Thursday 3 November 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (3rd November) By: Dr. Pathan



** 1858ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سکر ۽ روهڙي وچ ۾ پل تعمير ڪرڻ 
جو پلان سول انجنيئر پرائيس تيار ڪيو، جيڪو سنڌ جي ڪمشنر
 معرفت بمبئي سرڪار کي موڪليو ويو، ان پل 
واري رٿا تي ڪل لاڳت 7 لک رپيا ڄاڻائي وئي.
** 1928ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌي شاگردن سائمن ڪميشن جي
 سنڌ آمد خلاف احتجاج طور ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، 
سائمن ڪميشن ۾ هندستان جي ڪنهن به هندو يا مسلمان سياستدان
 کي ميمبر طور نه کنيو ويو هو، بعد ۾ جڏهن سائمن ڪميشن جا
 ميمبر سنڌ آيا ته سنڌ جي قيادت کي شامل ڪيو ويو.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چترال پاڪستان ۾ شموليت جو فيصلو ڪري ورتو.
** 1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سوويت يونين طرفان پهريون ڀيرو خلا
 ۾ ڪتو موڪليو ويو، خلائي ڪيپسول ۾ هڪ ڪتي کي ويهاري 
ان کي خلا ۾ روانو ڪيو ويو ته دنيا حيران رهجي وئي،
 ان کان اڳ اهڙي قسم جو تجربو ڪنهن به ملڪ طرفان نه ڪيو ويو هو،
 ڪتي ۾ ڪيتريون ڊوائيسز لڳايون ويون هيون، ۽ هن جي دل جي 
ڌڙڪن کي هيٺ ويهي چيڪ ڪيو پئي ويو، اهو ڪتو ڪجهه
 ڏينهن کانپوءِ مري ويو، اهڙي طرح سوويت يونين جو اهو تجربو ناڪام ويو.
** 1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان بنا مقابلي 
سلامتي ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو.
** 1975ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مير رسول بخش ٽالپر قومي
 جمهوري تحريڪ جي نالي سان نئين پارٽي ٺاهي ڇڏي.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ضياءَ الحق جي حڪومت دوران
 محمد هاشم ميمڻ هلال پاڪستان جي ايڊيٽر شپ سنڀالي ورتي،
 جڏهن ته سرڪار طرفان ايڊيٽر جا فرض سرانجام ڏيندڙ ناليواري
 اديب ۽ صحافي سراج الحق ميمڻ کي هٽايو ويو.
** 1997ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس
 ۾ وزيراعظم نواز شريف سميت 7 چونڊيل ميمبرن کي نوٽيس جاري
 ڪري ڇڏيا، چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهي ۾
 بينچ توهين عدالت جون درخواستون ڏيندڙن کان  ٽي وي تي 
عدليه خلاف ڳالهايل جملن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو،
 ان حوالي سان پي ٽي وي چيئرمين کي به نوٽيس جاري ڪيو ويو،
** 2004ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جارج ڊبليو بش ٻيو ڀيرو آمريڪا
 جو صدر چونڊجي ويو، هن ڊيموڪريٽس جي جان ڪيري کي
 شڪست ڏني، جارج ڊبليو بش کي 274 ووٽ مليا جڏهن ته
 جان ڪيري 252 ووٽ کڻي سگهيو، فرق بلڪل ٿورو هو، 
ڪيري نتيجن جي فورن بعد بش کي فون ڪري شڪست تسليم 
ڪري ورتي ۽ کيس ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني، اهڙي فون
 بعد وائيٽ هائوس صدر بش جي ڪاميابي جو اعلان ڪيو.

No comments:

Post a Comment