواڻن سان گڏجي ڪيو. بينظيرڀٽو بائيڪاٽ تي جاري
 ڪيل بيان ۾ چيو ته اي پي ڊي ايم کي چونڊن جي بائيڪاٽ سان
 ڪجهه نه ملندو، انهن کي ميدان خالي نه ڇڏڻ گهرجي،
 نواز شريف ۽ عمران سميت سڀني کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ گهرجي.
 جڏهن ته ساڳئي ڏينهن تي پرويز مشرف سويلين صدر طور حلف
 کڻي ورتو ۽ ايندڙ مهيني ايمرجنسي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
 مخالف ڌر جي جماعتن صدر مشرف جي اعلانن کي رد 
ڪندي احتجاج جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو.


No comments:

Post a Comment