Sunday 6 November 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (6th November) By: Dr. Pathan




** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اسسٽنٽ ڪوارٽر ماسٽر جنرل جان رامسي
 ۽ اسسٽنٽ ڪمانڊنگ جنرل ليفٽيننٽ ٽريشائر ٺٽي جي اهم شهر
 گهوڙا ٻاري طرف پيش قدمي ڪئي، واضح رهي ته ان وقت 
۾ برطانوي فوج جي سنڌ جي سرزمين تي آمد شروع ٿي وئي هئي.
** 1841ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ليفٽيننٽ ٽيري 
شڪارپور جي سروي جو ڪم مڪمل ڪري ورتو، سندس ترقي 
بابت ڪيس پوليٽيڪل ايجنٽ روز بيل هندستاني سرڪار کي موڪلي ڏنو.
کيس هدايت ڪئي وئي هئي ته شڪارپور
بابت مڪمل سروي ڪري رپورٽ هندستان اماڻي وڃي.
** 1854ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر ڪوٽڙي کان فتح پور 
۽ لاڙڪاڻي تائين رستي تي ريسٽ هائوس تعمير ڪرڻ جو حڪم ڏنو،
 واضح رهي ته انگريز عملدار سنڌ جي مختلف علائقن جي دوري تي هئا،
 کين رهائش جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اهڙو آرڊر جاري ڪيو ويو.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هاري ڪاميٽي پنهنجي آئين ۽ 
ضابطن جي منظوري ڏني، ان حوالي سان حيدرآباد ۾ حيدر بخش جتوئي
 جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي 
جو نالو تبديل ڪري سنڌ هاري پارٽي رکيو ويو.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانوي ۽ فرانسيسي فوجين سوز
 ڪئنال جي ٻن وڏن حصن جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو ۽ 
جنگبندي جو اعلان ڪيو. انهيءَ معاملي ۾ مصر جا اٽڪل 70 فوجي مارجي ويا،
** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بل ڪلنٽن ٻيو ڀيرو آمريڪا
 جو صدر چونڊجي ويو، هن ريپبلڪن اميدوار بوب ڊول کي
 شڪست ڏني، هو پهريون ڊيموڪريٽڪ اميدوار هو، جيڪو 
آمريڪا جي تاريخ ۾ ٻيهر چونڊجي آيو.  واضح رهي ته هينئر
 سندس گهر واري هليري ڪلنٽن آمريڪا جي مضبوط صدارتي 
اميدوار آهي، جنهن جو مقابلو ريپبلڪن جي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ سان ٿي رهيو آهي.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو ڪراچي
 ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ ۾ گورنر راڄ ختم ڪري سڀني
 جماعتن تي ٻڌل حڪومت قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، 
هن 15 نقاطي فارمولو پيش ڪندي چيو ته سنڌ ۾ 1995ع جي
 ووٽر لسٽن مطابق مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرايون وڃن.
** 2000ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ مزار قائد آڏو بم ڌماڪي
 جي نتيجي ۾ 3 ماڻهو مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا، هڪ عورت
بم چيلهه سان ٻڌي اخبار جي آفيس ۾ اچي وئي، جنهن بعد ڌماڪو
 ٿيو، بم ڌماڪو ايترو زوردار هو جو ڪيترن ئي هنڌن تي آواز ٻڌو ويو.

No comments:

Post a Comment