Saturday 4 May 2024

SINDH in history today (5th May). By. Dr.Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (5th May) & GOOD DAY ***** Dr.Pathan wishes you GOOD MORNING. محبت طلبي مدتون، پر وقت صفا محدود . رک من موجود ، تہ پھچائين سلام سیگھ سان . If our total life is 6O years, than 3O years we are in Bed; 2O years we pass in getting education and 5 years in other activities . It is = 6O -55 = 5. Our real life after 6O years is only 5 years. Why not to live those five years with care and dare, in peace and love? ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {05th MAY} EVENTS: 1848: It is fifth year of British rule in Sindh but, it is worried about frontiers and law & order situation there. Therefore Bombay Government is requested that levy of one hundred horse-men be approved, sanctioned and put under Major Jacob, Political Superintendent Upper Sindh. 1852: Detailed geological tree of Talpur family reigning at Hyderabad is prepared by the Collector of Hyderabad for submission to the Sindh Commissioner. 1857: COLLECTORS OF KARACHI, HYDERABAD AND SHIKARPUR AND POLITICAL SUPERINTENDENT OF UPPER SIND INTIMATE THE COMMISSIONER OF SINDH THAT SINDHI HAS BEEN UNIVERSALLY ADOPTED AS THE LANGUAGE OF RECORD IN ALL DEPARTMENTS, EXCEPT THE JAGEER. 1931: The Archbishop of Canterbury, presiding at the Church Missionary Society gathering at Albert Hall, says that national movement in India is passing through every region and class. Every now in Britain recognizes that it was wrong to denounce or suspect and still more wrong to attempt to suppress the movement. 1924: Shewa Mandli- and religious-oriented NGO of Hindus of Garhi yaseen celebrates its 5th anniversary. 1926: ‘The Amature Dramatic Society of Jacobabad’ stages drama ‘Sachi Patri’ at Larkano. The earning was later on donated to ‘Gau Shala’ of Jacobabad. 1939”: A.K.Fazul Haq, the Premier of the Bengal opens the All-Bengal Moslem Literary Conference in Calcutta. He observes that the field of Bengali Literature offers a platform on which Hindus and Muslims can work togather united. 1940 The Muslim League Conference is held at Gatahar of Taluka Kambar. Pir Syed Allahdino Shah Rashdi and Rais Qurban Ali Khan Buriro took active part and key role in organizing this event. 1977: PNA proposes to Z.A.Bhutto 32-point plan for resolution of the crisis. SINDHI TRANSLATION OF POST: *************** 5.5.1842: اڄ ليفٽيننٽ پوسٽنس شڪارپور مان پنهنجئ سرڪار کي لکي موڪلي ٿو ته: 1). افغانستان ۾ اسان جي فوجي چرپر ۽ سياسي تحرڪ تي سنڌ وارن جي نظر آھي. سنڌ ۽ بلوچستان جا حڪمران لڪ لنگهڻ وقت اسان لاء مسئلا پيدا ڪرڻ ۾ مصروف آھن, 2). اسماعيل شاه جو پٽ تقي شاه شڪارپور ۾ آھي ۽ اتان صورتحال مخفي ۽ تڪڙا خط لکي خيرپور ۽ حيدرآباد موڪلي ٿو, 3). خيرپور ۾ مير رستم خان جو وزير فتح محمد غوري بلوچن ۽ پنجاب کي اسان خلاف ڪم آڻڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آھي. 5.5.1848: سنڌ تي قبضي واري حڪمراني ڪندي فرنگين کي پنج سال ٿي ويا, پر اتر سنڌ ۾ حڪومت کي امن امان رکڻ ۾ اڃا کٽڪو پئي محسوس ٿيو. ان ڪري اپر سنڌ جي پوليٽيڪل سپريڊنٽ ميجر جيڪب جي گذارش تي سنڌ جي ڪمشنر کيس هڪ سو گهوڙيسوار رکڻ جي اڄ اجازت ڏني. 5.5.1852: حيدرآبادي ميرن جي احوال ۽ شجرن تي رپورٽ ٺاهي اڄ حيدرآباد جي ڪليڪٽر اها ڪمشنر کي ڏياري موڪلي. 5.5.1857: ڪراچئ, حيدرآباد ۽ شڪارپور جي ڪليڪٽرن ۽ اپر سنڌ (جيڪب آباد) جي پوليٽيڪل سپريڊنٽ اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي لکي ٻڌايو ته سنڌئ کي سڀني سرڪاري کاتن ۾ سرڪاري زبان طور لاڳو ڪيو ويو آھي. 5.51924: ڳڙھي ياسين ۾ ”شيوا منڊلئ" نالي هندن جي هڪ سماجي تنظيم هوندي ھئي. اڄ انھئ جي پنجين سالگره ملهائي وئي. ياد رهي ته انھئ دور ۾ ڳڙھي ياسين تي مسلمانن جي ڀيٽ ۾ ھندن جو وڏو سماجي اثر ۽ غلبو هوندو هو. 5.5.1926: انگريزن جي دور ۾ هندن سماجي سڌارن جا مثال قائم ڪيا ۽ پنهنجي ڌرم جي به دل تي خدمت ڪئي. جيڪب آباد ۾ ”دي اميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽي" هوندي هئي. اها مختلف ضلعن/شھرن ۾ وڃي ڊراما ڪندي هئي ۽ انھن مان ٿيل اپت گئوشالن کي ڏيندي هئي. اڄ انھئ سوسائٽئ لاڙڪاڻي ۾ ”سچي پتري" نالي سان ڊرامو اسٽيج ڪيو. 5.5.1931: هي اهو دور آھي جڏهن برطانيه ۾ عام تاثر قائم ٿي چڪو هو ته اسان جي ملڪ برطانيه کي هندستان ڇڏڻ گهرجي. اڄ ڪنٽربرئ جي آرڪ بشپ به اهڙي ڳالھ البرٽ ھال ۾ سڏايل چرچ مشنري سوسائٽئ جي گڏجاڻئ ۾ ڪئي. هن چيو ته هندستان ۾ ھاڻي آزادئ جي تحريڪ کي نه نظرانداز ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ٻنجو ڏئي سگهجي ٿو. [ هن ئي دور کان برطانيه آزادئ جي تحريڪ کي غلط موڙ ڏئي ورهاڱي جي تحريڪ بنائڻ جا جتن ڪيا ويا. ان ڪري برطانيه انھن ملڪن کي آزادي نه ڏني, جن تي هن قبضو ڪري غلام بڻايو هو. ان ڪري هندستان ورهائي جان ڇڏائي ڀڄي ويا] 5.5.1939: ڪراچئ ۾ ”آل انڊيا هنري نمائش“ ٿي, جيڪا ڪيترا ڏينھن هلي. اها ڳاله اهو ثابت ڪرڻ لاء ڪافي آھي ته سنڌين ورهاڱي کان اڳ ڪراچئ کي هر شعبي ۾ اڳتي وڌايو. ان سان گڏ هن شهر ۾ پنهنجئ ٻولئ جي جهولي به ڀريندا رهيا ۽ علم ادب جي آبياري به ڪندا رهيا. اڄ نمائش جي موقعي تي نمائش جي آڊيٽوريم ھال ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻئ جي صدارت ۾ ”بهار وطن" جي عنوان تي مشاعرو ٿيو, جنھن ۾ ڪيترن شاعرن شرڪت ڪئي. 5.5.1940: تعلقي قمبر جي گهٽهڙ ڳوٺ ۾ "لاڙڪاڻو ضلعو مسلم ليگ ڪانفرنس" ٿي. ان ۾ سنڌ سطح جي مسلم ليگي اڳواڻن شرڪت ڪئي. پير سيد الهندو شاه هن ڪانفرنس جي آڌرڀاء ڪميٽئ جو چيئرمن ۽ رئيس قربان علي ٻرڙو ڪانفرنس جو سيڪريٽري هو. [ ڀڄي اچي سنڌ ۾ پناه وٺندڙن وٽ ڪا اهڙي تاريخي شاهدي ۽ ثابتي ڪانھي ته سندن شهر/ڳوٺ/تعلقي ۾ ڪيتريون مسلم ليگ يا پاڪستان جون ڪانفرنسون ٿيون] 5.5.1977: پي.اين.اي وارن ڀٽي کي ڳالهين لاء 32 موضوعن جي لسٽ ٺاهي موڪلي. *************** {5 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 5 مئي 1818ع ڪارل مارڪس جو جنم ڏينهن آهي. 5 مئي 1902ع سُگهڙ رسول بخش ابڙو جي پيدائش ٿي. 5 مئي 1902ع شاعر سعيد علي شاهه ”نادر“ جي پيدائش ٿي. 5 مئي 1907ع اڳوڻي وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽي حسن علي عبدالرحمان جي پيدائش ٿي. 5 مئي 1912ع شاعره مائي سڀائي سومرو جي پيدائش ٿي. 5 مئي 1913ع شاعر محمد ”حسين“ عاصم ڀٽو جي پيدائش ٿي. 5 مئي 1937ع راڳي ڀاڳچند پنجابي(ڳڙهي ياسين / هندستان) جي پيدائش ٿي. 5 مئي 1948ع ليکڪ ذوالفقار قادري جي پيدائش ٿي. 5 مئي 1953ع شاگرد اڳواڻ ۽ سماجي ورڪر اشرف کهاوڙ جو جنم ڏينهن آهي. 5 مئي 1958ع صحافي سيد مظهر نقوي جي پيدائش ٿي. 5 مئي 1959ع ليکڪ، محقق ۽ ڪھاڻيڪار انجنيئر عبد الوھاب سھتو جو جنم ڏينھن آھي. 5 مئي 1962ع شاعر اصغر باغي جو جنم ڏينهن آهي. 5 مئي 1969ع شاعر پريم پتافي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 5 مئي 1952ع سياستدان خانبهادر غلام محمد اسراڻ جو انتقال ٿيو. 5 مئي 2006ع موسيقار نوشاد عليجو انتقال ٿيو. 5 مئي 2009ع ليکڪ ۽ شاعر قمر شهباز جو انتقال ٿيو.*********

Friday 3 May 2024

SINDH in history today (4th May). By. Dr.Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (4th May) & GOOD DAY ********* Dr.Pathan whises you Good Day. [Dear! I am aware of my countless limitations, faults and mistakes. I believe values and ideology as tradition and without understanding their cause and reason. My all efforts are only for my interests. Ego, hatred and discrimination are foundations of my behaviour and attitude . You are an ideal and role-model. Would you kindly bring change in my heart and mind with your vision & wisdom and beauty & love, please? ] نہ ڪا سونھن نہ سرت نہ سوچن لوچن منجه سرھاڻ، اوقات اهي ئي جو ڪڍجي قدرن نظرين جي نقلي ڪاڻ, پوء رانول راضي ٿئي اوڳڻن ۽ عیبن تي ڇو ۽ ڇاڪاڻ؟ نینھن بجاء جي انا نفرت تان پوء ٿئي نہ ڪا روح رھاڻ, تون خوبین جي کاڻ, ڪا تبديلي آڻ سار ي سلام سان. ************* SINDH including Pakistan) IN HISTORY TODAY {4th May} Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan EVENTS: 1839: Lieutenant Leckle writes to Colonel Pottenger informing him that British fleet has been detained at Sehwan under orders of Sindh Rulers. 1845: It is beginning of the imposition of treaty by the British on Mir Ali Murad Khan Talpur, ruler of the Khairpur state. He raises objections but, all in vain. His friends of yesterday are behaving as his masters. Very un-trustworth role is being played by them. 1921: A public meeting is held at the Eidgah ground of Karachi. It is presided over by Muhammad Khan, whereas is addressed by Lalchand Amardinomal Jagtiani, Durgdas B.Advani; Manilal Vyas; Chunirai Virbhdas;Jetley; Sundardas Valabhdas and others. The meeting congratulates Sawami Govindanand and other victimized leaders and workers of the Non-Cooperation Movement on their patriotic work and sacrifiece. It is decided that ‘Dedanta Ashram’ of Sawami Govindanand will be looked after by a committee during his absence because of being in jail. 1927: Judgment in the case of a pamphlet containg objectionable material and use of ugly language against Holy Prophet (PBUH) is delivered by Justice Kunwar Dalipsing of the Lahore High Court. The accused Rajpal, the publisher of that pamphlet is set free. The same pamphlet with same was later on translated and published by Nathoram in Sindh. He was killed in court by Ghazi Abdul Qayoom in Karachi. 1930: Sir Shafi and M.A.Jinnah are in Sukkur and are invited by Haji Abdullah on lunch. M.A.Jinnah was there to plead case of Pir of Pagaro. 1938: A letter written by Syed Budhal Shah appears in the issue of Al-Waheed, in which he has criticised the role being played by G.M.Syed in the Sindh Legislative Assembly. He terms anti-Ghulam Hussain Hidayatullah activities of G.M.Syed as line of action designed by Hindu politicians. 1947: M.A.Jinnah, Liaquat Ali and Gandhi meet the Viceroy and discuss with him the communal situation in the Frontier, Asam,Bengal and Punjab. 1954: Pakistan Government rejects the Russian protest made on March 27, against US-PAK Military cooperation. 1971: PPP Chief, Z.A.Bhutto, calls for transfer of power to the elected representatives before the next budget. 1977: PPP Government charges Asghar Khan of subverting armed force’s loyalty by writing ‘open letter to officers’. 1989: Jam Sadiq Ali is granted interim bail in Hur murder case. SINDHI TRANSLATION OF POST: ************* 4.5.1839: پاٽينجر جي اسسٽنٽ لفٽيننٽ ليڪيئ اڄ خط لکي کيس ٻڌايو ته سنڌ جي حڪمرانن سيوهڻ ڀرسان سنڌوندئ ۾ اسان جو آگبوٽ پڪڙي پنهنجي قبضي ۾ ورتو آھي. 4.5.1845: اهو ئي نيپيئر هو, جنھن کي سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ اتر سنڌ ۾ مير علي مراد خان اخلاقي ۽ سياسي ساٿ ڏنو ۽ مائٽن کي ناراض ڪري, هن جي مدد ڪئي. اٺ جنهن وڻ هيٺان ويهي, ان کي ئي کائي. نيپيئر به ايئن ڪيو. اڄ ھن مير علي مراد خان خلاف "نونهار ٺاه" وارو ڪيس ٺاهي گورنر جنرل کي موڪليو ۽ لکيو ته مير علي مراد خان مير رستم علي خان سان اهو ٺاه ڪري, ان ۾ پنهنجئ مرضئ سان ڦير گهير ڪئي هئي. 4.5.1848: سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوء انگريزن کي قلات جي خان سان زمين جي مالڪئ جو مسئلو پيدا ٿيو. نيٺ اهو مسئلو نوشهري جي سابق ڪاردار قيصر خان جي مشوري تي حل ٿيو. قيصر خان مير نصير خان جو مقرر ڪيل ڪاردار هو. هن ڳالھ جو ڇينهرو هينئن ڪيو ته جيڪا زمين بيگارئ جي پاڻئ تي آباد ٿئي, اها سنڌ جي آھي ۽ جيڪا زمين بارانئ تي آباد ٿئي, اها قلات جي آھي. اڄ اها ڳاله شڪارپور جي ڪليڪٽر سنڌ جي ڪمشنر ڏي لکي موڪلي. 4.5.1912: حيدرآباد ۾ شرعي استادن جي تنظيم "انجمن معلم شرع" جي مولوئ حاجي حمادالله جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻي ۾ پنج هزار کان وڌيڪ مسلمانن شرڪت ڪئي. هن ۾ ٺٽي جي قاضي فضل الله جي تجويز ۽ گونئ تعلقي جي زميندار قاضئ حاجئ اسدالله جي تائيد سان ٺھراء پاس ڪري ڪراچئ جي ڪليڪٽر لارينس کي وڌائيون ڏنيون ويون. ڇو ته هن مسلمانن کي سيڪيولر تعليم ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. [هئ ڳالھ اها نشاندهي ڪري ٿي ته انگريزن جي حڪومت وارئ اڌ صدئ کان پوء ديني عالمن اهو محسوس ڪيو ته سنڌي مسلمانن کي سيڪيولر/انگريزي تعليم به پرائڻ گهرجي. هن کان اڳ خاص مسلمان اها تعليم وٺندا هئا]. 4.5.1921: ڪراچئ جي "ڊيلي گزيٽ" اخبار جي اڄوڪي پرچي ۾ عيدگاه ميدان ۾ ٿيل ڪالهوڪي عوامي ميڙاڪي جو تفصيل شايع ٿيو. لکيو ويو آھي ته هن ميڙاڪي جي صدارت محمد خان ڪئي. جڏهن ته لالچند امرڏنيمل جڳتياڻئ, درگداس بي آڏواڻئ, مني لال وياس, چئنراء ورڀنداس, جيٽلي, سندرداس ولڀداس ۽ ٻين پنهنجي تقريرن ۾ سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي پڪڙي جيل وجهڻ وارئ سرڪاري پاليسئ جي ندا ڪئي. سوامي گووندانند پڻ انھئ سرڪاري دهشتگردئ جو نشانو ٿي جيل ڪاٽي رهيو هو. گڏجاڻئ ۾ ٺھراء پاس ڪري کيس وطن دوستئ تي مبارڪ ڏني وئي ۽ اهو چيو ويو ته انصاف جون تقاضن پوريون ڪرڻ بدران سرڪار اره زورائي ڪري رهي آھي. 4.5.1927: نٿورام کي عبدالقيوم ڪورٽ ۾ ڪيس هلندي قتل ڪيو هو. هن هڪ ڪتاب ترجمو ڪري ڇپرايو هو, جنهن ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ گستاخي ٿيل هئي. نٿورام جيڪو ڪتاب ترجمو ڪيو هو, ان جو ليکڪ راجپال پنجابي هو. هن خلاف به پنجاب جي هاء ڪورٽ ۾ ڪيس هليو. اڄ لاهور هاء ڪورٽ جي جسٽس ڪنور دليپسنگ ليکڪ ۽ پبلشر راجپال کي ڪيس مان آزاد ڪيو. 4.5.1930: سورهيه بادشاه پير پاڳاري جي ڪيس ۾ وڪيل ٿيڻ لاء محمد علي جناح سکر آيو ته سيٺ حاجي عبدالله هارون کيس لنچ ڏني. چوڻ ۾ ايندو آھي ته جناح ان ڪري وڪالت نه ڪئي, ڇو ته کيس پڪ ٿي وئي هئي ته انگريز حڪومت هر حالت ۾ پير پاڳاري کي آزاد نه ڪندي. 4.5.1938: سنڌ جي مسلمانڪي سياست ۾ سر غلام حسين هدايت الله اختلافن ذريعي پنهنجو سياسي دڳ ٺاهيو. پهريون "يونائيٽيڊ پارٽي" ٺھي ته هن سر شاهنواز ڀٽي ۽ سر حاجي عبدالله هارون سان عهدن جي مامري تي اختلاف ڪري وڃي پنهنجي "مسلم پوليٽيڪل پارٽي" ٺاهي. ان کان پوء سر غلام حسين هدايت الله ۽ جي.ايم.سيد وڏي عرصي تائين هڪ ٻئي جا سياسي حريف رهيا. اڄ ”الوحيد" جي پرچي ۾ سيد ٻڍل شاه لکيو ته جي.ايم.سيد اجايو سر غلام حسين جي حڪومت خلاف دشواريون پيدا ڪري رهيو آھي. سالن جا سال اختلافن جو اهو سلسلو جاري رهيو, تان جو جي.ايم.سيد کي سندس انھئ سياسي حريف ڌڙي مسلم ليگ کان ٻاهر ڪڍرايو. 4.5.2003: معصوم سنڌئ جي صدارت هيٺ سنڌي ادبي سنگت جي قمبر شاخ جي دستوري گڏجاڻي ٿي. هن گڏجاڻئ ۾ راشد بروهئ, جوش ٻرڙي, آتش سنڌئ, دين محمد ڪلهوڙي, رياضت ٻرڙي, شبير حسين شبير, قمرالدين قمر, ڀائو در محمد, مشتاق ٻرڙي, حڪيم چانڊيئي, مٺل کوسي ۽ يونس لاشارئ شرڪت ڪئي. ************* {4 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} ************ [جنم ڏينهن:] 4 مئي 1930ع شاعر محمد اسحاق ”مُجاهد“ جي پيدائش ٿي. 4 مئي 1958ع اديب عاجز منگي جي پيدائش ٿي. 4 مئي 1962ع گاجي کهاوڙ سان تعلق رکندڙ صحافي شير محمد کهاوڙ جي پيدائش ٿي. 4 مئي 1963ع هالا جي شاعر ارباب ”عزم“ جي پيدائش ٿي. 4 مئي 1966ع سگهڙ عالم خان ڀان جي پيدائش ٿي. 4 مئي 1976ع صحافي عاجز شهزاد جي پيدائش ٿي. [وڇوڙو:] 4 مئي 1977ع شاعر فقير دُر محمد هيسباڻي جو انتقال ٿيو. 4 مئي 1996ع شاعر تنها سيف بخاري(هالا) جو انتقال ٿيو.

Thursday 2 May 2024

SINDH in history today (3rd May). By. Dr.Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (3rd May) & GOOD DAY ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [Truth is beyond listening and believing in hypothesis. Time has an strength/ power to prove any thing true or false. Dear! Do not be only ear or tongue. Be always heart, full of beauty & love] جو چئین يا ٻڌین سپرین، سو سورنھن آنا سچ ناھي، وقت ئي وڏي واڪ ، سچ کي ثابت ڪري کولي ٻڌائي، الڪو ۽ اجائي اڻ تڻ لاھي، وٺ پاسو سرت سلام جو ************* EVENTS from history: 1841: Govt. of India asks Major Outram, its Political Agent for lower Sindh, to furnish report alongwith his opinion on the petition of Abbaju Thakor of Nagar Parkar regarding his claim on some villages. It is interesting to note that though, Sindh is still ruled by Talpurs but, matters are decided by others. 1850: Sindh Administration decides that Bugti Dato Mundrani, presently prisoner in Shikarpur jail must not be released in the greater interest of peace. 1851: The Sindh Commissioner requests the Bombay Govt. for permissiom and sanction of the erection of Bunglows on various places for travellors coming by Indus from Punjab, Bombay and England so as to ensure their protection. 1957: Pakistan defends and justifies its association with SEATO and other treaties of friendship. 1962: Pakistan and China agree to negotiate the demarcation of their common borders. 1963: Nearly 500 million dollars will be provided for the Tarbela Dam Project. An International agreement is signed in Washington. 1969: Gen. Yahya sends condolence message to Indira Gandhi/India on death of Indian President Dr.Zakir Hussain. 1973: Alleged conspiracy to subvert discipline and loyalty of Pakistan Army & PAF Personnel. More officers are held. 1989: MQM ministers resign from Sindh Cabinet. Protest against confinement of Altaf Hussain and others. Demand to change Hyderabad administration is also not meet. SINDHI TRANSLATION OF POST: ********** توجه طلب واقعا *************** 3.5.1841: نگرپارڪر جي اباجو ٺاڪر ڪيترن ڳوٺن جي مالڪئ تي مامرو ڪيو. پر سنڌ جي حڪمرانن بدران فرنگين وٽ داد رسئ لاء دانهيو. اڄ ڪمپني حڪومت ميجر آئوٽرام کي هدايت ڪئي ته هو ان سلسلي ۾ تفصيلي رپورٽ ٺاهي موڪلي. 3.5.1850: سنڌ جي ڪمشنر اڄ شڪارپور جي ڪليڪٽر کي لکيو ته تو بگٽئ ڏاتي مندراڻي کي جيڪا آزاد ڪرڻ لاء اجازت گهري آھي, اها منظور نه ٿي ڪري سگهجي. هن بدنام ڏوهارئ کي قيد ۾ ھجڻ گهرجي. 3.5.1850: سنڌ جي ڪمشنر ممبئي سرڪار کان سنڌوء ڪناري يا ان جي ڀر پاسي ڪجھ بنگلن ٺھرائڻ جي اجازت گهري ۽ ان لاء سبب ڄاڻايو ته ان مان انھن واپارين کي سهولت ملندي جيڪي سنڌ ۽ پنجاب کان ممبئئ ۽ انگلنڊ سان واپار ڪندا. 3.5.1919: رتيديري ۾ راء صاحب ديوان مولچند جي صدارت ۾ سرڪار پرستن جو ميڙاڪو ٿيو. ان ۾ سر شاهنواز ڀٽي هڪ ٺھراء پيش ڪيو, جنهن کي ديوان ڀوڄراج سيڪنڊ ڪيو ۽ ديوان هرداس مل ٽيڪو ڏنو. ٺهراء ۾ ”روولٽ ايڪٽ“ پاس ڪري لاڳو ڪرڻ تي سرڪار جي واکاڻ ڪئي وئي. ٺھراء جا لفظ ھي آھن: "We have read the Rowlaat Act. We fully sympathise with the Government in its codification , and we condemn the action taken by the agitators in recent disturbances". 3.5.1947: غلام احمد نظامئ جي صدارت هيٺ ڪراچئ ۾ ”سنڌي بزم ادب" طرفان مشاعرو ٿيو, جنھن ۾ الله بخش سرشار عقيلئ, محمد اسحاق, عبدالڪريم, محمد علي خالدئ, جمعي خان غريب پنهنجو ڪلام پيش ڪيو. [ياد رهي ته 1947 تائين ڪراچئ ۾ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جون تمام گهڻيون سرگرميون ٿيون. ان کان پاسو جو بدليو ته اهي اٽي ۾ لوڻ برابر ٿي ويون] 3.5.1963: واشنگٽن ۾ ٺاه تي صحيون ٿيون ته تربيلا ڊيم پراجيڪٽ لاء پاڪستان کي 500 ملين ڊالر ڏنا ويندا. 3.5.1989: الطاف حسين تي ڪيس هلائڻ ۽ حيدرآباد انتظاميه کي نه بدلائڻ تي ناراض ٿي, ايم ڪيو ايم وارن وزيرن سنڌ حڪومت تان استعيفائون ڏنيون. *************** {3 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 3 مئي 1920ع سنڌ جي مشهور شخصيت ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي پيدائش ٿي. 3 مئي 1936ع شاعر عبدالقيوم “اُفق” جي پيدائش ٿي. 3 مئي 1936ع ڪراچي جي اديبه نعيمه جمعو تيجاڻي جي پيدائش ٿي. 3 مئي 1936ع انجنيئرنگ جي پارکو ۽ مھراڻ يونيورسٽيءَ جي پھرين وائيس چانسلر ايس ايم قريشئ جو جنم ڏينھن آھي. 3 مئي 1943ع اديب نياز هيسباڻي جي پيدائش ٿي. 3 مئي 1974ع جماعت اسلامي سنڌ جو امير مولانا اسد الله ڀٽو جي پيدائش ٿي. 3 مئي 1950ع مصور، شاعر ۽ اديب اياز عالم ابڙوجي پيدائش ٿي. 3 مئي 1962ع صحافي پاويل جوڻيجو جي پيدائش ٿي. 3 مئي 1973ع صحافي سرڪش سڌايو جي پيدائش ٿي. [وڇوڙو:] 3 مئي 1825ع ديني عالم آخوند عزيز الله ميمڻ(مٽياري) جو لاڏاڻو ٿيو. 3 مئي 1906ع شاعر ۽ صوفي درويش بچل شاهه(سکر) جو انتقال ٿيو. 3 مئي 1982ع سياستدان سيد خير شاهه جو انتقال ٿيو. 3 مئي 1977ع مشهور موسيقار ۽ راڳي ماسٽر محمد ابراهيم جو لاڏاڻو ٿيو. 3 مئي 1994ع مشهو رسنڌي ۽ اردو ڊرامن ۽ فلمن جي مشهور اداڪار منصور بلوچ جو انتقال ٿيو. 3 مئي 2015ع قومپرست اڳواڻ عبد الواحد آريسر جو لاڏاڻو ٿيو.****

Wednesday 1 May 2024

SINDH in history today (2nd May). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (2nd May) & GOOD DAY WISH. Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Most of people, those avoid to reciprocate and don't like to reply & response are in complex, and think that their silence is giving good impression about their great personality. But, in real they are not silent. Because, their attitude and behavior speak loudly. Their silence determines their degree of hatred. They are not applying Universal, Natural and Human laws in accepting and respecting love and beauty. They never believe in relation and connection. They believe in self-interest and selfishness.] “ خود-ڪلامي، خود-زباني؟ سندء ڪهاڻي ؟“ تنهنجا رويا عمل ۽ نيتون سڀ ڳالهائين، تون چپ آھين تہ ڪيئن چپ آھين؟ مٽ سجائي ماٺ ۾ بہ آھين پر پنهنجئ خاموشئ سان ناد نفرت جا وڄائين، سرت سچ سونهن سان ۽ علم عقل هوش سان جهيڙو پر ساڃھ-وند سڏائين. نہ فرشتو نہ ماڻھون نہ پاڇو نہ سلام نہ دعا نہ وفا ايثار تون ڪجھ ناهين. ************* SINDH (I including Pakistan) IN HISTORY TODAY (2nd May) Research By Dr.Durabat Muhammad Pathan. EVENTS: 1838: Colonel Pottinger, Political Agent of the East India Company Government, in Sindh, approaches Munshi Jethananad, an influential Court-man and officer of Mirs of Hyderabad to help him to request Mir Sher Muhammad of Mirpurkhas either he will like to have a separate Treaty or, will sign the joint Treaty with Mirs of Hyderabad. He also wants to inform Mir Sher Muhammad that Dhoolaji, brother of Jagatsing of Nagarparkar has been seized and would be sent to Hyderabad, if Mir Noor Muhammad desires so. This may kindly be kept in mind that Dhoolaji was wanted for his criminal activities. 1848: Political Agent of Cutch requests the Sindh Commissioner for demarcation and approval of boundary between Sindh and Marwar. 1896: BEGNING OF THE POLITICAL CONFERENCES IN SINDH: 2nd of May 1896 was the Day, when first ever political Conference, known as "9th Bombay Provincial Conference" was held at Karachi. It was attended by 150 delegates besides a large number of visitors, even Judges and other officers from Police and Health Departments. Prior to this eight conferences were held in various cities of the Bombay Presidency and most of them were attended by political figures from Sindh. This was first and last Conference , held under the banner of "Bombay Provincial Conference" as it was followed by "Sindh Provincial Conferences" latter on. These Annual Conferences were held at Jacobabad, Sukkur, larkano, Hyderabad and Karachi. The credit goes to Gul Hayat for collecting and uploading on its Website, more than thousand pages on and about those conference. Where as most of historian even not know about that important source on political history of Sindh. 1942: All-India Congress Committee in its resolution says that it can not agree any proposal which aims at disintegrating India by giving liberty to any territorial unit to secede from Indian Union or Federation. 1970: Pakistan and Turkey decide to establish a joint trade Commission to further develop trade between both countries. 1994: Karachi violence toll rises to rises to 20. MOM-sponsored strike enters third day. Troops called out. SINDHI TRANSLATION OF POST: (2nd May) By: Dr. Pathan ** 1839ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ انگريز سرڪار جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر ميرن جي عملدار منشي ڄيٺانند کي خط لکي ٻڌايو ته هنن ننگرپارڪر جي جڳت سنگهه جي ڀاءُ ڍولڻ کي پڪڙيو آهي، جيڪڏهن مير نور محمد خان چاهي ته اهو ڏوهاري سندس حوالي ڪري سگهجي ٿو، پوٽينجر منشي ڄيٺانند کي اهو به لکيو ته هو ميرپورخاص واري مير شير محمد خان ٽالپر کان پڇي ڏسي ته ڇا انهيءَ جي اها مرضي اهي ته انگريز سرڪار هن سان الڳ معاهدو ڪري. ** 1848ع ۾اڄوڪي تاريخ تي ڪڇ جي پوليٽيڪل ايجنٽ سنڌ جي ڪمشنر کي گذارش ڪئي ته سنڌ ۽ مارواڙ جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ ان جي سرڪاري طور تي منظوري ڏني وڃي. ** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جيڪب آباد ۾ مولانا تاج محمود امروٽي جي صدارت هيٺ خلافت ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، هن ڪانفرنس ۾ رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي پنهنجون ڊگريون، سرڪار طرفان مليل اعزاز ۽ خطاب واپس ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ان کانسواءِ پنهنجي زرعي زمين جي ڍل ۽ آبياني ڏيڻ کان نابري وارڻ جو به اعلان ڪيو، اڳتي هلي انهيءَ قدم تي سرڪار مٿس ڪيس مڙهيو ۽ حاضري جو نوٽيس موڪليو پر هن ان جي جواب ۾ لکيو ته افغانستان هجرت ڪري وڃڻ بعد هاڻي هو انگريز سرڪار جو راڄ نه آهي، ان ڪري مقرر ڪيل تاريخ تي ڪورٽ ۾ حاضر نه ٿيندو. ** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي تيونس ۽ مراڪش جي آزادي لاءِ پاڪستان جيڪا ڪولمبو ڪانفرنس ۾ قرارداد پيش ڪئي، ان کي منظور ڪيو ويو. ** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي فوج ۽ فضائيه جي ٻارنهن آفيسرن کي غداري جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات اعلان ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽو خلاف بين الاقوامي سازش ٿي رهي آهي ۽ اسان ساڻس گڏ آهيون، ٻئي طرف سعودي عرب جي سفير رياض الخطيب مخالف ڌر جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جيڪي حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن. ** 1998ع ۾ گوهر ايوب خان پرڏيهي وزير جي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي، جنهن بعد سرتاج عزيز کي نئون پرڏيهي وزير ۽ اسحاق ڊار کي ناڻي جو وزير بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ذريعن جو چوڻ هو ته هن جا وزيراعظم نواز شريف سميت ڪجهه وزيرن سان اختلاف پيدا ٿيا هئا.ٻئي پاسي ساڳئي ڏينهن تي جسٽس وجيهه الدين کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور هن ساڍا 13 هزار پاڻمرادو نوٽيس ورتا. *********** اڄوڪي ڏينهن 2 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 2 مئي 1911ع شاعر داتا ولادت علي شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 مئي 1924ع جديد سنڌي ڪهاڻي جي اھم شخصيت جمال ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 2 مئي 1939ع سياستدان پي ڪي شاهاڻي (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي. 2 مئي 1954ع ليکڪ علي نواز ڦل جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 مئي 1955ع اديب ضياء شاهه (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 2 مئي 1960ع سگهڙ قائم الدين سهتو جو جنم ڏينهن آهي. 2 مئي 1961ع ليکڪ فدا ڪلوئي (ڪنڊيارو) جو جنم ڏينهن آهي. 2 مئي 1969ع ويسٽ انڊيز جي مشهور ڪرڪيٽر برائن لارا جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 2 مئي 1967ع فريڊم فائيٽر سريچند ميوارام (پڊ عيدن) ديهانت ڪري ويو.

Tuesday 30 April 2024

SINDH in history (1st May). By. Dr.Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (1st May) & GOOD DAY WISH. Dr.Pathan wishes You Good Day. . [It is easy to like, but very difficult to accept. It is most difficult to maintain contacts & affiliations. Be one sided with sincerity & sacrifice. Life never believes in dreams. It is hard ground reality. Beautify it with love as it can accept you] ڀانئڻ اچي سڀ کي، نڀائڻ ڪنھن ڪنھن جو ڪم، رشتا گھرن رت روح جو، کائن هر پل لڱ لحم، جي ھٹین دوستئ جو دم، چئج سرت سان سلام تون. ************* SINDH (Including Pakistan) IN HISTORY TODAY {1st May} Research by Dr. Dur Muhammad Pathan EVENTS: 1848: The Government of India asks the Governor of Sindh to prepare details along with schedule of pensions and grants given by Ex - Rulers as they can be continued if loyalty and sincerity with British Government. is proved. 1850: His Highness Mir Ali Murad Khan Talpur is not happy and satisfied with proceedings and findings of the Commission appointed by the Govt. for probing his involvement in making changes in the Treaty of Nounihar. 1886: Workers demanding 'Eight hours as working hours' are fired upon by police in Chicago. 1959: A high- level conference, presided over by President Ayub, decides to set up "Local Bodies System" of democracy. 1972: Mumtaz Bhutto (Sindh), Sardar Attatullah Mengal (Balochistan) and Mulana Mufti Mahmud (NWFP) are sworn in as Chief Ministers. Malik Meraj Kialid is nominated for Punjab. > Mufti Mahmud announces total ban on liquor in his province. > Labor Day/ May Day is celebrated for the first time in Pakistan.1989: Ban on trade union activities of leading organizations are lifted. IN SINDHI **** توجه طلب واقعا *************** 1.5.1927: لالا لڄپت راء جي صدارت ۾ سکر ۾ ”سنڌ پراونشل هندو سميلن" ٿيو. ان ۾ پنج هزار وفد شريڪ ٿيا. هن سيمينار ۾ هندن جي سماجي, ڌرمي ۽ سياسي مسئلن تي ويچاريو ويو ۽ سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ جي مخالفت ڪئي وئي. 1.5.1934: سکر مان ڪشنچند واسديو هفتيوار اخبار "سناتن ڌرم" جاري ڪئي. هئ اخبار بنيادي طور سناتن ڌرم جي پرچار ڪندي هئي, پر ان کان سواء ڪانگريس پارٽئ جي آرگن طور به ڪم ڪيائين. "ستياگره تحريڪ" دوران نالو ڪمايائين. 5.1.1972: ممتاز علي ڀٽي سنڌ جي, سردار عطاء الله مينگل بلوچستان جي, مفتي محمود سرحد (ڪي.پي.ڪي) جي وڏي وزير طور حلف کنيو. ملڪ معراج خالد جو نالو پنجاب جي وڏي وزير طور منظور ڪيو ويو. 1.5.1848: هند سرڪار اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته رپورٽ ٺاهي موڪل ته ٽالپورن جي دور ۾ ڪنهن ڪنهن کي پينشن يا گرانٽ ڏني ويندي هئي. 1.5.1850: خيرپور رياست جي والئ مير علي مراد خان سنڌ جي ڪمشنر سان لکي احتجاج ڪيو ته اوهان منھنجي ۽ مير رستم خان وچ ۾ ٿيل "نونهار معاهدي" جي انڪواري ڇو ٿا ڪريو. هن وڌيڪ لکيو ته منهنجو خاندان انهئ ڳالھ تي راضي ناهي ته مان انڪوارئ لاء اوهان اڳيان پيش ٿي صفائي ڏيان. [ياد رهي ته اهو معاهدو سنڌ تي فرنگين جي قبضي کان اڳ ٿيو هو ۽ انگريزن کي مير رستم علي خان دانھون ڏيندو هو ته "نونهار معاهدي" ۾ مير علي مراد خان پنهنجئ مرضئ سان پنهنجي حق ۾ ڦير گهير ڪئي آھي. ان وقت انگريزن سندس ڪا ڳاله نه ٻڌي. ڇو ته کين مير علي مراد جي دوستئ ۽ ساٿ جي ضرورت هئي. جڏهن سنڌ تي قبضو ڪري فرنگي حاڪم ٿيا ته پنهنجي يار مددگار مير علي مراد خان خلاف انڪواري ڪرايائون.] 1.5.1886: شڪاگو ۾ پورهيتن مزدورئ جو وقت 8 ڪلاڪ ڪرڻ لاء احتجاجي جلوس ڪڍيو. پوليس گولي هلائي هڪ پورهيت ماري وڌو. مزدور ڇڙوڇڙ ٿي وري گڏ ٿيا ۽ احتجاجي ميڙ ڪيائون. وري پوليس مٿن حملو ڪري ڪيترن کي گرفتار ڪيو ۽ پوء چئن پورهيتن کي ڦاهي ڏني وئي. انھئ سانحي ۽ جدوجهد کي ياد ڪرڻ لاء "مئي ڊي" ملهائڻ جو رواج پيو. پاڪستان ۾ سرڪاري طور تي پهريون "مئي ڊي" 1972 ۾ ملهايو ويو هو.

Monday 29 April 2024

SINDH in history today (30th April). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (30th APRIL) 30th April BIRTH DATES KalachandMirani (Hyderabad/Social worker & Singer/ Born 30th April 1857), SoofiJhamandas ‘Aashiq’ (Shikarpur/Poet & Journalist/ Born 30th April 1928), Wadhuram ‘Pushp’ (Shikarpur>Mombai/Poet & Juggler/ Born 30th April 1930) , HarBhagwan ‘Nago’ (Nagpur/Singer/ Born 30th April 1952), RajkumarDaswani (Ajmir/Artist/ Born 30th April 1953), SikandarMallah (Sakrand/Poet/ Born 30th April 1963), RiazDahri (Umar Dahri/Poet/ Born 30th April 1973). DEATH DATES Moulnan Abdullah (Banguldero/Religious Scholar & Freedom Fighter/ Death 30th April 1932), Suleman Shah ‘Salim’ (dabar/Poet/Death 30th April 1975). EVENTS 1917: Vide order No 2860, the Government of India asks all the District Local Boards for War Loan and it is to taken/drawn from their own budget, budget of Taluka Local Boards; Education and Health. 1919: The meeting of ‘AnjumanZamindaran-i-ZilaLarkano’ (Landlords’ Association of the District Larkano) is held in which Haji Amir Ali Lahori is elected as its chairman in place of K.B.Shah Muhammad Lahori. The meeting congratulates Government for passing and promulgating ‘Rowlatt Act’ and condemns political parties for launching agitation against the bill. 1920: Big public meetings are held at Paat and Shikarpur by Khilafat Committees of respective areas. People are asked to take part in politics and never surrender before the Government and its local agents, Jageerdars and anti-people elements. 1927: Sindh Hindu Sabha is reorganized and HarchandraiVishindas plays key role in this task. 1933: Upper Sindh Khilafat Conference is held at Muradpur. The Conference unanimously adopts so many important resolutions on vital issues such as sympathy with China, condemnation of Japan; restoration of the Mosque of MureedSethar; congratulations to Mufti Saadullah for facing orders of his exile; promotion of local-made products etc. 1947: Muhammad Ali Jinnah denounces the demand for a partition of the Punjab and Bengal. Describes such move as a grave error. 1948: An all-out offensive is launched by Indians in Jammu & Kashmir, 100,000 Kashmiris leave for Pakistan. 1950: Sindh Safety Act to remain. Notification in this regard is issued. 1952:‘Bazim-i-Adab’ is formed at Jacobabad with Osto Ghulam Hussain ‘Hussain’ as its President and Muhammad BuxQureshi ‘Josh’ as Secretary. 1954: Very drastic action against Communists is ordered by A.K.Fazul Haq, Chief Minister of East Bengal (East Pakistan). 1962: Faiz Ahmad Faiz receives Lenin Prize. 1967: A new political alliance called Pakistan Democratic Movement (PDM) is formed in Dhaka comprising Council Muslim League, J.I, Nizam-i-Islam Party and Awami League. 1974: Last bench of POWs, including General Niazi reach Pakistan. 1977: PNA’s Long March to besiege Prime Minister’s residence forestalled by arresting workers reaching the capital. 1978: So many politicians are disqualified. Some of them are Abdul WaheedKatpar, Abdul Sattar Gabol, Bashir Ahmad Shah, Muzafar Shah and Ali Nawaz Shah etc. 1994: Six persons including two MQM protesters are killed in Karachi. Nawaz Sharif visits the city express sympathy with Muhajreen and says that situation in Karachi and Hyderabad may go out of hand soon. HERE IS ITS TRANSLATION INTO SINDHI *************** 30.4.1842: مير نصير خان حيدرآبادئ ۽ آئوٽرام وچ ۾ دلچسپ مگر اهم خط و ڪتابت ٿي. مير نصير خان خط ۾ لکيو هو ته مان فرنگين جو باعتماد وفادار دوست آهيان. پر مير صوبدار خان الائي ڇو فرنگين جو يار ٿيڻ پسند نه ٿو ڪري. هن خط ۾ مير نصير خان اوبيراه هندوء جي به ڳالھ ڪئي هئي ته هي اوهان جو ماڻھون آھي, پر اوهان سان وفادار ڪونهي. آئوٽ رام اڄ انھئ خط جو جواب ڏيندي لکيو ته اوبيراه ٺڳ ماڻھون آھي. هن سيٺ نائونمل کان 900 روپيا ورتا هئا ۽ وعدو ڪيو هو ته ڪي اهم ڪاغذ اسان جي حوالي ڪندو. هن نه ته اهم ڪاغذات اسان حوالي ڪيا, نه وري نائونمل کان ورتل پئسا واپس ٿو ڪري. آئوٽ رام وڌيڪ لکي ٿو ته اوهان (مير نصير خان) کي فرنگي فوج رکڻ وارو ڏن ڏيڻو پوندو. 30.4.1917: هند سرڪار پنهنجي حڪم نامي نمبر 2860 مطابق سمورين ضلعي لوڪلبورڊس کي زورئ "جنگي قرض" ورتو. ان ۾ اڌو اڌ لوڪلبورڊ جي بجيٽ مان ورتو ويو ۽ باقي اڌ وري مختلف هيڊس, جهڙوڪ تعليم, صحت ۽ تعلقي لوڪلبورڊس جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي آڻائي ورتو ويو. هي قرض 1922 واپس ڪرڻ لاء چيو ويو. 30.4.1919: " روولٽ ايڪٽ“ جهڙي ڪاري قانون خلاف سنڌ جي طول عرض ۾ حڪومت خلاف جلوس نڪرڻ شروع ٿيا. پر لاڙڪاڻي جي مدرسي واري ميدان ۾ حاجي امي علئ لاهورئ جي صدارت ۾ "انجمن زميندارانه ضلعو لاڪاڻو" جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ ”روولٽ ايڪٽ“ لاڳو ڪرڻ تي سرڪار کي مبارڪ ڏني وئي ۽ اهو اقرار ڪيو ويو ته ايڪٽ خلاف وڳوڙ پيدا ڪرڻ نه ڏبو, بلڪ اهڙن ماڻھن جي مخالفت ڪئي ويندي. هن گڏجاڻئ ۾ خانصاحب شاه محمد لاهورئ جي جاء تي حاجي امير علئ کي انجمن جو صدر مقرر ڪيو ويو. ان کان سواء ٺھراء پاس ڪري سنڌ جي ڪمشنر لارينس جا ٿورا مڃيا ويا ته هو وڏئ شفقت سان سنڌي مسلمانن سان سٺو هلي ٿو. 30.4.1920: پاٽ, ضلعي دادو ۽ شڪارپور ۾ خلافت ڪانفرنسون ٿيون. انھن ۾ فرنگي سرڪار جي ترڪئ, اسلام ۽ خلافت بابت دشمن حڪمت عملئ جي ندا ڪئي وئي. انھئ ڳالھ تي زور ڏنو ويو ته ڏيهي صنعت کي ترقي وٺرائجي, پرڏيهي سامان نه واپرائجي ۽ فرنگي سرڪار خلاف هلندڙ تحريڪن جو ساٿ ڏجي. 30.4.1927: "سنڌ هندو سڀا" کي نئين سر منظم ڪيو ويو. بلڪ ايئن چئجي ته اها جماعت جهڙوڪ اڄ قائم ٿي. انھئ ۾ سيٺ ھرچندراء وڏي محنت ڪري سنڌي هندن کي منظم ڪيو. هن پارٽئ سنڌ کي ممبئئ کان الڳ نه ڪرڻ لاء زوردار تحريڪ هلائي. سڀا جي قيام ۽ ڪارڪردگئ جو تفصيلي احوال فقط گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. 30.4.1933: مرادپور ۾ ”اپر سنڌ خلافت ڪانفرنس" ٿي, جنهن ۾ ھنن موضوعن ۽ مسئلن تي ٺھراء پاس ڪيا ويا: 1). "وائيٽ پيپر" کي آئيني سڌارن جو اڻپورو تصور چئي مسترد ڪيو ويو, 2). چين سان همدردي ۽ جپان جي مذمت ڪئي وئي, 3). مريد سيٺارجا وارئ مسجد جي بحالئ جو مطالبو ڪيو ويو, 4). خلافتي مفتي سعدالله کي جلاوطن ٿيڻ تي مبارڪ ڏني وئي ۽ کيس جلاوطن ڪرڻ تي سرڪاري قدم جي مذمت ڪئي وئي. 30.4.1934: ڪراچئ جي ٿياسافيڪل هال ۾ ”سنڌي سڌار سوسائٽئ" طرفان "قرباني" جي موضوع تي مشاعرو ٿيو. هن مشاعري جي صدارت ڊاڪٽر دائودپوٽي ڪئي. 30.4.1950: سنڌ ۾ لڳايل "سنڌ سيڪيرٽي ايڪٽ" جي مدي ۾ واد ڪئي وئي. 30.4.1952: جيڪب آباد ۾ ”بزم ادب" قائم ڪئي وئي. ان لاء اوستي غلام حسين کي صدر ۽ محمد بخش قريشي جوش کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. هن بزم جيڪب آباد ۾ کوڙ سارا مشاعرا ڪرايا. 30.4.1970: ڪراچئ ۾ 90 سالن کان هلندڙ ”ٽرام وي ٽرانسپورٽ“ بند ڪئي وئي. 30.4.1974: پاڪستاني جنگي قيدين جي آخري کيپ موٽي آئي. جنرل نيازي به انھن ۾ شامل هو. 30.4.1977: پي.اين.اي جي لانگ مارچ پرائيم منسٽر هائوس ڏي منھن ڪيو ته جيئن ان کي گهيرو ڪجي. پر اتي ورڪر جي وڏي پئماني جي گرفتارين سندن اميدون پوريون نه ڪيون. 30.4.1978: مارشل لا حڪومت طرفان ڪيترن سياستدانن کي نااهل ڪيو ويو. انھن مان ڪي آھن: عبدالوحيد ڪٽپر, عبدالستار گبول, بشير احمد شاه ۽ علي نواز شاه. 30.4.1994: ڪراچئ جي وڳوڙن ۾ ايم.ڪيو.ايم جي ٻن ڪارڪنن سميت ڇه ماڻھون مري ويا. نواز شريف سنڌي-دشمن ايم. ڪيو.ايم وارن سان همدردي ڪرڻ حيدرآباد پهتو ۽ چيائين ته ڪراچئ ۽ حيدرآباد جون حالتون هٿ کان نڪرنديون پيون وڃن. *************** {ڏينهن 30 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} ÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷ [جنم ڏينهن:] 30 اپريل 1857ع گلوڪار ۽ سماجي ورڪر ڪلاچند ميراڻي (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 اپريل 1928ع شاعر ۽ صحافي صوفي جهامنداس عاشق (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 30 اپريل 1912ع اديب ۽ مترجم ڊاڪٽر آر ايم هري(روهڙي / ڪڇ) جو جنم ڏينهن آهي. 30 اپريل 1952ع گلوڪار هري ڀڳوان ناگو (ناگپور) جو جنم ڏينهن آهي.

Sunday 28 April 2024

SINDH in history today (29th April). By. Dr.Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (289h April) & GOOD DAY WISH. ********* Dr.Pathan wishes YOU Good Day: [ You can't understand love and respect, if you have blind faith in your ego and everlasting physical beauty. You will be high-risk for yourself, if you are in complex that all is correct what you say or do. Without offering sacrifice, you can't reside in any heart. You will be ever falling, if you are not falling in love. If you can't respect and abide by human-values and hunaman-nature, you can't be accepted by any Golden Heart and Pure Soul. In such conditions, you will stand rejected and separated everywhere.] محبت مروت ماڻھپو ٽئي انا ضد ۽ ھوڏ مان ڇا ڄاڻن؟ قربانئ ۽ قبولڻ سان دليون ۽ روح سچي خوشي ماڻن، خوشبوء عشق جي آڻن، ساري سرت صبح سلام سان. ************* SINDH (including Pakistan ) IN HISTORY TODAY {29th APRIL} EVENTS: 1858: Bartel Frere inaugurates the construction work of Karach - Kotri Railway Line. The project is initiated soon after War of Independence and indicates Govt's intention to ensure deployment and transportation of troops in trouble areas without fail and also to send raw material to port in handsome quantity. 1927: The largely attended meeting of Muslims is held at Nawabshah with Moulvi Haji Hakim Muhammad Siddique Morai. Kidnapping of Muslim woman, avoiding to handover Muslim kids by Hindus in Larkana is the sole agenda of the public meeting. Strong worded resolution is adopted asking Hindus to refrain such a events of high risk for peace and national unity. Part2 1950: Sindh Safety Act to remain till further orders. Notification is issued in this regard. 1954: Rainy days start for Communist leaders and workers in East Bengal (East Pakistan). The Chief Minister A.K.Fazul Haq orders for crackdown on large scale. 1962: Faiz Ahmad Faiz receives Lenin Prize. 1971: Pakistan proposes moratorium for six months on foreign debt repayment in view of a major set - back in the exports in East Pakistan. 1972: Agenda is set for summit meeting between Bhutto and Indira. Emisaries of both countries meet in Rawalpindi. HERE IS SAME POSTING IN SINDHI LANGUAGE: *************** 29.4.1858: سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر اڄ ڪراچئ کان ڪوٽڙئ تائين ريلوي لائين وڇائڻ واري ڪم جو افتتاح ڪيو. 29.4.1927: مولوي حڪيم حاجي محمد صديق مورائئ جي صدارت هيٺ نواب شاه ۾ مسلمانن جو وڏو جلسو ٿيو, جنهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿيل هندو مسلم فسادن تي افسوس جو اظھار ڪندي, ضلعي عملدارن جي مسلمانن کي نظرانداز ڪرڻ وارئ حڪمت عملئ جي مذمت ڪئي وئي ۽ مظلوم مسلمانن سان همدردئ جو اظھار ڪيو ويو. 29.4.1939: سباش چندربوس هئ چئي ڪانگريس جي صدارت تان استعيفا ڏني ته مان گانڌئ جي مرضئ مطابق ڪانگريس پارٽئ جي ورڪنگ ڪميٽي نه ٺاهيندس. 29.4.1945: لاڙڪاڻي ۾ ”بزم مشاعره" طرفان طرحي مشاعرو ٿيو, جنھن لاء طرح هئي: "الاهي آھ منهنجئ ۾ پيدا اثر ڪر". مشاعري ۾ پيش ڪيل شعر جو انتخاب پوء رسالي "اديب سنڌ" ۾ شايع ڪيو ويو. 29.4.1972: مير رسول بخش ٽالپور سنڌ جو گورنر ٿيو. ھن پيپلز پارٽئ کي مقبول بنائڻ ۾ ذوالفقار علي ڀٽي سان ساٿ ڏنو. اڳتي هلي عراقي سفارت خاني مان اسلحي پڪڙجڻ ۽ سندس ڀاء مير علي احمد ٽالپور کي ان ۾ ملوث ڪرڻ تي اختلاف ڪندي مير رسول بخش گورنرئ جو عهدو ڇڏيو. 29.4.1978: "جيڪڏهن ضياء الحق قومي حڪومت ٺاهي ٿو ته پي.اين.اي ان ۾ شامل ٿين کان انڪار نه ڪندي. 29.4.1993: اڄ ”دهشتگردئ خلاف ڪيس هلائيندڙ ڪورٽ" ايم.ڪيو.ايم جي الطاف حسين ۽ ٻين تي چارج فريم ڪئي ته اوهان ميجر ڪليم الدين ۽ ٻين فوجين کي يرغمال ڪيو ۽ مٿن ٽارچر ڪيو. *************** {29 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} ÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷÷ [جنم ڏينهن:] 29 اپريل 1915ع صحافي روپچند سپاهيملاڻي (حيدرآباد / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 اپريل 1919ع ليکڪ ۽ صحافي محمد بخش جوهر (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 اپريل 1960ع گلوڪار مشڪور سرگاڻي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 29 اپريل 1830ع مذهبي اسڪالر سيد عبدالرحمان سنڌي جو انتقال ٿيو. 29 اپريل 1937ع سياستدان سيد محمد ڪامل جو لاڏاڻو ٿيو. 29 اپريل 1974ع شاعر علي بخش رضا احمدزئي لاڏاڻو ڪري ويو. 29 اپريل 2003ع لوڪ گلوڪاره مائي الهه وسائي جي وفات ٿي. 1977: Long Marches arranged by PNA in Islamabad.