Friday 4 November 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (4th November) By: Dr. Pathan



** 1844ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آغا خان پنهنجي پينشن بابت ياداشت
 نامو هندستان جي انگريز سرڪار کي موڪلي ڏنو، هن اهو ڄاڻايو
 ته مختلف وقتن تي سندس پينشن کي بند ڪيو ويو آهي،
 ان ڪري مهرباني ڪري منهنجي پينشن جلد جاري ڪئي وڃي.
**1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسجد منزل گاهه بحالي ڪاميٽي وزيراعظم 
الهه بخش سومرو کان مطالبو ڪيو ته انهيءَ معاملي تي عدالت
 جو در کڙڪايو وڃي، ٽربيونل ٺاهڻ يا معاملي کي اسيمبلي 
جي فلور تي آڻڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، حڪومت 
هڪ مهيني اندر ڪو طريقيڪار طئي ڪري وٺي.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۾ مصر تي اسرائيلي حملي
 خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو، عوام طرفان ڪيل مظاهرن ۾ حڪومت
 کان مطالبو ڪيو ويو ته بغداد پيڪٽ ۽ ڪامن ويلٿ جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي.
** 1961ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ 
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي نئين عمارت جو افتتاح ڪيو ويو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارتي وزيراعظم اندرا گانڌي آمريڪي
 صدر رچرڊ نڪسن کي خاطري ڪرائي ته اسان پاڪستان سان 
سٺي پاڙيسري وارا لاڳاپا چاهيون ٿا، ڀارتي وزيراعظم اها ڳالهه
 واشنگٽن ۾ آمريڪي صدر سان ٿيل ملاقات ۾ ڪئي،
 جنهن ۾ پاڪ ڀارت لاڳاپن جي حوالي سان پڻ ڳالهايو ويو، 
واضح رهي ته پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب آمريڪا
 مداخلت ڪئي، خاص طور تي 1971ع واري جنگ کانپوءِ ٻنهي
 ملڪن ۾ لاڳاپا تمام گهڻا خراب ٿي ويا، جن کي معمول تي آڻڻ لاءِ
 آمريڪا ٻنهي ملڪن سان ڳالهايو ۽ آئنده جنگ نه ڪرڻ جي خاطري ورتي.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جي 
انهيءَ فيصلي کي برقرار رکيو، جنهن ۾ اسيمبلين کي 
ٽوڙڻ واري قدم کي جائز قرار ڏنو ويو هو.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بينظير ڀٽو آمريڪا ۾ ڪامياب ٿيل صدر
 بل ڪلنٽن کي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته
 مستقبل ۾ آمريڪا پاڪستان سان گڏجي دنيا ۾ امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.

No comments:

Post a Comment