Friday 31 March 2023

Sindh in history today (1st April). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {1st April} & My Good Wish for you. ************* ********* توجه طلب واقعا ************* 1.4.1839: ٻه مهينا اڳ اسان جي حڪمرانن رضا خوشئ سان ڪراچي ڌارين فرنگين کي لڳي ڏني. سيٺ نائونمل ٺٽي ۾ پاٽينجر سان گڏ هئو, سو ڪراچئ آيو. صدر بازار ۾ دوڪان ٺھرايائين. 1.4.1902: ميرپور خاص ۾ ميونسپالٽي قائم ڪئي وئي. 1.4.1913: نواب شاه ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جوڙي وئي. ان جو پريزيڊنٽ ڪليڪٽر ٿيندو. 9 ميمبرن کي سرڪار ٿاڦيندي ۽ ڇه ميمبر چونڊ ذريعي ايندا. 1.4.1921: حيدرآباد ۾ ”ائنٽي نان ڪو آپريشن سوسائٽي" قائم ڪئي وئي ته جيئن فرنگي سرڪار بابت وفادارئ جي تبليغ ڪجي ۽ خلافت خواه ڪانگريس جي مخالفت ڪئي وڃي. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ۽ نامياري شاعر ديوان ليلارام وطڻمل خاڪئ هن سوسائٽئ کي فعال بنائڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. 1.4.1931: ڪراچئ ۾ ”جميعت العلماء ھند" جو ساليانو اجلاس ٿيو. هن اجلاس جي مهمانئ ۽ انتظام ۾ مولانا محمد صادق ڪليدي ڪردار ادا ڪيو 1.4.1931: ڪراچئ ۾ سباش چندر بوس جي صدارت ۾ ”سياسي مظلومن بابت ڪانفرنس" ٿي. ان ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هندستان جي سياسي قيدين جي واهر لاء هڪ ڪميٽي ٺاهي ويندي, جيڪا سندن قانوني مدد ڪرڻ سان گڏ هنن جي متآثر ٿيل خاندانن جي سار لهندي. ڪانفرنس ۾ پنڊت موتي لال ۽ مولانا محمد علي جوهر جي وفات تي تعزيتي ٺھراء به پاس ڪيا ويا. 1.4.1935: برطانيه جي پارليامينٽ ”انڊيا ائڪٽ آف 1935" پاس ڪيو, جنهن ۾ سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪرڻ جو فيصلو به شامل هو 1.4.1936: سالن جي سياسي جدوجهد کان پوء سنڌ کي ممبئئ کان علحدگي ملي ۽ ان کي صوبائي خودمختياري ڏني وئي. لينسلاٽ گراهم کي گورنر ۽ ايڇ.ڪي.ڪرپلاڻئ کي چيف سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 1.4.1940: تعلقي ميروخان جي ننڍڙي ڳوٺ کبڙ ۾ مسلم ليگ جو زبردست جلسو ٿيو. انهئ جو اهتمام مسلم ليگ شاخ جي صدر مولوي علي محمد ڪيو ۽ جلسي جي صدارت مولوي محمد اسماعيل ڪئي. ٺھرائن ذريعي: 1. الله بخش سومري جي حڪومت ڊھڻ تي خوشئ جو اظھار ڪيو ويو,2. حڪومت کان مطالبو ڪيو وڃي ته رشوت ختم لاء قدم ورتا وڃن. 1.4.1941: سر هگ ڊو کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. هو 1909 ۾ سنڌ ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر ٿي آيو هو. 1927 کان 1933 تائين سکر بئراج جو روينو آفيسر ٿي رهيو. 1933 ۾ سرڪار هن جي چيئرمنئ ۾ “سنڌ ايڊمنسٽريٽو ڪميٽي" ٺاهي هئي .هن نڀاڳي جي ڏينھن ۾ اسان جا ڪونڌر ڦاهئ چڙھيا. ڊو ڪاليج/يونيورسٽي سندس نالي پٺيان آھي. 1.4.1941: سر حاجي عبدالله هارون جي ڪوششن سان خانبهادر کهڙي جي جاء تي مسلمان صحافين جي گڏجاڻئ ۾ مسلمان صحافين جي ھڪ ائسوسيئيشن قائم ڪئي وئي ۽ ان لاء ھن طرح عهديدار چونڊيا ويا: شيخ عبدالمجيد سنڌي (صدر), محمد خان غني ۽ آغا نظر علي (ٻئي نائب صدر) ۽ حاجي نذيرالدين (سيڪريٽري ۽ خزانچي). انھئ موقعي تي سر حاجي عبدالله هارون 50 روپيا, خانبهادر کهڙي 25 روپيا, جي.ايم.سيد 10 روپيا ۽ آغا غلام نبي پٺاڻ 10 رپيا ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌئ 5 روپيا مالي مدد طور ائسوسيئيشن کي ڏنا. 1.4.1951: لياقت علي خان جي پرائيويٽ سيڪريٽرئ کي قلات رياست جو وڏو وزير بڻايو ويو. 1.4.1970: ون يونٽ ٽوڙيو ويو. 1.4.2003: سنڌالاجئ ۾ سنڌ يونيورسٽئ جي وائيس چانسلر مظھرالدين صديقئ جي صدارت ۾ پير حسام الدين شاه راشدئ جي ورسي ملهائي وئي. حسين شاه راشدئ, شوڪت حسين شوري ۽ ٻين مرحوم جي شخصيت ۽ خدمتن تي روشني وڌي. ************* { پهرين اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} ************* [جنم ڏينهن:] 1 اپريل 1811ع مشهور شاعر خليفي گُل محمد هالائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 1 اپريل 1879ع شاعر ۽ اسڪالر محمد صديق مسافر جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1881ع اديب ڀڳت کيمچند(مٺي) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1903ع اسڪالر ڀوڄراڄ ناگراڻي (حيدرآباد / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1918ع تعليمدان، سياستدان ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر ۽ سابق وفاقي وزير سيد غلام مصطفى شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 1 اپريل 1922ع ليکڪ ڀڳوان پشپ (حيدرآباد / بمبئي) جي پيداائش جو ڏينهن آهي. 1 اپريل 1929ع صحافي عمرالدين بيدار جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1930ع شاعر نياز همايونئ جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1933ع شاعر امير بخش نظر سنڌي(مورو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 1 اپريل 1936ع ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر قدير خان جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1937ع صحافي ناصر بروهي (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1937ع ليکڪ ناصر مورائي جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1940ع مشهور آرڪيالاجسٽ احسان ايڇ نديم جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1942ع شاعر ۽ اسڪالر ڊاڪٽر بشير احمد شاد(لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1943ع ليکڪ ۽ سماجي ورڪر, ليکڪ ۽ ايڊووڪيٽ منير احمد چانڊيو (ٻيڙو چانڊيو) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1947ع نامور محقق ڊاڪٽر بدر اڄڻ جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1952ع ليکڪ، صحافي، تاريخدان، آرڪيالاجسٽ محمد عثمان ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1960ع ڪهاڻيڪار اختر ٽانوري(بوزدار وڏا) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1961ع اسڪالر ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو(شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1961ع ليکڪ ۽ پبلشر قربان منگي (خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1962ع ڪهاڻيڪار رزاق سهتو جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1963ع ليکڪ بشير منگي جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1967ع ليکڪ ابراهيم کرل(خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1958ع ليکڪا، شاعره ۽ فيمينسٽ ايڪٽوسٽ عطيه دائود جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1974ع شاعر امر اقبال(خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1975ع شاعر وفا ٻرڙي جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1975ع شاعر، ليکڪ ۽ صحافي واحد پارس هيسباڻي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 1 اپريل 1982ع محقق ۽ تاريخدان پير حسام الدين راشدي جو لاڏاڻو ٿيو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [Dear! You are every thing for me: brave & bold, beauty & love and even cause & aim of my life. I am nothing, but zero. Accept me as suffix and prefix' in number, it will raise and increase its value and importance. Be my Number, because, you are only my number and number One] آئون ٻڙي تون ٻڙو ٻاجھ جو، تون ئي آھین ڇانو ڇپر، تنھجئ طلب ۽ تانگھ سواء، ڪو پنھنجو ناھي ثمر، تون آھین برہ جو بر بحر، طاقتور اثر سرت سلام جو. ‏‎ ‎************ SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {1st APRIL} EVENTS: 1939: Seth Naomalreturn Karachi in company of Colonel Pottenger who is due to proceed to Bombay. Seth Naomal stays six months here and provides all required services and help to British Camp . During his stay, he got constructed his shops in the Saddar Bazar. 1902: Municipality is created at Mirpurkhas. 1913: The District Local Board is created at Nawabshah. The Board composes of nine nominated and six elected members with Collector as its President. 1921: Anti-Non-Cooperation Society is formed at with Diwan Lilaramsing Watanmal ‘Khaki’- an eminent poet.,Mirza Qalich Beg is also in the Society. This is first ever move initiated by Sindhi poets and writers to help and support British Government of Sindh in rainy days. The Government is facing tough time from Khilafat and Congress as both parties have launched Non-Co-Operation Movement against the Government.1924: The Local Adult Education Movement Association is formed at Karachi to impart English Language education and make it popularized. Classes are started in Theosophical Hall. 1931: It is day of political activities in Karachi. On the initiate of Moulana Muhammad Sadiq of Khada and Hakim Fatih Muhammad Sehwani, Annual Session of the Jamiat-ul-Ulema Hind opens at Karachi. Details and speeches are uploaded on Gul Hayat website. Subhas Chandra Bose presides over the Political Sufferers’ Conference here. Swami Govindanand is the chairman of the Reception Committee. It is decided to form ‘ IndianPrsioners Relief Committee. 1936: Sindh gets Provincial status and is separated from Bombay Presidency. Sindh with area of 123080 k.m was an independent country in 1843. She lost its sovereignty in the same year and became a Province of the Governor and CMLA for four years. In 1847 was annexed with Bombay Presidency and lost its Provincial Status. Today her provincial status is restored. Sir Lancelot Grahm is appointed its Governor, with H.K.Kirpalani as Chief Secretary to the Government of Sindh. 1939: The District Larkano Board withdraws Toll Tax. 1940: On the initiate of Moulvi Muhammad Ali, President of Muslim League local branch of Khabar of TalukaMirokhan, a public meeting is held with Moulvi Muhammad Ismail in chair. The meeting is happy on the fall of Allah BuxSoomro’s Government and also congratulates Shaikh Abdul Majeed Sindhi on his election as member of Sindh Legislative Assembly from this Constituency and defeating Sir Shahnawaz Bhutto. 1941: Sir Hugh Dow is appointed as the Governor of Sindh. He started his career as Assistant Collector in Sindh in 1909. He remained Sukkur Barrage Revenue officer from 1927 to 1933. He was appointed the Chairman of ‘Sindh Administrative Committee in 1933. During his tenure as the Governor our two Freedom Fighters: Hemon Kalani and Sooreh Badshah PirPagaro were sentenced to death. On the same date and year and on the initiate of Sir Haji Abdullah Haroon, G.M.Syed, Shaikh Abdul Majeed Sindhi and K.B. Khuhro ‘Sindh Muslim Journalists Association is formed.Shaikh Abdul Majeed Sindhi (President), Muhammad Khan ;Ghani’ (V.P), Agha Nazar Ali Khan (V.P), Haji Nazir-u-din, editor ‘Hayat’, Karachi (Secretary & Treasurer) are elected as first ever office-bearers. 1952: Government withdraws Camps (Lorhas) and Hurs are made free.

Thursday 30 March 2023

Sindh in history today (31st March). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {31st march} & My Good Wish. ************* تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڌاريا سنڌ ۾ ترقئ جي نالي تي اهي ڪم ڪرائيندا, جن مان کين فائدو ملي. انگريزن ڪو وڏو ڪاليج ته ڪو نه قائم ڪيو, پر ڪلارڪ ۽ منشي پيدا ڪرڻ لاء اسڪول کوليا. ان جي ثابتي اوهان کي وڊيو ٽاڪ مان ملندي. نامور فلاسافر ۽ سماجي سڌارڪ ڏيارام گدومل پوڙهائپ ۾ نوجوان ڇوڪرئ سان شادي ڪري, هندو سماج ۾ ڀونچال آڻي ڇڏيو. پر پوء ماڻھن کي هن عظيم انسان جي ڪارنامي جي خبر پئي ته هن جنهن ڇوڪرئ سان شادي ڪئي, اها پنهنجي فريبي دوست کان دوکو کائي ماء بڻجڻ واري هئي. ڏاهي ڏيارام گدومل انهئ ڇوڪرئ ۽ سندس خاندان جي عزت رکي ۽ ڇوڪرئ جي عيبن تي پردو وجهڻ لاء شادي ڪئي. ان جا تفصيل منهنجي وڊيو ٽاڪ ۾ موجود آھن. 1921 ۾ مسلمانن ضد ڪري هندن کي اڏيري لعل تي " چيٽي چنڊ" ميلو ڪرڻ نه ڏنو, وري 1927 ۾ ھندن لاڙڪاڻي ۾ 70 مسلمان جيل وجهرايا. ڪٽر هندن توڙي مسلمانن, ٻنھي سنڌ جي امن ۽ اتحاد کي نقصان ڏنو. ڪي شاهديون هن وڊيو ٽاڪ ۾ موجود آھن وڊيو ۾ اوهان جي معلومات ۽ دلچسپئ لاء اڃا کوڙ مواد موجود آھي. اهو ڏسو, ٻڌو , شيئر ڪريو. يوٽيوب تي سبسڪرائيب ڪرڻ نه وسارجو. https://youtube.com/watch?v=I-hcXIqkomA&feature=share ************ توجه طلب واقعا ************ 31.3.1857: انگريزن کان اڳ سنڌ جي شھرن ۾ قافله سرائيون هونديون هيون, جنھن ۾ واپاري ۽ ٻيا مسافر اچي رهندا هئا. انگريزن پنهنجي تجارتي, سماجي, ثقافتي ۽ دفاعي مقصدن لاء ريسٽ ھائوس/ڌرم شالائون ٺھرائڻ شروع ڪيون. اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي ڪراچي ضلعي ۾ ڌرم شالائن ۽ بنگلن ٺھرائڻ لاء ممبئي سرڪار اجازت ڏني. 31.3.1857: سنڌ جي ڪمشنر ممبئي سرڪار کي لکيو ته حيدرآباد ۾ انگريزي اسڪول کولڻ جي نيت آھي, ان لاء در ماه 100 روپيا مالي مدد ڏيو. نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ ھئ آھي ته سرڪار کي اسڪولن قائم ڪرڻ جو خيال پوء آيو. پر ان کان اڳ واپارين ۽ تاجرن لاء ڌرم شالا ٺھرائيا ويا. 31.3.1908: سکر ۾ ”سنڌ ٿياسافيڪل سوسائٽئ" جي شاخ (لاج) کولي وئي. ڪشنچند هن لاج جو باني صدر ٿيو. 31.3.1913: نامياري فلاسفر ۽ سماجي سڌارڪ ڏيارام گدومل جي عمر 56 سال هئي. هن پنهنجي دوست جي نوجوان ڌئ سان شادي ڪئي. سڄي هندستان ۾ ھل مچي ويو. گانڌي ۽ ابوالڪلام آزاد هن سان ملڻ آيا, هو ساڻن مليو ئي ڪونه. ڏيارام گدومل شهاڻي چوندو هئو ته هو بغاوت واري سال 1857 ۾ ڄائو آھيان ۽ بغاوت منھنجي طبيعت ۾ شامل آھي. سندس هن شادئ پٺيان هن جو وڏو ڪارنامو موجود آھي. 31.3.1921: هي اهو زمانو آھي جڏهن سنڌ جا هندو توڙي مسلمان خلافت ۽ ڪانگريس جي پليٽفارن تان فرنگي حڪومت کي ڏينھن جا تارا ڏيکاري رهيا هئا. پوء سرڪار "ويڙھايو ۽ حڪومت ڪريو" واري چال چلي. مذھب جي بنياد تي اٻوجھ هندن ۽ مسلمانن ۾ نفرتون پيدا ڪيون. اڄوڪئ تاريخ جي انگريزي اخبار "ڊيلي گزيٽ“ ۾ لکيو ويو آھي ته 1921 جي شروعاتي مهينن ۾ ”اڏيرو لعل" بابت هندو-مسلم تنازعو شروع ٿيو. حالتون اهڙيون بگڙجي ويون جو اڏيري لعل تي ٿيندڙ ”چيٽي چنڊ" واري ميلي تي سرڪار بندش وڌي ۽ هندن اهو ميلو وڃي نصرپور ۾ ملهايو. ڇو ته اڏيري لعل جو جنم نصرپور ۾ ٿيو هو. 31.4.1931: ڪراچئ ۾ 29 مارچ کان انڊين نئشنل ڪانگريس جو پنجيتاليهون ساليانو اجلاس شروع ٿيو هو. اهو اڄ پڄاڻئ تي پهتو. انھئ جي صدارت سردار ولڀ ڀائي پٽيل ڪئي هئي. ھن اجلاس جي مڪمل ڪاروائي اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. 31.4.1934: ڪراچئ جي خالق ڏني هال ۾ لالچند نولراء جي صدارت ۾ ”سنڌ هندو ڪانفرنس" ٿي,جيڪا ٻه ڏينھن هلي. هن ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ کي صوبائي خودمختياري نه ڏجي ۽ ان کي ممبئي پرڳڻي جو حصو ڪري رکيو وڃي. 31.3.1954: ڪاش! اسان فقط ڳالهيون نه ڪيون. پر, جيڪڏهن سنڌ جي نه ته پنهنجي تعلقي يا ضلعي جي سياسي, سماجي, ادبي, ثقافتي, تعليمي ۽ ثقافتي تاريخ تي مواد گڏ ڪريون ۽ پوء انھئ مواد جي آڌار تي تاريخ مرتب ڪريون. سرڪار اڳي هر سال کاتن جي پروگريس رپورٽ شايع ڪرائيندي هئي. 1954 وارئ تعليم کاتي واري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي ته ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پرائمري اسڪولن جو تعداد 495 هو. ان مان 456 بوائيز اسڪول هئا ۽ فقط 39 ڇوڪرين جا اسڪول هئا. 29028 ڇوڪرا ۽ 3012 ڇوڪريون پڙھنديون هيون. سال ۾ پرائمري تعليم تي سرڪار 1090285 روپيا خرچ ڪيو. 31.3.1958: ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿان. اسڪندر مرزا ملڪ جي اڻ-چونڊيل صدر اوڀر پاڪستان جي گورنر اي.ڪي.فضل الحق کي ڊسمس ڪيو ۽ اتان جي صوبائي حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته اي.ڪي.فضل الحق 1940 ۾ لاهور واري مسلم ليگي اجلاس ۾ ”پاڪستان ٺھراء" کي پروپوز ڪيو هو. 31.3.1969: ڏاڍي لٺ کي ساڳيا ئي ٻه مٿا. چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل يحيا خان پنهنجو پاڻ کي صدر مقرر ڪري ڇڏيو!!!! ************ {31 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 31 مارچ 1914ع اديب مير الله بخش ٽالپرجو جنم ڏينهن آهي. 31 مارچ 1936ع سياستدان ۽ ڪاموري امداد الله انڙ جو جنم ڏينهن آهي. 31 مارچ 1939ع صحافي محمد يوسف بروهي (قنمبر) جو جنم ڏينهن آهي. 31 مارچ 1941ع شاعر محمد ڇٽل فراز (آراضي) جو جنم ڏينهن آهي. 31 مارچ 1950ع شاعر سڪندر آهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 31 مارچ 1984ع شاعر شفيق الرحمان ذاڪر (ٺل) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 31 مارچ 1964ع صحافي ۽ فريڊم فائيٽر مولانا عبدالڪريم چشتي(شڪارپور) جي وفات ٿي. 31 مارچ 1987ع صحافت ۽ ٻوليء لاء ڪم ڪندڙ علي محمد ڀٽو انتقال ڪري ويو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [There is no provision for logic and arguments in love affair. It requires sincerity, trust and dedication. Surrender before dear, you will find yourself very near to him/her. If you believe Allah religiously, do not shift responsibility of performing your duties to Him. Because, He has empowered you properly and accordingly. Do, what you have to do. Don't insist on taking and getting, if you are not ready to give. Dear! Revisit and revise your vision & wisdom, strategy & life-craft] بحث برہ ۾ ۽ ڪو منطق محبت ۾ جائز ناھ، ڪرٹو سب ڪجھ پاڻ کي بار نہ اھو لاھ، ڳالھ اھڙي ٺاھ، جو ڄاٹین سونھن سلام کي ************* SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {31st March} EVENTS: 1857: The Commissioner in Sindh writes to the Government of Bombay requesting sanction to a grant-in-aid of Rs.100 per mensem to a school proposed to be established at Hyderabad. 1934: Sindh Hindu Conference held in Khalikdina Hall at Karachi and presided over by LalchandNavalrai demands that Sindh shall remain annexed with Bombay Presidency. The resolution proposed by RaiBahadurHiranandKhemchand sates that even Bombay Provincial Committee of the Simon Commission, including its member Shahnawaz Khan Bhutto has opposed the separation of Sindh, hence the demand of Sindh Hindu Conference is justified. 1908: The Sukkur Lodge of the Sindh Theosophical Society is chartered. Kishinchand is elected as its founder President. 1913: The Philosopher and great Social worker Diwan Dayaram GidumalShahani marries Urmila Devi- daughter of his Malbari friend. It was a drastic action taken by a man of name and fame and it was termed as violation of Hindu norms. He is criticized at large and is not influenced by any propaganda. Later on Mahatma Gandhi and Moulana Abu-al-Kalam Azad tried to see him, but he regretted to see any one. 1917: Eminent Scholar Dr.Gurbuxani delivers his lecture on the topic of ‘Our Community’. This lecture program is arranged by ‘The Young Amils’ Association’ of Karachi. 1921: Sindh- the land of love and lovely people is being converted into ‘fire-place’ by its sons of soil. British ruleres policy to ‘divide & rule’ has brining its results. Hindus and Muslims have disputed over celebrations of ‘Cheti Chand’. The Government impose ban on the celebration of event at Uderolal, hence, it is celebrated at Nasrpur, the Birth place of Uderolal. 1954: The official Report says that 37,608 students are enrolled in Government recognized 532 schools of the Larkano district and it is 7.5 % of the Population. Out of these 532 schools the number of Primary schools is 495, 456 for boys and 39 for girls. 29028 boys and 3012 girls are enrolled in these Primary schools. The Government’s annual expenditure on Primary education in the district is Rs. 10, 90,285/. 1958: The President IskandarMirza removes A.K .Fazul-ul-Haq from the office of Governor of East Pakistan. In 1940, in the Muslim League Session of Lahore, the ‘Pakistan Resolution’ was proposed by the removed Governor A.K.Fazul-ul-Haq! 1969: CMLA Yahya Khan assumes the office of President of Pakistan to be effective from 25th of March.

Wednesday 29 March 2023

Sindh in history today (30th March). By. Dr.Pathan

Dur Muhammed Pathan: EVENTS FROM SINDH HISTORY (30th March) By: Dr. Pathan ** 1839ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي سنڌ ۾ مقرر پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر ٺٽي جي آفيسر ڪمانڊنگ کي سفارش ڪئي ته فوجي دستن کي اها هدايت ڪئي وڃي ته اهي سنڌ جي حڪمرانن جي علائقن مان گذرڻ وقت انهن جي شڪارگاهن کي متاثر نه ڪن.ڇوته سنڌي حڪمران شڪارگاهن جي حوالي سان گهڻا فڪرمند رهندا آهن. ** 1918ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سنڌ صوبائي ڪانفرنس جي شروعات ٿي، جنهن جي صدارت مرليڌر جئرامداس ڪئي، جيڪو ان وقت جو مشهور اڳواڻ هو، ڪانفرنس ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان اٽڪل 500 وفدن شرڪت ڪئي. ** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ روولاٽ بل خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ ان حوالي سان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جلوس پڻ ڪڍيا ويا. ** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور ۽ ڍاڪا ۾ ٽي وي اسٽيشنون قائم ڪرڻ لاءِ جاپان جي اليڪٽرانڪ ڪمپني نائيپون اليڪٽرڪ سان معاهدا ڪيا ويا. ** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو مخالف ڌر جي اڳواڻن کي ڳالهين جي آڇ ڪئي، جنهن تي اپوزيشن جماعتن صلاح مشوري بعد جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ** 1984ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان اعلان ڪيو ته ائٽمي پروگرام جاري رکيو ويندو، ان حوالي سان ڪنهن به قوت جو دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو. ** 1995ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر فاروق احمد لغاري ڪراچي ۾ امن امان جي بهتر صورتحال لاءِ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن کي ڳالهين لاءِ ايوان صدر اسلام آباد سڏائي ورتو. ** 2002ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانوي راڻي ايلزبيٿ ٽو جي ماءُ گذاري وئي. هن جي عمر 101 سال هئي، سندس وفات جو اعلان بڪنگهم پئلس طرفان ڪيو ويو.سندس آخري رسمن ۾ اٽڪل 10 لک ماڻهن شرڪت ڪئي. *********** ڏينهن 30 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 30 مارچ 1863ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام رسول (شڪارپور) جي پيدائش ٿي. 30 مارچ 1905ع ليکڪ الله بخش نظاماڻيجو جنم ڏينهن آهي. 30 مارچ 1941ع سياستدان ۽ اڳوڻي صدر وسيم سجادجو جنم ڏينهن آهي. 30 مارچ 1944ع شاعر خادم حسين همدم (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 30 مارچ 1945ع اديب آخوند عبدالحميدجو جنم ڏينهن آهي. 30 مارچ 1970ع ليکڪ احمد خان احمداڻي (ڊگهڙي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 مارچ 1970ع صحافي ايم اشرف افغان (شهداد ڪوٽ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 مارچ 1979عاسڪالر ۽ محقق ڊاڪٽر مخمور بخاري (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 30 مارچ 1980عشاعر مير بيتاب پريو (نوابشاهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 مارچ 1981عليکڪ سهيل اختر ڪوريجو (پيارو ڳوٺ) جو جنم ڏينهن آهي. 30 مارچ 1984ع شاعر غلام عباس وفا جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 30 مارچ 1726ع بزرگ مخدوم ابو القاسم ٺٽوي جو لاڏاڻو ٿيو. 30 مارچ 1878ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ شاعر مير حسين علي خان حسينجو انتقال ٿيو. 30 مارچ 2002ع مشهور شاعر آنند بخشيجي ديهانت ٿي. 30 مارچ 2011ع اداڪاره روشن عطاجو انتقال ٿيو. *********** Dr.Pathan wishes you Good Day. [Superiority complex is not only seed of sorrows & longings but, it is self-dodging act that generates hatred & discrimination. None of us is only and only beautiful & bold and saint & wise in the ,, but everybody is combination of good and bad. Nobody will be respected, if no one is accepted accordingly ] سیاٹو، سھٹو, سیبتو پيا سورهيہ سڏایون ، پر دنيا جهان ۾ فقط اسان ئي تہ ناھیون، ڀلي فرشتن ڌن-ڌڻين جيان پاڻ جتایون، ‏‎ ‎ ڄمڻ مرڻ جذبن امنگن م بنه برابر آھیون، انا ۽ نفرت, جي دل تان وهم گمان لاھیون، تہ ڀائیون ۽ آھيون سونهن سلام اسان ئي *********** SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {30th Marcha} EVENTS: 1839: Colonel Pottenger recommends and requests Officer Commanding Thatta that army be instructed not to damage Shikargahs of Sindh Rulers while they are passing through their territory. 1918: The Sindh Provincial Conference opens in Karachi. It is being presided over by MurlidharJeramdas, a Pleader of Shikarpur. Nearly 500 delegates from all parts of Sindh are participating. Details are available on Our website 1919: Sindh protest against Rowlaat Bill. Processions are taken out and meetings are held in major cities. 1954: An agreement is signed with NIPPON Electric Co. of Japan to establish two experimental T.V. stations at Lahore and Dhaka. 1955: Pakistani flag is desecrated at Kabul, Qandhar and Jalalabad. 1972: ‘Pakhtoonistan’ is no longer issue with our party, says NAP chief. 1973: Bhutto invites opposition for talks. 1979: Z.A. Bhutto’s habeas-corpus pleas are dismissed. 1984: Pakistan’s Nuclear program to continue, says Chief of Army Staff, General Abdul Waheed . 1995: President Frooq Laghari holds talks with MQM leaders in bid to restore peace and normalcy in Karachi. تاريخ بابت منهنجي وڊيو ٽاڪ جي لنڪ [30/03, 7:58 am] Dur Muhammed Pathan: https://youtu.be/tdK4pbF1m-M

Monday 27 March 2023

Sindh in history today (28th March). By. Dr.Pathan

Dur Muhammed Pathan: SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {28th March} Good Day Wish, Events from history and my Video Talk link on Sindh history. ************* *** واقعاتي تاريخ ************* 28.3.1844: ڪمپني حڪومت سنڌ سرڪار کي اجازت ڏني تي ڀلي شڪارپور ۾ جيل ٺھرايو. (جابلو قبيلن جي وقت به وقت ڦرلٽ ۽ گرفتاري هن جيل جوڙڻ جو جواز بڻي). 28.3.1851: سنڌ سرڪار خانڳڙه {جيڪب آباد} ۾ فوجي ڇانوڻي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. 28.3.1857: ڪراچئ جي ڪليڪٽر سيوهڻ سب ڊويزن جون ديهون تجويز ڪري, لسٽ ٺاهي منظورئ لاء ڪمشنر کي موڪلي ڏني. 28.3.1916: هرچندراء وشنداس جي صدارت ۾ ڪراچئ جي خالق ڏني هال ۾ جلسو ٿيو, جنهن ۾ وائسراء لارڊ ھارڊنگ جي واکاڻ ڪئي وئي ته هن پنهنجي تدبر سان ملڪ بهتر نموني هلايو. هن جلسي جا مک تقرير ڪندڙ هئا: راء بهادر آلومل ٽيڪچند, خانبهادر نسروانجي, گدومل ليکراج, درگداس آڏواڻي, لوڪومل چيلارام ۽ ڊاڪٽر ڌالا. 28.3.1956: الائي کل جهڙي ڳالھ آھي يا گنڀيرتا سان سوچڻ جهڙي ڳالھ آھي ته سياسي سرگرمين ڪري سنڌي سياستدان تحريڪ آزادئ يا تحريڪ پاڪستان دوران ايڏي تعداد ۾ جيلن ۾ نه ويا, پر پاڪستان واري ابتدائي دور کان اهي جيلن ۾ ضرور ويا. اڄ قاضي فضل الله ۽ پير الاهي بخش کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو. 28.3.1964: پاڪستان جي پرڏيهي وزيرن ۽ وزير اعظمن مان ذوالفقار علي ڀٽو اهو واحد ماڻھو هو, جنهن ڪشمير تي گهڻو ڳالهايو ۽ گهڻي جاکوڙ ڪئي. ان سلسلي ۾ اڄ چئي ٿو ته ڪشمير مامرو پاڪستان ۽ انڊيا جي لاڳاپن تي منفي اثر وجهي رهيو آھي. 28.3.1977: “ڌاڌلئ وارن چونڊن“ جي نتيجي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ته وزير اعظم ٿي ويو, پر پي.اين.اي جي اڳواڻ مفتي محمود اڄ چيو ته قومي اسيمبلي عوامي نمائندگي نه ڪري ۽ اسان هن اسيمبلئ کي نه ٿا مڃون. 28.3.1994: ايم.ڪيو.ايم جي ابي الطاف حسين تي غدارئ جو ڪيس ڪيو ويو. 28.3.1995: سرڪار حيدرآباد مان هڪ سو مخالف سياسي ڪارڪن گرفتار ڪري ورتا. (عجيب ڳالھ آهي ته مخالفن کي جڏهن ڪڏهن وڏي پئماني تي گرفتار مارچ جي پوئين هفتي ڪيو ويو/ويندو آھي. صدر يحيا ايئن ڪيو, ذوالفقار علي ڀٽي ۽ بينظير به مارچ ۾ مخالف گرفتار ڪيا ۽ موجود حڪومت به عمران جا پوئلڳ ايئن مارچ ۾ گرفتار پئي ڪري). ************* ڏينهن 28 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 28 مارچ 1888ع مذهبي اسڪالر علامه محمد قاسم مشوري جو جنم ڏينهن آهي. 28 مارچ 1899ع ليکڪ ڀوڄومل جيوت رام (سنڌ / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 28 مارچ 1912ع سماجي ڪارڪن ابراهيم دائود گلزار ميمڻ(حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 28 مارچ 1964ع شاعر ۽ نثر نگار نصير سومري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 28 مارچ 1968ع شاعر بشير احمد ”جگر خون“ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 28 مارچ 1975ع باليووڊ اداڪار اڪشي کناجو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 28 مارچ 1985ع مشهور ملهه پهلوان رستمِ سنڌ شير ميربحرانتقال ڪري ويو. 28 مارچ 1990ع مذهبي اسڪالر علامه محمد قاسم مشوري لاڏاڻو ڪري ويو. Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Your Golden Heart is the Palace of Allah and full of Human love and respect. Selfish Soul can't stay there. You can't keep people like shadows with you when you are encircled by sorrows & longings. Ever running clouds never rain. Don't expect much of them. Who becomes tool of hatred and discrimination, can't be source of sincerity, beauty and love. Who can't listen to her/his nature and instincts, can't listen your love and respect song.] تنهنجي دل تہ خدا جو گهر آھي ان ۾ نفرت پرست رهي ڪيئن سگهندو؟ تانگھ ڇڏ پچر ڇڏ پاڇي جي ڏک جي ڀلا اونده ۾ ڪيئن هو اتي رهندو؟ ٿاڪ جو مٽائي اهو رمندو ڪڪر ڪٿ ڪڏهن بہ ناهي ڪڏھن ڪو وسندو، سو تنهنجو ناهي جو نينهن بدران سدائين انا ضد جي نهن تي پيو نچندو، تنهنجو سلام ات تي رسندو، جت سونهن ۽ سرت جي نگري ڪا آباد هوندي. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (28th March) EVENTS: 1843: The Governor General of India agrees with Governor Sindh, Charles Napier that Karachi be made capital of Sindh, and advises that communication between Hyderabad and Karachi be facilitiated, public buildings be erected and water be obtained from the under Gizri Hills. 1916: The Karachi Citizen’s Club lauds services rendered by Lord Harding for India and British Subject. Seth Harchandrai Vishindas presides over the public meeting held in Khalikdina Hall of Karachi. RaiBahadurAlomalTikamdas, Khan BahadurNusserwanji; JamshedNusserwaniji; GidumalLekhraj, Framroz E. Panthakey; DurgdasB.Adavani;LokomalChelaram; D.D.Dhala speak on the occasion and praised Lord Harding and his services. 1956: KaqiFazul-ullah and PirIllahiBux are released on bail. KaziFazul-ullah was one of absentees members, when Sindh Assembly voted for favouring One-Unit Scheme. 1977: Z.A.Bhutto takes oath as Prime Minister of Pakistan. Mufti Mahmmod says that newly elected National Assembly is not representative forum of the people and by the people. 1994: Sedition case is registered against MQM Chief Altaf Hussain, in Karachi. 1995: In a massive crackdown, police arrests in Hyderabad 100 political activists of various parties. [28/03, 5:38 am] Dur Muhammed Pathan: https://youtu.be/vtdbXVoWPsU

Sunday 26 March 2023

Sindh in history today (27th March). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) in history today [27th March]. By. Dr.Pathan ***** واقعاتي تاريخ۔ ************* ** 1923ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ خلافت ڪاميٽي ۽ ڪانگريس جي گڏيل سڏ تي حڪومت جي ڪينيا بابت پاليسي خلاف هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي ٻنهي جماعتن طرفان جلوس پڻ ڪڍيا ويا. ** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سڀاش چندر ڀوس نوجوان ڪانفرنس کي خطاب ڪيو، هن ڀڳت سنگهه کي ڦاهي ڏيڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ عوام کي اپيل ڪئي ته حڪومت خلاف تحريڪ تيز ڪئي وڃي. ** 1933ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندو مها سڀا جي سينٽرل ورڪنگ ڪاميٽي جو اجلاس دهلي ۾ ٿيو، جنهن ۾ وائيٽ پيپر تي بحث ڪيو ويو ۽ ان کي هندو برادري جي مفادن خلاف قرار ڏنو ويو، گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انهيءَ وائيٽ پيپر خلاف 9 اپريل تي هڙتال ڪئي ويندي. ** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ حڪومت نوٽيفڪيشن جاري ڪري مسجد منزل گاهه واري واقعي بابت عدالتي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ** 1945ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسلم ليگ جي اڳواڻ جي ايم سيد قائد اعظم محمد علي جناح کي ٽيليگرام موڪليو ۽ کيس سنڌ جي سياسي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي حڪومت ايمرجنسي پاور آرڊيننس جاري ڪيو ۽ آئين کي عبوري طور معطل ڪيو ويو. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪا جي لاس اينجلس ايئرپورٽ جي رن وي تي ٻن بوئنگ جهازن ۾ ٽڪر سبب 583 مسافر مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، ايئرپورٽ جي رن وي تي ٿيل اهو پنهنجي نوعيت جو وڏو جهاز هو، جنهن ۾ ايترو گهڻو جاني نقصان ٿيو. ** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي احتساب بينچ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته احمد صادق بينظير ڀٽو خلاف گواهي ڏيڻ لاءِ راضي ٿي ويو، پي آءِ اي ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ ترقين جي ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي عدالت اڳوڻي ايم ڊي عمر فاروق ۽ اڳوڻي جنرل مئنيجر پي آءِ اي گلزار قاضي جا وارنٽ به جاري ڪيا، 24 اپريل تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، ريفرنس ۾ ناهيد خان، غلام قادر شاهه ڄاموٽ، ايس سراج ۽ نجم الحسن کي به نامزد ڪيو ويو. ٻئي پاسي ساڳئي تاريخ تي سنڌ ۾ مڪاني ادارن جون چونڊون اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪيون ويون. ************* 27 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 27 مارچ 1884ع شاعر پير احمد علي قريشي (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 27 مارچ 1931ع ليکڪ ۽ شاعر ٽهل ايسرداس ڪيسواڻي(روهڙي ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 27 مارچ 1932ع شاعر سعد الله غازي جو جنم ڏينهن آهي. 27 مارچ 1940ع شاعر بسنت ڪمار رائچنداڻي تياڳيجو جنم ڏينهن آهي. 27 مارچ 1955ع شاعر برج لال بيوس (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 27 مارچ 1962ع سياستدان ۽ شاعر مخدوم جميل الزمان (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 27 مارچ 1964ع شاعر محمد حبيب ميمڻ (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 27 مارچ 1971ع ليکڪ ۽ صحافي توفيق علي منگيجو جنم ڏينهن آهي. 27 مارچ 1976ع شاعر غريب گُل (سيتا روڊ) جو جنم ڏينهن آهي. 27 مارچ 1981ع ليکڪ مير دلشاد ڌاريجو (مٺا خان) جو جنم ڏينهن آهي. 27 مارچ 1985ع شاعر وفا زرداري (ڄام زرداري) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 27 مارچ 1897ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالرحمان ساکرو جي وفات ٿي. 27 مارچ 1898ع آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ عليڳڙهه يونيورسٽي جي باني سر سيد احمد خانجو انتقال ٿيو. 27 مارچ 1939ع صوفي بزرگ صوفي محمد شاهه جو لاڏاڻو ٿيو. 27 مارچ 1954ع پير عظيم شاهه (نصرپور) جو انتقال ٿيو. 27 مارچ 1968ع رئيس غلام رسول ڀرڳڙي وفات ڪري ويو. 27 مارچ 1997ع نوجوان راڳي مريد عباس ڪٽپر کي قتل ڪيو ويو. 27 مارچ 1999ع شاعر مسڪين ملاڪاتياري وفات ڪري ويو. ******** Dur Muhammed Pathan: SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {27th March). ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Your Golden Heart is the Palace of Allah and full of Human love and respect. Selfish Soul can't stay there. You can't keep people like shadows with you when you are encircled by sorrows & longings. Ever running clouds never rain. Don't expect much of them. Who becomes tool of hatred and discrimination, can't be source of sincerity, beauty and love. Who can't listen to her/his nature and instincts, can't listen your love and respect song.] تنهنجي دل تہ خدا جو گهر آھي ان ۾ نفرت پرست رهي ڪيئن سگهندو؟ تانگھ ڇڏ پچر ڇڏ پاڇي جي ڏک جي ڀلا اونده ۾ ڪيئن هو اتي رهندو؟ ٿاڪ جو مٽائي اهو رمندو ڪڪر ڪٿ ڪڏهن بہ ناهي ڪڏھن ڪو وسندو، سو تنهنجو ناهي جو نينهن بدران سدائين انا ضد جي نهن تي پيو نچندو، تنهنجو سلام ات تي رسندو، جت سونهن ۽ سرت جي نگري ڪا آباد هوندي. ************* SINDH (including Pakistan) EVENTS: 1889: Lord Ray, Governor-General Of India inaugurates the construction work of Sukkur-Rohri Railway Bridge. 1923: On the joint call of the Congress and Sindh Khilafat, Sindh observes the Hartal/Strike to protest against the Government’s Kenya Colony Policy. 1931: Subash Bose addresses the Naujwan Conference at Karachi. He condemns to Bhagat Sing’s execution and makes appeal to the audience for organization of peasants and workers and also pleads for the abolition of caste system. This may be kept in mind that it is said that while on his Sindh tour, Subash went to Gurang Bungalow and held meeting with Pir Pagaro Sureeh Badshah. Subashcame Sindh in 1931 and that time Pir Pagaro was not even in Sindh. Therefore, it is not correct that Pir Pagaro was politically influenced by Subash Chandra Bose. 1933: The Central Working Committee of the Hindu MahaSabha, in its meeting held at Delhi discusses on White Paper and terms it against interests of Hindu Community. It was decided that All-India strike will be held on 9th April to protest against the White Paper. 1939: Hindu ministers of Sindh are not happy with K.B. Allah Bux Government.NihchaldasVazirani and DialmalDoulatram resign as ministers, whereas Dr.Hemandas intends to move Mo-Confidence motion against K.B.AllahBux, the Premier. 1940: Sindh Government vide Notification No (s) 29H/207 appoints Judge to conduct Enquiry regarding the Masjid Manzilgah dispute and roots. 1945: G.M.Syed sends Telegram to the Quaid-i-Azam uprising him of political situation in Sindh and expelling him and HashimGazdar from the Party. 1955: The Government of Pakistan promulgates the Emergency Power Ordinance and assumes powers to make provision for framing the constitution, constitute the province of West Pakistan.

Saturday 25 March 2023

Sindh in history today (26th March). By. Dr.Pathan

Dur Muhammed Pathan: SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY{26th March}. ************* ******* واقعاتي تاريخ ************* 26.3.1843: ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ نيپيئر جي اها گذارش قبول ڪئي ته ڪراچئ کي گادئ جو هنڌ ڀلي بڻاء, پر ڪراچئ ۽ حيدرآباد جو باهمي رابطو ضرور قائم رکجان. 26.3.1920: مخدوم بلاول جي درگاه تي خلافت ڪانفرنس ٿي, جنهن ۾ ڏهاڪو هزار ماڻھون شريڪ ٿيا. 26.3.1931: ڪراچئ جي خالقڏني هال ۾ ”آل انڊيا اسٽوڊنٽس ڪانفرنس“ ٿي, جنهن جي صدارت جواهر لال نهروء ڪئي. 26.3.1961: ڪراچي ڊويزن کي مغربي پاڪستان ۾ ملايو ويو. 26.3.1969: مارشل لا حڪومت اولھ پاڪستان کي ستن سيڪٽرن ۾ رهائي هرهڪ سيڪٽر تي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيا. 26.3.1971: ملڪ ۾ سياسي سرگرمين تي پابندي مڙهي, فوج کي حڪم ڏنو ويو ته اوڀر پاڪستان ۾ حڪومت جي رٽ قائم ڪرڻ لاء آپريشن شروع ڪري. 26.3.1973: ڀٽي پنهنجي سياسي مخالفن کي اپيل ڪئي ته بائڪاٽ ختم ڪري اچو ته ڳالهيون ڪريون. 26.3.1977: مخالف ڌر قومي اسيمبلئ ۾ قسم کڻڻ واري رسم جو بائڪاٽ ڪيو. باقي 161 چونڊجي آيل ميمبرن قسم کنيو. 26.3.1985: ضياء الحق عبوري وزارت مقرر ڪئي. ************* ڏينهن 26 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 26 مارچ 1936ع هند ۽ سنڌ جي مشهور شاعر ۽ ليکڪ لڇمڻ ڪومل(ڪنڊيارو / دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 26 مارچ 1938ع اداڪار آسنداس واسياڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 26 مارچ 1942ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدلوهاب چاچڙ(سکر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. Dr.Pathan wishes you Good Day. [Life, without love & sincerity, cooperation & adjustment of each other is terrible; even for people born with silver spoon in their mouths. Dear! Let us accept & respect each other. It is the only way, vision & wisdom] لڪي گذاریون لوڪ کان، پنھنجن ئي پاڇن کان، تان جو ھلئون حق تي، سچ تي کڻي سونھن سان، پرچي پئج مون سان، تہ بٹجي سور سلام پون. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {26th March} EVENTS: 1843: The Governor - General approves proposal of Charles Napier to carry on the general Government ofSindh from Karachi and measurers be adopted for facilitating communication between Karachi and Hyderabad. 1920: Sindh Khilafat Conference is held at the Dargah of Makhdoom Bilawal. It is attended by more than ten thousand people. 1931: Jawahrlal Nehru presides over 'All - India Students Conference' heldin Khalikdina Hall, Karachi. The Conference disapproves 'Gandhi - Irwin Settlement/Agreement' and resolve to form Provincial Working Committees of students. Tirath Sabhani, A.J.Mamtora, H.P.Mirchandani, H.G.Butani, B.T.Shahani, H.R.Wadhwani and V.I.Jagtiani played vital role in managing the Conference. 1950: JUP demands separate ministry for Religious Affairs and ban forever on appointment of non - muslims/pakistanis on key military posts. 1956: Military officers can be removed from service without Court Martial, decides Govt. 1961: It is decided in Governors' Conference that Karachi Division shall be merged into West Pakistan. 1971: Awami League is banned, Shaikh Mujeeb is arrested and military is asked to restore writ of the govt. in East Pakistan. 1973: Bhutto appeals opposition to end boycott and opt for dialogue. 1977: PNA boycotts oath taking ceremony. However, 161 members of the National Assembly take oath. 1991: Four persons at Singapur Airport try to hijack Pakistan Plane but are killed. PPP was blamed for that act and arrests are made in Pakistan. [26/03, 6:20 am] Dur Muhammed Pathan: https://youtu.be/-JsXpX-wd_I

Friday 24 March 2023

Sindh in history today (25th March). By. Dr.Pathan

[24/03, 1:57 pm] Dur Muhammed Pathan: SINDH (icluding Pakistan) IN HISTORY TODAY {25th March} Post consists of: 1). My Good Day Wish, 2). Events from history, 3).Video Talk link. ************* ******* واقعاتي تاريخ ************* 25.3.1857: سنڌ جي ڪمشنر سنڌ جي سمورن ڪليڪٽرن کي حڪم ڏنو ته سڄي صوبي ۾ سمورن سرڪاري کاتن ۾ سنڌئ جو استعمال ڪريو. 25.3.1923: ڪن ڪٽر هندن طرفان ”شڌي تحريڪ“ هلائي, نئو مسلم ماڻھن کي زورئ هندو بنائڻ شروع ڪيو ته ان تي مسلمان عالمن رد عمل ڏيکاريو. ڪراچئ ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻئ جي صدارت ۾ ”سنڌ جميعت الاسلام“ جي گڏجاڻي ۽ ان ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آريا سماجين جي اهڙين سگرمين جو ڀرپور جواب ڏيڻ گهرجي. 25.3.1931: آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي پنهنجي سالياني اجلاس جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ ڏينهن جا ڏينهن سرگرم رهي. اڄ ان جي ”ورڪنگ ڪميٽئ“ جي ڪراچئ ۾ گڏجاڻي ٿي. 25.3.1838: لاڙڪاڻه بورڊ جي هيلٿ ڪميٽئ بورڊ کي سفارش ڪئي ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ميلن ملاکڙن تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي 25.3.1951: سنڌ ۾ ايوب کهڙي جي حڪومت جڙي, جنهن ۾ قاضي فضل الله کي هوم منسٽر ڪري کنيو ويو. 25.3.1953: جي.ايم.سيد جي صدارت هيٺ ”عوامي محاذ بورڊ“ جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌئ, پير الاهي بخش, غلام مصطفا ڀرڳڙئ, قاضي فيض محمد ۽ سوڀي گيانچنداڻئ شرڪت ڪئي.فيصلو ڪري هر ضلعي لاء سب ڪميٽي ٺاهي وئي ته جيئن چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کي ٽڪيٽن ڏيڻ لاء بورڊ کي سفارش ڪري. انهئ گڏجاڻئ ۾ حيدرڀخش جتوئي, خدا بخش کهاڙ ۽ يار محمد شاه کي چونڊ وڙھڻ لاء ٽڪيٽ ڏني وئي. 25.3.1968: غوث بخش بزنجي کي قلم A)124) هيٺ گرفتار ڪيو ويو. 25.3.1969: صدر ايوب عوامي مخالفت جي دٻاء ڪري گوڏا کوڙيا ۽ استعيفا ڏئي اقتدار ڪمانڊر ان چيف يحى ا خان حوالي ڪيائين. هن همراه وري ملڪ ۾ ماشل لا لڳائي ڇڏيو. 25.3.1970: ميجر جنرل (ر) سرفراز خان چيو ته ون-يونٽ ٽوڙي حڪومت وڏي غلطي ڪئي آھي. 25.3.1977: سياسي ڌماچوڪڙئ ۾ ڀٽي جي حڪومت پنهنجي مخالفن, جهڙوڪ: مفتي محمود, پروفيسر غفور, ميان طفيل, مزارئ, شاه احمد نورانئ, ظھور ڀوپالئ, خضر حيات ۽ خواجا صفدر کي جيل اماڻي ڇڏيو.(ساڳو ئي مارچ جو مهينو آھي. عمران ۽ حڪومت جي سياسي ڌماچوڪڙي جاري آھي. پر عمران فى الحال حڪومت جي پڪڙ ۾ نه ٿو اچي). 25.3.1971: يارهن ڏينهن جي ناڪام سياسي جاکوڙ کان پوء صدر يحيا ڍاڪا مان هٿين خالي واپس موٽيو. ذوالفقار علي ڀٽو به شيخ مجيب کي مڃائي نه سگهيو ۽ چيائين ته شيخ مجيب جيڪا گهر ڪري ٿو, اها ملڪي آزادئ کان گهٽ ڪانهي. 25.3.1978: ڀٽي کي لاهور هاء ڪورٽ جيڪا موت جي سزا ٻڌائي, هن انهئ خلاف اڄ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي. ************* 25 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 25 مارچ 1896ع شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽوجي ٽلٽيءَ ۾ پيدائش ٿي. 25 مارچ 1916ع ليکڪ ڄيٺانند لالواڻي (حيدرآباد / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1924ع ليکڪ ڪشن گرناڻي (نوابشاهه / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1929ع شاعر نشتر ناٿن شاهي جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1929ع اداڪار موهن ڇاٻڙا (بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1931ع صحافي محمد خان شيخ (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1937ع سگهڙ غلام حيدر ڀنڀرو جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1945ع شاعر حزب الله ناشاد جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1945ع سگهڙ دلمراد دلاور شر (رسول پور) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1947ع شاعر محمد صادق امين جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1952ع ليکڪ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو(قمبر) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1952ع شاعر ڊاڪٽر منصور ملڪ(پڊ عيدن) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1955ع شاعر مختيار گهمرو (خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1957ع ليکڪ ملوڪ لنڊ (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1977ع ليکڪ عطا راهو (شهمير) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1982ع ليکڪ ڪاشف سومرو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1982ع شاعر عادل مهر (مبارڪ پور) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1987ع ليکڪ اياز ٻرڙو (ڪي اين شاهه) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 25 مارچ 1952ع ناليوارو سنڌي گويو ۽ موسيقار استاد بيبو خان حيدرآباد ۾ انتقال ڪري ويو. 25 مارچ 1975ع تي سعودي عرب جي بادشاهه شاهه فيصل کي سندس ڀائٽي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. Dr.Pathan wishes Good Day. [Dear! How to make you believe that ideologies are for the people , but not to sacrifice people. Misinterpretations of ideologies snatches hearts & minds and people become Living Dead or tools in hands of selfishness or anti-human forces. There will be no logic and justification, but decisions and actions regarding values, traditions and relations will be taken and applied one-sided and unilaterally. In such a situation those are in trouble, who follow and promote love & beauty, peace and sincerity] نظرون مٽائي پيو "نظرین" لاء ھي انسان سندو ایمان ! جن "قدرن ۽ نظرين" جو منطق بنیاد رڳو ڊپ وھم گمان،‏ "عملي آدم" جي بدران بٹجي ھر پل "مفروضاتي مھان"،‏ دل جي دیوان جي بدران پيو جوڙي خیالي ماڳ مڪان، ‏"یڪ طرفا" ناتا ڪٽ جوڙ ڪندي ڪري گوڙ گھٹو گھمسان،‏‎ پاڻ ئي لوڙي پاڻ ئي پيو جوڙي ظلم ۽ جھل سندو زندان،‏ مري اھو مستان، جو رھي سدا سرت سونھن سلام سان. ‏‎ ‎ ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (25th March) EVENTS: 1857: The Commissioner of Sindh sends Circular NO.443 to all collectors of Sindhi issuing instructions as to use of Sindhi in the Revenue as well as in Judicial business. He asks them for adoption of Sindhi as the language of record throughout the Province. 1917: Eminent figure TarachandGajra delivers his lecture on the topic of ‘ What should one do for Samaj/Society?’. This lecture program was arranged by NGO ‘AryaSamaj’ of Karachi. 1923: ShudhiSabha’s activities regarding converting of New Muslims, irritates Religious Scholars. The meeting of the ‘Sindh Jamiat-ul-Ulema’ is held at Karachi with Hakim Fatih Muhammad Sehwani in chair and it is decided to face and deny the propaganda of AryaSamajis.1931: The working Committee of the All-India Congress Committee meets at Karachi. The city remained active spot of Congress activities for so many days. 1938: The Health Committee of the District Local Board recommends ban on Festivals. According to the opinion of the Committee, festivals are not only burden on economy but, are training centers for violation of Social values. 1953: The meeting of AwamiMahaz Board is held with G.M.Syed in Chair. It is attended by Shaikh Abdul Majeed Sindhi, PirIllahiBux; Ghulam Mustafa Bhurgri; KaziFaiz Muhammad and SobhoGiyanchandani. In this meeting District-wise Sub-Committees are formed or recommendation of party tickets to members interesting to contest election. HyderBuxJatoi, KhudaBuxKuhawar and Yar Muhammad Shah are awarded party tickets for Larkano District. 1969: President Ayub Khan resigns and handed over power to Yahya Khan. Martial Law is imposed in Pakistan. Admiral S.M.Ahsan, Air Martial Noor Khan ang General Hamid Khan are appointed as Deputy MLAs. 1970: Major General (R) Sarfraz Khan Vice President of PDP terms abolition of ‘One-Unit’ as a great mistake. 1971: President Yaya is back from Dhaka after an 11-day stay. Bhutto says that the question of autonomy sought by the Awami League is more than the autonomy. It is bordering on sovereignty. 1977: PNA leadership, Mufti Mahmood, Pro.AbdulGhafoor; MianTufailAhmad;MoulanaNoorani,; Mazari;ShahFarid;Khizir Hayat and KhowajaSarfraz are sentenced to three months imprisonment. 1978: Z.A.Bhutto’s appeal against the Lahore High court verdict is filed in the Supreme Court. [25/03, 5:48 am] Dur Muhammed Pathan: https://youtu.be/73cmLQ8EkaA

Thursday 23 March 2023

Sindh in history today (24th March) . By. Dr. Pathan

Dur Muhammed Pathan: SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {24th March} Post consists of: 1). My Good Day Wish, 2). Events from history, 3). Link of my Video Talk on history. ************* مارچ سان لاڳاپيل 1).”واقعاتي تاريخ“, 2). ولادتن ۽ وفاتن جون تاريخون, 3). اوهان لاء صبح جو سلام, 4). تاريخ بابت پنهنجي وڊيو ٽاڪ جي لنڪ کڻي اوهان جي حضور ۾ حاضر ٿي رهيو آھيان. انهن چئني اسمن مان جيڪو اوهان کي پسند اچي, يا سڀ پسند اچن, اوهان ڏسو ٻڌو ۽ فڪر ڪريو. جڏهن ته زنده قوم کي بار بار ڏسڻ, ٻڌڻ ۽ سبسڪرائيب ڪرڻ لاء ڪونه چئبو آھي. پر جيئن ته اڃان ڪامل مڪمل فرد ئي نه ٿيا آھيون, ان ڪري اسان کي قوم ٿيڻ ۾ اڃان وقت لڳندو. ان ڪري آئون روز ڏسڻ, پڙھڻ, ٻڌڻ ۽ سبسڪرائيب ڪرڻ لاء چوندو آھيان ته من سنڌ جا سپوت سنڌ جي تاريخ پڙھن. هن چوڻ ۾ الزام نه پر سچائي آھي ته اسان پاڻ کي عقل جا اڪابر, ڏيه جا ڏاها ۽ ملڪ جا مدبر ته سڏايون ٿا, پر اسان جي سوچن ۽ لوچن جا قبلا ۽ حالتن کي بدلائڻ جون حڪمت عمليون درست ڪونهن. ان ڪري اسان پاڻ لاء عذاب ۽ سنڌ لاء سور ئي پيدا ڪندا آھيون: 1). ڪراچئ طرف رخ ڪري لانگ مارچ ڪرڻ درست ناهي, اسان کي پنهنجي ڳوٺن شھرن ڏي منهن ڪرڻ گهرجي. 2). سياسي, سماجي, نالي ماتر مذھبي يا روحاني آدرشن ۽ سندن آڪهين جي پوڄا ڪرڻ درست ناهي. اهي دوڪان داريون بند ڪجن. 3). يارن ۽ ٻارن جي تربيت ڪري انهن کي دودو, هيمون, هوشو يا آدرش بنائڻ وارو اسان جو تربيتي نظام درست ناھي. ٻارن ۽ يارن کي غلام بنائڻ بدران ”پاڻ سڃاڻڻ“ جو درس ڏجي. 4). اسان جي نظرياتي بيهڪ ٻڌ سڌ تي ٻڌل آھي ۽ ٻئي کي پڙھون ڪونه ٿا. ان ڪري روز چوندو لکندو آھيان ته پنهنجي تاريخ پڙھو, ٻڌو ۽ سبسڪرائيب ڪريو. تاريخ اوهان سان وڏي واڪ ڳالهائڻ گهري ٿي: 24.3.1839: شاه شجاع جي نمائندي شڪارپور واري فرنگي سفارتڪار اليگزينڊر برنس کي لکيو ته ڪمپني حڪومت جو حڪم آهي ته خيرپوري مير مبارڪ اسان کي ست لک ڏن ڏيندو ۽ ٻين ميرن جيان فرنگي سرڪار کي سنڌ ۾ فوج رکڻ لاء ھڪ لک روپيا الڳ ڏيندو. سو تون ان سلسلي ۾ ڪمپني حڪومت جي حڪم جي پوئواري ڪر, دير نه ڪر. 24.3.1843: دٻي مان اڄ نيپيئر پنهنجي گورنر جنرل کي خط لکي مير شير محمد سان جوٽيل جگ ۽ فتح حاصل ڪرڻ جو تفصيل ڏنو. هن کي ۾ هو گورنر جنرل کي هوشو شيدئ جي بهادرئ ۽ وطن تان جان قربان ڪرڻ جو ذڪر ڪيو آھي. (هن خط مان ظاهر ٿئي ٿو ته هوشو شيدي 24 مارچ تي شھيد ٿيو). 24.3.1924: ڪراچئ ۾ ٻارن جو قومي ڏينهن“ ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ مختلف ڏينهن تي مختلف هنڌن تي ٻارن لاء ٻارن جا فنڪشن ٿيا. 24.3.1935: سنڌ ۾”انڊين نئشنل ليگ“ جي شاخ کلي. ان جو تفصيلي ذڪر منهنجي ويب سائيٽ تي موجود آهي (انهئ ويب سائيٽ جي لنڪ شيئر ڪرڻ تي سنڌ دشمنن جي رپورٽن موجب فيس بوڪ تي پابندي لاڳو ٿيل آھي. ڪي سنڌ دوست فيس بوڪ انتظاميه کان اها پابندي هٽائڻ جو مطالبو ڪري سگهن ٿا. مان روز سنڌ جي هسٽرئ تي ڊزائين ٿيل سلائيڊ رکندو آھيان, ان ۾ ويب ايڊريس لکيل هوندي آھي). 24.3.1941: جي.ايم.سيد نه هجي ها ته ڪو ٻيو سياستدان سنڌ کي تمام وڏئ مشڪل سان پاڪستان ۾ شامل ڪرائي سگهي ها. اڄ ڪراچئ جي خالقڏني هال ۾ جي.ايم.سيد مسلم ليگي هجوم کي پاڪستان سان وفادارئ جو قسم کڻايو ۽ پاڪستان لاء وڏي کان وڏي قرباني گهري وئي ته ڏبي. 24.3.1948: ڍاڪا يونيورسٽئ جي سالياني ڪنوينشن کي خطاب ڪندي پاڪستان جي بانئ چيو ته اڙدو ملڪ جي ”ڪامن لئنگويج“ ٿيندي. (نوٽ ڪرڻ جي ڳاله آھي ته ملڪ جي بانئ Common Language جا لفظ ڪم آندا ۽ پوء ڪن اردو کي ”قومي ٻولي“ بنائڻ جو پڪو په ڪيو). 24.3.1955: “راولپنڊي سازش ڪيس“ جي ملزمن کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو. 24.3.1965: وفاقي ۽ مغربي پاڪستان حڪومتن جي وزيرن پنهنجي عهدي جو قسم کنيو. ذوالفقار علي ڀٽو وفاقي ۽ غلام نبي ميمڻ صوبائي وزير ٿيا. 24.3.1968: اگرتله سازش ڪيس ۾ اڃا وڌيڪ گرفتاريون ڪيون ويون. 24.3.1971: شيخ مجيب اعلان ڪيو ته وڌيڪ ڳالهين جي گنجائش ڪانهي. 24.3.1972: ارباب سڪندر خان کي سرحد ۽ مير غوث بخش بزنجي کي بلوچستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو. 24.3.1977: ڀٽي-مخالف سياسي اتحاد حڪومت سان ڳالهائڻ کي رد ڪيو. حيدرآباد جي امن امان هي بگڙيل صورت کي سنڀالڻ لاء فوج کي گهرايو ويو. 24.3.1985: محمد خان جوڻيجو پاڪستان جو وزير اعظم بڻجي ويو. ************* _______24 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 24 مارچ 1946ع اسڪالر ڊاڪٽر هدايت الله پريم(روهڙي) جو جنم ڏينهن آهي. 24 مارچ 1972ع صحافي ذوالفقار واهوچو جو جنم ڏينهن آهي. 24 مارچ 1976ع شاعر گلشير پرديسي جو جنم ڏينهن آهي. 24 مارچ 1978ع ڪالم نگار سارنگ منير سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 24 مارچ 1979ع باليووڊ اداڪار عمران هاشمي جو جنم ڏينهن آهي. 24 مارچ 1982ع ليکڪ محبوب سنڌي (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 24 مارچ 1982ع ليکڪا صائمه مگسي (گل مگسي) جو جنم ڏينهن آهي. 24 مارچ 1984ع صحافي فيض لغاري جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 24 مارچ 1932ع ديني عالم ۽ فريڊم فائيٽر مولوي حاجي احمد ابڙولاڏاڻو ڪري ويو. 24 مارچ 2014ع سنڌي ٻوليءَ جو انقلابي شاعر راشد مورائي وفات ڪري ويو. Dr.Pathan wishes you Good Night TRANSLATION OF MY POETRY [ I am nothing. But, you made me some thing. That is why, when there is dark night of sorrows & longings, I use to rise as full moon and shine like stars to help those, who have lost their path of sincerity & sacrifice. I was illiterate in life-craft, but you made my life] غم الم کی کثرت سے بکھرتا گیا، حسن میرا دکھوں میں نکھرتا گیا، رات جب بھی آئی اور اندھیرا ہوا، چاند تاروں کی مانند ابھرتا گیا، کتنا جاھل و پاگل اناڑی تھا میں، بے رخی کے صدقے سنورتا گیا. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (24th March) EVENTS: 1843: Charles Napier writes to Governor-General of India narrating battle between him and Mir Sher Muhammad. This letter has been written from Dubba, four miles from Hyderabad. It is important in a way also that it has indicated the death date of Hosho Shedi in this battle on 24th of March 1843.Whereas it is said and believed that HoshoShedi lost his life in the battle of Minani. Charles Napier writes: ‘ The forces under my command marched this morning at day-break. About half past 8 0’s clock we discovered and attacked the army under the personal command of the Mir Sher Muhammad, consisting of 20,000 men of all arms….. After a combat of about three hours, the enemy was wholly defeated with considerable slaughter, and the loss of all his standards and cannon.’ Napier ends his letter that:’Three Belochee chiefs fell in the action; one of them was the great promoter of the war,-- HOCHE Mahmud SEEDEE.’ 1924: It was announced that the ‘National Baby Week’ will be celebrated in Karachi at various places and eminent Congress leader R.K.Sidhva will be its coordinator. In this connection the first program is held today at Lyari – the place, where people are witnessing heavy rains of bullets daily now. As per announcement, other programs will be held on 26.3.1924 at Old Town, on 30.3.1924 at Sadar and on 1.4.1924 at Kiamari. 1935: The branch of Indian National League is opened in Karachi. Details about its office-bearers and Aims & Objects are available at Gul Hayat website. 1941: In the public meeting held at Khalikdina Hall of Karachi, G.M.Syed presides over ‘Oath and Pledge Ceremony’ in the support of Pakistan. He starts reading it and is followed by participants. In that PLEDGE, it is said that we Muslims are different Nation and created by Allah with special Assignment, for translating it we need Pakistan. In this PLEADGE it is further said that any kind of sacrifice that is required by /for the cause will be made without any condition and objection. 1948: Urdu should be a common language of the country, says the founder of Pakistan, while addressing Annual Convocation of the Dhaka University. 1968: More arrests are made in connection with Agartala conspiracy. This drama was staged for years and none of accused was awarded any penalty or punishment. It is said that the script of that drama was written in West Pakistan as Bangladesh Flag was designed here and 6-poits were drafted here. It is said that some politicians of West Pakistan had decided to get rid of East Pakistan. 1985: Muhammad Khan Junijo is sworn in as the Prime Minister of Pakistan. ******* Video link [24/03, 3:20 am] Dur Muhammed Pathan: https://youtu.be/h-N99LuEzIM

Wednesday 22 March 2023

Sindh in history today (23rd March). By. Dr.Pathan

Dur Muhammed Pathan: SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (23rd March}. My post consists of: 1). My Good Day Wish, 2. Events from history, 3). Link of my Video Talk on history. ************* **** 23.3.1840: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت ڪراچي ۽ سکر ۾ فوج جي سپهسالاري سيڪنڊ ڪلاس برگيڊرن جي حوالي ڪئي ۽ هدايتون ڏنيون ته ٻنھي هنڌن کي فوج کي وڌيڪ منظم ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ ۾ يا سنڌ کان ٻاهر ڪنهن هنگامي صورتحال ۾ انھئ فوج کي ڪم آندو وڃي. 23.5.1841: پوليٽيڪل ايجنٽ آئوٽرام اڄ تفصيلي خط لکي پنهنجئ سرڪار کي حيدرآباد ۽ ميرپور خاص سرڪارين جا احوال ڏيندي لکي ٿو ته مير شير محمد سان معاهدي تي ڳالهيون هلي رهيون آھن. ھن جا هندو صلاڪار کيس اسان کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. مير شير محمد حيدرآبادي ميرن تي ڪاوڙيو ويٺو آھي ته هنن سندس پرڳڻن تي ناجائز قبضو ڪيو آھي. جي مير شير محمد چيو ته مان سندن فيصلو ڪندس. 23.3.1843: نيپيئر اڄ حيدرآباد مان مير شير محمد کي لکيو ته وقت نه وڃاء هڪ دم اچي جنگي قيدئ جي حيثيت ۾ مون اڳيان پيش ٿي. ٻئ صورت ۾ سڀاڻي منھنجو انتظار ڪر ۽ جنگ کي منھن ڏي. 23.3.1863: ساڌو هيرانند پٽ راء بهادر ديوان شوقيرام حيدرآباد ۾ ڄائو. هن 1883 ۾ بي. اي ڪئي. "سنڌ سڌار" اخبار جو ايڊيٽر ٿيو. "سنڌ سڀا" جي نمائندي طور 1886 ۾ آل انڊيا ڪانگريس جي سالياني اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. 1887 ۾ حيدرآباد ۾ سماجي ڪم شروع ڪيائين.1888 ۾ ”يونئن اڪيڊمي/ اين.ايڇ.اڪيڊمي" اسڪول کوليائين. 1890 ۾ ”سڌار پتريڪا" ۽ "سرسوتي" رسالا جاري ڪيائين. ڌئ کي پڙھائڻ لاء وٺي وڃي رهيو هو ته 13 جولاء 1893 تي بيڪانير ۾ گذاري ويو. پنھنجي دور جو وڏو سماج سڌارڪ, صحافي ۽ سياستدان هو. 23.3.1923: ڪراچئ ۾ سيٺ رامچند فتحچند جي صدارت ۾ ”شڌي سڀا" جي گڏجاڻي ٿي ۽ ان ۾ سنجوڳي شيخن کي وري هند بنائڻ بابت حڪمت عملي جوڙي وئي. "شڌي سڀا" ان جي سرگرمين سنڌ ۾ ھندو-مسلم اختلافن وڌائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ويو. 23.3.1930: ميهڙ ۾ وڏي پئماني واري "سنڌ خلافت ڪانفرنس" ٿي. هن شهر تحريڪ آزادئ ۾ مثالي حصو ورتو پر شهر جي سونهري اکرن ۾ لکڻ جهڙي تاريخ تي ڪم نه ڪيو ويو آھي. 23.3.1931: ڀڳت سنگ ۽ سندس ساٿين کي سرڪار ڦاهي ڏني. سنڌ جي وڏن شھرن ۾ انھئ سوڳ ۽ سرڪار جي مذمت ۾ ھڙتال ٿي. 23.3.1938: سنڌ ۾ خانبھادر الله بخش سومري "اتحاد پارٽئ" جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ ڪانگريس جي مدد سان حڪومت/وزارت ٺاهي, جنھن ۾ پاڻ خزاني ۽ داخلا جا کاتا کنيائين, پير الاهي بخش کي روينيو جو کاتو ڏنائين ۽ پي.ڊبليو.ڊي ۽ پبلڪ هيلٿ جا کاتا نهچلداس کي ڏنائين. 23.3.1940: آل انڊيا مسلم ليگ جي لاهور واري اجلاس ۾ ”پاڪستان ٺھراء“ پاس ٿيو. ان ۾ سنڌ مان شرڪت ڪندڙ سياستدان هئا: حاجي عبدالله هارون, جي.ايم.سيد, محمد ايوب کهڙو, علي محمد شاه راشدي, شيخ عبدالمجيد سنڌي, ايم.اي.خالق, سيد حسن بخش شاه محرابپور وارو, حاجي دوست محمد (لاڙڪاڻو), خانصاحب حق نواز (شڪارپور), امير احمد (لاڙڪاڻو), غلام محي الدين, عبدالحئي صديقي (سکر), منير احمد (لاڙڪاڻو), عبدالروف (ڪراچي), محمد اسلم (ڪراچي), محمد هاشم جوڻيجو, محمد رمضان, محمد علي چوڌري (ٿر), مقبول احمد (ٿر), چوڌري رحمت الله(ٿر), مرزا رحمان بيگ (سکر), ۽ رئيسئ افضل خان کيڙو (مورو). 23.3.1941: سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ "پاڪستان ڊي" ملهايو ويو. 23.3.1946: اقتدار منتقل ڪرڻ بابت سياسي اڳواڻن جي ويچارن کي ٻڌڻ لاء ”ڪئبينيٽ مشن" ڪراچئ پهتو. سنڌي جي سمورن هندو ۽ مسلمان سياستدانن مان ڪنهن به سنڌ جي آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جي ڳالھ نه ڪئي. پر مسلمانن مسلم ليگ ۽ هندن ڪانگريس جي ڳالھ ڪئي. حالانڪ ان وقت سنڌ جي مطلق آزادئ بابت عوامي ۽ گروهي وايو منڊل جڙي چڪو هو. 23.3.1955: خان عبدالغار سرڪار کان گهر ڪئي ته ون-يونٽ ڏنڊي جي زور تي مسلط ڪرڻ بدران عوام کان ووٽ زريعي رضامندو وٺو. 23.3.1956: ايسٽ بنگال جو نالو مٽائي "اوڀر پاڪستان" ۽ فيڊرل ڪورٽ جو نالو بدلائي "سپريم ڪورٽ" رکيو ويو. 23.3.1985: محمد خان جوڻيجي پاڪستان جي وزير اعظم طور عهدو سنڀاليو. ************* {23 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} ************* [جنم ڏينهن:] 23 مارچ 1844ع مذهبي اسڪالر ۽ بزرگ ميان غلام صديق (شهداد ڪوٽ ) جي پيدائش ٿي. 23 مارچ 1863ع سماجي ورڪر ۽ صحافي ساڌو هيرانند (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1898ع ليکڪ آچاريه آسودومل گِدواڻي(ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1893ع آزادي پسند اڳواڻ گهنشام شِوِداساڻي (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1912ع سياستدان آغا بدرالدين دراني(ڳڙهي ياسين) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 مارچ 1924ع ليکڪ وشنداس آسراڻي (شڪارپور / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 مارچ 1929ع بيگم نصرت ڀٽو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 مارچ 1929ع براڊڪاسٽر سرور بلوچ(لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1951ع اديبه آشا چاند(سندري ۽ اتم جي ڌيءُ) جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1959ع شاعر آصف مٺياڻوي جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1963ع صحافي احمد رضا بروهي(بوبڪ) جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1968ع ليکڪ سردار چنا (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1974ع صحافي شاهد مهيسر (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 مارچ 1978ع ليکڪ امداد ٻرڙو (ميرپور ٻرڙو) جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1984ع شاعر سجاد حسين سجاد (سيتا روڊ) جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1986ع ليکڪ اسلم پاٽائي جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1988ع شاعر انتظار ابڙو (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 23 مارچ 1809ع اسڪال مخدوم عبدالواحد سيوستاني جي وفات ٿي. 23 مارچ 1931ع آزادي جي ويڙهه وڙهندڙ شهيد ڀڳت سنگه کي ڦاهي ڏني وئي. 23 مارچ 1958ع صوفي سوامي رام فقير (دادو / اجمير) جي ديهانت ٿي. 23 مارچ 1992ع ليکڪ عادل سخيراڻي (دادو) جو انتقال ٿيو. 23 مارچ 1998ع گلوڪار استاد وحيد علي خان جو لاڏاڻو ٿيو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [Relation stand ceased and human values stand violated, when we avoid to reciprocate in complex that it is duty and need of others to love & serve us without any return and condition. This is an ugliest kind of social, ideological and emotional exploitation that has been depriving people of love & beauty and peace & progress] ھوتن کي ھٿوڙا سدائين ھٿن ۾ پر تارازي نہ کٹن ڪڏھن ساڻ، ان لاء ملڪن ۾ مانڌان، ماٹھون مرن سونھن سڪون سلام لاء. ************* SINDH IN HISTORY EVENTS: 1843: Charles Napier writes to Mir Sher Muhammad Khan that if you choose to meet me tomorrow, as I march to attack you at the head of army; if you will surrender yourself as a prisoner without any other conditions than that your life will be safe, I will receive you. 1923: The meeting of ShudiSabha is held at Parbati Pati Sukkdani Mandar it is presided over by Seth RamchandFatihchand. The strategy regarding reconverting New Muslims (Sanjogi Shaikhs) to Hinduism was finalized. 1930: Sindh Khilafat Conference is held at Mehar. It is attended by eminent Khalfat Leaders. 1931: Sindh observe complete hartal to protest against execution of Bhagatsing and others. 1935: R.D.Bell, Home Member assures Indian Legislative Assembly that the Government has decided to order enquiry into Karachi firing in which more that 40 Muslims were killed by the military firing. 1938: The Leader of the ‘Itad Party’, K.B.AllahBux Soomro forms Sindh Government. PirIllahiBux and Nihchaldas are inducted as ministers. 1940: Those who participated in All-India Muslim League session of Lahore and favored/supported ‘Pakistan Resolution’ are: G.M.Syed, K.B.Khuhro, M.A.Khaiq, Syed HussainBux Shah (Mirabpur), Haji Dost Muhammad of Larkano, Pir Ali Muhammad Shah Rasdi, Amir Ahmad of Larkano, Muneer Ahmad of Larkano, K.B.Haqnawaz (Shikarpur), GhulamMahuddin, Abdul Hai Siddiqui (Sukkur), Abdul Rauf (Karachi), Muhammad Aslam (Karachi), Muhammad HashimJunijo, Muhammad Ramzan, Muhammad Ali Choudhri (Thar), Maqbool Ahmad (Thar), ChooudhriRahmatullah (Thar), Mirza Rahman Beg (Sukkur), RaisAfzal Khan Khero (Moro). 1941: All the branches of Sindh Muslim League observe Pakistan Day. 1946: The Cabinet Mission reaches at Karachi. 1951: Muhammad AyubKhuhro is sworn in as the Chief Minister of Sindh. 1956: Bengal is renamed as East Pakistan and Federal Court as Supreme Court. 1965: Ayub is sworn as the President of Pakistan for another five years. Z.A.Bhutto is inducted as minister. Malik Amir Muhammad Khan and Abdul Monem khan are appointed Governors of West Pakistan and East Pakistan respectively. [23/03, 4:02 am] Dur Muhammed Pathan: https://youtu.be/JJlzb-nHDTI

Tuesday 21 March 2023

Sindh in history today (22nd March). By. Dr.Pathan

Dur Muhammed Pathan: SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {22nd March} My Post consists of: 1). My Good Day Wish, 2). Events from history, 3). Link of my Video Talk on Sindh history. ************* Dr.Pathan‏ ‏wishes you Good Day. [Anybody can help you, but nobody can solve your problems. Ideologies & priorties, like & dislikes and tradions & training have put us at distance to extent that we can't listen and understand others. When we start believeing and behaving that only we are beauty, vision and wisdom, it will be high-risk for love and peace. It is situation in our society and it is position of our hearts and minds] جي ڪنھن ٻئي در دانھیندین، تون ڪوئي داد نہ پائیندین، درد دنیا کي جي ٻڌائیندین، پوء وڌ سور الم ڪمائیندین، جي پاڻ کي عاقل ڀائیندین، ڪڏھن بہ نہ عشق پرائیندین، لنئون سونھن سان لائیندین، سلام سرت ساڻ ٻڌائیندین. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (22nd March) EVENTS: 1838: The Government of India asks Colonel Pottenger that apprise Sindh Rulers of views of British Government that the Government is surprised to know that they have submitted themselves to the Court of Persia and it has become matter of concern for the Government of India. 1948: Hindu members of Assemble holds meeting Quaid-i-Azam Muhammad Ali Jinnah at Dhaka to discuss and review the situation created by the partition and its impact/effect on Hindu community. 1949: Muhammad AyubKhuhro is disqualified for three year and now cannot take part in politics and political activities. 1951: Sindh Chief Minister Kazi Fazul-Ullah resigns. !956: The new constitution is promulgated in Pakistan. 1971: Bhutto is holding meeting with Mujeeb in Dhaka. General Yahya asks Doultana, Sardar Shoukat Hayat, Muti Mahood, Wali Khan and GhousBuxBizinjo to holds talks with Mujeeb to resolve important political matters. 1977: Z.A.hutto blames PNA for avoiding negotiating vital political issues with his Government.PNA blames and claims arrest of its ten thousand workers. 1978: Heads of States and Governments of Egypt, Syria, Iran, Indonesia, Qatar, Bahrain and Canadian House of Commons appeal to Zia to commute Z.A.Bhutto’s death sentence. Qadafi sends Special emissary. British, U.S and India refuse to comment ************* سڄڻ سائين! هي هڪ ڏينهن جو نه پر حياتئ جو ليکو آھي. جيسين زنده آھيان تيسين اوهان کي دعائون پيون ڏبيون ۽ تاريخ پئي ٻڌائبي. منهنجي مئي کان پوء اوهان کي هينئن تفصيل سان تاريخ ڪوئي ڪونه ٻڌائيندو. ان وقت ياد ڪندا, آئون ڪونه هوندس, پر انٽرنيٽ هي تاريخي مواد هوندو ۽ منهنجا تاريخ بابت يوٽيوب تي وڊيو ٽاڪس هندا. ان وقت اوهان کي بار بار اهو نه چوندس ته منهنجا وڊيو ٽاڪس سبسڪرائيب ڪريو. اڄ اوهان لاء کڻي آيو آھيان: 1). واقعاتي تاريخ, 2). ولادتن ۽ وفاتن جون تاريخون, 3). اوهان لاء دعا سلام, 4). سنڌ جي تاريخ بابت منهنجي وڊيو ٽاڪ جي لنڪ. ************* 1.واقعاتي تاريخ: 22.3.1836: انگريزن منافقئ تي ٻڌل سفارتڪارئ سان ميرن سان يارئ جو معاهدو ڪيو, جنهن جي هڪ شق اها به هئي ته مير ڪنهن ٻئي ملڪ سان اسان جي ٻڌائڻ کان سواء ناتو نه ڳڍيندا. انگريزن کي شڪ ٿيو ته مير ايران سان لاڳاپا وڌائي رهيا آھن. ان تي ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ پاٽينجر کي لکيو ته ميرن جي ايران سان يارئ وارئ ڳالھ ڏاڍو چيڙائي ڇڏيو آھي. ان ڪري ميرن کي سمجهاء ته معاهدي جي ڀڃڪڙي نه ڪن, اسان سندن اهڙئ بي وفائئ تي خاموش نه رهنداسين. 22.3.1948: قائد اعظم ڍاڪا ويو ته اسيمبلئ جي هندو ميمبرن ساڻس ملاقات ڪئي ۽ يقين ڏياريائون ته پاڪستان اسان جو وطن آھي ۽ اسان پاڪستان سرڪار سان غير مشروط سهڪار ڪنداسين. (جڏهن بنگلاديش ٺھيو ته بهارين کيس چيو ته اسان بنگلاديش کي نه ٿا مڃون, اسان کي پاڪستان موڪل). 22.3.1949: ايوب کهڙو ڪراچئ جي مالڪئ ۽ وارثئ تي مرڪزي سرڪار سان مهاڏو اٽڪائي سرڪار ۽ خاص طور تي وزير اعظم کي ناراض ڪيو. سرڪار سبب ۽ جواز ڳولهي مٿس پابندي مڙھائي ته کهڙو ٽي سال سياست ۾ حصو نه وٺندو. (سنڌ ۾ انهئ انياء تي ڀرپور وائويلا نه ٿي. ان تي کهڙي جو من مٽجي ويو هو ) 22.3.1956: پاڪستان کي نئين آئين جا ڳه ڳٺا ۽ لٽا ڪپڙا پاراياڌويا. 22.3.1971: ڍاڪا ۾ ڀٽي ۽ مجيب وچ ۾ ڳالهيون ٿيون. صدر ٻين سياستدانن کي به چيو ته مجيب سان مليو ۽ کيس سمجهايو. 22.3.1977: ڀٽي چيو اسان پي.اين.اي وارن سان ڳالهيون ڪرڻ لاء تيار آھيون پر هو تصادم ڪرڻ گهرن ٿا. هڏانهن وري پي.اين.اي وارن دانهون ڪيون ته ڀٽي سرڪار اسان جا ڏه هزار ورڪر گرفتار ڪيا آھن (اڄوڪي حڪومت ۽ عمران به ساڳي موڙ ۽ حالتن کي پهتا آھن). 22.3.1978: مصر, شام, ايران, قطر, بحرين, ڪئناڊا ۽ انڊونيشيا ضياء الحق کي ڀٽي جان بخشڻ لاء اپيلون ڪيون.(ڇا جا ملڪي مفاد ۽ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي. ضياءالحق جو ذاتي ۽ گروهي مفاد ان ۾ هئو ته ڀٽي کي ڦاهي تي چاڙھجي) ************* 22 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 22 مارچ 1897ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولانا دين محمد اديب جي ولادت جو ڏينهن آهي. 22 مارچ 1918ع شاعر اندر ديو ڀوڄواڻيجو جنم ڏينهن آهي. 22 مارچ 1938ع شاعر عبدالغفور سڪايل جو جنم ڏينهن آهي. 22 مارچ 1944ع شاعر عباس علي بيگ عباس (ٽنڊو آغا) جو جنم ڏينهن آهي. 22 مارچ 1954ع شاعر بلبل کورواهيجو جنم ڏينهن آهي. 22 مارچ 1980ع صحافي مصطفيٰ جروارجو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 22 مارچ 1805ع مذهبي اسڪالر مخدوم محمد عثمان مطلوي جو لاڏاڻو ٿيو. 22 مارچ 1866ع بزرگ پير علي محمد قريشي غوثپوٽو جو انتقال ٿيو. 22 مارچ 2005ع اداڪار رشيد خمار ڪراچي ۾ دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو. Video Talk link [22/03, 5:53 am] Dur Muhammed Pathan: https://youtu.be/nZ7gWQ876Ug

Monday 20 March 2023

Sindh in history today (21st March). By. Dr.Pathan

: SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {21st March} 1). My Good Day Wish, 2). Events from history, 3). Link of my Video Talk on history. ************* Dur Muhammed Pathan: 21 مارچ جي حوالي سان اوهان سان هنن موضوعن تي ڳالھ ٻولھ ٿيندي: 1). واقعاتي تاريخ, 2). ولادتن ۽ وفاتن جون تاريخون, 3). منهنجو سلام, 4). تاريخ بابت منهنجي وڊيو ٽاڪ جي لنڪ. ************* EVENTS FROM SINDH HISTORY (21st March) By: Dr. Pathan ** 1917ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن ليڪچر پروگرام منعقد ڪرايو، جنهن ۾ آر ڊي ڪرمارڪر هندستان جي ستارن واري علم جي عنوان تي ليڪچر ڏنو، واضح رهي ته ان دور ۾ مختلف اين جي اوز ليڪچر پروگرام منعقد ڪرائينديون هيون ۽ هر اڱاري جي ڏينهن تي اهڙا پروگرام ٿيندا هئا. ** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور ۾ منعقد ٿيل آل انڊيا مسلم ڪانفرنس ۾ سنڌ مان شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ حاجي عبدالله هارون شرڪت ڪئي، ڪانفرنس جي صدارت علامه اقبال ڪئي، ڪانفرنس ۾ آيل ماڻهن تمام گهڻو گوڙ ڪيو ۽ پروگرام کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪجهه ماڻهن کي علامه اقبال جي سياسي ڪردار تي اعتراض هو، شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪانفرنس ۾ اٿي بيهي چيو ته منهنجا دوستو! مهرباني ڪري خاموش ٿي وڃو، ان ماڻھن جا آواز آيا ته ”سنڌي ڪو سنو, سنڌي ڪو سنو“. ان کانپوءِ خاموشي ٿي وئي ۽ پروگرام جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي. واضح رهي ته شيخ عبدالمجيد جي نالي پويان سنڌي جو لفظ انهيءَ ڪانفرنس کانپوءِ پيو. ** 1935ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انڊين ليجسليٽو اسيمبليءَ ۾ ڪراچي رتوڇاڻ تي ڳالهائيندي سنڌ جي ميمبر لالچند نولراءِ چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ هندو ۽ مسلمان هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن، مسلمانن ۽ هندن ۾ ڀائيچارو آهي، ڪجهه ماڻهو انهن ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر اهي ڪامياب نه ويندا. ** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم لياقت علي خان راولپنڊي سازش ڪيس جي مک جوابدار جو نالو ظاهر ڪيو، هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي لياقت علي خان چيو ته راولپنڊي سازش جو ماسٽر مائينڊ ميجر جنرل اڪبر آهي. ** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چيف جسٽس محمد منير جي سربراهي ۾ فيڊرل ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مولوي تميز الدين جي ڪيس ۾ ڏنل فيصلي کي برقرار نه رکيو. ** 1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته ڀارت تاشقند معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. ** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل يحيٰ خان ۽ شيخ مجيب الرحمان وچ ۾ ٿيل ڳالهيون ناڪام ٿي ويون، جنهن کانپوءِ جنرل يحيٰ خان ذوالفقار علي ڀٽو کي ڍاڪا ۾ طلب ڪيو، کيس چيو ويو ته هو ڳالهين جي ڪاميابي ۽ صورتحال جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پونم جي حيدرآباد ۾ ٿيل جلسي ۾ وفاقي حڪومت کي چتاءُ ڏنو ويو ته جيڪڏهن ننڍن صوبن کي حق نه ڏنا ويا ته پوءِ ملڪ ۾ جهيڙو ٿيو ۽ ملڪ ٽٽي ويو ته ذميوار پنجاب پاڻ هوندو. پنجاب جو حڪمران طبقو مظلوم قومن جا حق ڦٻائي ويٺو آهي. ************* 21 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 21 مارچ 1903ع ليکڪ ۽ پبلشر پرڀ داس برهمچاري جو جنم ڏينهن آهي. 21 مارچ 1919ع سياسي اڳواڻ حاجي محمد ابراهيم هنڱورو جو جنم ڏينهن آهي. 21 مارچ 1928ع شاعره راڻي نماڻي جو جنم ڏينهن آهي. 21 مارچ 1936ع شاعر عابد انصاري (باجارا) جو جنم ڏينهن آهي. 21 مارچ 1936ع امداد الله انڙ(لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 21 مارچ 1940ع اسڪالر ۽ سائين جي ايم سيد جي نياڻي جيجي درشهوار سيدجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 مارچ 1943ع شاعر مولا بخش مولائي (نبي بخش جتوئي) جو جنم ڏينهن آهي. 21 مارچ 1955ع صحافي بشير احمد ميمڻ (هالا پراڻا) جو جنم ڏينهن آهي. 21 مارچ 1961ع صحافي عبدالڪريم ميمڻ (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 21 مارچ 1965ع ليکڪ خادم حسين شيخ (ڪڍڻ) جو جنم ڏينهن آهي. 21 مارچ 1978ع باليووڊ اداڪاره راني مکرجيجو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 21 مارچ 1953ع مذهبي شخصيت حافظ غلام احمد مهيسر (ساجن مهيسر) جو لاڏاڻو ٿيو. 21 مارچ 1970ع سياستدان ڪامريڊ حاجي محمد پيرزادي جو انتقال ٿيو. 21 مارچ 2014ع تي شهيد بشير قريشي جي ڀاءُ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو کي گوليون هڻي شهيد ڪرڻ کانپوء گاڏيء کي باهه ڏئي ساڙيو ويو. کين ميهڙ کان دادو ويندي اغوا ڪيو ويو جڏهن ته سندن سڙيل گاڏي ڀريا لنڪ روڊ تان ملي جنهن ۾ سندن لاش پيل هئا. Dr.Pathan‏ ‏wishes you Good Day. [Dear! Neither you are any shadow, nor any unknown person. You are not figment of imagination, but reality with body & soul. You are a complete & colourful personality with golden heart and beautiful mind. You are an ideal and role-model. Know your Self, your strength and power. You are not subject of desires, traditions and out-dated values, but ruler of love & beauty. Dear! Be, what you are. Don't deprive us of your greatness & kindness and vision & wisdom please.] پرین !تون نہ پاڇو نہ تماشو نہ شخص مگر شخصیت، ڪوہ نہ ڄاٹین ۽ ماٹین پنھنجي حیثیت اصلي طاقت؟ تنھنجي طلبیان محبت, ڳائیان عظمت سرت سلام سان. ************* 21st March 2022 Sindh History (March 21, 2022) SINDH IN HISTORY TODAY (21st March) EVENTS: 1917: The Sindh Graduates Association arranges lecture program and R.D.Karmarkar delivers his lecture on the topic of ‘Indian Astronomy’. This may kindly be kept in mind that these NGOs arranged so many lecture programs and those were held on every Tuesday. Prof. Shahani gave his lecture on Gentanjali’ of Tagore and Prof. Dhopeshwarkar spoke on ‘Time and Free Will’. All lectures delivered in these programs arranged by NGOs during British Period, if collected and compiled, can surprise so many people. 1932: Haji Abdullah Haroon and Shaikh Abdul Majeed participate in the All-India Muslim Conference held at Lahore. The Conference is presided over by AllamaIqbal. Audience is not calm and wants to disturb the function. Perhaps they want to show their resentment on Allama Iqbal’s political approach. The situation is deteriorating. Shaikh Abdul Majeed appears at stage and starts speaking. Audience start raising voices: LISTEN TO SINDHI. FRIENDS ! BE CALM AND QUITE. Every, body is seated and situation is under control and proceedings are started peacefully and accordingly. Shaikh Abdul Majeed earns name and later on he is called and known ‘SINDHI’. 1935: While speaking on the motion on the Karachi killings, Lalchand Nawalrai says in the Indian Legislative Assembly that in Sindh, Hindus and Muslims are two sides of one coin and it was due to policy of ‘Divide & Rule’ that another Third party is pushing them in battle with each other. 1951: Liaquat Ali Khan, Prime Minister of Pakistan discloses the name of key- leader of the Rawalpindi Conspiracy. He is Major General Akbar. 1955: The Federal Court headed by Chief Justice Muhammad Munir set aside judgment of the Sindh Chief Court in Moulvi Tamizuddin Khan’s petition. 1966: Z.A.Bhutto says that India is violating Tashkent Declaration.1971: Yahya-Mujeeb talks fail, Z.A.Bhutto is invited by Yahya Khan to reach Dhaka for playing his role in the situation. [21/03, 5:54 am] Dur Muhammed Pathan: https://youtu.be/dDq2cI4IGi0

Sunday 19 March 2023

Sindh in history today (20th March). By.Dr.Pathan

Dur Muhammed Pathan: SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {20th March}. Post consists of: 1). My Good Day Wish, 2). Events from history, 3). Link of my Video Talk on history. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day from Gul Hayat Institute, Arija [My ideological leaders like Shah Latif, Sachal and Sami did their level best to teach me Self -knowing. But, I never took seriously. Hence, I now most obedient "Good Yes Man" and I am and in future can be ruled and reuined by so called leaders, ideals and pillars of my society ] هوء جا صدا اچي پئي صدين کان تہ آھين “تون ئي تون“, سا نہ ٻڌي سمجهي مون, ان لاء تہ آئون گولو غلام آھيان. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {20th March} EVENTS: 1843: Major General Sampson is appointed as Second Command to the Governor in Sindh. 1856: The Commissioner Sindh request the Bombay Government for reducing the Baloch Regiment in Sindh so as to increase police force. 1920: The District Khilafat Committee of Larkanoconstitute a committee consisting of PirTurab Ali Shah, Jan Muhammad Junijo, GobindBux and Tahilram so as to collect figures and facts about highhandedness of the Government and victimization of party workers. 1924: The District TharparkarJamiat-ul-Ulema Sindh condoles death of eminent Freedom Fighter and politician RaisGhulamMuhammadBhurgri and offers congratulations to Moulana Muhammad Salih for sacrifices made by him for the cause of theMotherland.The meeting is presided over by Moulana Muhammad Ibrahim. 1936: The branch of the Sindh Azad Party is opened at New Hala. Haji Pir Muhammad, Qazi Ahmad Ali and Mian Muhammad Juman and Haji Ghulam Muhammad are elected President, Secretary, Joint Secretary and Treasurer. 1947: Ali Akbar Khan Jalbani and Mumtaz Ali Jaffri, both of Larkana District get sanad for legal practice. 1950: ‘Karachi will emerge as a Greater Karachi and we are working on it’, the Parliament is told by Federal Minister Dr.A.M.Khan 1952: ‘Urdu is our identification and source of progress’, says MoulanaMoudoodi. 1969: YousifHaroon is sworn in as the Governor of the West Pakistan. 1972: The post of Commissioner is abolished in Sindh. 1977: PNA leaders Asghar Khan, MoulanaNoorani, Sherbaz Khan Mazari and Prof. Ghafoor are released. 20.3.1843: سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوء گورنري نڀاڳي نيپئر کي ڏني وئي. اڄ ميجر جنرل سيمپسن کي سنڌ ۾ ”سيڪنڊ ڪمانڊ“ طور مقرر ڪيو ويو. 20.3.1858: سنڌ جي ڪمشنر ممبئي سرڪار کان اجازت گهري ته سنڌ مان فوجي هٽائي پوليس رکي وڃي. 20.3.1920: لاڙڪاڻه خلافت ڪميٽئ سياسي ڪارڪنن تي سرڪار طرفان ٿيل ڏاڍ ڏمر جا انگ اکر گڏ ڪرڻ لاء پير تراب علي شاه, جان محمد جوڻيجي, گوبند بخش ۽ ٽھلرام تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي.(اسان جي دور جون قوم پرست پارٽيون به اهڙا انگ اکر گڏ ڪري عوام آڏو آڻن ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي). 20.3.1924: ٿرپارڪر ضلعي جي ”جميعت العلماء سنڌ“ جي گڏجاڻئ ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ جي وفات تي تعزيتي ٺھراء پاس ڪيو ۽ مولانا محمد صالح کي وطن دوستئ لاء ڏنل قبانين تي مباڪون ڏنيون. گڏجاڻئ جي صدارت مولوئ محممد ابراهيم ڪئي. 20.3.1936: هالا ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ قائم ڪئي وئي, جنهن لاء حاجي پير محمد کي صدر, قاضي احمد علئ کي سيڪريٽري, ميان محمد جمن کي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ حاجي غلام محمد کي خزانچي بڻايو ويو. 20.3.1950: وفاقي وزير ڊاڪٽر اي.ايم. ملڪ پارليامينٽ کي ٻڌايو ته اسان جاکوڙي رهيا آھيون ته ڪراچئ کي “عظيم تر ڪراچي“ بڻايون. (اسان جي اڳواڻن اهو ٻڌو پر سمجهيو ڪونه). 20.3.1952: مولانا مودودئ ملڪ جي لساني مسئلي تي ڳالهائيندي چيو ته اڙدو پاڪستان جي بقاء ۽ تشخص جو ذريعو آھي. 2O.3.1954: ملڪ جي وزير اعظم محمد علي بوگري اره زورائئ سان چيو ته جيتوڻيڪ مسلم ليگ کي چونڊن ۾ جاتي ڪاٿي شڪست اچي رهي آھي, پر مرڪز ۾ سندس حڪومت کي ڪو لهر لوڏو ڪونهي. 20.3.1972: سنڌ مان ڪمشنري نظام ختم ڪيو ويو. 20.3.1969: ون يونٽ لاڳو ڪرڻ کان پوء اولھ پاڪستان ۾ سنڌين کي گورنر ڪري رکڻ شايد معيوب سمجهيو ويو ۽ الائي ڪٿان ۽ ڪيترا همراه پڪڙي گورنر بڻايا ويا. پر جڏهن سياسي حالتون بگڙيون ته اڄ يوسف هارون کي اولھ پاڪستان جو گورنر بڻايو ويو. 20.3.1974: روس حامي ڀري ته اهو ملڪ ڪراچئ وارئ اسٽيل مل لاء مشينري خريد ڪرڻ لاء پاڪستان کي 3200 ملين روپيا ڏيندو. 20.3.1993: نواز شريف جي پروگرام مطابق 18000 ماڻھن کي ”ييلو ڪيب” ٽيڪسيون ڏنيون ويون.(سنڌين کي الائي ڪيتريون مليون). 2.ڏينهن 20 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 20 مارچ 1923ع اردو جي ناليواري نثر نگار شوڪت صديقيجو جنم ڏينهن آهي. 20 مارچ 1925ع گلوڪار رامچند ناٿاڻي (روهڙي / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 20 مارچ 1932ع ليکڪ سعد الله ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 20 مارچ 1940ع ليکڪ محمود سنڌي (ڪرمپور) جو جنم ڏينهن آهي. 20 مارچ 1946ع شاعر اميد علي وفا جو جنم ڏينهن آهي. 20 مارچ 1948ع صحافي ظهور احمد (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 20 مارچ 1952ع شاعر ۽ گلوڪار وير ڀان جيسواڻي (جئپور) جو جنم ڏينهن آهي. 20 مارچ 1966ع هندستان جي مشهور گلوڪاره الڪا ياگنڪجو جنم ڏينهن آهي. 20 مارچ 1979ع شاعر ساحر ٿهيم (چوڪنڊي) جو جنم ڏينهن آهي. 20 مارچ 1987ع باليووڊ اداڪاره ڪنگنا رناوتجو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 20 مارچ 1943ع سورهيه بادشاهه شهيد صبغت الله شاهه پير صاحب پاڳاريکي انگريز سرڪار ڦاهي ڏئي شهيد ڪري ڇڏيو. 20 مارچ 1958ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالباري انڍڙ جو لاڏاڻو ٿيو. 20 مارچ 1996ع سياستدان غلام علي عباسي جو انتقال ٿيو. 20 مارچ 2014ع مشهور ڀارتي صحافي، ليکڪ، ناول نگار ۽ مصنف خشونت سنگههدهلي ۾ انتقال ڪري ويو. 20 مارچ 2018ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سياستدان اياز سومرو لاڏاڻو ڪري ويو [19/03, 7:15 pm] Dur Muhammed Pathan: https://youtu.be/PB9R_3N65Fo

Saturday 18 March 2023

Sindh in history today (19th March). By. Dr. Pathan. Post in Sindhi & English

Dur Muhammed Pathan: SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {19th March). Post consists: 1). My Good Day Wish, 2).Events from history, and 3).Link of my Video Talk on history. ************* سنڌ جي تاريخ ۾ ڇا ٿي گذريو, ان لاء ھي واقعا پڙھو: 19.3.1832: اسلام ڪوٽ جي کوسن فرنگين ۽ سندن سهولتڪارن کي ڏوهي وارداتون ڪري نڪ ۾ دم ڏنو. پالنپور جي سوڍر راٻڙئ کي ڏاڍو تنگ ڪيائون. ان تي هن کوسن خلاف فرنگي عملدارن وٽ دانهيو. ڀڄ جي ائڪٽنگ ريزيڊنٽ ميرن کي خط لکي کين گذارش ڪئي ته سوڍر راٻڙئ تان کوسن جو آزار لاهيو. 19.3.1843: چارلس نيپيئر اڄ مير شير محمد کي لکيو ته اسان تو سان ڪڏهن کؤنس ڪانه ڪئي, پر اسان تي جنگ مسلط ٿو ڪرين. هاڻي ٻي ڳالھ ناهي, بس هٿيار ڦٽا ڪري اچي پيش پؤ 19.3.1850: سنڌ ۾ ميرن جي حڪومت وئي ۽ ڌارين فرنگين جي حڪمراني شروع ٿي ته انهئ اقتدار جي مٽجڻ دوران جابلو قبيلن سنڌ ۾ ڦرلٽ جي بازار گرم ڪري ڇڏي. انهن ڦرلٽ ڪندڙن مان بگٽي قبيلو به هڪ هئو. فرنگي حڪومت ”لٺ ۽ چٺ “ واري حڪمت علمي هلائي. ڦورو قبيلن جي فردن کي پڪڙيو به ته انهن جي مٿي تي هٿ رکي ڪن کي سنڌ ۾ زمينون به ڏنيون. ڏاتو مندراڻي بگٽي قبيلي جو خطرناڪ ڏوهاري هو. شڪارپور جي ڪليڪٽر هن کي پڪڙڻ ۽ سختين ڪرڻ کان پوء ھن تي اعتماد ڪري کيس زمين ڏيڻ جي آسري تي مٿس اهو ڪم رکيو ته هو بگٽي قبيلي جي ٻين ڦورو ماڻھن سان ملي ۽ کين ڏوهن کان باز رکي ۽ پڪ ڏئي ته هو ڏوه نه ڪندا ته کين سنڌ ۾ زمينون ڏئي آباد ڪبو. شڪارپور جي ڪليڪٽر جڏهن اها چال چلندي ڏاتي مندراڻئ کي آزاد ڪيو ته اڄ سنڌ جي ڪمشنر هن کان پڇيو ته ڪهڙن سببن ۽ حالتن ڪري, هن ڏاتي مندراڻئ کي آزاد ڪرڻ جو جوکم کنيو آھي. 19.3.1913: اڄ اسڪائوٽنگ جي بانئ بيڊن پاول ”سنڌ اسڪائوٽ“ تنظيم کي الحاق ڏنو. گذريل سال ”سنڌ اسڪائوٽ“ جا 12 ميمبر/اسڪائوٽ ھئا ۽ هاڻي انهن جو تعداد 32 کي پهتو آھي. ياد رهي ته ”سنڌ اسڪائوٽ“ طرفان سنڌئ ۾ ماهوار رسالو به جاري ڪيو ويو هو. 19.3.1916: ڪراچئ ۾ ”سوشل سروس ليگ“ نالي هڪ تنظيم هوندي هئي, جيڪي ٻين سرگرمين کان سواء ڊراما به ڪندي هئي ته جيئن ڏوڪڙ ڪمائي, غريب شاگردن جي مالي مدد ڪري سگهن. 19.3.1920: سنڌ ۾ وڏي پئماني تي ”خلافت ڊي“ ملهايو ويو. 19.3.1935: غلام حسين هدايت الله ۽ محمد ايوب کهڙي ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ سنڌ جي زميندارن جي حقن لاء آواز اٿاريو. 19.3.1935: ڪراچئ ۾ غازي عبدالقيوم کي دفنائڻ لاء ڪڍيل جلوس تي سرڪار گولي هلرائي 40 مسلمان ماري وڌا هئا. ان تي ڪي.ايل.گابا انڊين ليجسليٽو ڪائونسل ۾ موشن پيش ڪيو هو, جيڪو ڪائونسل اڄ پاس ڪيو. ان مطابق حڪومت تي ڇوه ڇنڊيا ويا. 19.3.1954: مختلف حڪومتن ۽ خاص ڪري مسلم ليگي حڪومتن ملڪ ۾ جيڪو ويل ڪيو, ان تي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ اوڀر پاڪستان جي بنگالين عملي شعور جو مظاهرو ڪيو. اتي ”يونائٽيڊ فرنٽ“ نالي سياسي اتحاد جوڙيو ويو, جنهن اوڀر پاڪستان جي اسمبلئ ۾ اڄ چونڊن ۾ 237 مسلم سيٽن مان 151 سيٽون کٽي ورتيون. مسلم ليگ نالي ماتر سيٽون کٽيون. 19.3.1958: سردار عبدالرشيد, جيڪو اولھ پاڪستان جو گورنر هئو, تنهن کي وفاقي وزير بڻائي مظفر علي قزلباش کي گورنر مقرر ڪيو ويو. 19.3.1964: ڍاڪا ۾ بنگالين مطالبو ڪيو ته بنيادي جهموريت جي ميمبرن کان چونڊ ڪرائڻ بدران بالغ راء دهئ جي بنياد تي چونڊون ڪرايو. حڪومت طرفان مٿن ڏنڊا وسايا ويا. 19.3.1969: پورهيتن جي بيچيني ھڙتالن ۾ بدلجي وئي. اڄ ڪراچي بندر جي پوهيتن هنگامو ڪيو, جنهن ۾ هڪ پوهيت مري ويو ۽ ڪيترا ڦٽجي پيا. 19.3.1971: شيخ مجيب ۽ ملڪي صدر وچ ۾ ڳالهين جو دؤر ٿيو. 19.3.1973: بلوچستان صوبي ۾ ڀرپور هڙتال ٿي ۽ ماڻھن نئشنل عوامي پارٽئ جي حڪومت ڊاهڻ خلاف احتجاج ڪيو. 19.3.1990: نواز شريف کي ٻيهر آء جي آء جو چيف چونڊيو ويو. 19.3.1992: نواز شريف اڄ رئيس غلام مصطفا جتوئئ ۽ سندس پارٽئ کي آء.جي.آء مان ڪڍي ڇڏيو. 2. تاريخ 19 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 19 مارچ 1406ع عظيم تاريخدان ۽ فلاسافر ابن خلدونجي تيونس ۾ پيدائش ٿي. 19 مارچ 1885ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ شاعر ڪشنچند بيوسجو جنم ڏينهن آهي. 19 مارچ 1886ع تاجپور جي نواب ۽ شاعر نواب خداداد خان ثاني جو جنم ڏينهن آهي. 19 مارچ 1898ع شاعر ۽ فريڊم فائيٽر سيد ميران محمد شاهه مير جي پيدائش ٿي. 19 مارچ 1933ع شاعر ۽ گلوڪار ساجنداس ڪندناڻي (ڀنڀور / بيلاسپور) جو جنم ڏينهن آهي. 19 مارچ 1933ع شاعر عبد بٺورائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 مارچ 1975ع شاعر غلام رسول سماٽ (ٿرڙي محبت) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 19 مارچ 1937ع شاعر ۽ ليکڪ قاضي محمد دائود ٽکڙائي جي وفات ٿي. 19 مارچ 1963ع مذهبي عالم ۽ فريڊم فائيٽر مفتي محمد حسين جي وفات ٿي. 19 مارچ 1973ع مٺي سان تعلق رکندڙ اديب ڀڳت کيمچند جي ديهانت ٿي. 19 مارچ 1979ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ مصور گُل محمد کتري جو انتقال ٿيو. 19 مارچ 2006ع ناليواري فلمي اداڪارمحمد علي جو انتقال ٿيو. 1. Dr.Pathan wishes you Good Day. [ If your Dear is in your heart and your eyes are waiting to see him/her, you are with noble cause of loving human beings. You will love the love and hate the hatred & discrimination] نشو پرین جي نینھن جو، جن نیٹن ٿیو نصیب، سوچن لوچن سپنن اندر، دل ۾ دوست حبیب، ساري دنیا سندن رقیب، پر ساریندس سلام سان. ************* 2. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (19th March) EVENTS: 1843: Charles Napier writes to Mir Sher Muhammad of Mirpurkhas that ‘I will make no terms with you, except unconditional surrender, and security for your person, as other Amirs have received. We were at peace with you; we made no war with you; you have made unprovoked war upon us, and have cut off our dawks. If you do not surrender yourself as prisoner of war before the 23rd instant, I will march against you and give you battle’. 1913: The Sindh Scout is awarded affiliation by the Head Quarter, London and the document is signed by Lt. General Sir Robert Beden Powel. The Commissioner is made Patron of the organization. The Sindh Scout started with 12 Scouts and this year the number reaches to 31. 1916: The NGO Karachi Social Service League stages drama so as to earn and collect money for the benefit of children studying in Municipal Schools of Karachi. 1920: On the initiate and call of RaisGhulam Muhammad Bhurgri and Seth Haji Abdullah Haroon Sindh observes 2nd Khilafat Day. People were asked to remain peaceful and avoid to create law & order situation. As it was Friday, therefore, Muslims hold meetings soon after offering Juma Prayers. The Day was observed in length and breadth of Sindh. 1934: Ghulam Hussain Hidayatullah and Muhammad AyubKhuhro while taking part in the debate during the session of the Bombay Legislative Council demand protection of rights of landlords of Sindh. 1935: The Indian Legislative Council carries the motion of K.L.Gauba censuring the Government regarding Karachi firing and killing about 40 persons by Military. 1982: Life-term punishment for desecration of the Holy Quran, an Ordinance is promulgated.1992: Nawaz Sharif expels NPP of RaisGhulam Mustafa Jatoi from IJI. ************* 3. Video Talk link [18/03, 7:19 pm] Dur Muhammed Pathan: https://youtu.be/tRESrPmnJK8

Friday 17 March 2023

Sindh in history today (18th March). By. Dr. Pathan

Dur Muhammed Pathan: SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {18th March}. Post consists of: 1). My Good Day Wish, 2). Events from history, 3).Link of my Video Talk on history. ************* Dr.Pathan wishes you Good Evening. [It is hypocrisy that snatches eyes & ears and makes people cool-tempered. Therefore, they cannot see light, listen cries and speak a word in support or favor . They stood thrown before wolves of ego, hatred & discrimination] ھئ ماٹھن-دشمن منافقي، بٹائي ماٹھون گونگا ۽ ٻوڙا، وجھي ڳچین منجه ٽوڙھا، نفرت انا بغض ۽ متڀید جا. ************* SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY (18th March) EVENTS: 1835: British informers informs the Government of India that Mir Noor Muhammad has ordered some Khosas to leave Thar and reside elsewhere in Sindh. They were involved in criminal activities against British people and even Tharis. 1843: The Governor-General while writing to Charles Napier expresses his satisfaction on the services rendered in the battle of Miani by several officers, non-commissioned officers and privates. On the other side on this day and date, Charles Napier writes to prisoner rulers of Sindh that;’ I have received your letter this day. You must recollect that your intrigues with Mir Sher Muhammad give me a great deal to do. I am also much surprised by the falsehoods which you tell. I will no longer bear this conduct; and if you give me any more trouble, by stating gross falsehoods, as you have done in your two letters, I will cast you into prison as you deserve.’ 1935: Twenty-Three are killed and seventy injured in Karachi, police firing on the Muslim procession proceeding towards grave yard to burry Abdul Qayoom who was sentenced to death because of killing Nathoram. Nathoram translated and printed a book that was against Hazrat Muhammad (P.B.U.H). 1940: K.B.AllahBuxSoomro government/ministry resigns. He was in power since March 23, 1938. Mir Bandah Ali Khan forms third Ministry of Sindh. G.M.Syed, Shaikh Abdul Majeed Sindhi; NihchaldasVazirani, R.B.Gokaldas and QaziFazul-Ullah are included as ministers. 1948: Kharan, Lasbela&Makran states accede to Pakistan. 1969: Moulana Abdul HameedBhashani of East Pakistan asks people to start uprising against Capitalists and Imperialists. He addresses a public meeting in Karachi. 1971: We must hit back if anyone strikes us in the course of the current movement of realization of freedom, says Shaikh Mujeeb. 1977: Curfew is imposed in Karachi after PNA protesters become high-risk for law & order situation. 1978: Verdict in Muhammad Ahmad Khan murder case is announced. Z.A.Bhutto and four others are sentenced to death. It is unanimous decision of the Lahore High Court. [17/03, 8:18 pm] Dur Muhammed Pathan: https://youtu.be/1ujuX_Zc81A .واقعاتي تاريخ: ************* سنڌ جي تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته: 1. "جڏهن سنڌ جو عوام سنڌ-دشمن قوتن لاء خطرو بڻبو آھي ته حڪمران ڌارين کي خوش ڪرڻ لاء سنڌ-دوستن خلاف قدم کڻندا آھن". 1835 ۾ کوسن فرنگين کي ڦرڻ لٽڻ شروع ڪيو ته حڪمرانن کين حڪم ڏنو ته ٿرپارڪر ڇڏي, باقي سنڌ ۾ وڃي ڪٿي به رهو. 2. " سنڌين جا پاڻ ۾ اختلاف ٿيندا ته فائدو سنڌ-دشمنن کي ملندو". نٿورام کي عبدالقيوم ماريو ته هندن نه مگر انگريز حڪومت جلوس تي گوليون وسائي 40 مسلمان ماري, هندو-مسلم اختلاف وڌايو. 3. تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته ٻين لاء ڀلي آسمان مان تارا لاهي اچو, پر ڪا غلطي ٿي ته اهي ڪڏهن معاف نه ڪندا". ڀٽي کي اڄوڪئ تاريخ تي موت جي سزا ٻڌائي وئي. تاريخ اوهان سان ڳالهائي ٿي. ان کي ٻڌو. ان لاء 18 مارچ جي حوالي سان ھي واقعا پڙھو ۽ انهن تي غور فڪر ڪريو: **1835ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي مخبرن هندستان جي سرڪار کي اها معلومات فراهم ڪئي ته مير نور محمد خان ٽالپر انگريزن خلاف ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث کوسا برادري جي ماڻهن کي ٿر مان نيڪالي ڏئي ڪنهن ٻئي هنڌ وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي، اهي ماڻهو انگريزن خلاف ڪاررواين سان گڏ مقامي ٿري ماڻهن سان زيادتيون ڪري رهيا هئا. ** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي برطانوي سرڪار سرچارلس نيپيئر کي خط لکي مياڻي جي جنگ ۾ فتح حاصل ڪرڻ تي سندس ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي ۽ مٿس اعتماد جو اظهار ڪيو، انهيءَ جنگ ۾ برطانوي فوج جي ڪيترن ئي ڪميشن ۽ نان ڪميشن آفيسرن حصو ورتو، جڏهن ته هن جنگ ۾ پرائيويٽ ماڻهن پڻ حصو ورتو، ساڳئي ڏينهن تي چارلس نيپيئر قيدي بڻايل سنڌ جي حڪمرانن کي خط لکيو ته مير شير محمد خان ٽالپر مون کي هڪ وڏي ڊيل ڏني آهي، توهان جيڪي غلط ڳالهيون ٻڌايون آهن، ان تي مون کي حيراني ٿي آهي، مستقبل ۾ اهڙو رويو برداشت نه ڪندس، جيڪڏهن توهان وڌيڪ مسئلا پيدا ڪيا ته ان جي ذميواري توهان تي هوندي. ** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خانبهادر الله بخش سومرو پنهنجي حڪومت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، هو 23 مارچ 1938ع کان اقتدار ۾ هو، مير بنده علي خان سنڌ جي نئين حڪومت ٺاهي، جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، نچلداس وزيراڻي، آر بي گوڪلداس ۽ قاضي فضل الله وزير طور شامل ڪيا ويا. ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خاران، مڪران ۽ لسٻيلا رياستون پاڪستان ۾ شموليت لاءِ راضي ٿي ويون. ** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مولانا عبدالحميد ڀاشاني سرمائيدارن خلاف تحريڪ جو اعلان ڪيو، ڪراچي ۾ عوامي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي هن چيو ته عوام هن تحريڪ ۾ ڀرپور ساٿ ڏئي. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ڪرفيو لڳايو ويو. ** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي محمد احمد خان قصوري ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، ذوالفقار علي ڀٽو سميت 4 ڄڻن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي، هاءِ ڪورٽ جو اهو فيصلو اڪثريت راءِ سان آيو. ذوالفقار علي ڀٽو لڳايل الزامن کي رد ڪيو. 2. 18 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون: جنم ڏينهن: 18 مارچ 1878ع سجاول سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر سيد عبدالرحيم شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 مارچ 1885ع شاعر پير ميان غلام سرور سرور (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 18 مارچ 1907ع سياسي اڳواڻ آنند هنڱوراڻي جي سنڌ ۾ پيدائش ٿي. 18 مارچ 1918ع شاعر عبدالرحمان نسيم (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 18 مارچ 1938ع باليووڊ اداڪار ششي ڪپورجو جنم ڏينهن آهي. 18 مارچ 1940ع شاعر غلام حسين مجبور (چڪ) جو جنم ڏينهن آهي. 18 مارچ 1956ع اسٽيج هدايتڪار پرڪاش پنجابي (دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 18 مارچ 1960ع ليکڪ، براڊڪاسٽر، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار جبار آزاد منگي(نصيرآباد)جو جنم ڏينهن آهي. 18 مارچ 1975ع شاعر ساجد سومرو (ميرپور ٻرڙو) جو جنم ڏينهن آهي. 18 مارچ 1975ع ليکڪ اسحاق سميجو(فضل پور) جو جنم ڏينهن آهي. 18 مارچ 1982ع شاعر سڪايل اعظم لغاري جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 18 مارچ 1972ع فريڊم فائيٽر مولانا عبدلڪريم مگسي جو انتقال ٿيو. 18 مارچ 1986ع بزرگ گهمڻ فقير کوسو (ڪرم گوپانگ) جو لاڏاڻو ٿيو. 18 مارچ 1993ع سياستدان ۽ اڳوڻي وزير اعظم محمد خان جوڻيجو انتقال ڪري ويو. 18 مارچ 1994ع مشهور سنڌي اداڪار محبوب عالم انتقال ڪري ويو. 18 مارچ 1995ع ليکڪ قاضي شفيع محمد قريشي (ٽڳا) جو انتقال ٿيو.

Thursday 16 March 2023

Sindh in History today 916th March). Post in Sindhi & English by Dr.Pathan

Dur Muhammed Pathan: SINDH (icluding Pakistan) IN HISTORY TODAY {16th March}. It cosists of: 1. My Good Day Wish, 2. Events from history, 3. My Video Talk. ************* * 1916ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن جي گڏجاڻي ڪراچي ۾ ينگ عامل ايسوسيئيشن جي برنس روڊ واري آفيس ۾ ٿي، جنهن ۾ تنظيم جي قاعدي، قانون ۽ مقصدن جي منظوري ڏني وئي. ** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌي ميڊيا صوبي جي عوام کي اپيل ڪئي ته تاج برطانيا جي شهزادي پرنس آف ويلس جي سنڌ اچڻ تي سندس آجيان واري پروگرام جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي. ** 1936ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي قانونساز ڪائونسل جي ميمبر علي محمد دهلوي پاران سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي کانپوءِ سنڌ سان تعلق رکندڙ ميمبرن جي مان ۾ الوداعي پارٽي ڏني. ** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آءِ ايم ايف جي اختيارين پاڪستان کي ناڻي جا ذخيرا بهتر بڻائڻ جي مد ۾ 37،500،000 رپين جو قرض جاري ڪري ڇڏيو. ** 1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اولهه پاڪستان جي هاءِ ڪورٽ ڊي پي آر تحت مخالف ڌر جي اڳواڻن جي نظربندي خلاف داخل ڪيل آئيني پٽيشن کي رد ڪري ڇڏيو. ** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گڏيل قومن جا ماهر ڍاڪا ڇڏي واپس روانا ٿي ويا، جڏهن ته مولانا ڀاشاني شيخ مجيب الرحمان جي بنگالي قوم لاءِ ڪيل جدوجهد جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو. ** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عراق جي صدر صدام حسين ڪردن جي علائقي تي زهريلي گئس سان حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ هزارين شهري مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.عراق جي هلابجا شهر تي اٽڪل 20 جهازن سان زهريلي گئس وارن بمن سان حملو ڪيو ويو. حملي ۾ وڏي انگ ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به زخمي ٿي پيا. انهيءَ حملي تي صدام حسين خلاف سڄي دنيا ۾ مذمت ڪئي وئي. ** 1999 ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنڊيءَ جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي ته بينظير ڀٽو پاڻ به پيش ٿي، ان موقعي تي بينظير ڀٽو ۽ جج ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، هن جج کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪيترائي جج هن سان تعصب رکن ٿا، جج کيس جواب ڏنو ته اوهان کي هروڀرو اعتراض ڪرڻ جي عادت ٿي وئي آهي، بينظير ڀٽو چيوته ريفرنس جي ٻڌڻي ڪندڙ ججن تي اعتماد ناهي، ان ڪري اوهان مان انصاف جي اميد نٿي رکان. 2. ولادتون/وفاتون: ڏينهن16 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 16 مارچ 1891ع ليکڪ مرزا نادر بيگ (حيدرآباد) جي پيدائش ٿي. 16 مارچ 1903ع ليکڪ آغا عبدالنبي آلگ (شڪار پور) جي پيدائش ٿي. 16 مارچ 1909ع مشهور مزاحيه شاعر امام الدين ضامن(دٻي / ميهڙ) جي پيدائش ٿي. 16 مارچ 1938ع ليکڪ ۽ سابق سياستدان محمد بچل تنيو (لاڙڪاڻو) جي ولادت ٿي. 16 مارچ 1907ع مشهور ليکڪ ليکڪ ولي رام ولڀ(اسلام ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1952ع ليکڪ عطا ميمڻ (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1952ع ليکڪ عبدالرحمان ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1955ع اسٽيج ڊائريڪٽر هريش ميداساڻي (ناگپور) جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1958ع سگهڙ نظام عالماڻي (ڏوڪري) جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1958ع ليکڪ لال لڪياري (ڪي اين شاهه) جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1964ع صحافي راشد راڄڙ (رمضان راڄڙ) جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1964ع شاعر سائل سنڌي (ڪنهري) جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1975ع شاعره ارم محبوب(مهتاب محبوب جي ڌيءُ) جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1980ع ليکڪ طارق عالم شيخ (شهداد ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1980ع شاعر ابل اداس ٻٻر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. وڇوڙو: 16 مارچ 1914ع مذهبي اسڪالر پير حاجي هدايت الله راشدي جو انتقال ٿيو. 16 مارچ 1961ع ليکڪ قاضي محمد قاسم (مورو) جو انتقال ٿيو. 16 مارچ 1982ع بزرگ سيد ولايت شاهه جيلاني جو انتقال ٿيو. 16 مارچ 1996ع ناليواري راڳي فوٽو خان زرداري انتقال ڪري ويو. 1. Dr.Pathan wishes you Good Day. [I am human-being. Hence, no one should expect, treat & term me as an Angel or Satan. It will create problems for me and others, if I am behaving against and violating human instincts. It will be more terrible for me and others, if I refuse to recognize & apply and follow & promote human love & respect and beauty & peace. Because, human is by that, of that and for that cause] آئون تان آھیان آدمي، ڇو ٿیان فرشتو یا شیطان؟ جا جا جبلت اندر ۾، تن جو ڪوہ ڪیان اپمان؟ ڇو ٿیان مان پریشان، پري رھي سونھن سلام کان؟ ************* 2.SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY (16th March) EVENTS: 1916: The meeting of the Sindh Graduates Association is held in the office of Young Amils’ Association, Burns Road Karachi to fix Aims & objects and to pass Rules & bye-laws. 1922: Sindhi Press asks people to boycott all official events to be organized to welcome Prince of Wales on the eve of his visit to Sindh. 1936: Ali Muhammad Delhvi, the President of Bombay Legislative Council arranges Farewell Party in honour of members from Sindh. As due to separation of Sindh, they ceased to be members of the Bombay Council. 1965: IMF authorizes Pakistan to draw amount of 37,500,000 over the next 12 months to better its balance of payment situation. 1966: West Pakistan High court dismisses petitions challenging the detention of opposition leaders under DPR. 1971: U.N experts leave Dhaka and Moulana Abdul HameedBhashani declares his full support to ShaikhMujeeb in his Bengali nation struggle. 1972: NED and Tando Jam colleges are upgraded as universities. 1977: PNA’s protest rallies defy legal ban on demonstrations. PNA workers court arrested. 1996: Prime Minister Benazir Bhutto performs ground breaking ceremony of the Karachi Hass Transits project. ‏‎ ‎ [15/03, 5:39 pm] Dur Muhammed Pathan: https://youtu.be/6SF6JtEY-M4