Sunday 27 November 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (28th November) By: Dr. Pathan



** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ڪيپٽن ايسٽ وڪ
 ڪڇ ۾ مقرر اسسٽنٽ ريزيڊنٽ ڪيپٽن ميرل کي خط لکيو ته هڪ
هزار اٺ ۽ وڏي انگ ۾ فوجي دستا سنڌ موڪليا وڃن،
 اسان سنڌ جي حڪمرانن تي وڌيڪ ڀاڙي نٿا سگهون،
 اسان پنهنجا فوجي گهرائي ڪم ڪار اڳتي وڌائي سگهون ٿا.
** 1938ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسلم ليگ سنڌ جي اڳواڻ شيخ عبدالمجيد سنڌي
 آل انڊيا مسلم ليگ جي اعزازي سيڪريٽري نوابزاده لياقت علي خان
 کي درخواست موڪلي سنڌ مسلم ليگ جي آل انڊيا مسلم ليگ 
سان الحاق جي ڳالهه ڪئي، شيخ عبدالمجيد سنڌي مسلم ليگ سنڌ جي
 سڀني شاخن جي فهرست پڻ ان درخواست سان گڏ موڪلي،
 ان وقت هر ضلعي ۾ 20 شاخون هيون، واضح رهي ته ورهاڱي 
کان اڳ آل انڊيا مسلم ليگ جا صدر سنڌ مان ئي چونڊيا ويا پر
 جڏهن سنڌ مسلم ليگ کي آل انڊيا مسلم ليگ سان ڳنڍيو ويو ته سنڌ
 وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏنو، سنڌ جي ڪنهن به اڳواڻ کي اهم عهدو نه ڏنو ويو.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي ڪجهه شهرين جي
 ٿيل گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وزيراعظم کان اهو مطالبو ڪيو
 ويندو ته ڪراچي کي گورنر جو صوبو ڊڪليئر ڪيو وڃي، 
واضح رهي ته سنڌي سياستدانن هندستان مان آيل مهاجرن جي
 آجيان ڪئي پر انهن ئي ماڻهن بعد ۾ ڪراچي کي سنڌين کان 
کسڻ جي ڪوشش شروع ڪئي، جيڪا اڃا تائين جاري آهي.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان مسلم ليگ ٻن حصن
 ۾ ورهائجي وئي، ان وقت ڀٽو جي حڪومت ختم ڪئي وئي هئي،
 جنهن کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ کي ڀٽو کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ مان ڪنهن
 سياسي ليڊر شپ جي ضرورت نه هئي، جنهن ڪري ئي مسلم ليگ 
جي صدر پير پاڳاري کي هٽائي نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو.
** 1994ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم بينظير ڀٽو لنڊن ۾ برطانوي
 وزيراعظم سان ملاقات دوران مطالبو ڪيو ته بوسنيا ۾ مسلمانن جي
 نسل ڪشي روڪڻ لاءِ عالمي برادري تي اثر
 وڌايو وڃي ۽ ڪشميرين جو آواز ٻڌو وڃي.
** 1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانوي وزيراعظم مارگريٽ ٿيچر 
استعيفا راڻي جي حوالي ڪئي، کيس زبردست الوداعي پارٽي ڏني وئي، 
هن 11 سال برطانيا تي حڪومت ڪئي.جان ميجر کي نئون وزيراعظم چونڊيو ويو

No comments:

Post a Comment