Monday 7 November 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (7th November) By: Dr. Pathan



** 1840ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ميجر آئوٽرام پنهنجي وفادار
 سيٺ نائومل کي هدايت جاري ڪئي ته هو ميرپورخاص وڃي
 ۽ مير شير محمد ٽالپر جي سرگرمين تي نظر رکي، جنهن کانپوءِ
 نائومل مير شير محمد ٽالپر سان ملاقات جون وڏيون ڪوششون ڪيون 
پر ان ۾ ناڪام ويو، بعد ۾ هن پنهنجي مائٽ ديوان چترو
 سنگهه ۽ مير شير محمد جي سرڪار جي مختيارڪار سان 
رابطو ڪيو، جنهن کانپوءِ کيس مير شير محمد سان ملاقات جي اجازت ڏني وئي.
** 1854ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ٽالپر حڪومت طرفان شڪارپور
 جي سيدن لاءِ منظور ڪيل رقم ۽ اناج کي انگريز سرڪار بند
 ڪري ڇڏيو، جنهن بعد شڪارپور جي سيدن جاگيرن بابت 
اسسٽنٽ ڪمشنر ڪيپٽن گولڊ سمٿ  کي اپيل موڪلي، 
جنهن معاملي جي جاچ ڪرائي، گولڊ سمٿ پنهنجي رپورٽ 
۾ ڄاڻايو ته شڪارپور ۾ 42 سيد شخصيتن لاءِ مير حڪمرانن
 طرفان ڪيش گرانٽ منظور ٿيل هئي.
** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي انگريز سرڪار سنڌ 
پوليس کي ڪرمنل لا ترميمي ايڪٽ تحت وڌيڪ اختيار ڏنا ۽
 هدايتون جاري ڪيون ته ڪراچي ۾ ڪانگريس جي سب آفيسن 
 تي ڇاپا هنيا وڃن، انهن آفيسن ۾ سنڌ ڪانگريس ڪاميٽي،
 ڪراچي ڊسٽرڪٽ ڪانگريس ڪاميٽي، سنڌ ستياگرهه،
 ڪراچي ستياگرهه، بائيڪاٽ ڪاميٽي، وديارٿ منڊل، 
گجراتي ڪمار سنگ، نوجوان ڀارت سڀا، ڪراچي وديارٿي
 سماگم، راشٽريا استري منڊل ۽ شيوڪ دل جون آفيسون شامل هيون.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هاري ڪاميٽي جي ورڪنگ 
ڪاميٽي حيدرآباد ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ سرڪار کان مطالبو ڪيو
 ته سنڌ ٽيننسي ايڪٽ لاڳو ڪيو وڃي ۽ مسعود رپورٽ شايع ڪرائي وڃي.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو انڪشاف
 ڪيو ته صدر ايوب خان تاشقند ۾ پاڪستان جي سلامتي تي
 سوديبازي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو  هو.
** 2004ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي فلسطين جي آزادي پسند گوريلا 
اڳواڻ ياسر عرفات جي حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي، پئرس جي 
اسپتال ۾ داخل ياسر عرفات جي جيري ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو،
 ڊاڪٽرن سندس حالت کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو.جڏهن ته فلسطين
 ۾ سندس جانشين مقرر ڪرڻ تي به صلاح مشورا شروع
 ڪيا ويا، تدفين جو هنڌ غزه ۾ رکيو ويو،

No comments:

Post a Comment