Wednesday 31 January 2024

SINDH in history today (1st February). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY [1st February] & My Good Wish. ************** اوهان لاء تاريخ جو پيغام. ڪجھ توجھ طلبيندڙ واقعا. *************** 1.2.1839: سر جان ڪين جهرڪن مان پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته 1). ميرن پنهنجو وفد معاهدي تي ڳالهيون ڪرڻ لاء پاٽينجر ڏي ڏياري موڪليو آھي, 2) اسان جي فوج ڏينهن ڏيڍ ۾ ڪراچئ تي قبضو ڪري وٺندي. 1.2.1839: برنس سکر مان پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌائي ٿو ته اسان جا جاسوس ٻڌائن ٿا ته ميرن حيدرآباد ۾ 25 هزار ويڙهاڪ گڏ ڪيا آھن ۽ مير شير محمد به فوجي وٺي حيدرآباد طرف اچي رهيو آھي. 1.2.1892: سوڀ سنگ ساڌو رام ريجهسنگاڻي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. مئي 1916 کان سرڪاري ملازم ٿيو. 17 ڊسمبر 1937 تي ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. 1945 کان سيٽلمينٽ سروي ۽ لئنڊ رڪارڊس جو ڊائريڪٽر ۽ رجسٽريشن جو انسپيڪٽر جنرل ٿي رهيو.سرڪار کيس "راء صاحب" جو خطاب ڏنو. 1.2.1923: سکر ۾ معصوم شاه جي مناري جي آمنھن سامنھن سکر ضلعي جي "جميعت العلماء" جلسو ڪوٺايو, جنهن کي مولانا دين محمد وفائئ ۽ مولانا احمد علي لاهورئ خطاب ڪيو. ميڙاڪي ۾ ٺھراء پاس ڪري ديني عالمن کي سياست ۾ ڀرپور حصي وٺڻ ۽ عوام کي مذھبي تعليم مطابق زندگي گذارڻ جو تاڪيد ڪيو ويو. 1.2.1931: سڪرنڊ جي ڇٽن شاه ۾ ”سنڌ آزاد پارٽئ" جي شاخ کولي وئي, جنهن ۾ مولوي شفيع محمد کي صدر, مولوي محمد پريل کي سيڪريٽري ۽ ميان محمد حسين کي خزانچي بڻايو ويو. 1.2.934: نئين دهلئ ۾ ” آل انڊيا مسلم ليه جي ڪائونسل جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ ميمبر هئڻ جي حيثيت ۾ حاجي عبدالله هارون به شرڪت ڪئي. ان ۾ ٺھراء پاس ڪري جماعت جي شاخن کي نئين سر منظم ۽ فعال بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. 1.2.1938: بولچند مورومل کٽواڻي سکر ۾ ڄائو. هن "ڪمل" تخلص سان شاعري ڪئي. 1947 کان پوء لڏي وڃي انڊيا جي شھر پوربندر ۾ ويٺو. 1.2.1953: دهلئ ۾ انڊيا ۽ پاڪستان جي عملدارن جي گڏجاڻي ۾ پاسپورٽ ۽ ويزا جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اهو به طئي ڪيائون ته ٻنھي ملڪن وچ ۾ معلومات جي مٽاسٽا ڪبي. 1.2.1956: ملڪ جي وزير اعظم آئين ساز اسيمبلئ ۾ اعلان ڪيو ته اردو ۽ بنگالي ملڪ جون رياستي ٻوليون ٿينديون. 1.2.1969: صدر ايوب پنهنجي خلاف هلندڙ تحريڪ کان مجبور ٿي قوم کي خطاب ڪيو ۽ چيو ته مخلف ڌر جي نمائندن سان جلد ڳالهيون شروع ڪبيون. 1.2.1970: "سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ“ جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ "فرنٽ" جي منشور ٺاهڻ لاء ڪميٽي ٺاهي وئي. ڪميٽئ ۾ محمد ايوب کهڙي, پيرزادي عبدالستار, شيخ عبدالمجيد سنڌئ, پير علي محمد شاه راشدئ, سيد غلام حيدر شاه ۽ آغا عبدانبي پٺاڻ کي شامل ڪيو ويو. 1.2.1971: انڊيا جي حڪومت جهاز ڀڃائيندڙ ٻن ڪشميرين جا مطالبا مڃڻ کان نابري واري ته جهاز جا سمورا مسافر ۽ عملو ڪڍي روڊ رستي انڊيا موڪليا ويا. 1.2.1973: بلوچستان جي گورنر غوث بخش بزنجي چيو ته اسان ته مرڪز کي درخواست ڪانه ڪئي ته امن امان سنڀالڻ لاء فوج موڪليو, پوء فوج ڪيئن آئي. 1.2.1988: آمريڪا جي سفير راڦل بيان ۾ چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان جو افغانستان واري مامري تي هڪ جهڙو موقوف آھي. 1.2.1990: حيدآباد تي دهشتگردن جو راڄ رهيو. اڄ 14 بيگناه ماڻھون اجل جو شڪار ٿيا. 1.2.1992: کيمچند شرما جي صدارت ۾ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان شاخ جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ علي نواز زنئور ۽ موتي لال نانڪاڻئ ڪهاڻيون ۽ گل ٽکڙائئ ۽ لطيف راز سرهيئي شاعري پيش ڪئي. *************** 1 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 1 فيبروري 1877ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولوي حاجي احمد ملاحجو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1895ع سياسي اڳواڻ محمد هاشم گزدر (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1930ع ليکڪ ثاقب منگي جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1936ع مترجم، تاريخدان ۽ ليکڪ عطا محمدو ڀنڀرو جي پيدائش ٿي. 1 فيبروري 1938ع شاعر ٻولچند قمر (سکر / پور بندر) جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1940ع شاعر قربان علي ساقي (ڪرونڊي) جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1940ع گلوڪاره ڀڳونتي ناواڻيجو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1942ع شاعر الهورايو اداسي بهڻجو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1946ع بلوچ قومپرست سياستدان عبدالحئي بلوچجو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1947ع صحافي اختر شاهه بخاري جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1951ع اسٽيج اداڪار رميش چوڌري (بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1952ع ليکڪ ڊاڪٽر صبغت الله انڍڙجو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1953ع شاعر غلام سرور سيف جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1953ع شاعر صوفي محمد عالم شر جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1958ع شاعر سجاڳ سنڌي جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1960ع شاعر حسين بخش رڏ جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1960ع ليکڪ عباس ڪنڀر (ميهڙ) جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1960ع باليووڊ اداڪار جيڪي شيروف جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1961ع شاعر نور الدين نفيس ٿهيم جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1962ع شاعر ارشاد راهي جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1962ع شاعر شبير سيال جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1962ع صحافي سليم اختر ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1963ع صحافي مراد بلوچ جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1965ع چترڪار منظور ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1966ع شاعر خالد فاروقي جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1967ع ليکڪ بشير ٿيٻو (ٽالپر وڏا) جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1967ع صحافي ۽ ليکڪ اندر جيت لوهاڻو(ٽنڊو باگو) جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1969ع ليکڪ غلام رسول سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1969ع صحافي اقبال ملاح(ميهڙ) جو جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1971ع شاعر ذوالفقار پروانو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1972ع شاعر واحد ملاح (عليم) جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1973ع صحافي تصوير سنديلو جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1974ع ليکڪ سڪندر عباسي (مورو) جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1977ع ليکڪ رياضت ڀٽو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1977ع صحافي آزاد لانگاهه (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1978ع ليکڪ مختيار پهنور جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1978ع صحافي رئوف چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1978ع شاعر منظور راز سيتائي جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1978ع شاعر رحمت پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1982ع ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1983ع ليکڪ وهاب جروار جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 1 فيبروري 1997ع ڊرامن جي دنيا جي نامياري اداڪار نور محمد لاشاري وفات ڪري ويو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [Whoever is not victorious warrior of war within, will be an ugly and uncalled fighter in every field of life with target to defeat vision & wisdom, love & beauty and peace & tranquility. He/She can only wish hatred & discrimination to minds and will create distance & difference between hearts] جنگ نہ جوٽن جئ سان، تان پوء جھيڙو ساڻ جھان، خودارئ بدران خودئ سان، سي ڪين ٿین خانئ خان، سمجھن ماٹھن کي نہ مھان، سي پري سرت سلام کان. *************** SINDH IN HISTORY TODAY (01st February) 1st February BIRTH DATES 1. Moulan Ahmad Malah (Kandi/Religious Scholar, Poet & Freedom Fighter/1877), 2. Muhammad Hashim Gazdar (Karachi/Politician/1895), 3. Saqib Mangi (Writer/1930), 4. Usman 'Ajiz' (Mehar Vesar/Poet/1934), 5. Bulchand 'Kamal' (Sukkur - Poorbandar/Poet/1938) 6. Qurban Ali 'Saqi' (Karondi/Poet/1940), 7. Moulana Abdul Razaq Channo (Bahawal Shah/Moulvi/1942), 8. Akhtar Shah Bukhari (Mathelo/Journalist/1947), 9. Ramesh Choudhri (Mumbai/Stage Actor/1951), 10. Ghulam Sarwar 'Saif' (Poet/1953), 11. Sufi Muhammad Alim Shar (Rasoolpur/Poet/1953), 12. Jaat Muhammad Unis (Chunaro/Journalist/1958), 13. Sujag Sindhi (Poet/1958), 14. Hussain Bux Ridu (Sonharo/Poet/1960) 15. Abbas Kumbhar (Mehar/Writer/1960), 16. Gohar Sindhi (Rustam/1961), 17. Irshad Rahi (Poet/1962), 18. Shabir Siyal(Suleman Khero/Poet/1962), 19. Murad Baloch (Esa Baloch/Journalist/1963), 20. Manzoor Abro (Chhato Wahan/Painter/1965), 21. Khalid Faroqi (Kashmore/Poet/1966), 22. Bashir Thebo (Talpur Wada/Writer/1967), 23. Rauf Chandio (Bhanbho Chandio/Journalist/1978), 24. Ghulam Rasool Soomro (Shadan/Writer/1969), 25. Zulfkar 'Parwano' (Dubi/Poet/1971), 26. Wahid Malah (Aleem/Poet/1972), 27. Sikandar Abbasi (Moro/Writer/1974), 28. Hafiz Ahmad 'Zaheen' (Sobho Magsi/1975), 29. Khadim Dahote (Khairpur/Social Worker/1977), 30. Muktiar Panhwar (Daud Panhwar/ Writer/1978) 31. Riazat Bhutto (Shikarpur/Writer/1977), 32. Azad Langah (Shikarpur/Journalist/1977), 33. Manzoor 'Raz' Sitai (Poet/1978), 34. Wahab Jarwar (Khan Wahan Naudero/ Journalist & Writer/1983), 35. Zahid Dahot (Khairpur/Poet/1984), 36. Ahmad Bux Soomro (Radi/Poet/1908), 37. Wazir Ali Soomro (Soonmiani/Writer/1941). 38. Roshan Shaikh (Pir Hajan Shah/Poet/1982), 39. Syed Akbar Shah (Dar Maluk Shah/Poet/1943) EVENTS 1923: A public meeting is held by the Sindh Jamiat -ul- Ulema, District Sukkur branch at Sukkur. Moulana Din Muhammad Wafai and Moulana Ahmad Ali Lahori are principal speakers. Public is asked to take part in the freedom movement and follow the Islam religiously. 1931: The branch of Sindh Azad Party is started at Chhatan Shah, Sakrand. Moulvi Shafi Muhammad Shah is elected as the President; whereas Moulvi Muhammad Paryal and Mian Muhammad Hassan are elected Secretary and Treasurer. Sindh Azad Party was established by Shaikh Abdul Majeed Sindhi with Aims & Object to popularise the cause of the separation of Sindh from Bombay Presidency. The party had so many branches in length and breadth of Sindh and party’s political contribution has been documented by the Gul Hayat Institute. 1955: Common -Wealth Prime Ministers' Conference support to Turko - Pak and Turo - Iraq Defense arrangements as a basis for the proposed security network for the Middle East. 1956: Urdu & Bengali will be state languages, Premier announce in the Constituent Assembly. 1969: Anti - Ayub Govt. processions are taken out in various cities of East and West. Ayub Khan, while addressing the Nation promises talks with politicians. 1971: Indian Govt. refuses to accept hijackers' demands. Passengers along with Crew are sent to India; however, Indian aero plane is blown up.1990: Hyderabad death toll rises to 14 despite curfew.

Tuesday 30 January 2024

SINDH in history today (31st January). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

SINDH (including Pakistan) in history today [31th January). Research By. Dr.Pathan. 31.1.1832: پاٽينجر خط لکي پنهنجي گورنر جنرل کي ٻڌائي ٿو ته هن حيدرآباد ۾ مير مراد علئ سان ڳالهيون مڪمل ڪري ورتيون آھن, هو شڪ ٿو ڪري ته مان خيرپور ڳالهيون ڪرڻ ڇو ٿو وڃان. 31.1.1835: مير رستم خان پنھنجو پٽ خيرپور مان حيدرآباد ڏياري موڪليو ته جيئن مير نور محمد کي ٻڌائي ۽ مڃائي ته شاه شجاع گنڌاوا پهچي چڪو آھي ۽ کيس سنڌ اچڻ نه ڏجي. مير نور محمد کيس جواب ڏنو ته شاه شجاع کي روڪڻ بدران سندس شاهاڻو استقبال ڪبو ۽ هن کي رضا خوشئ سان راهداري ڏبي ته هو هندوستان هليو وڃي. 31.1.1839: جان ڪين اڄ حيدرآباد ۾ درياه جي ٻئي پاسي پهچڻ کان پوء اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته ڪي ٻروچ اسان جي اچڻ جو ٻڌي, تلوارون کڻي ايئن گهمن ٿا ڄڻ اسان سان جنگ ڪندا. پر جي مان درياه ٽپي مٿن حملو ڪريان ته هنن کي به شڪست ڏيان ۽ حيدرآباد تي به قبضو ڪريان 31.1.1920: لاڙڪاڻي جي خلافيتن اعلان ڪيو ته فيبرورئ ۾ لاڙڪاڻي ۾ ”خلافت تحريڪ ڪانفرنس" ڪوٺائي ويندي, جنهن ٽڪيٽ وٺي شريڪ ٿي سگهبو, باقي ديني عالمن کي ڪا ٽڪيٽ وٺڻي نه پوندي. نوٽ ڪريو ته 15000 ماڻھون ٽڪيٽ وٺي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا هئا. 31.1.1932: ڪانگريس سرڪار خلاف "عدم تعاون تحريڪ" جو آغاز ڪيو. اها تحريڪ ڪيترائي ڏينهن هلي ۽ سنڌ ان ۾ ايترو ته ڀرپور حصو ورتو جو ان تي الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو. 31.1.1967: آمريڪا جي وزير دفاع الزام هنيو ته چين پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ بدنيتئ سان ڇڪتاڻ وڌائي رهيو آھي. 31.1.1972: برطانيه, نيوزي لينڊ ۽ آسٽريليا جڏهن بنگلاديش کي هڪ آزاد ۽ خودمختار ملڪ طور تسليم ڪيو ته پاڪستان ڪاوڙجي "ڪامن ويلٿ" اتحاد مان پاڻ کي الڳ ڪري ڇڏيو. *************** 31 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 31 جنوري 1917ع سياستدان غلام محمد لغاري (ميرپور خاص) جو جنم ڏينهن آهي. 31 جنوري 1918ع صحافي شفيع محمد آخوند (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 31 جنوري 1931ع ليکڪ ۽ اداڪار بيبر سنڌو (سکر / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 31 جنوري 1933ع سماجي ورڪر نارائڻ داس مرچنداڻي (روهڙي / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 31 جنوري 1938ع ليکڪ ۽ اسٽيج اداڪار بچارام ليلارام سنڌو(سکر / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 31 جنوري 1939ع ليکڪ شوڪت سنڌي جو جنم ڏينهن آهي. 31 جنوري 1945ع ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبدالحئي پليجو جو جنم ڏينهن آهي. 31 جنوري 1955ع اداڪاره جيا نرجن ايسراڻي (الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 31 جنوري 1961ع شاعر ۽ اديب شاهه محمد پيرزاديجو جنم ڏينهن آهي. 31 جنوري 1963ع اديب ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻجو جنم ڏينهن آهي. 31 جنوري 1975ع باليووڊ اداڪاره پريٽي زنٽاجو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 31 جنوري 1976ع شاعر مولوي نور محمد مسرور جو انتقال ٿيو. 31 جنوري 1988ع شاعر ساگر سيتائي جو لاڏاڻو ٿيو. 31 جنوري 1999ع شاعر سڪايل ملاح گوزائي انتقال ڪري ويو. 31 جنوري 2004ع اداڪاره ۽ گلوڪاره ثرياجي وفات ٿي. 31 جنوري 2007ع صحافت سان تعلق رکندڙ قاضي سعيد اڪبر جو انتقال ٿيو. 31 جنوري 2008ع شاعر ميرل جويو انتقال ڪري ويو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Let no any fear my dear block your way. No any doubt or proud put you away from your status and destination. Open eyes and see your own beauty. Let the love enters in your heart. They are missing their proper place and palace. Dear! Tell your mind and make the world believe that you are Beauty and Love, and there will be no peace & progress without your presence & participation. Play your role and beautify hearts, minds and society, please] در نہ بند پنھنجئ دل جا دلبر، کول اکیون دل جا دروازا کول، پنھنجو ڪنھنجو روح نہ رول، سچ جون ڳالھیون ٻھڳڻ ٻول،‏ شاھاٹو ھئ شان نہ تون ڇاڇول، ‏‎ ‎ پاڻ تہ ٽاٽول، سونھن سلام تون. SINDH IN HISTORY TODAY (31st January) BIRTH: DATES (31st OF JANUARY) BIRTHS: 1. Ghulam Muhammad Laghari (Mirpur Khas/Politician & Journalist/1917), 2. Shafi Muhammad Akhud (Dadu/Journalist/1918 ), 3. Bacharam Sindhu (Sukkur - Mombai/Writer & Stage Actor/1931), 4. Jea Narjan Asrani (Ulhasnagar/Actress/1955). Dr. Waheed Jatoi (Scholar, 1977) DEATHS: 1. Mulla Usman (Forefather of Esanis/1906), 2. Moulvi Noor Muhammad 'Masroor' (Poet/1976), 3. 'Saghar' Sitai (Poet/1988 ), 4. 'Sikayal' Malah Gozai (Poet/1999), 5. Kazi Saeed Akbar (Hyderabad/Journalist/2007), 6. Miral Joyo (Belo Patan/Poet/2008). EVENTS: 1835: On receiving information that Shah Shuja has reached at Bagh in Cutch Gandava, son and nephew of Mir Rustom Khan are visiting Mir Noor Muhammad Khan at Hyderabad with request not to allow Shah Shuja in Sindh. But, they are told that Shah Shuja willbe given respect and will be give passage, and will be not allowed to stay in Sindh more than one day. 1920: No participation in Larkana Khilafat Conference without ticket. 15 thousand tickets has been purchased by people up to 30th January. The Conference will be held next month. 1932: Sindh participates in the Civil Disobedience Movement launched by the Congress. It lasted up to 7.4.1934, with break from 9.5.1933 to 1.8.1933. 1962: The Security Council of the U.N.O asks Dr. Garham to continue for two months his efforts for the setllement of the Kashmir dispute. 1967: U.S Defence Secretary says that China wants to exploit differences between India and Pakistan to weaken and divide Sub - Continent. 1971: PPP Chairman Z. A. Bhutto meets hijackers of the Indian aeroplane. Maqbool Butt, president of Jammu & Kashmir Plebiscite Front, ask Indian Govt. to release his Front members to avoid any drastic action by hijackers of aeroplane. 1978: To avoid any disturbance by Z. A. Bhutto supporters, further trial proceedings of Nawab Muhammad Ahmad murder case to be held in Camera. 1986: MRD rejects registration of Political Parties Scheme.

Monday 29 January 2024

SINDH in history today (30th January). By. Dr.Pathan

SINDH in History today [30th January] & My Good Wish. *************** ******* سنڌ جي تاريخ مان توجه طلبيندڙ واقعا *************** 30.1.1839: برنس خط لکي گورنر جنرل کي خوش خبري ٻڌائي ٿو ته خيرپوري ميرن بکر جو قلعو اسان جي حوالي ڪيو آهي ۽ هاڻي حيدرآبادي مير انھئ صورتحال ۾ اسان کي تڪڙو ڳچئ ۾ ڪونه پوندا ۽ هنن کي هاڻي منھن ڏيڻ آسان ٿيندو. ڏکڻ سنڌ ۾ جان ڪين جي موجودگي ۽ اتر سنڌ ۾ شاه شجاع جي اچڻ جي گوگاء اسان کي وڏي اخلاقي مدد ڏني آهي. 30.1.1843: نيپيئر پنهنجي گورنر جنرل ايلنبرو کي خط لکي سنڌ جي صورتحال کان واقف ڪري ٿو ته ڀنگ ڀاڙا ۽ سبزل ڪوٽ بهاولپور جي نواب جي حوالي ڪيو ويو آھي. انھئ پرڳڻي کسجڻ سان مير وائڙا ٿي ويا آھن ۽ الائي ڪيترئ آمدنئ کان محروم ٿي ويا آھن. مان سڀاڻي نوشهرو روانو ٿي رهيو آھيان. 30.12.1919: عبدالعزيز (اليگ) جي صدارت ۾ سکر جي "انجمن احباب وطن" جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي ڪمشنر کي گذارش ڪجي ته هو اها ڳالھ قبولي ۽ منظوري ڏئي ته سکر واري ائنگلو-عريبڪ اسڪول تي سندس نالو رکيو وڃي. [اسان جي ڪن وڏڙن بهانا ڳولهي به فرنگي سرڪار ۽ عملدارن جي اجائي چاپلوسي ڪئي] 30.1.1923: ميهڙ وطن-دوست ماڻھن جو شهر آھي. فرنگي دور ۾ خلافت تحريڪ جون ڪيتريون ڪانفرنسون هن شهر ۾ ٿيون. اڄ به هتي اهڙي وڏي ڪانفرنس ٿي.[ميهڙ جي قلم-ڌڻين کي گهرجي ته تحريڪ آزادئ ۾ ميهڙ جي خدمتن تي ڪتاب لکن ۽ ان ۾ ھڪ ھڪ پارٽئ جون سرگرميون لکن] 30.1.1948: انڊيا جي ابي مهاتما گانڌئ کي قتل ڪيو ويو. هن جن لاء جاکوڙيو, تن کيس جان جي پناه نه ڏني. 30.1.1952: پاڪستان روس جي انھن الزامن جي ترديد ڪئي ته پاڪستان ڪشمير ۾ مغربي ملڪن لاء فوجي اڏا ٺاھڻ گهري ٿو, ان ڪري ته ڪشمير جي ڳالھ ڪري ٿو. 30.1.1962: حسين شھيد سهروردئ پاڪستان جي تحريڪ ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيو ۽ ملڪي سياست ۾ سندس نالو هو. اڄ کيس گرفتار ڪيو ويو.[اڳتي هلي سالن کان پوء بنگالي اڳواڻ جي گرفتاري ۽ بنگالين سان زيادتئ کين آزاد وطن ٺاهڻ جو موقعو ڏنو. سنڌ ۽ سرحد ۾ به اهڙيون ۽ ائين حالتون پيدا ڪيون ويون. پر نتيجا بگلاديش کان ٻيا نڪتا. خاص طور تي سنڌ ۾ جوشيلن جون جهڙوڪ نرسريون قائم ٿي ويون, جن خاص قوتن کي مستقل طور تي روزگار جا ذريعا مهيا ڪيا ۽ کنڀي کڻي وڃڻ جي رسم پئجي وئي] 30.1.1969: ايوب شاهئ خلاف ملڪ گير تحريڪ دوران لاڙڪاڻي, راولپنڊئ ۽ سوات ۾ پوليس جون شاگردن سان چڪريون ٿيون. 30.1.1971: هاشم ۽ الطاف نالي ٻن ڪشميرين انڊيا جو هوائي جهاز هائجيڪ ڪري لاهور ۾ لاٿو. [جهاز جا مسافر آزاد ڪري جهاز کي تباه ڪيو ويو هو. ڀٽو انھن ڪشميرن سان مليو ۽ ٻين سياستدان هن واقعي تي واه واه ڪئي ۽ پوء ھن ڊرامي ٻنھي ملڪن کي جنگ جي منھن ۾ وڌو] 30.1.1972: ورلڊ بئنڪ جو صدر رابرٽ مئڪنمارا پاڪستان آيو ته جيئن ڏسي ته هنن طرفان ڏنل ڏوڪڙن مان ملڪ ترقي پيو ڪري يا ڀينگ پئي ٿئي. 30.1.1979: مارشلا لا سرڪار ڀٽي خلاف "وائيٽ پيپر" شايع ڪرايو ۽ ان ۾ شاهديون ثابتيون ڏنيون ته ڀٽي حڪومت جي ڏڍ تي حريفن ۽ مخالفن کي ماريو يا مڃايو. 30.1.1990: ڪراچئ ۽ حيدرآباد ۾ سياسي اختلافن سب رڻ ٻاريو ويو. اڄ حيدرآباد ۾ 11 بيگناه ماريا ويا. شهر ۾ ڪرفيو لڳايو ويو. *************** ڏينهن 30 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 30 جنوري 1948ع شاعر مرزا فتح علي بيگ (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 30 جنوري 1952ع اديب ۽ محقق اشتياق انصاري جو جنم ڏينهن آهي. 30 جنوري 1985ع شاعر اشرف پلي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 30 جنوري 1907ع شاعر مير حسن علي حسن (حيدرآباد) جو انتقال ٿيو. 30 جنوري 1948ع تي هندستان جي آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ موهنداس ڪرمچند گانڌي کي قتل ڪيو ويو. 30 جنوري 1990ع شاعر ۽ صحافي بدر قريشي(جيڪب آباد) لاڏاڻو ڪري ويو ۽ ڪراچي ۾ دفن آهي. 30 جنوري 2019ع سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج ۽ اڳوڻي سياستدان جسٽس رٽائرڊ ديدار حسين شاهه جو انتقال ٿيو 1. Dr. Pathan wishes you Good Day. TRANSLATION OF MY POETRY: [People, even your dear beloved will never care to what extent you are sincere to them. You have to remain one sided in loving, respecting and serving them. Because, beauty has owned you as you have owned people without discrimination] رکین تان رک رانول سان، تون من یڪ طرفي یاري، خلق جي خواري ۽ دل آزاري، وڌ بار برہ جو باري، اھا حیاتي عظمت واري، جنھن ۾ ادب انسان جو.‏‎

Sunday 28 January 2024

Sindh in history today (29th January). By. Dr.Pathan

January SINDH IN HISTORY TODAY & My Good Wish اڪٽر در محمد پٺاڻ سلامن, دعائن ۽ نيڪ تمنائن سان تاريخ مان 29 جنورئ جي هڪ ورق جي مختصر جهلڪ ڏيکارڻ آيو آھيان. ان ۾ ذھن جنجهوڙيندڙ ڪجھ واقعا به آھن ته ولادتن وفاتن بابت معلومات به آھي. هئ اوهان ۽ اسان جي تاريخ آھي. پڙھو ۽ دوستن کي پڙھايو. *************** [ڪجھ اهم واقعا] *************** 29.1.1839: هي اهو وقت آھي جڏهن انگريزن جي خشڪي فوج بهاولپور/پنجاب رستي روهڙي پهتي ۽ ان جو ڪمانڊر ان چيف به گڏ هين. هن طرف بحري فوج پنهنجي ڪمانڊر ان چيف ذريعي ڏکڻ سنڌ ۾ پهچي چڪو هو. انھئ صورتحال ۾ روهڙئ منجهان اليگزينڊر برنس اڄ گورنر جنرل جي سيڪريٽرئ کي لکي ٿو ته 1). ڪمانڊر ان چيف, سر ڪاٽن ۽ فوجي جٿا هت پهچي ويا آھن. انھن جو آڌرڀاء ميرن جي وزيرن ۽ حڪمران جي پٽ ڪيو, 2). ڪمانڊر ان چيف حڪم ڪيو آھي ته ٻيڙن والي پل جلدي تيار ڪجي ته جيئن فوج شڪارپور طرف رواني ڪجي ۽ فوج جا ڪجھ دستا ھتان حيدرآباد موڪليا وڃن, 3).جيسيتائين حيدرآبادي ميرن سان ٺاه نه ٿو ٿئي, ان وقت تائين نيول ڪمانڊر ان چيف سر جان ڪين ڏکڻ سنڌ ۾ ئي رهندو, 4). هتي مير رستم خان, مير مبارڪ خان ۽ مير علي مراد خان جي ڪمانڊر ان چيف سان ملاقات ٿي ۽ بکر بابت ٺاه ٿي ويو, 5). پاٽينجر حيدرآباد معاهدي ۾ دير ٿيڻ تي ڪاوڙيل آھي. هو چئي ٿو ته ميرن جي ڪي فوي دستا سنڌوندي پار ڪري اسان طرف اچڻ چاهن ٿا. مير نه مڙيا ۽ آڏو آيا ته سندن مقابلو ڪبو. هو چئي ٿو ته بنگالي فوج جا دستا وقت تي پهچي ويا ته اسان حيدرآباد قلعي تي حملو ڪنداسين. 29.1.1849: شڪارپور ضلعي جي ڪليڪٽر اڄ ڪمشنر کي لکيو ته مير علي مراد چئي ٿو ته جانيديري ۾ سندس زمين فرنگي سرڪار پنهنجي هٿ ۾ رکي آھي, ان لاء ھدايتون ڏيو ته اهو مسئلو ڪيئن حل ڪجي. 29.1.1956: پاڪستان ٺهيئي کان نو سال پوء آئين ساز اسيمبلئ اڄ پاڪستان جو پهريون آئين پاس ڪيو. 29.1.1969: پاڪستان جي ننڍئ ڄمار عوام کي آمرن مان جند ڇڏائڻ ۽ آزادي وٺڻ جا ٻه وڏا درس ڏنا. شروعات ايوب-شاهئ مان جان ڇڏائڻ سان ٿي. اڄ ايوب مخالف جلسا جلوس ته جتي ڪٿي ٿيا پر گجرانوالا ۾ پوليس فائرنگ ۾ ٽي ماڻھون اڦٽ مري ويا. بنگالين آمر مان جان ڇڏائڻ ۽ پنهنجي لاء آزاد ملڪ واري تحريڪ ۾ عزتن, مال ۽ جانين جي وڏي قرباني ڏئي منزل ماڻي. هنن ڳالهيون نه ڪيون, پر ڪري ڏيکاريو. 29.1.1973: بلوچستان ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاء منھنجي حڪومت اوڏانھن فوج پئي موڪلي- ذوالفقار علي ڀٽي جو بيان. ياد رکڻ جي ڳاله هئ آھي ته هن دور کان وٺي بلوچستان فوج موڪلڻ ۽ بلوچستان اسيمبلي ڊاهڻ جي روايت پئي. 29.1.1978: پي.اين.اي جي اڳواڻن مفتي محمود جي اڳواڻئ ۾ ڀٽي جو تختو اونڌو ڪندڙ جنرل ضياء الحق سان ملاقات ڪئي ۽ سنڌ جي بدعنوان ڪامورن جي نالن جي لسٽ به سندس حوالي ڪئي ته جيئن اهڙن سنڌي ڪامورن جي ڪن-مهٽ ڪئي وڃي, جن پي.اي.اي وارن کي ڀٽي جي حڪومت دوران ناراض ڪيو هو. *************** {29 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 29 جنوري 1919ع شاعر شيخ عبدالرزاق راز (سکر) جو جنم ڏينهن آهي. 29 جنوري 1923ع شاعر سڳن آهوجا جو جنم ڏينهن آهي. 29 جنوري 1929ع ليکڪ ڪمال پياسي (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 29 جنوري 1935ع گلوڪار ۽ شاعر موهن لال اداسي (ٽنڊو آدم / جئپور) جو جنم ڏينهن آهي. 29 جنوري 1948ع سگهڙ رحيم بخش جوڻيجو جو جنم ڏينهن آهي. 29 جنوري 1950ع ليکڪ ستار پيرزادو (ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي. 29 جنوري 1950ع ليکڪ، شاعر، نعت گو ۽ ثنا خوان جوهر بروهئ جو جنم ڏينهن آهي. 29 جنوري 1951ع اداڪاره سنگيتا ڊنگرا (دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 29 جنوري 1969ع سياستدان نصرت سحر عباسي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 29 جنوري 1919ع سماج سڌارڪ ڪندن مل شڌاساڻي جي وفات ٿي. 29 جنوري 1925ع مذهبي اسڪالر مولانا ڄام سومرو لاڏاڻو ڪري ويو. 29 جنوري 1935ع مذهبي اسڪالر مولانا احمد مهر لاڏاڻو ڪري ويو. 29 جنوري 1975ع شاعر پير زين العابدين شاهه زينل لاڏاڻو ڪري ويو ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [In spite of having hundred senses to listen & understand, you are depriving me of knocking door of your heart for justice and justifying my love & respect. In spite of that I am erecting palace for you in my heart with sincerity & trust and am beautifying it with your beauty. Dear! Can't you minimize differences and differences?] ڪنھن در ڏجي دانھن؟ تون جي بندین دل-دروازو، رانول ! مان بٹجي رازو، جوڙیان محل سونھن سلام جا.

Saturday 27 January 2024

SINDH in history today (29th January). By.Dr.Pathan

جنورئ جي سنڌئ ۾ ”واقعاتي تاريخ“ منهنجي سلام سميت {ڊاڪٽر در محممد پٺاڻ} ************* *** ڪي اهم واقعا *************** 28.1.1836: سنڌ جي عام ماڻھوء جي وطن دوستي ۽ ڌارين سان نفرت شروع کان رهي آھي. فرنگين جي نمائندن سنڌ ۾ ناپاڪ قدم رکڻ شروع ڪيا ته ماڻھن انھن جون بي عزتون ڪيون ۽ بڇڙو ڪيو. حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر هيڊل نالي انگريز کي ماڻھن ڪٽڪو ڪڍو ۽ بي عزتو ڪيو. اڄ پاٽينجر انھئ واقعي بابت پنهنجئ سرڪار کي اطلاع ڏنو ۽ ميرن کي به هٿ جوڙ ڪئي ته جيئن اڳتي اهڙا واقعا نه ٿين. 28.1.1839: ريئر ايڊمرل سر فريڊرڪ مئٽلينڊ, فرنگين جي بحري فوج جو ڪمانڊر ان چيف منوڙي ۽ ڪراچئ تي قبضي ڪرڻ لاء پهتو ته جهرڪن مان پاٽينجر کيس خط لکي سيٺ نائونمل جي خاندان جي جان ۽ مال جي حفاظت لاء گذارش ڪئي. نائونمل ان وقت پاٽينجر سان گڏ جهرڪن ۾ هو. پاٽينجر پنهنجي خط ۾ گهڻو ڪجه لکيو آھي. ان مان ٻه ٽي سٽون جيئن جو تيئن هت ڏجن ٿيون: There is on point to which I solicit your kind attention. I allude to protection, under all circumstance, of house, family and property of Naumal Seth of Karachi. The bahamas individual is now with force at Jherk. He has most zealously and indefaitgably assisted us, and I cannot convey my deep anxiety regarding him better than by saying that they ought to be guarded as those of the Governor-General of India. 28.1.1921: ڪراچئ ۾ مس شاهاڻئ جي صدارت ۾ ”انڊين وومينس ائسوسيئشن جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ 80 عورتن کان مٿي عورتن شرڪت ڪئي. فيصلو ڪيو ويو ته ائسوسيئيشن جو نالو بدلائي "هندي استري منڊل" رکجي ٿو ۽ هن منڊل ذريعي عورتن کي آزادئ جي تحريڪ ۾ حصي وٺڻ جي ترغيب ڏبي. 28.1.1923: سکر جي ٽائون هال ۾ مولانا تاج محمود امروٽئ جي صدارت ۾ ضلعي سکر جي "جميعت العلماء سنڌ" جي گڏجاڻي ٿي. شرڪت ڪندڙن ۾ مولانا احمد علي, مولانا فاروق احمد, مولانا علي شير, مولانا حمادالله, سيد اسدالله ۽ مولانا دين محمد وفائئ جا نالا ذڪر لائق آھن. گڏجاڻئ ۾ فيصلو ڪري مولانا عبدالڪريم چشتئ جي جاء تي مولانا محمد هاشم کي سيڪريٽري چونڊيو ويو. 28.1.1940: ڪراچئ ۾ سيٺ عبدالله هارون جي صدارت ۾ ”سنڌ پراونشل مسلم ليگ" جي جنرل باڊئ جو اجلاس ٿيو. 28.1.1956: ملڪ جڙيئي کان 9 سال پوء پاڪستان جو آئين جڙيو ۽ اڄ گورنر جنرل ان جي منظوري ڏني. 28.1.1973: پيپلز پارٽئ جي حڪومت بلوچستان فوج موڪلي جواز ڏنو ته اها اتي امن امان جي صورتحال سڌاريندي. 28.1.1978: پي.اين.اي جا اڳواڻ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل ضياء الحق سان مليا ۽ سنڌ جي بدعنوان عملدارن جا نالا سندس حوالي ڪيائون ته جيئن انھن خلاف سخت قدم کنيا وڃن. *************** جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 28 جنوري 1920ع شاعر مولوي محمد بخش خيالي جو جنم ڏينهن آهي. 28 جنوري 1939ع شاعر قمر الدين مجذوب جو جنم ڏينهن آهي. 28 جنوري 1953ع ليکڪا عذرا چنا جو جنم ڏينهن آهي. 28 جنوري 1963ع شاعر رزاق مستوئي جو جنم ڏينهن آهي. 28 جنوري 1971ع شاعر محمد يوسف پنهور جو جنم ڏينهن آهي. 28 جنوري 1973ع شاعر وفا بهادر چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. 28 جنوري 1977ع شاعر عبد الشڪور شاڪر جمالي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 28 جنوري 1917ع مذهبي اسڪالر مولوي محمد هالائي جي وفات ٿي. 28 جنوري 1927ع سماج سڌارڪ ڪيسوداس شاهاڻي (حيدر آباد) جي وفات ٿي. 28 جنوري 1935ع سياستدان مکي ايسرداس (حيدر آباد) جي وفات ٿي. 28 جنوري 1942ع مذهبي اسڪالر مولانا مير محمد نورنگي لاڏاڻو ڪري ويو. 28 جنوري 1978ع شاعر عبدالڪريم گدائي لاڏاڻو ڪري ويو. 28 جنوري 1982ع صحافي حافظ خير محمد اوڌي جو انتقال ٿيو. 28 جنوري 1986ع شاعر امان الله مفلح جو انتقال ٿيو. 28 جنوري 2000ع مذهبي شخصيت امام بخش امام زرداري ايران ۾ روڊ حادثي سبب شهيد ٿي ويو Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Never share your sorrows & longings with everybody. However, don't hesitate to tell your love and pray & cry before him/her for help and protection. Everybody is in trouble,trouble, hence, can't help you, help them, because, they need your halp. If you intend to share something with people, tell them loudly that you love and deserve beauty and peace.] لڪ نہ سهڻا هن لوڪ کان باقي ان کان دک درد لڪاء, پر پنهنجي پرين کي روئي رڙي بيشڪ تون کڻي ٻڌاء, سر ڏئي سچو ٿجان ايئن پنهنجو تون تان بره بچاء, دنيا کي تون ٻڌاء, تہ آھين عاشق سونهن سلام جو.

Friday 26 January 2024

SINDH in history today (27th January)

{ ڌڻي, ڌرتي ۽ ڌرتئ-ڌڻين سان محبت کان وڌيڪ ٻيو ماڻھپو ٿئي ئي ڪونه. انهئ ماڻھپي واري ڳڻ ۾ خدمت جي ڪري خوشبوء پيدا ٿيندي آھي. شڪر آھي جو خدمت ۽ محبت جو ونڊ پاڻ کي مليو. انهئ ونڊ جي اثر هيٺ مون تاريخ-شناسئ جي جيڪا تحريڪ هلائي آھي, روز ”واقعاتي تاريخ“ ان جو هڪ مثال آھي. هن اڄوڪي ”واقعاتي تاريخ“ جو ترجمو منهنجي پٽ ممتاز علي پٺاڻ ڪيو آھي. SINDH (including Pakistan) in history today & My Good Day Wish ************* **** 27.1.1848: جڏهن خيرپور جي والئ کي خبر پئي ته فرنگي سرڪار ڪنڌڪوٽ ۾ فوجي ڇانوڻي ٺاهي رهي آھي ان ڪري اتي "غلامو بازار" به ڊھرائي رهي آهي ته هن فرنگي سرڪار کي لکيو ته ان سان عوام جي مفادن کي نقصان رسندو. ان ڪري ڇانوڻي نه ٺھرايو. 27.1.1853: مير علي مراد خان پنهنجن سان ڦٽائي به انگريزن سان ياري رکي ۽ نڀائي. پر ڪم ڪڍڻ کان پوء اهي انگريز سندس ڳچئ ۾ پئجي ويا. هن تي الزام هڻي انڪواري ڪرايائون ته مير علي مراد پنهنجي ڀاء رستم علئ سان ڪيل "نئونھار معاهدي"۾ ڦيرگهير ڪئي آھي. هن کان ڪجھ پرڳڻا کسيا ويا ۽ ڪمپني حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته انھن پرڳڻن جي روينيو آمدني لکي موڪليو ته جيئن جيترو وقت اهي پرڳڻا مير علي مراد وٽ هئا ته اوترن سالن جي هن کان روينيو آمدني وصول ڪجي. [ڌارين ۽ غيرن جي دوستي ڪوئلي جو واپار آھي. هٿ لاء ته هٿ ڪارو ۽ جي پير لاء ته پير ڪارو] 27.1.1961: واسڪ ڊيم پراجيڪٽ جو افتتاح ڪيو ويو. 27.1. 1961: شيخ عبدالمجيد سنڌئ جي صدارت ۾ مخالف ڌر جي پارٽين جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ نوابزادي نصرالله, ولي خان, سردار بهادر خان, ميان طفيل, پروفيسر غفور ۽ عبدالستار نيازئ شرڪت ڪئي ۽ حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو طريقو طئي ڪيو ويو. [ اڳي سنڌي سياستدان ملڪي سطح جي اجلاسن جون صدارتون ڪندا هئا. اڄ جا سنڌي سياستدان اهڙو خواب به ڏسي نه ٿا سگهن] 27.1.1969: ايوب شاهئ خلاف عوام روڊن ۽ رستن تي نڪري آيو. حالتون خراب ٿي ويون ۽ ڪن شھرن ۾ فوج گهرائي وئي, ڪراچئ ۾ ڪرفيو لڳايو ويو. 27.1.1973: بلوچستان جي گورنر غوث بخش بزنجي اڄ احتجاجي بيان ڏنو ته وفاقي وزير خان عبدالقيوم خان لسٻيلي ۾ بغاوت کي هٿي ڏئي رهيو آھي. 27.1.1991: آمريڪي صدر ڪاوڙجي پيو ته پاڪستان ۾ صدر صدام جي حق ۾ ماڻھن رستن تي ڇو ٿا نڪرن. 27.1.1993: وفاقي وزير راجا پرويز بيان ڏنو ته ڪنهن به قيمت تي ڪالاباغ ڊيم ٺاهينداسين. ************* 27 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************* جنم ڏينهن: 27 جنوري 1940ع شاعر خانصاحب عبدالڪريم پليجو جنم ڏينهن آهي. 27 جنوري 1967ع باليووڊ اداڪار بوبي ديول جو جنم ڏينهن آهي. 27 جنوري 1969ع شاعر عابد عباس ڪاظمي(مديجي) جو جنم ڏينهن آهي. 27 جنوري 1970ع ليکڪ سومرو شبير جو جنم ڏينهن آهي. 27 جنوري 1982ع شاعر قادر سيال جهُڏائي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 27 جنوري 1899ع مذهبي اسڪالر مخدوم محمد سيوستاني جي وفات ٿي. 27 جنوري 1919ع صحافي خدن مل ديپچند ديهانت ڪري ويو. 27 جنوري 1948ع سياستدان ۽ سماج سڌارڪ آدم جي حاجي دائودجو انتقال ٿيو. 27 جنوري 1961ع حڪيم سيد غلام مرتض شاهه جو لاڏاڻو ٿيو. 27 جنوري 1962ع سماج سڌارڪ وليرام هنڱوراڻي ديهانت ڪري ويو. 27 جنوري 1970ع شاعر ۽ اديب قاضي علي احمد علي (حيدرآباد) جو انتقال ٿيو. 27 جنوري 2011ع سنڌي فلمن جي هدايتڪار اي ڪيو پيرزادو جي وفات

Thursday 25 January 2024

SINDH in history today (26th January). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

[ تند سنڌ جي تاريخ جي ئي تنواربي. اوهان ۽ تاريخ جي دوستي ٿئي, پوء ڏسجو ته حالتن جي اونداهي ڪيئن ٿي ڀڄي. اڄوڪي 26 جنورئ جي ”واقعاتي تاريخ" مون لکي ۽ ان جو ترجمو منھجي وڏي پٽ ممتاز علئ ڪيو.] 26th January SINDH in history today & My Good Day Wish *************** توجه طلبيندڙ واقعا *************** 26.1.1832: انگريزن اڃا سنڌ ۾ پير ئي مس کوڙيو آھي جو پنهنجون شيطان گيريون شروع ڪيائون. جڏهن ملڪ ڌڻي ۽ ماڻھون ڌارين تي ڪرڙي نظر نه رکندا آھن ته غيرن کي ملڪ خلاف ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو آھي. اڄ ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت سنڌ ۾ موجود پنهنجي ڪارندي ڊلهوسٽ کي تاڪيد ڪيو ته سنڌ جي جاگرافئ جو ڀرپور جائزو وٺ. ڇو ته تنھنجي اها معلومات اسان جي فوج کي ڪم ايندي. 26.1.1920: حيدرآباد مان شيخ عبدالمجيد سنڌئ جي ايڊيٽرئ ۾ ھفتيوار "الامين" اخبار نڪرندي هئي. اڄ ان ۾ سنڌ جي عالمن طرفان جاري ڪيل فتوا شايع ٿي, جنهن ۾ چيو ويو هو ته اهي ماڻھن, جن فرنگي سرڪار طرفان ترڪئ تي شرط مڙھڻ ۽ ترڪئ کي شڪست ڏين جي خوشئ ۾ ملهايل "جشن فتح" ۾ شريڪ ٿيا, انھن کان اهو گناه ٿيو آھي ۽ توبه تائب ڪري رب کان معافي وٺن ۽ پڪو په ڪن ته اڳتي اهڙو گناه نه ڪندا. جيڪو معافي نه وٺي, ان سان سماجي ناتو ٽوڙيو وڃي. [دوست چون ٿا ته تاريخ ڇو پڙھجي. پر تاريخ پڙھڻ مان پتو پئي ٿو ته غيرن جي مدد ڪرڻ ۽ سندن وفاداري ڪرڻ گناه آھي ۽ اسان جي وڏڙن وطن-دوستئ جا اهڙا سبق ڏنا آھن, جيڪي تاريخ ۾ موجود آھن] 26.1.1930: ڪانگريس جي سڏ تي سنڌ ۾ ”آزادئ جو ڏينھن" ملهايو ويو. پرڀات کان ايندڙ رات تائين گشت ڪڍيا ويا, گڏجاڻيون ڪيون ويون ۽ فيصلو ڪيو ويو ته انگريزن کان آزادي وٺبي. 26.1.1932: "سنڌي سڌار سوسائٽئ" مشاعرن ۾ هڪ نواڻ آندي. ڪا مصرع طرح ڏيڻ بدران موضوع ڏنو ويندو هو ته شاعر ان تي شعر لکن. اڄ هن سوسائٽئ طرفان ڪراچئ جي ڊي.جي.ڪاليج ۾ مير ايوب جي صدارت ۾ مشاعرو ٿيو, جنهن جو موضوع "وطن جي حب" هئي. [سنڌي شاعرن 1932 ۾ عوام کي وطن جي حب جا درس ڏئي آزادئ جي تحريڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو] 26.1.1933: ڪراچئ ۾ ”سنڌ هندو ڪانفرنس" ٿي, جنهن ۾ سنڌي هندن اهو ٺھراء پاس ڪيو ته سنڌ کي ممبئي پرڳڻي کان الڳ نه ڪريو. 26.1.1937: "الوحيد" اخبار سنڌ اسيمبلئ جي چونڊ-مهم ۾ حصو وٺندي, سر شاهنواز ڀٽي جي سياسي روين جي شديد مخالفت ڪئي ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌئ جي سياسي ڪردار کي واکاڻيو. ٻئي لاڙڪاڻي جي ساڳي تڪ مان چونڊ وڙھي رهيا هئا. ياد رهي ته شيخ عبدالمجيد پنهنجي حريف سر شاهنواز ڀٽي کي سندس ئي تڪ ۾ شڪست ڏني.[اسان جا قوم پرست اهڙين روايتن کي قائم رکڻ ۾ ناڪام ويا آھن. انھن نه رڳو ڪنهن نالي واري وفاق پرست سياستدان کي شڪست نه ڏني آھي, پر چونڊن ۾ شڪست کاڌي آھي. اهڙا "ايشيا جا اڳواڻ" سڏائيندڙ پنهنجئ يونئين ڪائونسل مان به کٽي نه سگهيا آھن. هن گنڀير مسئلي تي اسان سوچڻ ئي ڇڏي ڏنو آھي] 26.1.1965: ڍاڪا ۾ ملڪ جي مخالف ڌر جي سياستدانن ٻن ڏينھن واري ويهڪ کان پوء ”ڪمبائينڊ آپوزيشن پارٽيز" نالي اتحاد قائم ڪيو. 26.1.1972: اڄ روس بنگلاديش کي آزاد ۽ خودمختيار ملڪ طور تسليم ڪيو. 26.1.1991: ڄام ساقئ اڄ ڪالاباغ ڊيم خلاف ڪڍيل طويل جلوس سان سڪرنڊ پهچي پنهنجئ تقرير ۾ چيو ته ڪالاباغ جي اڏاوت سنڌ کي رڃ ڪرڻ برابر آھي. ************** ڏينهن 26 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 26 جنوري 1925ع ليکڪ ڪيولرام نارسنگهاڻي (گمبٽ / کنڊاوا) جو جنم ڏينهن آهي. 26 جنوري 1926ع ليکڪ سلامت راء پارواڻي (سنڌ / الهاس نگر)جو جنم ڏينهن آهي. 26 جنوري 1926ع ليکڪ مير محمد نظاماڻي جو جنم ڏينهن آهي. 26 جنوري 1936ع ليکڪ قيمت راء هري سنگهاڻي (ڪراچي / ڀوپال) جو جنم ڏينهن آهي. 26 جنوري 1959ع شاعره روشن تبسم ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 26 جنوري 1945ع اردو ۽ پنجابي جي شاعر احمد سليمجو جنم ڏينهن آهي. 26 جنوري 1966ع شاعر حفيظ الله حامي جو جنم ڏينهن آهي. 26 جنوري 1973ع شاعر ساجن سيتائي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 26 جنوري 1879ع صوفي شاعر حمل فقير لغاري جي وفات ٿي. 26 جنوري 1912ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد يعقوب حاجاڻو لاڏاڻو ڪري ويو. 26 جنوري 1965ع سياستدان آغا بدرالدين دراني(شڪارپور) جو انتقال ٿيو. 26 جنوري 1969ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد ڪڇي لاڏاڻو ڪري ويو. 26 جنوري 1976ع آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪن حاتم علوي جو لاڏاڻو ٿيو. 26 جنوري 1982ع ليکڪ منير ماڻڪ(نوشهرو فيروز) جو انتقال ٿيو. 26 جنوري 1988ع سائنسسدان ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي جو انتقال ٿيو. 26 جنوري 1998ع سماٽ تنظيم جي باني بهاول خان انڙجو لاڏاڻو ٿيو. 26 جنوري 2003ع مشهور جرمن اسڪالر ۽ لطيف تي ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر اينيميري شمل جو انتقال ٿيو 1. Good Day Wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ You are a nice person, if you love and respect everybody without discrimination. But, you are most lucky and second to none, if anybody is loving you. It will be a great recognition & respect of your golden heart and loving soul. If you are owner of vision & wisdom, love & beauty, believe that I will be always at your door alongwith my sincerity & sacrifice and trust & hope at my command.] چاهت هجئي لکن سان پر توکي ڪو هڪ ئي چاهي اها ڳاله وڏي آھي, تون تونگر چئبين دنيا جو اگر ڪو ئي ٿو تن من سان تنهنجو سڏائي, جنهن وٽ سوغات سونهن سرت ۽ سلام جي سو ڀلي پاڻ پڏاائي, پوء لاهي پاهي دل لڳائي, دنيا کي ٻڌائي هلجي در ان دوست جي. *************** 2. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (26th JANUARY) 1832: Dr. DlHoste is directed by the Government of India to extend acquaintance with the geography of Sindh as the information collected by him will be very useful for military purpose. 1920: Al –Amin, weekly of Hyderabad, edited by Shaikh Abdul Majeed Sindhi, carries Farwa (religious Ruling) issued by Sindhi Ulema. In this Fatwa, those people, who participated in Victory celebrations organized by the Government from 12th November to 16th November 1919, are asked to tender their apology before people and Allah and make promise that they will not repeat such type of mistake again and will not cooperate with Government and its anti – Islam policy. Otherwise, it will be political and religious duty of people to boycott them socially. 1930; Sindh observe ‘Azadi (Freedom) Day’. The call was made by the Congress. 1932: Poetic sitting is held by ‘Sindhi Sudhar Society’ in D.J.Sindh college of Karachi. It is presided over by Mir Ayoob Khan. New trend is set by Sindhi Sudhar Society as poets are given topic (Love for Motherland) to poets for composing their poetry, to be presented in the Mushaira (Poetic Sitting). 1933: Sindh Hindu Conference is held at Karachi. The separation of Sindh from Bombay Presidency is opposed. 1937: Al – Wahid, Daily of Karachi, criticized Sir Shahnawaz Bhutto and his political contribution and praises Shaikh Abdul Majeed Sindhi and his services for Sindh. Both are facing each other in election from the same constituency of Larkano. Shaikh Abdul Majeed Sindhi defeated Sir Shahnawaz Bhutto in his home district and constituency. 1943: The Indian National Congress issues an appeal to the people for celebrating ‘Independence Day’ in befitting manner and asks people to destroy the usurper’s authority and establish Republic of India Sindh Congress takes active part in celebrating the Day. 1965: After two – day sit in in Dhaka, joint conference is held by the opposition parties related to COP (Combined Opposition Parties). It is decided to participate in elections. 1972: USSR recognizes Bangladesh. 1991: Jam Saqi while addressing public meeting at Sakrand opposed the construction of Kalabagh Dam and terms it as conspiracy to ruin Sindh.

Wednesday 24 January 2024

SINDH in history today (25th January). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{ سردي هجي يا گرمي, ڏينهن هجي يا رات اهي مون کي تاريخ ٻڌائڻ کان روڪي نه سگهيا آھن. منهنجي زندگئ جي مقصد ۾ شامل آھي ته آئون پنهنجي دور جي نئين نسل ۽ تاريخ جي وچ ۾ دوستي قائم ڪرايان. اڄ 25 جنورئ جي هئ ”واقعاتي تاريخ“ مون لکي آھي ۽ منهنجي وڏي پٽ ممتاز علئ ان جو ترجمو ڪيو. اها سنڌئ ۽ انگريزئ ۾ گڏيل پيش ڪجي ٿي.25th January SINDH in history today & My Good Day Wish. *************** [ڪجھ اهم واقعا] *************** 25.1.1840: ڪرنل پاٽينجر 1832 کان سنڌ ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ رهيو ۽ هن پهرين جنورئ 1840 تي استعيفا ڏني ته سندس جاء تي ڪئپٽن آوٽرام کي ڏکڻ سنڌ جو پوليٽيڪل ايجنٽ بڻايو ويو. پاٽينجر اڄ آئوٽرام کي خط لکي کيس صلاحون ۽ هدايتون ڏيون ته حيدرآباد ۾ هو ڪيئن سفارتڪارئ جو ڪم هلائي. 25.1.1840: فرنگي سرڪار سرڪيولر جاري ڪيو ته اسان جا واپاري جيڪڏهن لاپرواهي ڪندا ۽ هنن کي لٽيو ڦريو ويو ته سنڌ حڪمران ان جو معاوضو نه ڏيندا. ان ڪري واپاري پاڻ ۽ سامان بچائڻ جا پاڻ ذميوار ٿين. 25.1.1847: سنڌ سرڪار ڪڇ واري پوليٽيڪل ايجنٽ کي اطلاع ڪيو ته سنڌ ۾ ”ڪمپني روپيو" هلايو ويو آھي ۽ هن کان پوء ڪڇ وارا انھئ روپيئي ۾ ئي لين دين ڪندا. 25.1.1923: "سنڌ پراونشل خلافت ڪميٽئ" جي سيٺ حاجي عبدالله هارون جي صدارت ۾ ڪراچئ ۾ گڏجاڻي ٿي. ان ۾ فيصلا ڪيا ويا ته: 1). 20 مئي تائين سموريون ضلعي ڪميٽيون ٻه هزار والنٽيئرس/رضاڪار ۽ پنجاه هزار روپيا گڏ ڪن ۽ چار آنا ڏيندڙ پنجاه هزار ميمبر بڻايا وڃن ته جيئن سول نافرمانئ واري تحريڪ ڪاميابئ سان هلائي سگهجي, 2). پرڏيهي مال ۽ سامان جي بائڪاٽ کي هٿي ڏني وڃي, 3). پروفيسر جهمٽمل جي جيل وڃڻ ڪري سندس جاء تي ڊاڪٽر وطڻمل کي آل انڊيا خلافت ڪميٽئ جي ورڪنگ ڪميٽئ جي ميبر طور نامزد ڪيو وڃي. 25.1.1962: پاڪستان آمريڪي صدر جي اها صلاح مڃي ته "ورلڊ بينڪ" کي پاڪستان انڊيا سان منجهيل مامرن ۽ ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙ/امين طور به ڪم آڻي. [مطلب ته ڏوڪڙ وٺبا ته انھن جا ٻوڪڙ به ٻڌبا ۽ مڃبا]. 25.1.1969: ايوبي آزار مان جند ڇڏائڻ لاء سندس خلاف وڏن شھرن ۾ وڏا جلوس نڪتا. ڪيترن شھرن ۾ ڪرفيو لڳايو ويو 25.1.1970: 80 ملين روپيا قرض وٺڻ لاء پاڪستان ۽ "انٽرنئشنل ڊيولپينٽ [AID] وچ ۾ ٺاه ٿيو. ڪنهن سنڌ جي اقتصادي ماهر انھئ موضوع تي ڪتاب لکڻ گهرجي ته ٻئ دنيا کان ورتل سموري قرض ۽ امداد مان سنڌ کي ڪيترو مليو. 25.1.1977: مولانا جان محمد عباسئ اليڪشن ڪميشن وٽ ذوالفقار علي ڀٽي جي با مقابلي چونڊجي اچڻ خلاف اپيل داخل ڪئي. 25.1.1994: وزير اعظم بينظير ڀٽي اسلام آباد ۾ پهرين "وومين پوليس اسٽيشن" جو افتتاح ڪيو. 25.1.1995: ڪراچئ ۾ ٿيل هنگامن ۾ 10 ماڻھون مري ويا. *************** {25 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 25 جنوري 1885ع ليکڪ ۽ تعليمي ماهر لالچند امرڏنو مل جڳتياڻئ جو جنم ڏينهن آهي. 25 جنوري 1922ع سياستدان پنڊت ڀڳوانداس شاستري (حيدرآباد / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 25 جنوري 1939ع شاعر علي حسن معروف (رتوديرو) جو جنم ڏينهن آهي. 25 جنوري 1942ع تعليمي ماهر فضل محمد ڀٽي (ڳڙهي ياسين) جو جنم ڏينهن آهي. 25 جنوري 1945ع ليکڪ ۽ شاعر انور پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي. 25 جنوري 1948 سفرنامن جو نامياري ليکڪ الطاف شيخ جي ڄمڻ جي تاريخ آھي. 25 جنوري 1957ع صحافي ۽ شاعر ڊاڪٽر مولا بخش ڪلهوڙو (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 25 جنوري 1959ع ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار اڪبر سومرو(ٽنڊو الهيار) جو جنم ڏينهن آهي. 25 جنوري 1966ع سنڌ جي ڪلاسيڪل راڳي الهڏنو خاصخيلئ جو جنم ڏينهن آهي. 25 جنوري 1969ع شاعر زاهد گُل سولنگي (سيٺارجا) جو جنم ڏينهن آهي. 25 جنوري 1971ع شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ذوالفقار ڪانڌڙو جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 25 جنوري 1996ع سياستدان حاجي غلام حسين انڙ(علي آباد) لاڏاڻو ڪري ويو. 25 جنوري 2003ع سماجي ورڪر حاجي يار محمد صدر (هالا) جي وفات ٿي. 25 جنوري 2007ع شاعر، ليکڪ ۽ صحافي امير بخاري(گهوٽڪي) جي وفات ٿي. 25 جنوري 2009ع ملڪ جي مشهور آرڪيالاجسٽ احمد حسن دانئ جو انتقال ٿيو. 1.Good Day Wish: Dear! Good Day. [Obviously we are equal but, our approaches & attitudes and response & reciprocal make us near & dear or keep us at arm's distance. It defines & determines our love & beauty, vision & wisdom] ڪن جو اسم جسم جوت، بلڪل جوھر ۽ جادو جیان اثر، ڪي وجود ڍونڍ مثل، سندن سوچن لوچن منجھ زھر، ڪي پیار خلوص وفا جو، جیئن ڪو سمنڊ ھجن يا بحر، پر اسان جو آھي ثمر، محبت سرت سڪ سلام سندو. *************** 2. SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY (25th JANUARY) Events: 1839: Lieutenant Postans is appointed as Assistant Political Resident, Upper Sindh. 1847: Government of India orders for circulation of the Company’s rupees in Sindh. 1858: 500 bigas Jageer that was taken from ghulam Mustafa Laghari of Taluka Matiari, in misapprehension is re granted to him. 1923: Seth Khilafat Committee, in its meeting bheld under chairmanship of Seth Haji Abdullah Haroon asks its branches to collect 50 thousand rupees, enrole 50 thousand new members and select 2000 volunteers for making the Non – Co –Operation Movement success. 1951; hussain Shaheed suhrwardi and Iftkhar Mamdot announce the merger of Awami League and Jinnah Muslim League. 1961: Jet runway at Karachi Airport is inaugurated. 1962: Pakistan accepts U.S President’s suggestion that World Bank President should serve as mediator in the Kashmir dispute. It is beginning of the political influence of the World Bank in Pakistan. 1969: Curfew is imposed in some cities of East and West Pakistan. Some demonstrators are killed in police firing. People are determined to get rid of Ayub – Government. 1971: Pakistan Governments declares First Secretary of Indian High commission in Islamabad as ‘Persona non – granta’ and orders him to leave Pakistan within 48 hours. 1972: Wali Khan criticizes continuation of martial law and postponement

Tuesday 23 January 2024

SINDH in history today (24th January). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{سنڌ جي سونهن جي جيڪا ستي ملي آھي, ان جي معاضي ڏيڻ لاء ھئ هڪ حياتي ڪافي ناهي. پوء به زندگئ مان قيمتي وقت ڪڍي سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪندو آھيان. 24 جنورئ جي ”واقعاتي تاريخ“ مون لکي ۽ ان جو ترجمو منهنجي وڏي پٽ ممتاز علئ ڪيو. پيش ڪريان ٿو قبول پئي. اها سنڌئ سان شروع ٿئي ٿي ۽ ان کان پوء انگريزئ ۾ به ڏني وئي آھي. 24th January SINDH in history today & my Good Day Wish. ************** *************** 24.1.1939: سر جان ڪين ۽ سر هينري فين ٻه وڏا ۽ بااختيار فوجي ڪمانڊر هئا, جيڪي پنهنجي فوج کي افغانستان تي چڙھائي ڪرڻ لاء سنڌ مان موڪلڻ جو ڪم ڪري رهيا هئا. اڄ سر جان ڪين سونڍن مان سر هينري فين کي خط ٿو لکي ته حيدرآباد مير حڪمران سهڪار ڪرڻ بدران رستي ۾ ڪنڊا اڇلائي رهيا آھن. افغانستان تي چڙھائي ڪرڻ کان اڳ اسان کي سنڌ تي قبضو ڪرڻ گهربو هو. ميرن طرفان مونجهارا ته گهڻا ٿا پيدا ڪيا وڃن, پوء به اميد آھي ته هنن سان لاڀائتو معاهدو ٿي ويندو. سر هينري وري سر جان ڪين کي اڄ خط ۾ لکي ٿو ته مون خيرپور جي ميرن کي اکيون ڏيکاريون آھن. هو پنهنجي خرچ تي اسان جي فوج جي لنگھ لاء رستا ٺھرائيندا. 24.1.1849: مسٽر انويئرورٽي Inevrority کي سنڌ جي ڪمشنر جو اسسٽنٽ ڪري مقرر ڪيو ويو. هي ڏهن سالن کان پوء سنڌ جو ڪمشنر بڻجي ويو. 24.1.1950: سنڌ ۾ سکر بئراج ٺھڻ کان پوء ھاري پارٽيون قائم ٿيو. مسلم ليگ کان سواء ڪانگريس ۽ ٻين پارٽين به "هاري پارٽيون/ذيلي شعبو" قائم ڪيا. ان کان سواء "سنڌ پراونشل هاري ڪميٽي" ۽ " سنڌ هاري ڪميٽي" نالي ٻه الڳ الڳ پارٽيون به هيون. اڄ انھن ٻنھي پارٽين کي ملائي هڪ پارٽي قائم ڪئي وئي. حيدر بخش جتوئئ ۽ عبدالقادر کوکر کي آرگنائيزر بڻايو ويو. 24.1.1951: مولانا سيد سليمان ندوئ جي صدارت ۾ 31 مشهور ديني عالمن جي ڪراچئ ۾ گڏجاڻي ٿي. ان ۾ مطالبو ڪيو ويو ته پاڪستان کي مذھبي رياست بڻايو وڃي. 24.1.1959: مغربي پاڪستان حڪومت اڄ ”زرعي سڌارا" آندا. انھن سڌارن جي روشنئ ۾ زمين رکڻ جي حد 1000 هزار ايڪڙ آبپاشئ واري زمين ۽ 500 ايڪڙ بارانئ واري مقرر ڪئي وئي. 24.1.1963: ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان جي پرڏيهي وزير طور قسم کنيو. 24.1.1969: ايوب-شاهئ خلاف تحريڪ ۾ شدت آئي. ڍاڪا ۾ صوبائي سيڪريٽريٽ کي باه ڏني وئي ۽ ڪراچئ ۾ سياسي ڪارڪنن مٿان لاٺي چارج ڪئي وئي. 24.1.1978: ڀٽي جي ظاهري سياسي معتقد ساٿي مولانا ڪوثر نيازئ بينظير کي پارٽئ جي واڳ ڏيڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته جيڪڏهن نصرت ڀٽو پنهنجئ ڌئ کي پارٽئ جي اڳواڻي ڏيندي ته ان جي سختئ سان مخالفت ڪبي. 24.1.1979: ضياء الحق جي مارشل لائي حڪومت ڀٽي خلاف "وائيٽ پيپر" ڇپرائي پڌرو ڪيو ته ڀٽي رياستي ادارن جي ڀينگ ڪئي. *************** ڏينهن 24 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 24 جنوري 1874ع صحافي ۽ آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪن ويرونل بيگراج جو جنم ڏينهن آهي. 24 جنوري 1929ع ليکڪ معمور يوسفاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 24 جنوري 1933ع اداڪار هيرو چائولا (شڪارپور / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 24 جنوري 1936ع موسيقار استاد نياز حسين جي ڪراچيءَ ۾ پيدائش ٿي. 24 جنوري 1976ع ليکڪ گلشير چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 24 جنوري 1905ع مذهبي اسڪالر مولوي عبدالعزيز لغاري جي وفات ٿي. 24 جنوري 1907ع خيرپور رياست جو اڳوڻو وزير سردار محمد يعقوب لاڏاڻو ڪري ويو. 24 جنوري 1983ع شاعر مولوي ثناء الله بدر (نوابشاهه) لاڏاڻو ڪري ويو. 24 جنوري 1990ع موسيقار ۽ راڳي استاد محمد جمن لاڏاڻو ڪري ويو. 24 جنوري 2000ع نواب احمد سلطان چانڊيو(غيبي ديرو) جو انتقال ٿيو. 24 جنوري 2007ع شاعر احسن الهاشمي جي وفات ٿي. 24 جنوري 2010ع ڪالم نگار ۽ صحافي ارشاد احمد حقاني جو انتقال ٿيو. 1. Good Day Wish: Dr.Pathan wishes you Good Day.‎ ‎[Keep an eye on situation & conditions. See your own mistakes and faults. Listen everybody, including your self. But, do not be voice of any Master. Speak about to promote love & beauty, peace & respect of your Motherland and her people‏. Speak against ego, hatred & discrimination. Be voice of human values, your heart and soul] ڪن ٿجي قرب، قھر، شھر بر ۽ بحر ۽ سفر ۾، پر پرائي ٿجي نہ ڪڏھن ڪنهن صورت ۾ زبان، ڳائجن ٻڌائجن ڌرتئ ڌرتئ-ڈٹین سندا احسان، ھو جي انسان جي سورن جا مذڪور ۽ ارمان، ٻڌاء تہ ماٹھون مھان، رھن سرت ۽ سلام سان. *************** 2. Events from history : 1849: Mr. Inferiority is appointed as Assistant to Sindh Commissioner. After ten years he became Commissioner of Sindh. 1948: Pakistan and India agree to draft plan for holding plebiscite in Kashmir. 1950: Two separate and independent parties ‘Sindh Provincial Hari Committee’ and ‘Sindh Hari Committee”, stand merged. Hyder Bux Jatoi and Abdul Qadir Khokhar are appointed organizers. 1951: In a conference held in Karachi headed by Moulana syed Suleman Nadvi and attended by Moulana Moududi and 31 leading religious scholars unite at 22 – point agenda for an Islamic state. 1959: Land Reforms are announced in West Pakistan and land holdings are limited in irrigated area to 1000 acres and in barani area to 500 acres. 1963: Z.A.Bhutoo is sworn in as the Foreign Minister of Pakistan. 1965: CENTO and RCD will extend cooperation to each other. SENTO Secretary General reaches Pakistan after visiting Iran. 1969: People are not ready to afford President Ayub more. Dhaka Secretariat is set on fire. Demonstrators are lathi charged in Karachi. 1971: India expels a Pakistani diplomat on charges of active involvement in high – risk activities. 1977: PPP announces election Manifesto. 1978: ‘I will oppose Nusrat Bhutto to impose her daughter Benazir Bhutto on the party’, says Moulana Kausar Niazi, one of most obedient friends of Z.A.Bhutto. 1979: Z.A.Bhutto underestimated state institutions. Government issues yet another White Paper.

Monday 22 January 2024

SINDH in history today (23rd January). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{ ورچي ويهڻ ۽ ٿڪجي پوڻ وارو آئون به ڪونه آھيان. بس اوهان قرب ڪري پنهنجئ تاريخ کي پڙھو. تاريخ جو مطالعو اوهان کي سوچن ۽ لوچن جي قبلن درست ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. 23 جنورئ جي واقعاتي تاريخ مون (ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ) لکي آھي ۽ منهنجي پٽ ممتاز علئ ان جو ترجمو ڪيو آھي. اڳ ۾ سنڌئ ۾ آھي ۽ پوء انگريزئ ۾ ڏنل آھي} *** 23rd January SINDH in history today & my Good Day Wish. اوهان لاء سنڌ جي تاريخ جو پيغام. مان هن پوسٽ ذريعي اوهان جو ڪو قيمتي وقت نه وڃائيندو آھيان. پر اوهان جي تاريخ بابت ڄاڻ ۾ اضافو ئي ڪندو آھيان. هئ حڪمران جي واکاڻ جي ڪهاڻي ڪانھي. هن ۾ انتهائئ غيرجانبدارئ سان سنڌ جي عوام, سنڌ جي حڪمرانن ۽ سنڌ-دشمن قوتن جون سچيون ڳالهيون آھن. انھئ پڙھڻ مان اوهان کي پتو پوندو ته ماضئ ۾ ڪهڙي پوک پوکي وئي جيڪا هاڻي اسان لڻي رهيا آھيون. *************** [ اسان جي دور جا ڪجھ واقعا] ************** 23.1.1988: جلال آباد ۾ خان غفار خان کي دفنائڻ وقت بم ڌماڪو ٿيو, جنهن ۾ 15 ماڻھون مري ويا. 23.1.1989: اڄ بلوچستان هاء ڪورٽ فيصلو ٻڌايو ته بلوچستان اسيمبلي غير آئيني طور ٽوڙي وئي هئي. 23.1.1992: عملدار ۽ سياستدان ڪرسئ تي هوندا آھن ته اڪثر ڪري رعيت آزار هوندا آھن. مٿان مصيبت پوندي اٿن ته سنڌ ۽ سنڌي ياد ايندا اٿن. صفا سنڌوديشي لڳندا آھن. اڄ بينظير ڀٽو بيان ڏيندي چيو ته پاڪستان جو صدر سنڌ کي علحدگئ طرف ڌڪيلي رهيو آھي. 23.1.1992: آء.ايس.آء جي اڳوڻي چيف لفٽيننٽ جنرل کي زورئ نوڪرئ تان رٽائير ڪيو ويو. 23.1.1993: حيدرآباد ۾ ٻه بم ڌماڪا ٿيا, جن ۾ 24 ماڻھون اڦٽ مري ويا ۽ 50 کان مٿي سخت ڦٽي ٿيا. *************** {23 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 23 جنوري 1905ع تعليمدان موهن داس ماتائي (ٺارو شاهه / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 23 جنوري 1911ع سماج سڌارڪ ماسٽر گنگا رام جو جنم ڏينهن آهي. 23 جنوري 1921ع خيرپور رياست جي اڳوڻي حڪمران مير مراد علي ٽالپر جي پيدائش ٿي. 23 جنوري 1923ع شاعر ۽ گلوڪار ديال عاجز (حيدرآباد / بڙودا) جو جنم ڏينهن آهي. 23 جنوري 1957ع اداڪار مهندر رام پنجواڻي (لاڙڪاڻو / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 23 جنوري 1982ع صحافي محمد قاسم چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. 23 جنوري 1986ع شاعر احمد خان گڏاڻي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 23 جنوري 1918 شاعر قاضي محمد بخش عاجز (روهڙي) جي وفات ٿي. 23 جنوري 1928ع تعليمدان ۽ سماج سڌارڪ ديوان پريمچند ديهانت ڪري ويو. 23 جنوري 1971ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد عثمان بلوچ لاڏاڻو ڪري ويو. ************** 1.Good Day Wish: Dr.Pathan wishes you Good Day. [Whoever is in complex that he/she is an angel, will treat and term others as sinful souls. He/ She will be promoter of hatred & discrimination, will be high-risk for beauty & love and peace & progress. Dear! None of us is Supper natural. But, we all are equal in all respects. We can make mistakes and we can set trends in sincerity, sacrifice, and selfless love. Dear! Trust, accept and respect everybody, you will get love and peace in return ] جو جو فرشتو سمجھي پاڻ کي، سو سمجھي باقي سڀ حيوان، سندس عقل علم ساڃھ صورت تي جيڏو بہ ڪجي سو گهٽ ارمان، اھو اصلي ناھي ڪو خانئ خان, پر نقصان سرت سونهن سلام لاء *************** HISTORY (23rd JANUARY) 1857: differences between John Jacob and Major Goldsmith took a such turn Sindh Commissioner, Bartle Frere, started sporting Major Goldsmith and that brings John Jacob in bad books of the Governor – General. John Jacob, though rendered valuable services in Jacobabad for his Government, but most of actions, decision and proposal were not appreciated by Sindh and India Governments. 1965: Telex service is established between Pakistan and USSR via Rome. 1972; Z.A.Bhutto indicates that there will be three – tire local Government to replace Basic Democracy system. The President announces steps to restore democracy in the Pakistan. 1977: PPP wins 40 seats in provincial assemblies unopposed. 1986: speaker reserves ruling on the Motion regarding General Zia as coast. 1988: Fifteen people are killed in bomb blast during Ghaffar Khan;s burial in Jalalabad. 1989: The Balochistan High Court declares the dissolution ob provincial assembly in December as unconstitutional. 1990: Benazir Bhutto, Prime Minister of Pakistan gives away 2243 acres of developed agriculture land to Haris in Makran. 1992: President is forcing Sindh to separation, says Benazir Bhutto. Crops Commander Lt. Gen.Hamid Gul former Chief of ISI is compulsorily retired. 1993: Turkey and Pakistan call on Saddam Hussain for immediate withdrawal of his forces from Kuwait in the interest of peace. 24 people are killed and 50 are injured as a two bomb go off in Hyderabad.

Sunday 21 January 2024

SINDH in history today (22nd January). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{22 جنورئ جي تاريخ آھي ۽ ان جي ”واقعاتي تاريخ“ اوهان لاء ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ۽ سندس پٽ ممتاز علئ ان جو ترجمو ڪيو آھي. ڪوشش اها رهندي ته سج اڀريئي کان اڳ يا ستت پوء هئ خدمت محبت سميت اوهان جي خدمت ۾ پهچي. شام کان اڳ ”سنڌ جي تاريخ تصويرن/سلائيڊن ۾“ ۽ شام کان پوء وري سنڌ جي تاريخ تي ”وڊيو ٽاڪ“ اوهان سان ونڊبا. ***** 22nd January SINDH in history today & my Good Day Wish ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ اڄ 22 جنورئ آھي ۽ آئون دعائون, سلام ۽ نيڪ تمنائون کڻي اوهانجي حضور ۾ حاضر ٿيو آھيان. ٽن سالن کان روز اوهان کي سنڌ جي واقعاتي تاريخ ۽ ولادتن خواه وفاتن جي معلومات ڏيندو ٿو اچان. ساڳيون ڳالهيون ورجائي ور ور ڏئي نه ٿو ٻڌايان. پر اڳ ٻڌايل ڳالهين ۾ اضافا ۽ واڌارا به ڪندو ٿو رهان. ڪنهن خاص تاريخ جي حوالي سان واقعا ڳولهڻ ۽ ولادتن وفاتن جي معلومات ڏيڻ ڪو آسان ڪم ڪونهي. پر سنڌ جي عشق ۽ اوهان جي عقيدت ۾ هي ڏکيو ڪم به مون کي آسان لڳي ٿو. اوهان جي تاريخ آھي. دل لڳائي پڙھو ۽ هنئين سان لڳايو. ان ۾ اسان لاء کوڙ سارا پيغام موجود آھن: ************** 22.1.1843: نيپيئر امام ڳڙھ جو قلعو ڊاهڻ کان پوء پنهنجي فوجي طاقت ۽ ڏاڍ جي زور تي سنڌ جي ميرن کي خيرپور ۾ گهرايو, جن آئوٽرام سان نئين معاهدي تي ڪانفرنس ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ ٿيل ڳالهين جو رڪارڊ سنڌ جي سياسي تاريخ جو هڪ اهم رڪارڊ آھي. اهو گل حيات ۾ موجود آھن 22.1.1843: نيپيئر پير ابوبڪر کان پنهنجي گورنر کي مراسلو موڪلي ٻڌائي ٿو ته مون امام ڳڙه کان موٽي هتي پهتو آھيان ۽ هاڻي حيدرآباد وڃڻ لاء سانڀاها آھن. ھن پاسي واري ٿر کان انڊيا وڃڻ جو رستو ڳولهڻ لاء مون هڪ ليفٽيننٽ ڪم سان لڳايو آھي. کيس ٽي سنڌي گهوڙيسوار به ڏنا اٿم. انھن گهڙيسوارن مان هر هڪ کي چار آنا ڏهاڙي ڏبي. ليفٽيننٽ کي ڏهاڙي چار روپيا ڏبا ۽ ان جي اجازت ڏيو. 22.1.1844: سرڪار کي خيال ٿيو ته شڪارپور جي پراڻي قلعي کي ڊاهي يا ان ۾ ڦير گهير آڻي "سول جيل" ٺھرائجي. سنڌ جي گورنر نيپيئر اڄ مرڪزي فرنگي سرڪار کان اهڙي اجازت گهري ۽ سرڪار کي ٻڌايو ته چار بيرڪون ٺھرائبيون ۽ هڪ هڪ بيرڪ ۾ 50 قيدي رکي سگهبا. 22.1.1897: ڪراچئ ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽي قائم ڪئي وئي. 22.1.1928: نارائڻداس آنند جي صدارت ۾ ڪراچي ڪانگريس جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ سوامي گوندانند, محمد خان, سيٺ حاجي عبدالله هارون, پروفيسر جهمٽمل, شيخ عبدالمجيد, مير محمد بلوچ, آر.ڪي.سڌوا ۽ نرسنگ لال شرڪت ڪئي. گڏجاڻئ ۾ 23 فيبرورئ تي "سائمن ڪميشن" خلاف احتجاج ڪرڻ بابت حڪمت عملي تيار ڪئي وئي. سائمن ڪميشن ھندستان ۾ آئيني سڌارن آڻڻ لاء ڏيهي سياستدانن سان ڳالھ ٻوله ڪرڻ لاء انگلنڊ کان اچي رهي هئي. جيئن ته انھئ ڪميشن ۾ ڪنهن ڏيهي سياستدان کي ميمبر نه ڪيو ويو هو, ان ڪري سياسي پارٽين فيصلو ڪيو ته انھئ ڪميشن خلاف احتجاج ڪيو ويندو. 22.1.1965: ڀٽو, پاڪستان جو اهو واحد پرڏيهي وزير هو, جنهن ڪشمير جي مسئلي تي گهڻو ڳالهايو. هن ڪشمير جي مسئلي تي سياست ڪئي ۽ ان جي ڏڍ تي پنجاب خواه فوج ۾ نالو ڪمايو. اڄ انھئ مسئلي تي اقوم متحده جي جنرل اسيمبلئ ۾ زوردار تقرير ڪري, انڊيا تي ڪشميرين جا حق ڦٻائڻ جي ڳالھ ڪيائين. شملا معاهي کان پوء ڪشمير بابت سندس حڪمت عملئ تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي. 22.1.1969: ايوب-شاهئ خلاف عوام جي غصي ۾ ڪمي ڪانه آئي. مغربي خواه مشرقي پاڪستان جي اڪثر وڏن شھرن ۾ سياسي ڪاڪنن ۽ پوليس جي اک ٻوٽ جاري رهي. 22.1.1971: پاڪستان ۾ ٻولئ بابت وڳوڙن ۾ پاڪستان جي ابتدائي دور پهريون بنگالي گوء کڻي ويا ۽ مادري ٻولئ لاء جان قربان ڪرڻ جا مثال قائم ڪيائون. ملڪ ٽٽڻ ۽ ڀٽي جي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوء پناهگيرن اسيمبلئ مان پاس ڪيل سنڌي ٻولئ واري بل کي گلين ۽ گهٽين ۾ رد ڪري ڏيکاريو. رئيس امروهئ جهڙي مشھور شاعر قطعو لکي ڪراچئ ۽ حيدرآباد ۾ باه ٻاري ڏيکاري. ٻولئ جي مسئلي تي پناهگير مزاحمت تي لھي آيا ۽ اسان سنڌي دفاعي حڪمت عملي اختيار ڪري ويٺاسين. اڄ حيدرآباد ۾ لساني وڳوڙ ٿيا. فوج کي گهرايو ويو ۽ تعليمي ادارا بند ڪيا ويا. 22.1.1992: اڄ ”ائنٽي ڪالاباغ ڊيم فرنٽ“ قائم ٿيو. افضل خان, جيڪو قومي اسيمبلئ ۾ مخالف ڌر جو ڊپٽي ليڊر هو, سو ھن فرنٽ جو ڪنوينر ٿيو. فرنٽ ٺاهڻ وارن ۾ رسول بخش پليجو, عبداحفيظ پيرزادو, لطيف آفريدي ۽ فتحياب علي خان شامل هئا. *************** {22 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 22 جنوري 1263ع مشهور عالم دين ابنِ تيمه جي شام ۾ پيدائش ٿي. 22 جنوري 1888ع عالم دين پير آغا عبدالله جان سرهنديجي ۾ پيدائش ٿي. 22 جنوري 1901ع گلوڪاره جيوڻي ٻائئ جو جنم ڏينهن آهي. سندس وفات به 22 جنورئ تي ٿي هئي. 22 جنوري 1905ع مذهبي اسڪالر پير محمد هاشم جان سرهندئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 جنوري 1916ع شاعر داغ ٽکڙائي جو جنم ڏينهن آهي. 22 جنوري 1921ع سماج سڌارڪ موٽو مل چترامل جو جنم ڏينهن آهي. 22 جنوري 1922ع شاعر ۽ افسانا نگار ڪشور پهوجا جيوڻ (جيڪب آباد / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 22 جنوري 1935ع شاعر سڪايل پهنور جو جنم ڏينهن آهي. 22 جنوري 1941ع گلوڪاره انيتا جئيسنگهاڻي (حيدرآباد / احمدآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 22 جنوري 1959ع گلوڪاره ۽ ڊانسرگيتا چندناڻي (لکنئو) جو جنم ڏينهن آهي. 22 جنوري 1962ع شاعر عاجز عبدالله ٻگهيو جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 22 جنوري 1942ع سماجي ۽ سياسي شخصيت سيد ٻڍل شاهه(نوابشاهه) جو انتقال ٿيو. 22 جنوري 1942 تي جيوڻي ٻائئ جي وفات ٿي. 22 جنوري 1973ع مذهبي اسڪالر مولانا ثناء الله سنگهر جو انتقال ٿيو. 22 جنوري 2002ع اسڪالر ۽ لوڪ ادب جي ماهر شيخ محمد اسماعيل جو انتقال ٿيو. 22 جنوري 2004ع اديب ۽ انفارميشن کاتي جو عملدار نصرت حسين ابڙوجي وفات ٿي. *************** 1. Good Day Wish: Dr.Pathan wishes you Good Day. [Eyes are of no use, if heart is blind and not able to see beauty & love. If heart is chained in doubts and misunderstandings, than soul cannot feel free.If vision & wisdom to take care of personal interest, it cannot be understood that a single moment passed in human respect, service and love is better than centuries of piousness] دید نہ پئي جي دل سندي، پوء ڪبو ڪاڏي اکین جو نور؟ روح ڀلا ڪیئن راضي پاضي، جي من ماٹھوء جو مجبور؟ امرت-ڌارا پیار جو پور، گھٹو سرور سرت سونھن سلام ۾. 2. Events from history: 1844: Sindh Governor sends plan and proposal to the Governor – General for converting the old fort of Shikarpur into jail and request for permission to erect four ranges of Barracks, each sufficient to accommodate 50 prisoners. 1897: The Karachi Theosophical Society is chartered. It paved way for starting of Home Rule League in Sindh that dominated Sindh politics for long time. 1928: Naraindas Anandji presides over the meeting of Karachi Congress. It is decided to observe strike on 3rd of February to protest against Simon Commission. The meeting is attended by Swami Govindanand, Muhammad Khan; seth Haji Abdullah Haroon, Prof. Jhamatmal; Manilal Viyas; Shaikh Abdul Majeed; Mir Muhammad Baloch; R.K.Sidhwa and Narsinghlal. 1965: Foreign Minister of Pakistan, Z.A.Butto speaking in U.N. General Assembly charges India with increasing repression in Kashmir. Also meets Secretary General to apprise him of the situation. 1966: Pakistan and India arrive at an agreement over a plan of disengagement along with border. 1968: Pakistan denies reports that it is interested in forming security arrangements in the Persian Gulf area to fill the gap created by U.K’s withdrawal. 1969: Police – mob clashes continue in all major cities of East and West Pakistan. People are on roads to restore democracy in the country. 1992: APC demands for national government. Meeting is held in Karachi. 1994: Kazi Hussain Ahmad quits as Chief of JI due to criticism from old guards of the party.

Saturday 20 January 2024

SINDH in history today (21st January). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

[ 21 جنورئ جي ”واقعاتي تاريخ“ اوهان لاء ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ۽ سندس وڏي پٽ ممتاز علئ ان جو ترجمو ڪيو. اها پهريون سنڌئ ۾ ۽ پوء ان سان گڏ انگريزئ ۾ ڏني وئي آھي.] 21st January Sindh (including Pakistan) in history today & Good Day wish. 2. Sindh in history today (21st January) اوهان لاء تاريخ منجهان 21 جنورئ جو ورق کڻي حاضر ٿيو آھيان. مان اوهان کي جيڪي واقعا ۽ قصا ٻڌائيندو آھيان, اهي منھنجي خاندان جي ماڻھن جا ڪونھن. مان جن ماڻھن جي ولادتن يا وفاتن جون تاريخون ٻڌائيندو آھيان, اهي منھنجا مائٽ يا پڳ مٽ يار ڪونهن. پر اهي منھنجي تاريخ جا واقعا آھن ۽ تاريخ جا ڪردار آھن. واقعن ۾ سنڌ جي سورن جو مذڪور هوندو آھي. انھن ۾ پنهنجن خواه پراون جي ڪن اره زورائين جو ذڪر هوندو آھي, جيڪي سنڌ ۽ سنڌواسين سان ٿينديون آيون آھن. ڌارين دشمنيون ڪيون ۽ پنهنجن بي پرواهي ڪئي, پر لوڙي اسان رهيا آھيون. ڪنهن ڪنهن ڌرتئ ۽ ڌرتئ-ڌڻين تان جان گهوري. انھن کي عقيدت سان ياد ڪرڻ قومي فرض برابر آھي. هيمون ڪالاڻئ جهڙي ڳڀرو جوان ڌارين سان مهاڏو اٽڪائي جان ڏني ۽ اهو اڄوڪئ تاريخ تي ڌرتئ تان قربان ٿيو هو. مان روز اوهان کي ماضئ جي جهروڪن مان سنڌ جي عظمت ۽ سنڌ جي سورن جي تصوير ڏيکاريندو آھيان. منهنجو اهو ئي ڪم آھي ۽ اهو ئي مقصد آھي. *************** [ڪجھ واقعا] *************** 21.1.1832: انگريز ايجنٽ اچڻ سان ئي سنڌ ۾ عقل جا اڪابر ۽ معتبر مڃيا ويا. تازو مير مراد علي خان جي وفات ٿي ته مسند تي ويهڻ لاء اچي مڪو متو. پاٽينجر ۽ سيد زين الدين شاه ٻوڙو ٻڌي آچار ڪرڻ ۾ لڳي ويا ته مسند ڪنهن کي ملڻ گهرجي. 21.1.1843: خيرپوري ميرن بابت انگريز جاسوسن رپورٽ ۾ لکيو ته: 1). مير نصير خان, مير محمد حسين ۽ مير زنگي خان پنهنجي ٻرن ٻچن سميت برپٽ ۾ ڀڄندا لڪندا پيا وتن. هنن وٽ تيرهن چوڏهن سو کن ماڻھون آھن. 2). جڏهن هنن کي امام ڳڙھ جي قلعي تباه ٿيڻ جي خبر پئي ته هو مير علي مراد تي ڏاڍو ڪاوڙيا ۽ هن کي نيپيئر جي ساٿ ڏيڻ جو الزام هنيائون پئي, 3). ٻيو جاسوس مير علي مردان ۽ محبت خان مرئ جي خبر کڻي آيو آھي ته کين پڪ آھي ته غلام محمد چانڊيو ۽ جعفر خان چانڊيو سندن مدد لاء اچي رهيا آھن, 4). حيدرآباد واري مير نصير هنن ڏي ماڻھون ڪيو آھي ته منھنجا وڪيل نيپيئر سان ملي هن صورتحال تي ڳالهائيندا. اتان جيڪڏهن مناسب موٽ نه ملي ته مان پاڻ اوهان جي مدد لاء حيدرآباد مان نڪرندس,5). هڪ جاسوس مير رستم خان وٽان ٿي آيو آھي. اهو ٻڌائي ٿو ته پير علي گوهر اچي مير رستم خان کان معلوم ڪيو ته جيڪڏهن هو چاهي ته مان مير علي مراد سان سندس ملاقات ڪرايان. جاسوس ٻڌائي ٿو ته افضل خان مري, دين محمد مري, بلاول خان, دامن لغاري, بلوچ ۽ ڀرڳڙي جيڪي مير رستم سان آھن, انھن سان ڏيڍ هزار ماڻھون آھن, 6). غلام حيدر جي اڳواڻئ ۾ مير علي مراد جي فوجين شڪارپور تي چڙھائي ڪري شهر قبضي ورتو سندن ڇه ماڻھون ۽ ٻئي پاسي کان سترهن ماڻھون اجل جو شڪار ٿيا. 21.1.1858: هن وقت تائين سنڌ ۾ پڪو ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ڪونه رکيو ويو هو, جڏهن ته سنڌ ۾ ڪافي اسڪول قائم ٿي چڪا هئا. انھن اسڪولن جون عمارتون ٺھرائڻ يا مرمت جو ڪم ڪرائڻ لاء جاگيرن واري اسسٽنٽ ڪمشنر جي بلي هوندو ھو ۽ انھئ لاء انھئ کاتي ۾ ”اسڪول فنڊ" قائم ڪيل هو. جاگيردارن کان ورتل ٽيڪس مان ڪجھ پئسا اسڪول فند ۾ رکيا ويندا هئا. 21.1.1934: سنڌ انھن ٿورن پرڳڻن مان هڪ آھي, جنهن جي هر دور ۾ شاعرن جو تعداد گهڻو رهيو آھي. بلڪ ايئن به چوڻ مناسب ٿيندو ته هئ ڌرتئ اڻ پڙھيل ماڻھن کي به شاعر (سگهڙ) بنائڻ جي سگھ رکي ٿي. شاعر علم ادب ۽ ٻولئ جي آبياري ڪندا آھن ۽ ذھنن ۾ ماڻھپي جي خوشبوء ملائيندا آھن. انگريزن جي زماني ۾ ”سنڌي سڌار سوسائٽي" نالي هڪ ادبي تنظيم هوندي هئي. اڄ انھئ پاران ڪراچئ جي ڊي.جي.ڪاليج واري هال ۾ مير ايوب خان جي صدارت ۾ ”موضوعاتي مشاعرو" ٿيو. مشاعري جو موضوع هو "مردانگي". 21.1.1946: سنڌ ليجسليٽو اسيمبلئ جي لاء ٿيل چونڊن جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا. انھن مطابق مسلم ليگ 27, ڪانگريس 21, جي.ايم.سيد گروپ 4, قوم پرست مسلمانن 4, يورپين 3 ۽ مزدورن 01 سيٽون کٽيون. [نوٽ] سنڌ اسيمبلئ جا شروع کان اڄ واري اسيمبلئ جا ڪهڙا ميمبر ٿيا, اهو سڄو تفصيل گل حيات جي ويب سائيٽ تي رکيو ويو آھي. گل حيات کان جيترو ٿي سگهيو آھي, ان سنڌ جي تاريخي اهميت وارو مواد گڏ ڪيو آھي. 21.1.1969: ڊڪٽيٽرن مان جان ڇڏائڻ ڪا اڪ جي ماکي لاهڻ جهڙي ڪانه ٿيندي آھي. ان لاء وڏيون قربانيون ڏبيون آھن. ايوب-شاهئ خلاف عوام روڊن تي آيو ته اڄ انھن مٿان گولين جو مينھن وسايو ويو. نتيجي ۾ ڍاڪا ۾ پنجن ڄڻن کي ۽ راولپنڊئ ۾ ڇهن ڄڻن کي گولين گهائي وڌو. 21.1.1992: خان ولي خان بيان ڏنو ته جيڪڏهن ڪالا باغ اڏيو ويو ته اسان ان کي بم سان اڏائينداسين. 21.1.1994: پيپلز پارٽئ ۾ پنهنجن ۽ پراون ڏار وجهي ڇڏيا. بينظير کي پارٽئ جي قيادت ڏني وئي ته سندس ماء نصرت ڀٽو ڪاوڙجي پئي ۽ چيائين ته پارٽئ جي چيئر پرسن آئون ئي آھيان. *************** {21 جنورئ تي ولادت يا وفات وٺندڙ ڪي شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 21 جنوري 1885ع تعليمدان ڪرمچند هنڱوراڻي جو جنم ڏينهن آهي. 21 جنوري 1907ع شاعر الله بخش سرشار عقيلي(ٺٽو) جو جنم ڏينهن آهي. 21 جنوري 1926ع اسڪالر ۽ لوڪ ادب جي ماهر شيخ محمد اسماعيل جو جنم ڏينهن آهي. 21 جنوري 1928ع شاعر حاجي غلام نبي جو جنم ڏينهن آهي. 21 جنوري 1931ع ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن عبدالغفور الستئ جو جنم ڏينهن آهي. 21 جنوري 1938ع ليکڪ محمد قاسم سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 21 جنوري1957ع قومپرست اڳواڻ قمر ڀٽئ جو جنم ڏينهن آهي. 21 جنوري 1961ع ليکڪا امير النساء مگسي جو جنم ڏينهن آهي. 21 جنوري 1962ع سگهڙ گلشن لاشاري جو جنم ڏينهن آهي. 21 جنوري 1964ع صحافي اشرف جروار جو جنم ڏينهن آهي. 21 جنوري 1971ع ليکڪ پيرومل پريمي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 21 جنوري 1924ع روس جي انقلابي ڪميونسٽ اڳواڻ ولادمير لينن جي وفات ٿي. 21 جنوري 1981ع مذهبي اسڪالر حافظ محمد صديق ڀرچونڊي جي وفات ٿي. 21 جنوري 1943ع آزادي جي جنگ جي سورمي هيمون ڪالاڻئ کي ڦاهي ڏني وئي. 21 جنوري 1956ع سياسي اڳواڻ ڪامريڊ عبدالقادر کوکر جي وفات ٿي. 21 جنوري 2008ع ليکڪ احمد مجتبى غالب ملڪاڻئ جو انتقال ٿيو. 1.Good Day Wish: Dr.Pathan wishes you Good Day. [Whoever cannot love & respect human-beings without motives and discrimination, is so called man/woman of vision & wisdom and possesses degree but not knowledge or education. Love, respect & education cultivate & promote sincerity & sacrifice, trust & peace in hearts & minds] عمل سواء جيئن علم اٹپورو، تیئن عشق احترام سواء خواري، عشق ۽ علم آھن ڳڻ انساني، سو نہ سمجھي جنھن مت ماري، اھي سیکارن بي لوثي ایثاري، سرت سونھن سلام اسان کي.‏‎ ‎ *************** 2. Events from history (21st January): 1832: Mir Murad Ali Khan Talpur is dead and claims of several rival candidates for Masnad are emerging. Syed zainuddin is apprising Colonel Pottenger of day to day development and Pottenger is informing his Government accordingly. He is advised to keep the eye, but remain away from all candidates. 1858: Regular Educational Inspector is still not appointed in Sindh. Therefore task is given to the Assistant Commissioner for Jageers. Today, he requests Collectors to supply him with a statement of receipts on account of School & Road Fund, as he can move plan for the maintenance of schools. 1946: Election results of the Sindh Legislative Assembly are announced. Party Position emerged as Muslim League (27), Congress (21), G.M.Syed Group (4), Nationalist Muslims (4), Europeans (3) and Labour (1). 1952: The Neo Dastur Party of Tunisia appeals Pakistan to intervene in the crisis between Tunisia & France. 1953: Ulema Committee expresses dissatisfaction with the Constitutional proposals. 1969: Five persons receive bullet injuries in Dhaka and six in Rawalpindi, during demonstration against Government. 1973: NAP accepts PPP’s offer of talks on Constitution making. 1978: CMLA remits sentence awarded by a military court to the editor and photographer of the Sun, Lahore. 1992: ‘If the Kalabagh Dam is constructed, we will blast it with bomb’, say Wali Khan while addressing public meeting on the eve of 5th death anniversary of Khan Abdul Ghaffar Khan. 1994: ‘I am the Chairperson of the Party’, says ousted chairperson Begum Nusrat Bhutto. The House is divided and will be ruled and ruined very soon.

Friday 19 January 2024

SINDH in history today (20th January). Authour Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{ جگ جگ جيئو ۽ سدا آباد رهو. اوهان لاء روز ”واقعاتي تاريخ“ لکڻ, وري ان جو پنهنجي پٽ ممتاز علي پٺاڻ کان ترجمو ڪرائڻ, تاريخ تي لڳ ڀڳ پندرنهن سلائيڊو ٺاھڻ ۽ ان کان پوء اڌ ڪلاڪ کن جو وڊيو ٽاڪ رڪارڻ ڪرڻ وڏي جاکوڙ وارو وقت وٺندڙ ڪم آھي ۽ اهو ڪم آئون روز ڪريان ٿو ته جيئن مختلف طريقن سان اوهان کي تاريخ ٻڌايان. وقت ملي ته منهنجئ محنت, اوهان پاڻ کي ۽ تاريخ کي سمجهڻ لاء منهنجي هئ پوسٽ ضرور پڙھو. 20th January Sindh (including Pakistan) in history today & Good Day Wish 20.1.1844: ميرن پنهنجي وس پڳي سنڌ جي زراعت کي ترقي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي. مير نصير خان "علي بهار ڪئنال" کوٽائڻ شروع ڪيو ته ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي سنڌ ۾ توسيع پسندئ وارئ شيطان گيرئ ڪئنال جي کوٽائئ وارو ڪم رولڙي ۾ وجهي ڇڏيو. وري جڏهن فرنگين جي حڪومت قائم ٿي ته ميرن جي اڌوري ڪم کي مڪمل ڪرڻ ضرور ڄاتو ويو. اڄ سنڌ سرڪار گورنر جنرل کان اجازت گهري ۽ ايل. ميڪلوڊ نالي سرويئر کي سرڪار چيو ته تفصيلي رپورٽ ٺاهي انھئ ڪئنال جا زراعت ۽ معيشت تي پوندڙ اثرن جي نشاندهي ڪر. 20.1.1948: اقوام متحده جي سيڪوريٽي ڪائونسل اڄ هڪ ڪميشن ٺاهي ته جيئن ڪشمير جي مسئلي بابت حقيقتون گڏ ڪري ۽ اهو به ڏسي ته يو.اين.او انھئ مسئلي جي حل جي سلسلي ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. 20.1.1962: اڄ پاڪستان سرڪار منگلا ڊيم ٺاهڻ جو ٺيڪو "ڪنسورشيم آف سائوٿ آمريڪن فرمس" کي ڏنو. 20.1.1966: پاڪستان اڄ اندرا گانڌئ کي انڊيا جي وزير اعظم ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون. ڪنهن کي ڪل ئي نه هئي ته اها مائي اڳتي هلي پاڪستان کي ٽوڙيندي. 20.1.1969: اصغر خان حيدرآباد جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ئي اهڙو واحد ليڊر آھي جيڪو مخالف ڌر کي ساڻ کڻي ملڪ کي بچائي سگهي ٿو. ياد رهي ته اصغر خان ئي اهو واحد سياستدان هئو, جنھن ڀٽي جي حڪومت خلاف باه ٻاري ۽ هن جي تختي اونڌي ڪرڻ لاء فوجين کي خط لکيا. 20.1.1977: ڀٽو ۽ سمورا صوبائي وڏا وزير اليڪشن ڪميشن طرفان چونڊن کان اڳ بنا مقابلي چونڊيل قرار ڏنا ويا. پر اهو چونڊن کان ڌاڌلئ جو آغاز ثابت ٿيو. ڀٽي لاڙڪاڻي جي چونڊ حلقي مان فارم ڀريو ۽ سندس مخالف مولانا جان محمد عباسئ کي ڏاڍ سان فارم ڀرڻ کان پري رکيو ويو. اهو ڪيس ئي ڀٽي جي ڳچئ ۾ پيو ۽ تخت تان لهي تختي تي چڙھيو. 20.1.1990: پرائيم منسٽر بي نظير ڀٽو, صدر اسحاق ۽ آرمي چيف اسلم بيگ وچ ۾ گڏجاڻي ٿي, جنهن اهو رنگ لاتو ته چند مهينن کان پوء بي نظير حڪومت جي تڏا ويڙھ ٿي وئي. *************** ڏينهن 20 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 20 جنوري 1926ع اسڪالر سنت داس جهانگياڻي (حيدرآباد / دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 20 جنوري 1926ع اردو جي مشهور شاعر، نقاد ۽ ڪالم نگار جميل الدين عاليجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 جنوري 1928ع شاعر ٺاڪر داس ٺاڪرجو جنم ڏينهن آهي. 20 جنوري 1928ع اردو جي نامياري ناول نگار ۽ افسانه نگار قرت العين حيدرجو جنم ڏينهن آهي. 20 جنوري 1928ع شاعر خادم حسين خادم جو جنم ڏينهن آهي۔ 20 جنوري 1930 سگهڙ غلام قادر ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي۔ 20 جنوري 1937ع ليکڪ شاڪر ابڙو جو جنم ڏينهن آهي۔ 20 جنوري 1942ع شاعر گيانچند ڄيٺانند گيان (سکر / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي۔ 20 جنوري 1956ع شاعر پروانو سومرو جو جنم ڏينهن آهي۔ 20 جنوري 1957ع شاعر ۽ صحافي ڊاڪٽر مولا بخش منظور ظفر جو جنم ڏينهن آهي۔ 20 جنوري 1957ع ليکڪا ديپا راڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي۔ 20 جنوري 1967ع ليکڪ بخت ٻرڙو (ڪي اين شاهه) جو جنم ڏينهن آهي. 20 جنوري 1969ع ليکڪ عبدالمجيد مگسي جي پيدائش ٿي. 20 جنوري 1968ع سياستدان سيده نفيسا شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 20 جنوري 1970ع شاعر محمد ايوب منتظر جو جنم ڏينهن آهي. 20 جنوري 1971ع شاعر گلزار علي گل جو جنم ڏينهن آهي۔ 20 جنوري 1977ع شاعر ملهار چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي۔ وڇوڙو: 20 جنوري 1962ع مذهبي اسڪالر مولانا حافظ فضل احمد جي وفات ٿي. 20 جنوري 1988ع پختون سياستدان خان عبدالغفار خان جو انتقال ٿيو. 20 جنوري 2005ع شاعر ۽ سياستدان محسن لاڙڪاڻوي جو انتقال ٿيو. *************** 1. Good Day Wish: Dr.Pathan Wishes you Good Day تو جو ھن سان ٿي ڳالھایو، مون کي ان تي ڏک نہ ٿیو ھو . ڇو جو راٹي ساھ سیباٹي ، تون ڪا منجھي باندي ناھین‎ ‎‏،‎ ‎گولي ناھین . جڏھن تہ منھنجي پنھنجي دل ڀي ، منھنجي ھوندي منھنجي ناھي . سا پنھنجيءَ مرضيءَ موجب نینھن لڳائي. تنھن کي ڪڏھین پلي نہ سگھیس ، تنھن کي ڪڏھین جھلي نہ سگھیس. پوءِ او راٹي ساھ - سیباٹي ! تو تي ڇا لاءِ مٽ سجایان ؟ تو کي ڇا لاءِ ڏانوڻ پایان ؟ تو کي پڻ آزادي آھي. تو کي پڻ آزادي آھي. [ No Doubt, I am In love with you. you are my beloved, but not slave. I respect your freedom and I love you unconditionally. It will not be fair to curb your freedom and chain you. When my heart is not following me and loves & Likes any body as desired by it . When I can't stop it. How and why I should stop you? You are free, though, you are my dear beloved. I love you unconditionally.] *************** 2. Events from history (20th January): 1844: Mir Naseer Khan had ordered work on ‘Ali Bahar Canal’. But, due to critical conditions created by the East India Co. Government in Sindh, the work on canal was left UN finished. Today, the Government of Sindh requests the Governor – General of India for permission to restart work on Ali Bahar Canal. L. Macleod, Surveyor, is asked to prepare short report on the advantages of the canal. 1948: The U.N Security Council sets up a commission with a dual function: to investigate the facts about Kashmir issue and to exercise any mediatory influence. 1962: The contract of the construction of the Mangla dam is awarded to a consortium of South American firms. 1965: Foreign Minister, Z.A.Bhutto criticizes Anglo – American nuclear umbrella for India and British new politico – military posture east of suez. Addresses Press Conference soon after meeting with the British Prime Minister, in London. 1966: Pakistan facilitated Mrs. Indra Gandhi on assuming the office of the Prime Minister of India. In 1971, she paved way for the disintegration of Pakistan. 1969: Asghar Khan visits Hyderabad and while talking to the press he says that ‘only Z.A.Bhutto can bring unity among the opposition ranks’. When Bhutto came into power, Asghar Khan desired and asked to get rid of Bhutto government. 1977: Prime Minister Z.A.Bhutto and nine other PPP nominees including provincial Chief Ministers are declared unopposed by the Election Commission and it beginning of the fall of Bhutto power. In Larkana, District administer made blunder to keep Moulana Jan Muhammad Abbasi away from filling nomination paper. In this way and for pleasing Z.A.Bhutto, administration put him in darkness and paved way for his political end. 1990: A meeting of trio: President Ishaq, Prime Minister Benazir Bhutto and Army Chief Aslam Beg is held in Islamabad. Later on it took a few months to dismiss PPP Government

Thursday 18 January 2024

SINDH in history today (19th January). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

19 جنورئ جي هئ ”واقعاتي تاريخ“ اوهان لاء ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ۽ ان جو ترجمو سندس پٽ ممتاز علئ پٺاڻ ڪيو. اسان جي هئ محنت ۽ منهنجي محبت قبول پئي} 19th January SINDH (including Pakistan) in history today with Good Day Wish. *************** 1. Good Day Wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Life is not everlasting. It has to be followed by death. However, life can be made meaningful and death can be made purposeful. If we have no Beauty & Love in life, let life be in Beauty & Love. It is better to surrender life before beloved, than to give chance to death to snatch it without cause. It is the only way to ensure Soul & Body peace and protection.] ڪوه نہ گهورين هئ جان جانب مٿان, جا هونئن بہ وڃڻي اڄ يا ڪي سڀاڻي, بس بيسود هئ حياتي هوتن کان سواء, اهو تان فقط محبت-وند ماڻھو ئي ڄاڻي, سپنا سارا سوئي سانڀيان ۽ سچا ڪري, سرت ۽ سندرتا جيڪو ساري ۽ سڃاڻي, محبت مروت ۽ ماڻهو سو ئي سدا ماڻي, سر ترئ تي آڻي,جو رکي ساڻ سلام سان. *************** توجه طلب واقعا *************** 19.1.1832: فرنگي نمائندو پاٽينجر جڏهن سنڌوندئ جي ڇوڙ وٽ پهتو ته ماڻھن ھن کي ڪٽڪو به ڪڍيو ۽ هن کان سامان به ڦري ورتو, ڇو ته هي وطن دوست ماڻھو نه پيا چاهين ته ڪنهن ڌاريئي غير جا پير ڌرتئ تي پون ۽ وطن ڦورن جي ور چڙھي وڃي. پاٽينجر ساڻس ٿيل جٺ جي دانھن ميرن جي مهندار کي ڏني. 19.1.1849: ڊپٽي ڪليڪٽر ڪئپٽن اسٽئڪ ڊڪشنري ۽ گرامر لکيو, ان ڪم ۾ هڪ سنڌي پنڊت وڏي مدد ڪئي هئي. اڄ ڪئپٽن اسٽئڪ سنڌ سرڪار کي لکيو ته سندس ڪتابن جو ملھ به مقرر ڪيو وڃي ۽ پنڊت کي به ڪجھ ڏوڪڙ ڏنا وڃن. 19.1.1932: ڪانگريس حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ته سرڪار وڳوڙن کي منهن ڏيڻ لاء ”امرجنسي پاورس آرڊيننس 1932" جي سيڪشن 35 مطابق سنڌ جي ماجسٽريٽن کي اختيار ڏنا. 19.1.1955: اڄ کان ڪراچئ ۽ لنڊن وچ ۾ ھوائي سفر جي شروعات ٿي ۽ پي.آء.اي جي پهرين پرواز لنڊن رواني ٿي. 19.1.1957: انقره ۾ ايران, ترڪئ ۽ پاڪستان جي وزير اعظمن جي ملاقات ٿي ۽ گڏيل اتحاد قائم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. 19.1.1969: ايوب-شاهئ مان جند ڇڏائڻ لاء مخالف ڌر جي شروع ڪيل تحريڪ جي سلسلي ۾ اڄ حڪومت کان مطالبا مڃڻ لاء ”دستخطي مهم" ھلائي وئي. 19.1.1972: بيگم نصرت ڀٽو کي گهر ۾ نظربند ڪيو ويو ۽ بينظير کي هڪدم ڪراچي ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو. 19.1.1985: حڪومت مخالف "ايم.آر.ڊئ" اڄ چونڊن ۾ حصي نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو. 19.1.1989: پاڪستان ۾ پي. ايل.او مشن کي سفارتخاني جو درجو ڏنو ويو. *************** جنم ڏينهن: *************** 19 جنوري 1924ع ناليواري ليکڪ تعليمدان ۽ شاعر ڊاڪٽر اياز قادري جو جنم ڏينهن آهي. 19 جنوري 1936ع شاعر راحم صديقي (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 19 جنوري 1937ع سياستدان رسول بخش انڙ جو جنم ڏينهن آهي. 19 جنوري 1939ع صحافي غلام رسول ميمڻ (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 19 جنوري 1951ع صحافي حڪيم رحمت الله (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 19 جنوري 1973ع شاعر انور منصور مڱريوجو جنم ڏينهن آهي. 19 جنوري 1988ع شاعر وفا غلام علي اڄڻ جو جنم ڏينهن آهي. 19 جنوري 1990ع شاعر غلام مرتضى شيخ(سوڀوديرو) جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: 19 جنوري 1951ع مذهبي اسڪالر مولانا نبي بخش جي وفات ٿي. 19 جنوري 1996ع فلمي اداڪار سڌير جي وفات ٿي. 19 جنوري 2003ع اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي پهرين گهرواري شيرين امير بيگم ڀٽوجي وفات ٿي. 19 جنوري 2013ع گلوڪاره مهناز بيگم جي وفات ٿي. 2. Events from history : *************** 1832: On his arrival at the mouth of Indus, Colonel Pottenger is beaten and his baggage is snatched by Sindhi people. It was not an act of crime, but Sindhis were politically conscious and that that presence of an English man is high risk for the independence of Sindh. Colonel Pottenger lodges protest with ‘Mihandar’ of Talpurs. 1849: First ever Dictionary in Sindhi and Grammar is compiled by Captain Stack, Dy. Collector. He approaches the Government for fixing of the price for books and remuneration for Pandit , who helped him in this task. 1931: Round Table Conference ends in London. 1932: Under Section 35 of the Emergency Powers Ordinance, 1932 (2 of 1932) Magistrates in Sindh are invested with powers of Special Magistrates to combat Non – Co – Operation movement launched by the Congress. 1955: Karachi – London PIA service is inaugurated by the Prime Minister of Pakistan, M.A.Bogra. 1957: Matter of mutual interests are discussed by Premiers of Pakistan, Turkey and Iran in Ankra. 1969: A campaign to obtain signatures of the citizens in support of 8 – points program of DAC is launched in Karachi. Opposition is determined to get rid of Ayub – Shahi. 1972: The Council of Pakistan Newspapers Editors (CPNE) demands repeal of repressive press laws 1978: Begum Nusrat Bhutto is put under house – arrest and Benazir Bhutto is asked to leave Karachi. 1985: MRD decides to boycott general elections. 1989: PLO mission in Pakistan gets embassy status.

Wednesday 17 January 2024

SINDH in history today (18th January). Author Dr.Patha & Translator Mumtaz Ali Pathan

{18 جنورئ جي ”واقعاتي تاريخ“ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ لکي ۽ ان جو ترجمو سندس پٽ ممتاز علي پٺاڻ ڪيو. هن پوسٽ ۾ سنڌئ سان گڏ انگريزئ ۾ به ”واقعاتي تاريخ“ ڏني وئي آھي} 18th January Sindh (including Pakistan) in history today & Good Day Wish. *************** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ تاريخ کي هنئين سان نه هنڊائڻ جو ڪارڻ اهو آھي ته اسان مان ڪيترا اهو چوندي فخر ٿا محسوس ڪن ته سندن وڏا عربستان کان يا افغانستان کان آيا, بخارا کان آيا يا ڀارت کان آيا. ڪي ذات پات ۾ سماٽ بدران پاڻ کي غير سماٽ سڏائڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا. اسان جون سوچون ۽ رويا اهڙا هوندا ته سنڌ جي عظيم ۽ قديم ماضئ سان محبت ڪير ڪندو. انھئ سوچ نفسياتي طور تي سنڌ کي "دائمي يتيم خاني" بنائڻ ۽ قبول ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آھي. پوء اهي ڪهڙي منھن سان 1947 کان اڄ تائين اتر, اولھ ۽ اوڀر کان آڪهيون گهلي ايندڙن تي ميارون رکندا ته هو سنڌ جي شاندار ماضئ جا ڇو منڪر آھن ۽ سنڌي ٻولئ خواه ثقافت سان نفرت ڇو ٿا ڪن. پنهنجئ وڍئ جو ڪهڙو ويڄ طبيب. اسان پنهنجي سوچن ۽ روين سان پاڻ سان, سنڌ سان ۽ سنڌ جي ماضئ سان دشمني ڪئي آھي. انھن سوچن ۽ روين کي مٽائڻ لاء اسان کي ماضئ سان محبت ڪرڻي پوندي. مان ماضئ ۽ ماروئڙن جي ياري رکرائڻ لاء جتن ڪيان ٿو ۽ روز تاريخ مان ورق کڻي ٻڌايان ٿو ته صدين کان وٺي اسان جا حال ۽ افعال ڪونه مٽيا آھن. حڪمران شير شاه جي شڪرن جهڙا مليا آھن ۽ اسان سيس نمائڻ واري شخصيتون پرست مخلوق پئي رهيا آھيون.صدين جي غلامئ جي اها دز ڇنڊڻ لاء اسان کي صدين جي تاريخ پڙھڻي پوندي. تاريخ نه پڙھڻ, غلامئ جي وڏي نشاني آھي. *************** 18.1.1843: آزاد سنڌ جي غلامئ ۾ باقي ٿورا ڏينھن پيا آھن. نيپيئر وڏئ فوج سميت افغانستان مان ته پادر کائي موٽيو, سنڌ ۾ ڏٺائين ته ميرن کي گهران لڳي پئي آھي. ان ڪري هن ميرن جي باهمي اختلافن ۽ پنهنجئ بدنيتئ مان فائدو وٺندي مير حڪمرانن تي پنهنجئ مرضئ جا ٺاه مڙھڻ شروع ڪيا. سندس ئي زيردست آئوٽرام هن سان ٺاه جي ڪن شقن تي اختلاف ڏيکاريو. اهي شقون هيون ته سنڌ ۾ سڪو جاري ڪبو,جنهن تي راڻئ جي تصوير هوندي. ٻي شق هئي ته مير ٺٽو فرنگين حوالي ڪندا. 18.1.1844: ڦليلي واه تي حيدرآباد ۾ جيڪي پليون آھن, اهي ميرن جي دور ۾ ڪونه هونديون هيون. اڄوڪئ تاريخ تي سنڌ جي گورنر نيپيئر پنهنجئ سرڪار کي پل ٺاهڻ لاء مراسلو موڪليو. اتان منظوري آئي ته ڪم شروع ٿيو. 18.1.1912: انگريزن جو زمانو ڌارين جو زمانو هو ۽ هن زماني ۾ سنڌ جي قيادت تعليمي ادارن کي پنهنجو سمجهيو ۽ تعليمي ادارن ۾ تنهن دور جون وڏيون شخصيتون اينديون هيون. اسان جي دور ۾ اها روايت گهٽجي وئي ته هاڻي ادارا الائي ڪٿي جو ڪٿي وڃي پهتا آھن. اڄوڪي ڏينھن تي سر آغا خان سنڌ مدرسي جو دورو ڪيو ۽ اتي شاگردن خواه استادن کي خطاب ڪيائين. 18.1.1938: سنڌ سرڪار پنهنجي حڪم نامي جي.آر. پوليٽيڪل ائنڊ مسيلنس ڊپارٽمينٽ نمبر (37) پي-5-52-S ڊريعي سنڌ جي لوڪلبورڊن ۽ ٻين ادارن کي تاڪيد ڪيو ته سنڌ ۾ ملازمتون فقط سنڌين کي ڏنيون وڃن. ”سنڌئ“ جو مطلب ته 1). جيڪو سنڌي ڳالهائي, 2). سنڌ ۾ رهندڙ ھجي ۽ 3). سنڌ ۾ ڄائو هجي. 18.1.1969: ڍاڪا يونيورسٽي ڪئمپس تي سرڪار شديد ٽيئر گيس شيلنگ ڪرائي. ان زماني جي اوڀر پاڪستان جمهوريت جي بحالئ کان وٺي ويندي آزادئ لاء بي مثال قربانيون ڏنيون. هنن پنهنجي يونيورسٽين کي بارود جا گدام نه بڻايو پر انھن مان سرڪار طرفان استعمال ڪيل بارود ۽ ٽيئر گيس جي دپ وڏي عرصي تائين وڌندي رهي. 18.1.1986: ملڪي سطح تي سنڌين ڪڏهن موقعا مليا ته ڪڏهن ڳڙ چٽائي ڪاٺ سندن ڪلهن تي رکيو ويو. انھن ٻنھي سببن مان هڪ سبب هئو جو محمد خان جوڻيجو پاڪستان مسلم ليگ جو صدر بڻيو. 18.1.1989: پنجاب جي وڏي وزير نواز شريف صوبي جي گورنر جنرل ٽڪا خان جا ڪن کڻايا ته تون پنھنجي پاڻئ کان نه نڪر ۽ صوبائي حڪومت جي ڪم ۾ ٽنگ نه اٽڪاء. *************** {ڏينهن 18 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 18 جنوري 1886ع سياستدان کيمچند امرت راءِ (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 18 جنوري 1916ع اداڪار خوشي مولواڻي (سکر / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي. 18 جنوري 1940ع سياستدان سيد امير علي شاهه ڄاموٽ جو جنم ڏينهن آهي. 18 جنوري 1944ع ليکڪ عزيز جعفراڻي جو جنم ڏينهن آهي. 18 جنوري 1948ع صحافي ديانند ڪرپلاڻي (گهوٽڪي) جو جنم ڏينهن آهي. 18 جنوري 1949ع ليکڪ خليل مورياڻي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 18 جنوري 1952ع اداڪار پرڪاش اڀيچنداڻي (بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 18 جنوري 1952ع سياستدان مير غلام الله خان ٽالپر جو جنم ڏينهن آهي. 18 جنوري 1964ع ليکڪ الطاف باگراڻي جو جنم ڏينهن آهي.[وڇوڙو:] 18 جنوري 1881ع شاعر آخوند محمد قاسم هالائي جي وفات ٿي. 18 جنوري 1955ع اردو جي ناليواري افسانه نگار سعات حسن منٽوجي وفات ٿي. 18 جنوري 1960ع مذهبي اسڪالر مولانا الاهي بخش سومرو لاڏاڻو ڪري ويو. 18 جنوري 1961ع ليکڪ حڪيم محمد صادق راڻيپوري وفات ويو. 18 جنوري 2010ع ليکڪ ۽ محقق غلام رباني آگرو انتقال ڪري ويو. 18 جنوري 2011ع ليکڪ، اديب ۽ شاعر منٺار سولنگي انتقال ڪري ويو. 18 جنوري 2019ع ڊرامن جو ناميارو اداڪار گلاب چانڊيو وڇڙي ويو. 1.Good Day Wish: Dr.Pathan wishes you Good Day. [Beauty without quality of accepting love, is a colourful flower without fragrance. Love without sincerity and sacrifice is fraud. Human-love & respect it is self-respect & love. To promote peace is better than to protect ego, hatred & discrimination] سونھن تہ ھجي پر سا جي بره بغیر، سھٹو گل جیئن پوء سرھاڻ سواء، قرب ھجي پر قرباني جي ڪانھي، محبت-وند ماٹھو پوء ڪين سڏاء, پرین پاڻ جي بدران تون پیار پڏاء، دنیا کي ٻڌاء، ساز سرت سلام ‎سندو. *************** 2. Events from history (18th January): 18th January 1844: Sir Charles Napier, Sindh Governor sends three drawings of bridge to be constructed over the Fullei to the Governor – General of India and request for approval one of them and permission to start work. 1858: The Assistant Commissioner for Jageers recommends the case of Ali Akbar s/o late Ghulam Shah Laghari to give up 1/3 of the land of his Jageer in lieu of paying a fixed assessment of Rs.49 per cent mensem. 1924: New NGO ‘Arya Yovk Samaj’ is formed in Karachi and Biharilal Sahinji (President), Chamanlal (Vice President), Mohan Lal (Secretary), Bhagatram (Assistant Secretary), Puran Chand (Treasurer), Khairatiram (Library Incharge) and Karamchand (Auditor) are elected as its founder office – bearers. This NGO remained active for so many years. 1938: Sindh Government, vide its Directive No G.R.Political Department, asks Local Bodies and other organizations to appoint ‘Sindhis’ in their services. It also defines that Sindhi means a person born in Sindh and speaks Sindhi. 1965: ‘Pakistan does not want see differences between Indonesia and Malaysia. Will help solve dispute, if asked and desired for.’ Says Z.A.Bhutto, Foreign Minister. 1966: Pakistan to export rice to Soviet Union and import Road building and agricultural machinery. Agreement is signed between both countries. 1967: Advisory Committee to the USA President arrives in Pakistan to make a first - hand check on American Aid Program. 1972: ‘I am willing to step aside and prepared to do ant thing, if Pakistan can be kept one and united’, says Z.A.Bhutto, President of Pakistan. 1989: Punjab Chief Minister, Nawaz Sharif asks Punjab Governor Tikka Khan to desist from violating constitution. 1991: Pakistan Government expels the Press Counselor of Iraqi Embassy in Islamabad for recruiting mercenaries.

Tuesday 16 January 2024

SINDH in history today (17th January). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{ سنڌ-دوست سپورنج ساٿيو! 17 جنورئ تي دعا سلام سان گڏ ”واقعاتي تاريخ“ پيش ڪجي ٿي. اها مون لکي ۽ ان جو ترجمو منهنجي وڏي پٽ ممتاز علئ ڪيو آھي. شروعات ۾ سنڌئ لکت آھي ۽ ان بعد انگريزئ ۾ به ڏني وئي آھي ته جيئن سنڌي نه ڄاڻندڙ به سڳورئ سنڌ جي تاريخ پڙھي سگهن. اوهان پاڻ به پڙھو ۽ پنهنجئ سنگت ۾ به ونڊيو. ايئن تاريخ جي پرچار واري تحريڪ جو حصو بڻجو. ***** 17th January SINDH (including Pakistan) in history today & Good Day Wish: 17.1.1887: ممبئي پريزيڊنسي جي گورنر لارڊ ري اڄ ڪراچئ ۾ ”سنڌ آرٽس ڪاليج" (ڊي.جي. ڪاليج) کلڻ جو افتتاح ڪيو. هي ڪاليج ٺٽئي ڪمپائونڊ ۾ هڪ مسواڙي جاء ۾ قائم ڪيو ويو آھي. پهرين ڏينھن تي 28 شاگر ڪاليج ۾ داخل ٿيا. 17.1.1912: سر آغا خان ڪراچئ ۾ ”سنڌ مدرسي" جو دورو ڪيو, ۽ ان موقعي تي استادن ۽ شاگردن کي خطاب ڪيو. 17.1.1920: سنڌ صوبي جي ڪانگريس ڪميٽئ جليانوالا باغ ۾ ماڻھن تي سڌيون گوليون هلائڻ جي مذمت ڪئي متآثرين لاء هڪ فند قائم ڪيو. 17.1.1942: محراب پور جي پير ۽ وڏيري پير سيد حسن شاه جي صدارت ۾ قمبر ۾ ”پاڪستان ڪانفرنس" ٿي. ان ۾ جي.ايم.سيد, ايوب کهڙو, قاضي فضل الله, آغا نظر علي, مولوي محمد اسماعيل, مولوي غلام رسول ميهڙ واري, بٺئ جي مولوي محمد ابراهيم, مولوي عبدالڪريم ميڻائي, محبوب تئيئ جي مولوي محمد دائود, بڪاپور جي حڪيم سيد علي محمد شاه, اهيرئ جي مولوي محمد خان, ٿرڙي محبت جي مولوي سيد تاج محمد شاه, درگاه نورنگ شاه جي سيد ڇٽل شاه, مولوي عبدالڪريم بروهئ, وڏيري علي حسن هڪڙي, حڪيم عبدالرشيد, رئيس مٺل خان لاکي, رئيس حاجي در محمد, رئيس محمد يعقوب, مولوي محمد عظيم شيدا, غلام محمد اسراڻ ۽ آغا غلام نبي پٺاڻ شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان جي حق ۾ تقريرون ڪيون. 17.1.1978: نئين سياسي منظر جي روشنئ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لاء ارباب سڪندر اڄ جي. ايم.سيد سان مليو ۽ رحيم بخش سومري وري مولانا مودودئ سان ملاقات ڪئي. *************** اڄوڪي ڏينهن 17 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 17 جنوري 1889ع شاعر عيسو فقير جو جنم ڏينهن آهي. 17 جنوري 1904ع جيئي سنڌ تحريڪ جي باني ۽ سنڌ جي قوم پرست اڳواڻ جي ايم سيد جو جنم ڏينهن آهي. 17 جنوري 1906ع شاعر حادن فقير جو جنم ڏينهن آهي. 17 جنوري 1925ع پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي پهرين ڪپتان عبدالحفيظ ڪاردارجو جنم ڏينهن آهي. 17 جنوري 1921ع سياستدان اصغر خانجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 جنوري 1930ع شاعر ارجن حاسي جو جنم ڏينهن آهي. 17 جنوري 1936ع شاعر محمد خان مسرور سيال جو جنم ڏينهن آهي. 17 جنوري 1937ع اسٽيج اداڪار ۽ ليکڪ لڪشمڻ ڀنمڀاڻي (نوابشاهه/جئپور) جو جنم ڏينهن آهي. 17 جنوري 1942ع باڪسنگ جي عظيم رانديگر محمد علي ڪليجو جنم ڏينهن آهي. 17 جنوري 1945ع اردو هندي فلمن جي شاعر جاويد اخترجو جنم ڏينهن آهي. 17 جنوري 1950ع شاعر ڪامل سولنگي جو جنم ڏينهن آهي. 17 جنوري 1977ع صحافي جاويد شيخ سنڌي جو جنم ڏينهن آهي. 17 جنوري 1979ع ليکڪ، شاعر ۽ ڪمپيئر ياسر قاضي جو رتيديري ۾ جنم ٿيو. وڇوڙو: 17 جنوري 1918ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد هالائي جي وفات ٿي. 17 جنوري 1962ع ليکڪ ۽ سياستدان سيد غلام قادر لڪياري جي وفات ٿي. 17 جنوري 1943ع سماج سڌارڪ راء بهادر اوڌو داس تارا چند ڇاٻڙيا(شڪارپور) جي ديهانت ٿي. 17 جنوري 1967ع تعليمدان عبدالحسين شاهه موسوي جي وفات ٿي. 17 جنوري 1975ع پاڪستان جي مشهور مصور عبدالرحمان چغتائي جي وفات ٿي۔ 17 جنوري 1980ع مذهبي اسڪالر فقير محمد پٺاڻ لاڏاڻو ڪري ويو. 17 جنوري 1986ع سياستدان فاضل راهوکي شهيد ڪيو ويو. 17 جنوري 1989ع مذهبي اسڪالر مولوي امير بخش گولو وفات ڪري ويو. 17 جنوري 2009ع لوڪ راڳي محمد قاسم اوٺو جي وفات ٿي. 17 جنوري 2014ع نامياري صحافي، ليکڪ، پبلشر ۽ سماج سڌارڪ استاد غلام رسول ميمڻ جو آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ انتقال ٿيو. 1. Good Day Wish: Dr.Pathan wishes you Good Day. [Nothing belong to you. Neither life, nor health & wealth. You are love, but not hatred . You are peace, but not violence. It is your status, identification & beauty. Dear! Play your role. Share your vision & wisdom, promote love & beaty and beutify hearts & minds, please] تون آھین امانت عشق جي، عشق امانت توء، نہ ھئ حیاتي تنھنجي، نہ ئي سر آھ سندوء، تون دعا دوا دردن جي پرين پاڻ نہ ايئن لوء, پرین ! تون پوء، ڇو لنوائین سرت سلام کان؟ 2. Events from history (17th January): 1887: The Governor of Bombay Presidency, Lord Reay performs the opening ceremony of the Sindh Arts College (D.J.Sindh). The College is opened with 28 students on the roll. The college is housed in a small building at the site known as Thattat Compound. 1912: His Highness Sir Agha Khan visits Sindh Madressah and addresses the faculty and students. 1920: The Sindh Provincial Congress Committee deplores the tragedy of Jallianwala Bagh and decides to raise fund for to help affected families in Punjab. 1942: Pakistan Conference is held at Kambar. It is presided over by Pir Syed Hassan Bux Shah, landlord of Mirabpur of District Nawabshah . It is attended by G.M.Syed, K.B.Khuhro, Qazi Fazalullah, Agha Nazar Ali, Moulvi Muhammad Ismail, Moulvi Ghulam Rasool of Mehar, Moulvi Muhammad Ibrahim of Buthi, Moulvi Abdul Karim Menai, Moulvi Muhammad Daud Of Mahboob Tunio, Hakim Syed Ali Muhammad Shah Baqapuri,Moulvi Muhammad Khan of Aheri, Moulvi Syed Taj Muhammad Shah of Manah Tharrai, Syed Chhatal shah of Dargah Nourang Shah, Moulvi Abdul Karin Brohi, Wadero Ali Hassan, Hakim Abdul Rashid, Rais Mithal Khan Lakho, Rais Haji Dur Muhammad, Rais Muhammad Yaqub, Moulvi Muhammad Azim ‘Sheda’, Ghulam Muhammad Isran, Agha Ghulam Nabi and others. The event is an eye – opener for those, who do not see the role played by Sindh in creation of Pakistan. The events carry another lesson also and it is that the trio of Pir, wadero & Moulvi has brought Big Changes as desired and required by them. 1952: The Soviet Union in its first major intervention in the Kashmir dispute charges Britain and USA with maneuvering for transform Kashmir into a military springboard against the Soviet and China. 1978: Politicians are busy in one to one meetings. Arbab Sikandar meets G.M.Syed and Soomro meets Moulana Maudoodi. 1971: President Yahya and Z.A.Bhutto holds talks on political situation in Larkano.