Saturday 30 July 2022

Sindh in history today (31st July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (31st JULY) [Sindh in history today (31th July). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan.] 31st July BIRTH DATES Hakim Ghulam Mustafa Soofi (Kandhra/Writer/ birth 31st July 1949), Zubedah Metlo (Kambar/Poetess/ birth 31st July 1955) EVENTS 1920: Traffic Manager of Railways is approached by ‘Hijrat Committee’ to hire special train for Sindhi migrants. The Committee is asked to furnish information about the numbers of passengers, date of departure and other information. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi The Daily Al-Wahid is in trouble and is not in position to pay required amount of Security. Shaikh Abdul Majeed Sindhi sold jewelry of his wife in Rs.50 to contribute towards fund. (Source: ibid) 1966: Six opposition parties evolve a common program for the restoration of Democracy. Meeting is held at Rawalpindi with Noor-ul-Amin in chair. (Source: Newspapers) Dr.Pathan. ( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) "سنڌ جي واقعاتي تاريخ-( 31 جولاءِ)". [ ڪجھ واقعا] 31.7.1839: اتر سنڌ لاء مقرر ڪيل فرنگين جو پوليٽيڪل ايجنٽ راس بيل گورنر جنرل کي سندس سيڪريٽرئ معرفت خط لکي مير علي مراد خان سان سندس ٿيل خط و ڪتابت ۽ سفارتڪارئ بابت تفصيل ڏيندي چئي ٿو هي مير باقي حڪمرانن کان هر ڳالھ ۾ منفرد آھي. هن اسان جي سرڪار سان ڪجھ اره زورائي ڪئي, پر هن سان تڪرار ڪرڻ مان اسان کي گهڻو فائدو نه ملندو. هن سان جهيڙي بدران ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. هن جي فوج ۾ بلوچن کان وڌيڪ افغاني آھن. (ڊاڪيومينٽ نمبر 205, راس بيل جو سکر مان لکيل خط). 31.7.1832: سنڌ جي ڏکڻ-اوڀر حصي ۾ کوسن ۽ ڪن هندن انگريزن کي نڪ ۾ دم ڏنو. کين سنڌ ۾ داخل ٿيڻ وقت لٽيندا ڦريندا هئا. اڄ ڪمپني حڪومت جوڌپور جي راجا کان مدد گهري ته ڦورن خلاف آپريشن ۾ ساٿ به ڏئي ۽ اهو به ڏسي ته جيئن فرنگين کي ڦريندڙ ھن جي ملڪ ۾ پناه نه وٺن. (حوالو: ممبئي سرڪار جو مراسلو نمبر 159). 31.7.1848: ڪمپني حڪومت سنڌ جي شاندار ماضئ کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ لاء صوبائي حڪومت معرفت سنڌ جي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي زيردست عملدارن کي لکي ته اهي کيس مندرن, غارن ۽ تاريخي يادگارن جي تفصيل گڏ ڪري موڪلن, پوء اها معلومات مرڪزي حڪومت کي موڪلي وڃي. (حوالو: ممبئي سرڪار جو مراسلو نمبر 2803). 31.7.1920: سنڌ خلافت ڪميٽئ پڪو په ڪيو ته هجرت ڪبي. ان ڪري ريلوي ٽرئفڪ مئنيجر سان رابطو ڪيو ويو ته جيئن خاص ريل بڪ ڪجي. اڄ ريلوي جي ٽريفڪ مئنيجر کين لکيو ته ٻڌايو ته ڪيترا مسافر هوندا ۽ ٽرين ڪهڙئ تاريخ تي ۽ ڪٿان رواني ٿيندي ۽ ڪيسيتائين ويندي. (معلومات جو ذريعو: روزانه الوحيد ، ڪراچي). 31.7.1920: روزانو "الوحيد" مٿان مالي مصيبت آئي ۽ اخبار جي انتظاميه سرڪار طرفان مڙھيل سيڪيورٽي جي رقم ادا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هئي. پر شيخ عبدالمجيد سنڌئ پنهنجي زال جا زيور وڪڻي, 60 روپيا فنڊ ۾ جمع ڪرايا. (ذريعو: "الوحيد") 31.7.1926: انگريزن جي دور جي سماجي تنظيمن لاء اهو جهڙوڪ لازمي ڪم هوندو ته هڪ ڀرپور لائبرري قائم ڪن. ڪراچئ ۾ ”ھندو ٽائون پيپلز ائسوسيئيشن" لائبرري کولي ۽ اڄ سيٺ ھرچندراء وشنداس ان جو افتتاح ڪيو. 31.7.1966: پاڪستان ۾ آمرن ۽ سياستدانن جي ڄنڊا-پٽ سياسي ڪلچر جو پڪو رنگ رهيو آھي. آمر جڏهن اقتدار کي پنهنجي جاگير بڻائڻ جو پڪو په ڪندا آھن ته پوء سياسي اتحاد جوڙيا ويندا آھن. اڄ نورالامين جي صدارت ۾ ڇهن سياسي پارٽين جو ميڙاڪو ٿيو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالئ لاء ڀرپور تحريڪ هلائبي. 31.7.1977: نيٺ ڀير تي ڏونڪو لڳو. احمد رضا قصورئ جيڪا پنهنجي پئ جي قتل تي پٽيشن داخل ڪئي هئي, اڄ ان ڪيس جي شنوائي ٿي. [جنم]: 31 جولاءِ 1955ع صحافي صوفي غلام مصطفى ڪانڌڙو. 31 جولاءِ 1955ع شاعره زبيده ميتلو (قمبر). 31 جولاءِ 1966ع شاعر ۽ قومي ڪارڪن عرفان مهدي (هالا). [وڇوڙو]: 31 جولاءِ 1971ع صحافي رام ڀوراڻي (سکر). 31 جولاءِ 1974ع مذهبي اسڪالر مولانا الهورايو بروهي . 31 جولاءِ 2003ع شاعر ابراهيم منشي. 31 جولاءِ 2008ع وڪيل اڳواڻ ۽ سياستدان امداد علي اعواڻ (سکر).

Friday 29 July 2022

Sindh History (30th July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (30th JULY) [Sindh in history today (30th July). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan.] 30th July BIRTH DATES Moulvi Nazir Hussain ‘Jalali’ (Larkano/Freedom Fighter/ birth 30th July 1903), Parsram ‘Zia’ (Tando Adam >Ajmir/Poet/ birth 30th July 1911), Arbab Noor Muhammad Palijo (Bano/Politician/ birth 30th July 1915), Eshwar Chandar (Hyderabad >Ajmir/Fiction writer/ birth 30th July 1937), Syed Akbar Rashdi (Pir Jo Goth Larkano/Politician/ birth 30th July 1951), Dr.Razia Khokhar (Sukkur/Writer/ birth 30th July 1962) DEATH DATES Mian Abdul HalimMekan (Shahdadkot/Religious Scholar/ date 30th July 1979) EVENTS 1857: The Collector of Upper Sindh request Sindh Commissioner for approval and sanction of the construction of a cause way at Rohri. The estimated cost is told as Rs.3,300 and it is pointed out that expenditure be met partly from the Ferry Fund and partly from municipal funds. (Source: The Collector’s letter No.242) 1920: The Hyderabad District Congress Committee decides by 17 to 10 votes to recommend the principle of Non-Co-Operation to the Special Indian Congress. (Source: ‘Source-Material on Sindh Congress’, compiled by Gul Hayat Institute). 1954: Tribunal constituted to probe into anti-Qayani riots completes it job. The report is submitted to the Punjab Government. (Source: Newspapers). 1969: Government relaxes restrictions on activities of political parties which can hold indoor meetings of Working Committees and Conventions also. (Source: ibid). 1978: Bhutto Government damaged name, fame and democratic norms of the country, polls after accountability, says Lt. General Chishti. (Source: ibid). 1993: Pakistan has the technical capacity to manufacture a nuclear device. Caretaker Prime Minister Moeen Qureshi tells Vice President of U.S.A in Washington. (Source: ibid). 1996: Transport strike to protest against imposition of new taxes paralyses life in Pakistan. (Source: ibid). . Research by Dr.Pathan. 30 جولاء جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 30.7.1839: اڄ پاٽينجر پنهنجي گورنر جنرل ڏي سندس سيڪريٽرئ معرفت تفصيلي خط لکي ميرن ۽ سنڌ ملڪ بابت وڏا احوال اوريا آھن. ان جون خاص ڳالهيون هي آهن: 1.مير چون ٿا ته فرنگي فوج کي سنڌ ۾ رکڻ تي ايندڙ خرچ ٽي لک روپيا ورتو ويندو, اهو "ڪمپنئ جو روپيو" نه مگر "حيدرآبادي روپيو" هوندو, 2. مير چون ٿا ته فرنگي فوج جي ڇانوڻي ٺٽي يا سيوهڻ ۾ قائم ڪجي. پر جيڪڏهن حيدرآباد ۾ ڇانوڻي قائم ڪجي ته اها شهر کان پري هجي, 3.ميرن جو خيال آھي ته ڪراچئ تي سندن مالڪي ٻيهر قائم ڪجي. پاٽينجر لکي ٿو ته مون کين کولي کولي ٻڌايو آھي. هر ڪو فيصلو گورنر جنرل ڪندو. 30.7.1859: سنڌ جي ڪمشنر اڄ پنهنجي مراسلي نمبر 244 ذريعي صوبائي حڪومت کي گذارش ڪئي ته ڪراچئ ۾ ”بينڪ آف بامبي" جي شاخ کولي وڃي. 30.7.1920: حيدرآباد جي ضلعي ڪانگريس ڪميٽئ جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ 27 ميمبرن شرڪت ڪئي. انھن مان 17 ميمبرن راء ڏني ته انڊين نئشنل ڪانگريس جي ٿيندڙ اجلاس ۾ ”عدم تعاون تحريڪ" هلائڻ جو فيصلو ٿئي ته اصولي طور تي ان جي تائيد ڪئي وڃي. (حوالو: ‘سنڌ ڪانگريس تي گل حيات انسٽيٽيوٽ پاران مرتب ڪيل مواد). 30.7.1969: سرڪار سياسي پارٽين جي سرگرمين تان پابنديون ختم ڪري, کين ايتري اجازت ڏني ته بند ڪمرن ۾ پنهنجا ڪنوينشن ڪوٺائن ۽ ورڪنگ ڪميٽئ جون گڏجاڻيون ڪن. (حوالو: سرڪاري نوٽيفيڪيشن) 1978: "ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ملڪ جي نالي ، ناموس ۽ جمهوري قدرن کي نقصان پهچايو. اول احتساب ڪبو ان کانپوءِ چونڊون ڪرائبيون"- ليفٽيننٽ جنرل چشتي. (حوالو: اخبارون) 30.7.1993: پاڪستان وٽ ايٽمي هٿيار تيار ڪرڻ جي فني صلاحيت موجود آهي. نگران وزيراعظم معين قريشي واشنگٽن ۾ U.S.A جي نائب صدر سان سچي ڪئي ۽ ٻڌايو. [جنم ڏينهن]: 30 جولاءِ 1893ع فاطمه جناح. 30 جولاءِ 1930ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولوي نذير حسين جتوئي جلالي (لاڙڪاڻو). 30 جولاءِ 1911ع شاعر پرسرام ضياء (ٽنڊو آدم) . 30 جولاءِ 1915ع سياستدان ارباب نور محمد پليجو. 30 جولاءِ 1937ع ناليواري ڪهاڻيڪار ايشور چندر(حيدر آباد / اجمير) . 30 جولاءِ 1951ع سياستدان سيد علي اڪبر شاهه راشدي. 30 جولاءِ 1962ع اسڪالر ڊاڪٽر رضيه کوکر (سکر)

Thursday 28 July 2022

Sindh in history today (29th July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (29th JULY) [Sindh in history today (29th July). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan.] 29th July BIRTH DATES Hidayat Ali ‘Najfi’ (Lalurank/Poet/ birth 29th July 1894), Rani Gidwani (Hyderabad >Mumbai/Singer/ birth 29th July 1933), Hussain Bux Chandio (BaghLabhar/Journalist/ birth 29th July 1951), ‘Ashiq’ Halai (Poet/ birth 29th July 1961), Lalan Channo (Sobhodero/Poet/ birth 29th July 1965) DEATH DATES Agha Ghulam Nabi ‘Soofi’ (Poet / date 29th July 1938) EVENTS 1843: Captain Young is appointed as Judge Advocate for Sindh. (Source: Governor-General’s letter/order No.267). 1849: Major Jacob informs the Sindh Commissioner that the boundary between the territories of His Highness the Khan of Kelat and Mir Ali Murad Khan Talpur of Khairpur has been settled by arbitration to the satisfaction of the parties concerned. (Source: Jacob’s letter No. 160). 1857: The Collector of Shikarpur furnishes a statement to the Sindh Commissioner showing the sums released from the ferries between Sukkur and Rohri and between Sadar Bazar and Peer Subra. This may kindly be noted that in those days ferries were the source of transportation and communication between places cited above. (Source: The Collector’s letter No.241). 1948: NWFP Muslim League blames the provincial Government that it is not taking the notice of anti-country activities of Khan Abdul Ghafar Khan. (Source: Newspapers). 1954: K-2, the world’s second highest mountain is conquered by an Italian expedition led by Professor Desio. (Source: Newspapers). What a difference is between professors of other countries and professors of my province, and attitude/policies of other Governments and Governments of these countries! 1960: President Ayub lays the foundation stone of the Mausoleum of the Quaid-i-Azam at Karachi. (Source: ibid). 1972: G.M.Syed terms Language Bill against the interests of Sindh and Sindhis. (Source: Newspapers). 1973: Pir Pagaro is elected president of combined Muslim League. Mumtaz Doultana and Sardar Shoukat Hayat are expelled from party for siding PPP. (Source: ibid). 1977: Hearing starts regarding the petition of Ahmad Raza Kasuri about murder of his father. (Source: ibid). 1996: Fifteen new federal minister and ministers of State including Asif Zardari take oath of their offices. Research by Dr.Pathan. 29 جولاء جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 29.7.1839: اسان جي حڪمرانن ته ڪراچي فرنگين کي لکي ڏني, پر سنڌ جي عوام کي اها ڳالھ ڪانه وڻي, ان ڪري ماڻھن پنهنجو هنيانء ٺارڻ لاء ڪراچئ ٻاهران ڪئپٽن هينڊ کي ماري وڌائون ۽ ليفٽيننٽ ڪليرڪ تي حملو ڪيائون. اڄ پاٽينجر ڪڇ مان ليفٽيننٽ ڪرنل سپلر کي خط ۾ تاڪيد ڪري ٿو ته ڏوهن کي ڇڏڻو ڪونھي, اڳواڻ ۽ ڪن خاص ساٿيرن کي ڦاهئ تي لٽڪائبو. ڪجھ قيدي ميرن جي عملدارن جي هٿ هيٺ بند آھن. مناسب اهو ٿيندو ته اهي تون پاڻ وٽ قيد ۾ رک. مان مير حڪمرانن سان هن مسئلي تي ڳالهائيندس. 29.7.1843: ڪئپٽن ينگ کي سنڌ لاءِ جج ايڊووڪيٽ مقرر ڪيو ويو. (ذريعو: گورنر جنرل جو خط نمبر 267). 29.7.1849: ميجر جيڪب جي سنڌ ڪمشنر کي ٻڌايو ته قلات جي خان ۽ خيرپور جي مير علي مراد خان ٽالپر جي وچ ۾ ڪيتري عرصي کان جيڪو ملڪن جي حدن وارو معاملو هلندڙ ھئو سو مون ڌرين جي اطمينان مطابق حل ڪيو آهي. (ذريعو: جيڪب جو خط نمبر 160). 29.7.1857: ڪراچي بندر جي اهميت ۽ افاديت جڏهن روز به روز نمايان ٿيندي وئي ته سنڌ ڪمشنر صوبائي ۽ مرڪزي حڪومت جو ڌيان ڇڪرايو ۽ اڄ ان جي وسعت ۽ وڌيڪ ٻيڙن جي لنگانداز ٿيڻ واري گذارش ڪئي وئي. 29.7.1948: سرحد جي صوبائي مسلم ليگ صوبائي حڪومت تي الزام مڙهيو ته اها خان عبدالغفار خان جي ملڪ دشمن سرگرمين جو نوٽيس نه وٺي رهي آهي. (ذريعو: اخبارون). 29.7.1950 ملڪ جي وزير اعظم لياقت علي خان کي انڊيا کان آيل پناهگيرن جي آبادڪارئ جو وڏو اونو هوندو هو. هن جيڪي به پنهنجي ملڪ ۾ دورا ڪيا,انھن جي گهڻائي مهاجر ڪئمپن جي دورن جي هئي. اڄ ماريپور پناهگير ڪئمپ جو معائنو ڪيو ۽ سرڪاري ادارن طرفان ورتل قدمن تي غير اطميناني ڏيکاري. 29.7.1960: اڄ صدر ايوب, ڪراچي ۾ قائد اعظم جي مزار جو سنگ بنياد رکيو. (ذريعو: اخبارون) 29.7.1972: جي ايم سيد سنڌي ٻولئ واري بل تي راء ڏيندي چيو ته اهو سنڌ ۽ سنڌين جي مفادن جي خلاف هو. (ذريعو: اخبارون). 29.7.1972: "سنڌ پاڪستان کان الڳ ٿيڻ نه ٿي چاهي ۽ سنڌوديش ڪونه ٺھندو"- ذوالفقار علي ڀٽو. 29.7.1973: پير پاڳاري کي گڏيل مسلم ليگ جو صدر چونڊيو ويو. ممتاز دولتانا ۽ سردار شوڪت حيات کي پيپلز پارٽي سان واسطا رکڻ ڪري پارٽي مان خارج ڪيو ويو آهي. (ذريعو: اخبارو). 29.7.1974: "پختونستان فقط منھنجي لاش تي ٺاهي سگهجي ٿو"- ذوالفقار علي ڀٽو. 29.7.1977: احمد رضا قصوري جي والد جي قتل بابت درخواست جي ٻڌڻي شروع ٿي. (ذريعو: اخبارون) 29.7.1996: آصف زرداري سميت پندرهن نون وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن پنهنجن عهدن جو حلف کنيو. [جنم]: 29 جولاءِ 1894ع شاعر هدايت الله نجفي (لالو رائنڪ). 29 جولاءِ 1933ع گلوڪاره راڻي گدواڻي (حيدر آباد / بمبئي). 29 جولاءِ 1951ع صحافي حسين بخش چانڊيو . 29 جولاءِ 1961ع شاعر عاشق هالائي. [وفاتون]: 29 جولاءِ 1883ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام حيدر ڪٽباري . 29 جولاءِ 1938ع شاعر آغا غلام نبي صوفي. 29 جولاءِ 1997ع قومپرست سياستدان ۽ وڪيل چاچو حفيظ قريشي. 29 جولاءِ 2005ع راڳي استاد وريل داس(شڪارپور).

Wednesday 27 July 2022

Sindh in history today (28th July). By. Dr.Pathan

Sindh in history today (28th JuLy). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. BIRTH DATES Kazi Ali Akbar Darazi (Rohri/Poet & writer/ birth 28th July 1895), Laxman Punjabi (TandoAllahyar>Ajmir/Freedom Fighter &Writer/ birth 28th July 1921), BihariKaramchand (Shikarpur>Mumbai/Writer/ birth 28th July 1934), NirmalJadwani (Karachi >Mumbai/Artist/ birth 28th July 1946), Dr. Jawed Qazi (Shikarpur/Writer/ birth 28th July 1953), Badar Ansari (Kamber/Poet/ birth 28th July 1983) DEATH DATES Khowaja Muhammad ZamanSani (Lunwari/Saint/ date 28th July 1831), Mir Ahmad Ali Faiz Muhammad Khan (Khairpur/ date 28th July 1907), Syed Ghulam Abbas Shah (Shahjahanyan/Saint/ date 28th July 1939), Mushtaq Ali ‘Mustaq’ (Poet/ date 28th July 1972), Muhammad Alim ‘Shanmam’ Dogar (GulDogar/Poet/ date 28th July 1988), Muhammad Ramzan Naval (Poet/ date 28th July 2005). EVENTS 1909: Anjuman Momenin of Karachi requests Rais Ghulam Muhammad Bhurgri to head the Anjuman as its President. (Source: The Daily Sindh Gazette, Karachi) 1920: Responding the call of Sindh Khilafat not to co-operate with the Government, following Khilafat workers of Larkano District tender their resignation from Government service. They are: Allah Bux (Primary Teacher, School Mangwani), Jahan Khan , Muhammad Hussain; Imdad Ali ; Hout Khan; Soomar; Haji Ahmad,; Mureed Ahmad; Muhammad Bux (All from Police Department, Kambar), Muhammad Musa (Kotwal, Kambar), Noor Muhammad (Kotwal, Kambar). Sirai Muhammad Khan Gopang and Sirai Allahdino Siyal resigned as member of the Kambar Municipality.(Source: Newspapers). 1934: 4th Sindh Azad Conference is held at Karachi and it is presided over by Ghulam Hussain Hidayatullah. The object of the Conference is to make the public opinion in favour of the separation of Sindh from Bombay Presidency.(Source: The Daily Sindh Gazette, Karachi). This may kindly be noted that prior to this three Conferences were held on 18th of April, 1932 (At Karachi with Shaikh Abdul Majeed Sindhi in chair), on 15th of November, 1932 (At Hyderabad with Allama Yousif Ali of Punjab in chair) and on 26th of April, 1934 (At Sukkur with K.B.Pir Bux in chair). 1969: Swat, Dir and Chitral are annexed to West Pakistan (Source: ibd). 1977: All political leaders including Z.A.Bhutto and Moulana Mufti are released. (Source: ‘Source-Material on Bhutto Family’, compiled by Gul Hayat Institute). Research by Dr.Pathan. 28 جولاء جي حوالي سان سنڌ جي " ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 28.7.1849: سيٺ نائونمل سرڪار جي چوڻ تي پنهنجي طرفان حڪومت کان گهر ڪئي ته کيس سندس خدمتن جي موٽ ۾ 1500 يا 2000 بيگن تي مشتمل جاگير ۽ ڪو مناسب لقب القاب يا خطاب ڏنو وڃي. ياد رهي ته سيٺ نائونمل فرنگين کي سنڌ تي قبضي ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي هئي. هن کي ڪراچئ جو ڪاردار بڻايو ويو هو. پر جيئن ته آئوٽرام جو يار هو ۽ آئوٽرام وري نيپيئر جو مخالف هو, ان ڪري نيپيئر نائونمل کي نوڪرئ مان به ڪڍيو ۽ تڪليف به ڏني هئي. 28.7.1909: ڪراچي جي انجمن مومنين رئيس غلام محمد ڀرڳڙي کي انجمن جي صدر ٿيڻ جي درخواست ڪئي. ھن مان رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ جي شخصيت ۽ حيثيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڀرڳڙئ اها آڇ ان ڪري قبول نه ڪئي جو هو مذھبي بنيادن تي سنڌ جي صفبندي نه پيو چاهي. (ذريعو: ڊيلي گزيٽ ، ڪراچي) 28.7.1920 "الوحيد" اخبار جي انتظاميه سرڪار طرفان مقرر ڪيل تاريخ تائين ٻن هزار روپين جي ضمانت ادا ڪري نه سگهي, ان ڪري اڄ اخبار شايع ٿي نه سگهي. 28.7.1920: "عدم تعاون جي تحريڪ" زور تي آھي. اڄ جن سرڪاري نوڪرين تان مستعفي ٿيا, اهي آھن: الله بخش (پرائمري استاد ، اسڪول منگواڻي) ، جهان خان ، محمد حسين ؛ امداد علي ؛ هوت خان ؛ سومر ؛ حاجي احمد ، مريد احمد؛ محمد بخش (سمورا پوليس کاتي قمبر جا) ، محمد موسيٰ (ڪوٽوال ، قمبر) ، نور محمد (ڪوٽوال ، قمبر). سرائي محمد خان گوپانگ ۽ سرائي الله ڏنو سيال قمبر ميونسپالٽئ جي ميمبري تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. (ذريعو: نيوز پيپرز) 28.7.1934: سنڌ کي ممبئئ کان جدا ڪرڻ وارئ تحريڪ دوران مسلمانن چار وڏيون ڪانفرنسون ڪوٺايون. پهرين 18 اپريل 1932 تي, ٻي 15 نومبر 1932 تي, ٽين 26 اپريل 1934 تي ۽ اڄ چوٿين سنڌ آزاد ڪانفرنس ڪراچي ۾ ٿي ۽ ان جي صدارت غلام حسين هدايت الله ڪئي. (ذريعو: ڊيلي گزيٽ ، ڪراچي) 28.7.1969: سوات ، دير ۽ چترال کي اولهه پاڪستان ۾ ضم ڪيو ويو (ذريعو: سرڪاري پڌرائي) 28.7.1977: مارشل لا حڪومت طرفان بند ڪيل سياستدانن مان ذوالفقار علي ڀٽي ۽ مولانا مفتي سميت سڀ سياسي اڳواڻ آزاد ڪيا ويا. (ذريعو: ‘ڀٽي فيملي تي گڏ ڪيل مواد’ ، گل حيات انسٽيٽيوٽ). [جنم ڏينهن]: 28 جولاءِ 1895ع ليکڪ قاضي علي اڪبر درازي (روهڙي) . 28 جولاءِ 1921ع ليکڪ لڪشمڻ پنجابي (ٽنڊو الهيار / اجمير). 28 جولاءِ 1934ع ليکڪ بهاري ڪرمچند (شڪارپور / بمبئي). 28 جولاءِ 1937ع سياستدان ڊاڪٽر عبدالغفار جتوئي. 28 جولاءِ 1934ع ليکڪ بهاري ڪرمچند (شڪارپور / بمبئي) . 28 جولاءِ 1946ع ترقي پسند ليکڪا ۽ شاعره فهميده رياض. 28 جولاءِ 1953ع ليکڪ ڊاڪٽر جاويد قاضي (شڪارپور) . 28 جولاءِ 1983ع شاعر بدر انصاري (قنبر) . 28 جولاءِ 1986ع باليووڊ اداڪاره هما قريشي. [وڇوڙو]: 28 جولاءِ 1831ع بزرگ خواجه محمد زمان (ٻيو). 28 جولاءِ 1988ع شاعر محمد عالم شبنم . 28 جولاءِ 2005ع شاعر محمد رمضان نول. 28 جولاءِ 2010ع ليکڪ حليم بروهي. 28 جولاءِ 2013ع ڪامريڊ نصر الله جسڪاڻي.

Tuesday 26 July 2022

Sindh in history today (26th July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (26th JULY) 26th July BIRTH DATES Syed Ali Muhammad Shah Daerai (Saint/ birth 26th July 1811), Allah Bux ‘Anees’ Ansari (Larkano/Poet & writer/ birth 26th July 1923), NazirBhund (Bilal Bhand/Writer/ birth 26th July 1947), AsifZardari (Ex-President of Pakistan/ birth 26th July 1955), Ali Akbar Sand (Bhit Shah/Writer & Journalist/ birth 26th July 1958), Riaz Memon (Mirpurkhas/Journalist/ birth 26th July 1963), DEATH DATES Moulana Muhammad Akram Ansari (Religious Scholar/ date 26th July 1958), EVENTS 1840: The Government of Bombay asks Captain Robert Oliver, Superintendent of Indian Navy to draft Rules & Regulation for Steam Flotilla on the Indus. (Source: The Bombay Government’s letter, dated 26th July 1840). This may kindly be noted that later on Steam Communication between Karachi and Mulatan was established but, in 1857 it was stopped due to Persian Expedition. 1950: Indian Muslim Migrants take out procession demanding their proper rehabilitation. (Source: Newspapers). 1954: Restrictions are imposed on undue movement /activities of Russian diplomats in Pakistan. (Source: Newspapers). 1955: Red Shirt politicians will not be allowed to launch movement against One-Unit, declares Major General Iskandar Mirza, Home Minister of Pakistan. (Resources: ibd). 1965: American diplomats are free to contact any politician and record his opinion on vital issues relating to Pakistan. Government takes notice and asks them to refrain from such activities. (Source: Ibd). 1972: Indian cabinet approves Simla Agreement. Though, it is a big achievement of PPP Government but, Bhutto faces serious problems. Simla Agreement is being criticized in Punjab and Sindh is burning due to language riots. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1996: 15-party’s opposition alliance finalizes plea " سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي تاريخ-(26 جولاءِ-)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ واقعا] 26.7.1840: ممبئي جي حڪومت ڪئپٽن رابرٽ اوليور ، هندستاني نيوي جي سپرنٽينڊنٽ کي هدايت ڪي ته هو "انڊس تي هلندڙ اسٽيم فلوٽيلا لاءِ ڀاڙن, ۽ ٻين ضابطن جو مسودو تيار ڪري. (ذريعو/مآخذ: ممبئي حڪومت جو خط ، تاريخ 26 جولاءِ 1840). نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ ھئ آھي ته فرنگين جو سنڌ تي قبضو 1843 ۾ ٿيو, پر سنڌوندئ تي قبضو ان کان ڪيترا سال اڳ ٿيو. ان ڪري 1840 ۾ سنڌوندئ تي هلندڙ آگبوٽن لاء ضابطا, قائدا ۽ قانون ڌاريا انگريز ٿا جوڙن, جڏهن ته سنڌ ۽ سنڌوندئ جا وارث حڪمران مير هئا. 26.7.1854 هي اهو دور آھي جڏهن سنڌوندئ ۾ سنڌ کان ملتان تائين آگبوٽ ھلندا هئا. پر ايران ۾ فرنگين فوجي ڪاروائي شروع ڪئي ته ڪمپني حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي چيو ته ملتان تائين هلندڙ آگبوٽ سروس بند ڪريو. (حوالو: گورنمينٽ آف انڊيا جو خط نمبر 3354). 26.7.1950: هندستاني مسلمان مهاجرن وري اڄ پنهنجئ بهتر آبادڪارئ لاء جلوس ڪڍيو. هو ان پنهنجئ آبادڪارئ کي ان ڪري پنهنجو حق پيا سمجهن جو کين لڏڻ جي ترغيب ڏني وئي هئي. ان کان سواء اهڙا جلوس سرڪار لاء پريشر کان وڌيڪ جواز پيا پيدا ڪن ته سرڪاري طور تي انھن لاء گهڻو ڪجھ ڪري سگهجي. (ذريعو: اخبارون). 26.7.1954: پاڪستان سرڪار روسي سفارتڪارن جي غير ضروري اٿ ويه ۽ سرگرمين تي پابنديون لاڳو ڪيون. (ذريعو: اخبارون). 26.7.1955: پاڪستان جي گهرو وزير ميجر جنرل اسڪندر مرزا اعلان ڪيو ته ريڊ شرٽ سياستدانن کي ون يونٽ خلاف تحريڪ هلائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. (وسيلو: اخباري بيان) 26.7.1965: آمريڪي سفارتڪارن ڪنهن به سياستدان سان رابطو ڪرڻ ۽ ملڪي حالتن بابت اهم معاملن تي آزادئ سان راءِ رڪارڊ ڪرڻ کي پنهنجو معمول بڻائي ڇڏيو ته حڪومت نوٽيس وٺي انهن کي چيو ته اهڙين سرگرمين کان باز اچن. (ذريعو: اخباري خبرون) 26.7.1972: ڀارتي ڪابينا سملا معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي. جيتوڻيڪ اها پيپلز پارٽي سرڪار جي وڏي حاصلات هئي ، پر ، ڀٽو سنگين ڏکيائين کي منهن ڏنو. پنجاب ۾ شمله معاهدي تي تنقيد ڪئي پئي وڃي ۽ ٻولي جي فسادن جي ڪري سنڌ جلندي رهي. (ذريعو: ‘ڀٽي خاندان تي گڏ ڪيل مواد’ ، گل حيات انسٽيٽيوٽ). [جنم ڏينهن]: 26 جولاءِ 1811ع بزرگ سيد علي محمد شاهه ديرائي. 26 جولاءِ 1923ع شاعر ۽ ليکڪ الله بخش انيس انصاري(لاڙڪاڻو). 26 جولاءِ 1947ع سماجي ڪارڪن نظير احمد ڀنڊ(خدا آباد). 26 جولاءِ 1955ع سياستدان ۽ پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري. 26 جولاءِ 1958ع ليکڪ علي اڪبر ساند (ڀٽ شاهه). 26 جولاءِ 1963ع صحافي رياض ميمڻ (ميرپور خاص). [وڇوڙو]: 26 جولاءِ 1958ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد اڪرم انصاري (هالا).

Sunday 24 July 2022

Sindh in history today (25th July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (25th JULY) [Sincere efforts to create friendship between Past and Present. Movement launched by Dr.Pathan, Founder, Gul Hayat Institute) 25th July BIRTH DATES Imam Bux ‘Sabir’ jatoi (New Jatoi/Poet & Politician/ birth 25th July 1881), ‘Shad’ Abbasi (Borrai/Poet/ birth 25th July 1934), Muhammad SalihKumbhar (Sinjhoro/Journalist/ birth 25th July 1947), Imtiaz Ali Channo (Valid/Writer/ birth 25th July 1958), AllahdinoaliesBhejo Fakir (Saeendad/Social Worker & Poet/ birth 25th July 1959) DEATH DATES Ali Muhammad ‘Ajiz’ Sakrai (Poet/ date 25th July 1959) EVENTS 1938: Gandhi refuses to accept All-India Muslim League as the sole representative of the entire Muslim Population of India. He writes to Jinnah. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1938). 1940: Sir Haji Abdullah Haroon President of the Sindh Provincial Muslim League in the course of a statement to press from Lahore declares that Mr. Jinnah has committed no crime in calling spade a spade; our province whole-heartedly supports the stand he has taken in dealing with Moulana Abdul Kalam Azad. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1940). 1947: Lord Mountbatten asks Chamber of Princes to take into account consideration such as the geographical location, economic and strategic factors and wishes of people in arriving at decision whether to accede to India or Pakistan. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1947). 1966: N.M.Uqueli is appointed as Finance Minister of Pakistan.(Source: Newspapers). 1974: I will not order for withdrawal of military or to stop operation in Balochistan as it will be taken and termed as weakness of the Government, says Z.A.Bhutto (Source: Newspapers). 1978: A White Paper ‘Conduct of General election in March 1977, by Z.A.Bhutto Government’ is issued by the Government of Pakistan. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(25 جولاءِ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪي واقعا ] 25.7.1844 ڪمپني حڪومت جي "سيڪريٽ ڪمٽئ" نيپيئر کان دريافت ڪيو ته قيدي ميرن جون گهرڌياڻيون پنھنجي ورن سان گڏ رهڻ ۽ اوڏانھن وڃڻ گهرن ٿيون يا نه. ياد رهي ته انھن عظيم عورتن پنهنجي وطن جا وڻ ڇڏڻ کان انڪار ڪيو هو. 25.7.1881 حاجي امام بخش ولد خانبھادر غلام رسول جتوئئ جو تعلقي موري جي ڳوٺ ملڪ ۾ جنم ٿيو. هو اڳتي هلي شاعر ۽ سياستدان ٿيو. سرڪار کيس 1912 ۾ ”خانصاحب" ۽ 1926 ۾ ”خانبهادر" جا لقب ڏنا. 1916 کان 1938 تائين اعزازي ماجسٽريٽ به رهيو. 1921 کان 1932 تائين ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر به ٿي رهيو. 7 نومبر 1938 تي وفات ڪيائين. 25.7.1938: گانڌئ, آل انڊيا مسلم ليگ کي پوري هندستان جي سموري مسلم اڪثريت واري نمائندي طور مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن جناح ڏانهن خط لکي اهڙو ويچار ونڊيو. (ذريعو/مآخذ: ”انڊين ائنيوئل رجسٽر ، واليوم -11 ، سال 1938). 25.7.1940: سر حاجي عبدالله هارون, سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي صدر ، لاهور مان پريس کي بيان ڏيڻ جي دوران ، اعلان ڪيو ته اسان جو صوبو پوري دل سان جناح صاحب جي انھئ موقف جي حمايت ڪري ٿو جيڪو هن مولانا عبدالڪلام آزاد بابت بيان ڪيو آهي. (ذريعو: انڊين ائنيوئل رجسٽر، واليوم -11 ، سال 1940). 25.7.1947: لارڊ مائونٽ بيٽن شهزادن واري چيمبر Chamber of Princes کي خطاب ڪندي چيو ته جاگرافيائي صورتحال, محل وقوع ، معاشي ۽ اسٽريٽجڪ عوامل ۽ عوام جي مرضئ کي ڌيان ۾ رکي آزاد رياستون پوء فيصلو ڪن ته اهي پاڪستان ۾ شامل ٿينديون يا انڊيا ۾ شامل ٿينديون. (ذريعو: انڊين ائنيوئل رجسٽرڊ ، واليوم ٻيو ۽ سال 1947). 25.7.1966: ٺٽي جي اين ايم عقيلي کي پاڪستان جو وزير خزانه مقرر ڪيو ويو (ذريعو: اخبارون). 25.7.1972 ڪراچي ۾ وري دهشتگردئ جي لهر معصوم ماڻھن جي حياتيون ورتيون. 25.7.1974: "آئون نه ته فوج بلوچستان مان واپس گهرائيندس ۽ نه وري اتي هلندڙ آپريشن بند ڪرڻ جو حڪم ڏيندس - ذوالفقار علي ڀٽي جو بيان.(معلومات جو ذريعو: اخبارون) 25.7.1978: فوجي حڪومت, مارچ 1977 ۾ ڀٽي-حڪومت طرفان ڪرايل چونڊن بابت "وائيٽ پيپر" جاري ڪيو ته جيئن عوام کي آگاهي ڏئي سگهجي ته چونڊن ۾ حڪومتي ڏاڍ سان وڏي پئماني تي ڌانڌليون ڪرايون ويون هيون. (ذريعو: ‘ڀٽي خاندان تي گڏ ڪيل مواد’ ، گل حيات انسٽيٽيوٽ پاران مرتب ڪيل). 25.7.1990 مهين جي دڙي جي انٽرنئشنل ايئرپورٽ جو افتتاح ٿيو. [جنم ڏينهن]: 25 جولاءِ 1881ع شاعر ۽ سياستدان امام بخش صابر جتوئي(نوان جتوئي). 25 جولاءِ 1934ع شاعر شاد عباسي ٻورائي. 25 جولاءِ 1947ع صحافي محمد صالح ڪنڀر (سنجهورو) . 25 جولاءِ 1958ع ليکڪ امتياز علي چنا. 25 جولاءِ 1959ع سماجي ورڪر الله ڏنو عرف ڀيڄو فقير . 25 جولاءِ 1961ع ناليواري اداڪار منظور مراد. [وڇوڙو]: 25 جولاءِ 1959ع شاعر علي محمد عاجز ساڪراڻي

Saturday 23 July 2022

Sindh in history today (24th July). By.Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (24th JULY) UNIQUE WAY OF CREATING LOVE & UNDERSTANDING FOR HISTORY. 24th July BIRTH DATES Lekhraj Thakur (Hyderabad/Social worker/ birth 24th July 1921), Lilaram Dewandas (Thar Shah > Ahmadabad/Journalist/ birth 24th July 1924), Akhtar Adeeb (Lakhi/Poet/ birth 24th July 1932), Syed Murad Ali Shah (Politician/ birth 24th July 1938), Tolaram Raheja (Sukkur > Poono/Writer/ birth 24th July 1939), Mahboob Qadri (Dhour/Poet/ birth 24th July 1980) DEATH DATES Khowaja Ghulam Farid (Mithankot/Saint & poet/ date 24th July 1901), Wahadat Ali Nuqrij (Poet/ date 24th July 1965), Miskeen Jahan Khan Khoso (Social worker/ date 24th July 1980), EVENTS 1925: Khadhar dress is made indispensable for Congress members in party meetings. Secretary of the All-India Congress Committee issues circular. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1925). 1939: Masjid Manzilgah Restoration Committee of the Sindh Muslim League , in its meeting held at Sukkur with Muhammad Ayub Khuhro condemns Sindh Government’s policy regarding Masjid Manzilgah issue and decides to observe ‘Masjid Manzilgah Day’ on 18th of August. (Source: Newspapers). 1946: A resolution opposing grooping of Sindh with Punjab is passed at a Conference held under the auspices of the Sindh Provincial Muslim League. Shaikh Abdul Majeed Sindhi presiding. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1946). 1950: Muhajreen have submitted 60 applications for party tickets to contest election for Sindh Provincial Assembly. The number of application is not less than the number of applications submitted by Old Sindhis. The matter is discussed in the meeting of the Sindh Muslim League Parliamentary Board. Muhammad Ayub Khuhro is in chair.(Source: Newspapers). 1954: The Communist Party of Pakistan and its all branches are declared unlawful. (Source: ibd). 1964: Combined Opposition Parties (COP) in its meeting held at Dhaka decides to take part in the next election. The Alliance agree on a manifesto providing for Parliamentary system, Provincial Autonomy, Freedom of Judiciary and lifting ban on political parties.(Source: Newspapers). 1965: Moulana Bhashani of East Pakistan demands Pakistan’s withdrawal from CENTO, SEATO and military alliances. (Source: ibd). 1972: Conditions of Karachi are taking new shape. Peace will not be needed by some people. Violence erupts and curfew is imposed in many areas. The city opted for blood-bath from this year and will complete its half century very soon. [ جڏهن ڪڙم قبيلي ۽ ذات پات کي قوم چيو ويندو آھي ته پوء اصل "قوم" گم ٿي ويندي آھي. اها گم ٿيل ۽ وڃايل قوم فقط تاريخ جي ساڃھ ۽ مطالعي سان سان پاڻ کي ڳولهي سگهندي آھي. اسان هڪ وڃايل/گم ٿيل قوم آھيون. اچو ته تاريخ پڙھي پاڻ ڳولهيون.] "سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(24 جولاءِ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [واقعا] 24.7.1841 فرنگين جو ڏکڻ سنڌ ۾ مقرر ڪيل پوليٽيڪل ايجنٽ پنهنجئ سرڪار کي ٻڌائي ٿو ته سکر ۽ ڪراچئ ۾ فرنگي ڪئمپن جي روانگي ۽ آمدني تجارتي مال تي سنڌ جي حڪمرانن جا ٻنھي شھرن ۾ محصول لڳائڻ جا الڳ الڳ طريقا آھن, ان ڪري سمگلنگ وڌي وئي آھي. جيڪا جتي مهانگي ملي ٿي, اها ٻئي هنڌان سمگلنگ ٿي اچي ٿي. اجازت ڏيو ته يڪسان محصول لڳائڻ لاء خيرپور ۽ حيدرآباد جي ميرن سان ڳالهائجي 24.7.1843 ڪمپني حڪومت جي هدايتن مطابق اڄ نيپيئر مير سهراب خان ٽالپور جي لکيل وصيعت گورنر جنرل کي ڏياري موڪلي. اهو هڪ اهم تاريخي دستاويز آھي, جنھن مان خبر پئي ٿي ته مير سهراب خان پرڳڻو پنهنجي ٽن پٽن (مير رستم خان, مير مبارڪ خان ۽ مير علي مراد خان) کي ورهائي ڏنو هو. هر هڪ کي جيڪي ڳوٺ/ شهر مليا, وصيعت ۾ انھن جا نالا ڏنا ويا آھن. وصيعت ۾ اهو به لکيو ويو آھي ته انھن مان جيڪا آمدني ٿيندي, اها چئن حصن ۾ ورهائبي ۽ ان مان ٻه حصا مير رستم خان کي ڏنا ويندا. (حوالو/نيپئر جو خط, ڊاڪيومينٽ نمبر 151) 24.7.1925: آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽئ جي سيڪريٽرئ سرڪل جاري ڪيو ته اڳتي ڪانگريسي کڌر جو ٺھيل لباس پائن ته جيئن پري کان سڃاتا وڃن. (ذريعو: انڊين ائنيوئل رجسٽر ، سال1925 واليوم ٻيو). مسلم ليگين وري پوء ”جناح ڪئپ" پائڻ شروع ڪئي. هي واقعا ٻڌائن ٿا ته سياست ماڻھن جي ثقافت - خاص طور تي لباس - کي به بدلائڻ شروع ڪيو. آزادئ لاء جاکوڙيندڙ پارٽين آزادي کان اڳ عوام کي ثقافتي غلام بڻائڻ شروع ڪيو. 24.7.1939: سنڌ مسلم ليگ جي "مسجد منزلگاه بحالي ڪميٽئ" جي محمد ايوب کهڙو جي صدارت هيٺ سکر ۾ گڏجاڻي ٿي جنھن ۾ سنڌ حڪومت جي مسجد منزلگاهه جي مسئلي تي اختيار ڪيل سستئ جي مذمت ڪندي, اعلان ڪيو ته 18 آگسٽ تي ”مسجد منزلگاہ ڏينهن“ ملهايو ويندو. (ذريعو: اخبارون). 24.7.1946: ڪراچئ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌئ جي صدارت ۾ "سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي ڪانفرنس", جنھن ۾ سنڌ کي پنجاب سان ملائڻ خلاف ٺھراء پاس ڪيو ويو. (ذريعو: انڊين ائنيوئل رجسٽر ، سال 1946 واليوم ٻيو). 24.7.1948 سنڌ جي تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آھي جو انھن کي پڙھڻ وقت تعجب,ڏک ۽ بي بسئ جا ڳوڙھا اکين ۾ اچي وڃن ٿا. روزنامه "مجاهد" اخبار پير الاهي بخش جاري ڪئي هئي. پير الاهي بخش ڪراچي وفاق حوالي ڪرڻ وارين ڳالهين ۾ مکيه ڪردار هو ۽ هن ڪراچي مرڪز حوالي ڪرڻ ۾ وفاقي حڪومت جو ساٿ ڏنو هو. اڄ ”مجاهد" اخبار ڪراچئ کسجي وڃڻ تي رت جا ڳوڙھا وهايا آھن. اڄوڪي ايڊيٽوريل جو عنوان اٿس " ڪراچ وئي". 24.7.1950: سنڌ اسيمبلئ جون چونڊون ٿيڻ واريون هيون. پناهگيرن 60 سيٽن تي سنڌ مسلم ليگ کان پارٽي ٽڪيٽ جي لاء درخواستون ڏنيون. پراڻن سنڌين به 60 ٽڪيٽن لاء درخواستون ڏنيون. ملڪ کي جڙيئي ٽي سال به ڪونه ٿيا ته پناهگيرن اسيمبلئ ۾ 60 سيٽون گهريون. مطلب ته هاڻي پراڻا سنڌي سوڙ پائي سمهي پون! محمد ايوب کهڙي جي صدارت ۾ ”مسلم ليگ پاريامينٽري بورڊ“ جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ ٽڪيٽن ڏيڻ وارن مامرن تي بحث ڪيو ويو. (ذريعو: اخبارون). 24.7.1954: ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ۽ ان جي سڀني شاخن کي غير قانوني قرار ڏئي بندش وڌي وئي. (ذريعو: اخبارون) 24.7.1964: گڏيل اپوزيشن پارٽين جي اتحاد (COP) جو ڍاڪا ۾ اجلاس ٿيو, جنھن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ اليڪشن ۾ حصو وٺبو. سمورين شامل پارٽين: پارلياماني نظام ، صوبائي خودمختياري ، عدليه جي آزادي ۽ سياسي جماعتن تي پابندي ختم ڪرڻ واري منشور جي متفق راء سان منظوري ڏني. (ذريعو: اخبارون) 24.7.1972: امن جي دشمنن ڪراچي کي وري "ڪوس جو شھر" بڻايو. مختلف هنڌن تي خوني فساد ٿيا ۽ انھن کي روڪڻ لاء ڪرفيو لڳايو ويو. دوستن جي ڌيان تي آڻجي ٿو ته ڪراچئ, حيدرآباد, ميرپورخاص, نواب شاه ۽ سکر ۾ جيڪا شهري دهشتگردي ٿي آھي, اهو سمورو مواد گل حيات ۾ موجود آھي. [جنم ڏينهن]: 24 جولاءِ 1924ع ليکڪ ليلا رام ديون داس (ٺارو شاهه / احمد آباد) . 24 جولاءِ 1932ع شاعر غلام شاهه عرف اختر اديب. 24 جولاءِ 1938ع سياستدان سيد مراد علي شاه. 24 جولاءِ 1939ع ليکڪ تولا رام راهيجا (سکر / پونو) . 24 جولاءِ 1954ع ليکڪ رزاق مهر (لاڙڪاڻو). 24 جولاءِ 1955ع شاعر ۽ ڪالم نگار قاضي منظور(غوثپور) . 24 جولاءِ 1956ع درگاهه جهوڪ شريف جي سجاده نشين صوفي عطاء الله ستاري. 24 جولاءِ 1980ع شاعر محبوب قادري. [وڇوڙو]: 24 جولاءِ 2013ع سنڌ نيشنل موومينٽ جو سربراهه، قومپرست سياستدان علي حسن چانڊيو

Friday 22 July 2022

Sindh in history today (23rd July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (23rd JULY) [Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan.23rd July] BIRTH DATES Abdul Aziz ‘Aziz’ Abro (Piyaro Wahan/Poet/ birth 23rd July 1920), Atta Muhammad Siddiqui (Shahdadkot/Journalist/ birth 23rd July 1950), Sanam Najib (Poetess/ birth 23rd July 1968) DEATH DATES Minyon Abdul Rahim (Religious Scholar/ date 23rd July 1885), Asadullah Shah Hussaini ‘Bekhud’ (Takhur/Poet/ date 23rd July 1980), Kazi Abdul Hai ‘Qail’ (Ratodero/Poet/ date 23rd July 1989), EVENTS 1843: The Governor-General of India writes to the Sindh Governor making enquiries and asking for some papers required in connection with the alleged cession to His Highness Mir Ali Murad Khan of lands held by Mir Rustom Khan. (Source: The Governor-General’s letter No.260). 1846: The Governor-General of India asks the Sindh Governor to apprise him of the steps he will take for making and proposing Rules for administration of Civil Justice in Sindh (Source: Governor-General’s letter No.263). 1948: Karachi is now under control of the Pakistan Government. Hashim Raza is appointed first Administrator, whereas Kazim Raza is made Inspector-General of Police. Sindhi nationalists fear about the future of their biggest city. Some of them blame that a ‘protected constituency’ is being managed with vote bank of Muhajreen. (Source: Newspapers). 1952: Muhajreen take out procession and encircle Prime Minister House in Karachi. They demand proper rehabilitation. (Source: Newspapers). 1961: Alliance of Iran, Pakistan and Turkey can be misused against Soviet Union, doubts USSR. (Source: Newspapers). 1963: Ghulam Nabi Memon and Muhammad Khan Junijo are inducted in West Pakistan ministry (Source: Newspapers). 1973: Pakistan recognizes new Kabul regime led bu Daud. (Source: Newspapers). 1988: MRD rejects Ziz’s decision of non-party polls. (Source: ‘Source-Material on MRD’, compiled by Gul Hayat Institute). "سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(23 جولاءِ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ واقعا ] 23.7.1839 اتر سنڌ ۾ مقرر ٿيل فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ اڄ مير علي مراد خان کي خط لکي چئيس ٿو ته تنهنجي خاص ماڻهونء علي حسين هڪ اٺ به تو طرفان تحفي ۾ ڏنو ۽ حال احوال به ڪيائين. مان موٽ ۾ ٻه پستول سوکڙئ طور موڪليان ٿو. تون سچئ دوستئ جو دم ھڻين ٿو پر ان کي پنھنجي قول ۽ فعل سان ثابت ڪري ڏيکار. خان آف قلات سان مهاڏو اٽڪايو اٿئي, ان جي راز کان به واقف ڪجانء. 23.7.1843: ڪم لٿو ته ڊکڻ وسريو وانگر نگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ته پنهنجي سنڌي خيرخواهن کان منهن مٽي, کين پريشان ڪرڻ شروع ڪيائون. مير علي مراد خان پنهنجن سان به ڦٽائي فرنگين جي وڏي مدد ڪئي هئي. اڄ هندستان جي گورنر جنرل سنڌ جي گورنر نيپيئر کي لکت ۾ تحقيقات ڪري اهي دستاويز ڏياري موڪل, جن مان ثابت ٿئي ٿو ته مير علي مراد ڪيتري ئي زمين مير رستم علي خان کان زورئ ڇڏائي. (ذريعو: گورنر جنرل جو خط نمبر 260). 23.7.1846: انگريز وڏي عرصي کان هندستان جي وڏي حصي تي قابض ھئا ۽ هنن جو اتي پنهنجو عدالتي نظام رائج هو. اهي سنڌ ۾ به پنهنجئ مرضئ وارو نظام آڻڻ پيا چاهين. ان ڪري اڄ گورنر جنرل سنڌ جي گورنر کان پڇيو ته کيس اهو ٻڌائجي ته سنڌ ۾ سول جسٽس جي انتظام رکڻ لاء ھو ڪهڙا رولس Rules for adminstration of Civil Justice ٺاهڻ ۽ تجويز ڪرڻ گهري ٿو. (ذريعو: گورنر جنرل جو خط نمبر 263). 23.7.1920 خلافت تحريڪ انگريزن کي نسورو نڪ ۾ دم ڏنو. هن پارٽئ طرفان مختلف ڳوٺن ۽ شھرن ۾ ”خلافت ڪانفرنسون" ٿيون. سڀ کان پهرين ۽ وڏي ڪانفرس جنورئ 1920 ۾ حيدرآباد ۾ ٿي هئي, جنهن جي صدارت علامه غلام احمد ملڪاڻئ ڪئي هئي. ان کان پوء حيدرآباد ۾ ٻي ڪانفرنس اڄ ٿي. خلافت جي واقعاتي تاريخ گل حيات جي ويب تي رکيل آھي. وڌيڪ تفصيل اتان ڏسي وٺجو. 23.7.1936 سنڌ ممبئي کان الڳ ٿي صوبائي حيثيت ورتي ته سنڌ ۾ نئين سياسي صفبندي شروع ٿي. اڄ ڪراچئ ۾ حاجي عبدالله هارون جي جاء تي مسلمان سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي ته ڪا نئين سياسي پارٽي ٺاهجي. اڳتي هلي ھنن ڪوششن اهو رنگ لاتو جو "سنڌ اتحاد پارٽي" ٺھي. 23.7.1948: ڪراچي هاڻي پاڪستان سرڪار جي قبضي ۾ آئي. هاشم رضا کي پهريون ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو ، ۽ ڪاظم رضا کي انسپيڪٽر جنرل پوليس بڻايو ويو. اهي ٻئي غير سنڌي ۽ هندستان کان آيل هئا. سنڌي پنهنجي وڏي شهر جي مستقبل بابت پريشان ٿي ويا. ڪن اهو محسوس ڪيو ته مهاجرن جي ووٽ بئنڪ سان هڪ ”محفوظ حلقو“ بڻايو پيو وڃي. (ذريعو: اخبارون). 23.7.1952: پناهگيرن ڪراچي ۾ جلوس ڪڍي وزيراعظم هائوس جو گهيرو ڪيو. انهن پنهنجي مناسب بحالي جي مطالبو ڪيو. سندن چڙ غصي جو ڪارڻ اهو هو ته هنن کي پڙھا ڏئي لڏپلاڻ تي آماده ڪيو ويو ته هندن کي تڙيو ويو آھي ۽ سنڌ متروڪ ٿي چڪي آھي, هاڻي ان جا وارث پناهگير آھن. (ذريعو: اخبارون). 1963: غلام نبي ميمن ۽ محمد خان جوڻيجو کي ويسٽ پاڪستان حڪومت جي وزارت ۾ شامل ڪيو ويو. ڪجھ ڏينھن اڳ درمحمد اوستي ۽ هڪ ٻئي سنڌي وزير کان وزارت واپس ورتي وئي هئي. (ذريعو: اخبارون) 23.7.1973: پاڪستان, ڪابل جي نئين دائود - حڪومت کي تسليم ڪيو. (ذريعو: اخبارون). 23.7.1988: ايم آر ڊئ ضياء الحق جي غير جماعتي چونڊن جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو. (ذريعو: ‘ ايم آر ڊي تي’ گل حيات انسٽيٽيوٽ طرفان گڏ ڪيل مواد). [جنم ڏينهن]: 23 جولاءِ 1920ع شاعر عبدالعزيز عزيز ابڙو. 23 جولاءِ 1950ع صحافي عطا محمد صديق (شهداد ڪوٽ). [وڇوڙو]: 23 جولاءِ 1980ع سماجي ورڪر مسڪين جهان خان کوسو۔ 23 جولاءِ 1980ع شاعر ۽ اسڪالر ڊاڪٽر اسد الله شاهه حسيني (ٽکڙ). 23 جولاءِ 1885ع اسڪالر ميڻو عبد الرحيم 23 جولاءِ 1989ع شاعر، آرٽسٽ، سماج سڌارڪ ۽ صحافي قاضي عبدالحئي قائل

Wednesday 20 July 2022

Sindh in history today (21st July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (21st JULY) [Sindh in history today (21th July). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan.] 21st July BIRTH DATES MianShahal Muhammad (General of Kalhora Government/ birth 2st July 1593), Abdullah Abbasi (Mohabadero> Karachi/Educationist & Writer/ birth 21st July 1903), LutfullahBadvi (Shikarpur/Educationist, Scholar & Poet/ birth 21st July 1904), Dadan Fakir (MiandadChinjni/Saint Poet/ birth 21st July 1906), KishinchandJetli (Hyderabad >Poono/Poet/ birth 21st July 1910), MurliMukhi (Hyderabad >Mumbai/Writer/ birth 21st July 1926), Ratan Jhamnani (Ahmadabad/Artist/ birth 21st July 1958) DEATH DATES Moulvi Muhammad Salih ‘Aajiz’ (Religious Scholar, Freedom Fighter & Poet/ date 21st July 1982), Masoom Halai (Poet/ date 21st July 1991) EVENTS 1920: A big public meeting is held at village Buthi of taluka Mirokhan by the local branch of Khilafat Committee. It is presided over by Qazi Abu-al-Hassan Azizullah. It has been notified by the Khilfat Committee that in response to its call for Non-Co-Operation, Haji Ghulam Rasool of village Mevo Jalbani, Mula Gul Muhammad of Daro, Warah and Din Muhammad of Badah have announced that they will not take Government grants for their Maktabs/Schools in future. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1925: Ban on Akhand Panth and pilgrimage to Gurdwara Gangar is lifted. Sikh Community is happy to see positive results of their struggle. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1925). 1939: A public meeting is held at Buthi Hakra by the local branch of Muslim League. It is presided over by Moulana Shah Muhammad. The meeting condemns the agitation of Hindus against Nazim of Hyderabad Dakkan. It demands the imposition of ban on selling of Quran by Bookstores run by Hindus. An appeal is also made to elected Sindh Assembly members from the District Larkano to join Muslim League. (Source: Newspapers). 1946: Sindh Assembly election results are declared. G.M.Syed in midist of strong opposition of All-India Muslim League returns un-opposed. Party-wise result is: Muslim League (27 Seats), Congress (21 Seats), G.M.Syed Group (04 Seats), Muslim Nationalists (04 Seats), Europeans (03 Seats). 1949: The property of Sir Shahnawaz Bhutto in Mombai is forfeited. When he was Nazim of Hyderabad Dakkan , he did his level to annex that State with Pakistan (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1953: Habi Ibrahim Rahmatullah is appointed Sindh Governor (Source: Newspapers). 1964: The Alliance named Combined Opposition Parties (COP) is formed by Council Muslim League, Jamait-i-Islami, National Awami Party and Nizam-i-Islam Party. (Source: Newspapers). 1988: Zia promise to hold general elections on November 16, addresses Pakistan Senate. (Source: ibid). Dr.Pathan. 21 جولاء جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 21.7.1920: هڪ ننڍڙي ڳوٺ بٺئ (تعلقو ميروخان) ۾ خلافت جو هڪ وڏو جلسو ٿيو. قاضي ابوالحسن عزيز الله جلسي جي صدارت ڪئي. سرڪار کان بائڪاٽ ڪرڻ وارئ (عدم تعاون) تحريڪ تي عمل ڪندي, ڳوٺ ميوو خان جمالئ جي حاجي غلام رسول, ڳوٺ دڙو جي ملان گل محمد ۽ باڊه جي دين محمد اعلان ڪيو ته هو اڳتي سرڪار کان پنهنجي مڪتبن لاء مالي گرانٽ نه وٺندا. [پارٽين ڪارڪنن جي سياسي تربيت اها ڪئي ته پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻجي. سرڪار ڪو پنهنجي کيسي مان اسان جي ملن ۽ مڪتبن جي ته مالي مدد نه ٿي ڪئي] 21.7.1925: تحريڪون ڪيئن هلائبيون آھن, ان لاء ”حر تحريڪ" هڪ چٽو مثال آھي. اها اسان جي ڌرتئ جي تحريڪ هئي. تحريڪ ڪيئن هلائبي آھي, اهو سبق بنگالن کان سکجي. تحريڪ ڪيئن هلائجي, اهو سکن کان سکجي. سکن تي سرڪار پابندي لڳائي هئي ته اهي امرت سر اچي نه ٿا سگهن ۽ اتي ڌرمي ورد ڪري نه ٿا سگهن. سکن ڪنهن ناغي کان سواء روزانو پنهنجو جٿو سرڪار سان ملڻ ۽ پنهنجي مسئلي سمجهائڻ لاء لڳاتار سال موڪليندا رهيا. تان جو سرڪار اڄ مجبور ٿي مٿن مڙهيل پابندي هٽائي. [اسان تحريڪ کي ثقافتي ڏڻ طور هلائيندا آھيون, جيئن بحريه ٽائون مامري تي هار سينگار ڪري, بڪ اسٽال لڳائي ۽ بسون ڀري پاڻ کي ۽ ٻين کي مفت ۾ ٻڌرائڻ وياسين. اسان تحرڪون پنهنجي جماعتي طاقت ڏيکارڻ لاء جٿو ٺاهي وڃي وڙھڻ لڳندا آھيون ۽ پاڻ کي ڏوهي ثابت ڪري تحريڪ جو مقصد ختم ڪري ڇڏيندا آھيون] 21.7.1939: مولانا شاه محمد جي صدارت ۾ ڳوٺ بٺي هڪڙا ۾ "مسلم ليگ" جو جلسو ٿيو ۽ انھئ موقعي تي ڪيترا ٺھراء پڻ پاس ڪيا ويا. هڪ ٺھراء ذريعي لاڙڪاڻي ضلعي جي مسلمان سياستدانن کان مطالبو ويو ته هو مسلم ليگ پارٽئ ۾ شامل ٿي وڃن. ٻئي ٺھراء ۾ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته مسلمانن جي حقن جي حفاظت کي يقيني بنائي. 21.7.1946: سنڌ ليجسليٽو اسيمبلئ جون چونڊون ٿيون. مسلم ليگ جي پر زور مخالفت باوجود جي.ايم.سيد بنا ميمبر ٿي ويو. هنن چونڊن ۾ پارٽين جي پوزيشن هن طرح بيٺي : مسلم ليگ (27 سيٽون), ڪانگريس (21 سيٽون), جي.ايم. سيد گروپ (4 سيٽون), قوم پرست مسلمان گروپ (4 سيٽون) ۽ يورپي (3 سيٽون). 21.7.1947: ڪراچئ ۾ ”سنڌ شاگرد ڪانفرنس" ٿي, ان ۾ ھارين جي سڄاڳئ ۽ تحريڪ کي سنڌ جي سياسي مستقبل لاء سٺو سوڻ قرار ڏنو ويو. 21.7.1953: حبيب ابراهيم رحمت الله کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. 21.7.1962: خاڪسار تحريڪ فيصلو ڪيو ته پارٽئ جي بانئ جي نظربندئ باوجود سياسي سرگرمين کي جاري رکيو ويندو. 21.7.1964: ڪائونسل مسلم ليگ, جماعت اسلامئ, نئشنل عوامي پارٽئ ۽ نظام اسلام پارٽين گڏجي " ڪمبائينڊ آپوزيشن پارٽيز" نالي سياسي اتحاد قائم ڪيو. 21.7.1970: عبدالصمد اچڪزئئ اڄ ”پختون نئشنل عوامي پارٽي" ٺاهي. *************** {21 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 21 جولاءِ 1593ع سنڌ جي اڳوڻي حڪمران ميان شاهل محمد ڪلهوڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 جولاءِ 1903ع ليکڪ ۽ تعليمدان عبد الله عباسي (محبت ديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 جولاءِ 1907ع شاعر ٺارو مل بجاج(اوٻاوڙو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 جولاءِ 1910ع شاعر ۽ ليکڪ ڪشنچند جيٽلي (حيدر آبا / پونا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 جولاءِ 1926ع ليکڪ مرلي مکي (حيدرآباد / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 جولاءِ 1930ع مشهور نغما نگار ۽ شاعر آنند بخشيجي ديهانت ٿي. 21 جولاءِ 1946ع اسڪالر ۽ تعليمدان ڊاڪٽر محبوب شيخ جو جنم ڏينهن آهي. 21 جولاءِ 1958ع اداڪار رتن جهامناڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 21 جولاء شاعر ۽ راڳي سرفراز علي "سرف" جتوئئ جي جنم جي تاريخ آھي. [وڇوڙو:] 21 جولاءِ 1982ع مذهبي اسڪالر ۽ شاعر مولوي محمد صالح عاجز جي وفات ٿي. 21 جولاءِ 1991ع شاعر معصوم هالائي جو انتقال ٿيو.

Tuesday 19 July 2022

Sindh in history today (20th July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (20th JULY) 20th July BIRTH DATES Santdas Jhangyani (Hyderabad > New Delhi/Scholar/ birth 20th July 1926), Saqi Halai (Manjhand/Poet/ birth 20th July 1932), Hakim Ghulab Khan ‘Mahjoor’ (Rasool Bux Brohi/Poet/ birth 20th July 1934), Haresh ChandarJethmilani (Shikarpur> Baroda/Writer/ birth 20th July 1936), GirdharilalRatnani (Shikarpur> Ulhasnagar/Singer/ birth 20th July 1939), Muneer Gozai (LalBuxRahooja/Writer/ birth 20th July 1941), Padan Sharma (Mirpur>Mumbai/Writer/ birth 20th July 1942), Dr. Sahir Imdad (Hyderabad/Scholar & Poetess/ birth 20th July 1951), Razaq Mahar (Mahar/Writer/ birth 20th July 1954), Anwar Memon (Sukkur/Writer/ birth 20th July 1956), Pahlaj Jewani (Daharki/Poet/ birth 20th July 1959), Ramzan Naval (Moro/Writer/ birth 20th July 1961), DEATH DATES Mir Syed Ghulam Ali ‘Mail’ (Thatta/Poet/ date 20th July 1859), Ghulam Muhammad (Karachi/Sindhi Cricketer who participated in many Matches of international level/ date 20th July 1966), Wali Daudpoto (Writer/ date 20th July 1979) NOTE: BIRTH DATE OF NASIR MIRZA IN SOME SOURCES WAS RECORDED AS 19th AND IN SOME SOURCES AS 20th OF JULY. EVENTS 1849: The Sindh Commissioner request the Bombay Government to supply copy of rules and practice on the subject of marrying, baptizing and burying Christian members of civil establishment. (Source: Commissioner’s letter No.1523). 1920: The Al-Wahid, Karachi, in the course of its editorial advocates ‘Non-Co-Operation Movement’ and advises people to join hands with Khilafat Tahrik. The editor of this Newspaper on contributing this earned imprisonment. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1932: On behalf of the Sindh Azad Jamait, Muhammad Ayub Khuhro presents Memorandum to the Joint Parliamentary Committee in London requesting for separation of Sindh from Bombay Presidency. (Source: The Daily Al-Wahid). 1947: NWFP decides by vote to join Pakistan. (Source: Newspapers) 1954; The Constituent Assembly of Pakistan resolves to make Karachi as permanent Capital of Pakistan (Source: ibd). 1973: It is very difficult to work with Z.A.Bhutto. Baluchistan has been badly victimized in his tenure, says Attaullah Khan Mengal. (Source: Newspapers). [ السلام عليڪم/نمستي/صبح بخير/ Good Morning. جگ جگ جيئو] "سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(20 جولاءِ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪي واقعا ] 20.7.1849: سنڌ ۾ مسيحت جي تشخص کي برقرار رکڻ لاء سنڌ جي ڪمشنر ممبئي حڪومت کي درخواست ڪئي ته سول اسٽيبلشمينٽ جي مسيحي ميمبرن لاء شادي ، دين قبولڻ ۽ دفن ڪرڻ بابت ضابطن ۽ قاعدن جي ڪاپي فراهم ڪئي وڃي. (ذريعو: ڪمشنر جو خط نمبر 155). 20.7.1855 مير محمد خان ٽالپور کي فرنگي سرڪار پينشن ڏيندي هئي. سندس وفات 4 مارچ 1855 تي ٿي. ان ڪري سنڌ سرڪار صوبائي حڪومت کي سفارش ۽ گذارش ڪئي ته هاڻي اها پينشن مير محمد خان جي فرزند مير شاهنواز خان کي ڏني وڃي. ياد رکجي ته فرنگي حڪومت ڪيترن ميرن ۽ سندن عملدارن کي پينشن ڏيندي هئي ته جيئن سندن همدرديون ۽ وفاداريون سرڪار سان دائم ۽ قائم رهن. 20.7.1920: "الوحيد" اخبار ، پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ عوام کي ”عدم تعاون تحريڪ“ ۾ ڀرپور حصي وٺڻ تي زور ڀريو ۽ خلافت تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جي صلاح ڏني. انهي ايڊيٽورل کي سرڪار تحريري بغاوت سمجهي اخبار جي ايڊيٽر کي جيل جي سزا ڏني (ذريعو: روزانه الوحيد ، ڪراچي). 20.7.1932: سنڌ آزاد پارٽئ طرفان محمد ايوب کهڙو ، لنڊن ۾ گول ميز ڪانفرنس جي گڏيل پارلياماني ڪميٽي کي يادداشت پيش ڪري ، ممبئي پريزيڊنسي کان سنڌ کي ڌار ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ جي گذارش ڪئي. (ذريعو: روزانه الوحيد) 20.7.1947: سرحد صوبي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. (ذريعو: اخبارون) 20.7.1949 ون يونٽ ٺھيو ته ان جي ڊھڻ تائين مغربي پاڪستان جي گورنر ٿيڻ جو موقعو سنڌين کي گهٽ مليو. اڄ سردار عبدالرب نشتر کي مغربي پاڪستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو. 20.7.1950 پاڪستان جو وزير اعظم لياقت علي خان انڊيا جي دوري تي ويو. پناهگيرن جا مسئلا ۽ ڪشمير جو مسئلو اتي ڳالهين ڪرڻ لاء سندس خاص موضوع رهيا. 20.7.1954: پاڪستان جي قانون ساز اسيمبلي ڪراچيءَ کي پاڪستان جو مستقل دارالحڪومت بڻائڻ جو فيصلو ڪيو. ياد رکڻ جي ڳالھ ھئ آھي ته جڏهن پاڪستان ٺھڻ جي پڪ ٿي ته مسلم ليگ سوچيو ته لاهور, ڍاڪا ۽ ڪراچئ مان ڪنهن کي دائمي طور تي گادئ جو شھر بڻائجي. ڪراچئ جي چونڊ ۾ انھن ڌرين ڪرائي, جن جي نيت ۾ ھئ ڳالھ ھئي ته اتي پناهگيرن جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ڪرائي "چونڊن جو مخصوص ۽ محفوظ حلقو" قائم ڪري سگهجي ٿو. 20.7.19 [جنم ڏينهن]: 20 جولاءِ 1926ع اسڪالر سنت داس جهانگياڻي (حيدرآباد / دهلي). 20 جولاءِ 1932ع شاعر ساقي هالائي. 20 جولاءِ 1934ع شاعر گلاب خان مهجور. 20 جولاءِ 1939ع گلوڪار گرڌاري لال رتناڻي (شڪارپور / الهاسنگر). 20 جولاءِ 1941ع ليکڪ منير گوزئي. 20 جولاءِ 1942ع ليکڪ پدن شرما (ميرپور / ممبئي) 20 جولاءِ 1956ع ليکڪ، براڊڪاسٽر ۽ شاعر نصير مرزا 20 جولاءِ 1959ع شاعر پهلاج جيواڻي (ڏهرڪي) . 20 جولاءِ 1961ع ليکڪ رمضان نول (مورو). [وڇوڙو]: 20 جولاءِ 1859ع شاعر غلام علي مائل ٺٽوي. 20 جولاءِ 1979ع ليکڪ ولي دائودپوٽو.

Monday 18 July 2022

Sindh in history today (19th July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (19th JULY) 19th July BIRTH DATES ParwatiChavila (Karachi >Mumbai/Singer/ birth 19th July 1932), S.Kumar (Nasirabad>Mumbai/Stage Director/ birth 19th July 1941), SitalHemrajani (Writer/ birth 19th July 1941), QaziShafiq Ahmad Mahesar (Arif Mahesar/Politician/ birth 19th July 1947), Muhammad ShafiQureshi (Dadu/Journalist/ birth 19th July 1950), ParwanoSehwani (Sehwan/Poet/ birth 19th July 1958), Dr.Sakhi Qabool Muhammad 1V (Daraza/Gadi Nasheen/ birth 19th July 1962), Nasir Mirza (TandoThorho/Poet/ birth 19th July 1956), Ali Bux ‘Raza’ (Mirzapur/Poet/ birth 19th July 1960), DEATH DATES MunshiUdharamThanwardas (Text Book writer & Educationist/ date 19th July 1883), Syed ‘Miskeen’ Hajan Shah (Khahi/Poet/ date 19 July 1937), Moulvi Abdul Haq (Pad eidan/Religious Scholar & Freedom Fighter/ date 19th July 1958), EVENTS 1909: Mr. Wright, Educational Inspector of Sindh presides over Conference in N.J.V.High School at Karachi in which Course Outline for Anglo-Vernacular schools was discussed. The Conference is also attended by the principals of N.H. Academy of Hyderabad and Nau Vidyala of Hyderabad including Head Masters of A.V. schools. (Source: The Daily Sindh Gazette, Karachi) 1910: The Sindh Commissioner directs to the District Local Board Larkano to open Dispensaries at Dadu, Bubak and Warah (Source: Commissioner’s letter No 1416). 1920: First Karwan of Sindhi migrants reaches Jalalabad. They migrated on the call of Khilafat Committee and in protest against Government’s anti-Turkey and anti-Islam policy. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1921: Aman Sabha is formed at Ladyoon and our upper class of the area is in fron row of the Sabha. Khair Muhammad Chandio (President), Metharam Ajit Sing (Vice Presidnt), Varomal Parmanand (Secretary) and Bulchand Bhupatrai (Treasurer) are elected as office-bearers. There is lengthy list of members of the Working Committee.(Source: The Daily Gazette, Karachi). Aman Sabha will guide people to be faithful, loyal and sincere subjects of the Government and remain away from freedom fighters. 1936: The Socialist Conference is held at Karachi and attended by Pandit Jawaharlal Nehru. In this conference the attitude of the Socialists towards Congress is explained and Congress is advised to include socialism in its program )Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1936). 1950: We want to make Pakistan a America of East, says Liaquat Ali Khan, Prime Minister of Pakistan (Source: Newspapers). 1958: General elections are postponed till February 1959. (Source: Official Announcement). 1969: Shaikh Mujeeb was not author of 6-points, but it was assignment for him designed by Government officer, says Chowdhri Muhammad Ali in an interview. (Source:The Chittan, journal). [ السلام عليڪم. صبح بخير. نمستي. جگ جگ جيئو. اسان جا وڏڙا ڏکين حالتن ۾ ڪيئن ڦاٿا ۽ ڪيئن انھن مان جند ڇڏايائون, اهو سبق سکڻ لاء تاريخ پڙھڻ ضروري آھي. اسان جي وڏڙن اسان لاء گل پوکيا يا ڪنڊا پوکيا ۽ اسان ايندڙ نسلن لاء ڇا پيا پوکيون, اهو سمجهڻ لاء تاريخ جو مطالعو ضروري آھي. اچو ته پنهنجي تاريخ پڙھو] ”سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ"-(19 جولاءِ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ واقعا ] 19.7.1851 اڄ برگيڊيئر جنرل ۽ سنڌ جي ڪمشنر وچ ۾ خان ڳڙھ (جيڪب آباد) شھر ۾ ڪئنٽونمينٽ ايريا جي حدن بابت لکپڙھ ٿي. ياد رهي ته فرنگين عوام ۽ امن امان تي گرفت رکڻ لاء لڳ ڀڳ سمورن وڏن شهرن ۾ ڪئنٽومينٽس ٺاهيون. 19.7.1855 مير حڪمرانن ميهڙ ۽ ٽڳڙ تعلقن ۾ ڪنهن کي جاگيرون, باغ ۽ جو ٻيو ڪجھ ڏنو هو, انھن بابت جاگيرن جي کاتي جي اسسٽنٽ ڪمشنر رپورٽ تيار ڪري, سنڌ جي ڪمشنر کي ڏياري موڪلي. ياد رهي ٽڳڙ آڳاٽو تعلقو هو, ان منجهان لب درياه تعلقو قائم ٿيو, جنهن کي پوء ڏوڪري تعلقو نالو ڏنو ويو. هاڻي ڏوڪري تعلقي کي ٽوڙي ان مان باڪراڻي تعلقو ٺاهيو ويو آھي. 19.7.1909: مسٽر رائيٽ) Wright) ، سنڌ جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر, صدارت هيٺ اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ ڪانفرنس ٿي ته جيئن اينگلو ورنيڪيولر اسڪولن جي لاءِ ڪورس/ نصاب تي غور ڪجي. ڪانفرنس ۾ اين ايڇ اڪيڊمي حيدرآباد جي پرنسپال ۽ حيدرآباد جي نو ودياليه سميت ڪيرن پرنسپالن به شرڪت ڪئي. (ذريعو/مآخذ: ڊيلي سنڌ گزيٽ ، ڪراچي) 19.7.1920: افغانستان ڏانھن هجرت ڪندڙ سنڌي مهاجرن جو پهريون ڪاروان جلال آباد پهتو. اهي خلافت ڪميٽي جي سڏ تي ۽ حڪومت جي ترڪي- مخالف ۽ اسلام دشمن پاليسي جي خلاف احتجاج ۾ لڏي ويا ھئا. (ذريعو: روزانه الوحيد ، ڪراچي). 19.7.1921: امن سڀا نالي تنظيم سرڪار-پرستن جي سوچ جو نتيجو هو. اهڙئ تنظيم ٺاهڻ جو مقصد هو ته جيئن فرنگي سرڪار سان وفادارئ ڪرڻ جي عملي ثابتي ڏجي. اڄ لاڏيون ۾ امن سڀا قائم ڪئي وئي, جنهن جا عهديدار ٿيا: خير محمد چانڊيو (صدر) ، ميٺارام اجيت سنگ (نائب پريزيڊنٽ) ، ويرومل پرمانند (سيڪريٽري) ۽ بولچند ڀوپتراء (خزانچي), (ذريعو: دي ڊيلي گزيٽ ، ڪراچي). 19.7.1936: ڪراچئ ۾ سوشلسٽ ڪانفرنس ٿي, جنھن جي صدارت پنڊت جواهر لال ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ ڪانگريس تي بار رکيو ويو ته اها پنهنجي پروگرام ۾ سوشلزم کي شامل ڪري. (مآخذ/ انڊين ائنيول رجسٽر, سال 1936, واليوم ٻيو) نوٽ: انڊين ائنيوئل رجسٽر پهريون ٽماهي ۽ پوء ڇهماهي رسالو هو. 1919 کان شروع ٿيو هو ۽ ان جو هڪ هڪ واليوم 500 صفحن جيترو هو. گل حيات انسٽيٽيوٽ ان جي 1919 کان 1947 تائين انڊيڪس ٺاهي رکي آھي. 19.7.1950: "اسان پاڪستان کي اوڀر جو آمريڪا بڻائڻ چاهيون ٿا" ، پاڪستان جي وزير اعظم لياقت علي خان جو عزم. (ذريعو: اخبارون). 19.7.1969: "شيخ مجيب 6 پوائنٽس جو ليکڪ نه هو ، پر اها سوچ مغربي پاڪستان جي سياستدانن ۽ حڪمرانن جي هني. "ڇه پوانٽس" هڪ حڪومتي آفيسر طرفان تيار ڪيا ويا هئا" - چوڌري محمد علي جو انٽرويو ۾ اظھار. (ذريعو: چٽان, رسالو). 19.7.1992 آرمئ جي ترجمان برگيڊيئر آصف هارون چيو ته انٽيليجنس جي آڌار تي پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ايم ڪيو ايم جناح پور يا اردو ديس جي نالي سان آزاد رياست ٺاهڻ گهرن جو ارادو رکن ٿا. [جنم ڏينهن]: 19 جولاءِ 1932ع گلوڪاره پاروتي چاولا (سيوهڻ / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1941ع ليکڪ سيتل هيمراجاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1941ع اسٽيج ڊائريڪٽر ايس ڪمار (نصير آباد / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1947ع سياستدان قاضي شفيق احمد مهيسر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1950ع صحافي محمد شفيع قريشي (دادو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1958ع ليکڪ پروانو سيوهاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1962ع درگاهه سچل سرمست جي گادي نشين سخي قبول محمد فاروقي (چهارم) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو]: 19 جولاءِ 1883ع ليکڪ منشي اوڌارام جي وفات ٿي. 19 جولاءِ 1937ع شاعر مسڪين حاجن شاهه جو انتقال ٿيو. 19 جولاءِ 1958ع مذهبي اسڪالر مولوي عبدالحق (پڊ عيدن) جو انتقال ٿيو. 19 جولاءِ 1969ع مذهبي اسڪالر ۽ شاعر مولوي احمد ملاح جو لاڏاڻو ٿيو.

Sunday 17 July 2022

Sindh in history today (18th July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (18th JULY) 18th July BIRTH DATES NanikChawla (Ulhasnagar/Singer/ birth 18th July 1948), BarkatBaoch (Hussainabad/Poet/ birth 18th July 1953), DEATH DATES Moulana Muhammad Ali Shah (Khairpur/Religious Scholar/ date 18th July 1967), MushtaqBhurgri (Poet/ date 18th July 2007) EVENTS 1914: Hindus are serious in reconstruction of their society by virtue of forming NGOs of their own. Today, ‘Shri Barhma Khastri Sahitya Mandli’ is established in Karachi. Seth Naraindas Variram Chapter, Dr.Narsidas Pitambardas Sodho; Jamnadas Vilabhdas Sadani; Rochiram Gangaram Sadani; Maniklal Maghomal Jethmilani and Pahlajrai Haromal are its founder members. This may kindly be noted that Rochiram Sadani was an outstanding writer and it was his initiate to form NGO of this type. (Source: Annual Report of the Mandli). 1926: All-India Cow Conference is held in Calcutta in which Government is urged to regulate salaughter og cattle by legislation. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1926). 1931: The Bengal Provincial Hindu Conference held at Burdwan under presidency of Mahraj Srish Chandra Nundy of Kasimabad passes the resolution on the issue of separation of Sindh from Bombay Presidency. The text of the resolution is :’ The question is utter disregard of determined opposition of the Hindus of Sindh who will have to bear a large proportion of the inevitable increased taxation in relation to their population, as compared with Moslems of Sindh’.(Source: The Daily Gazette, Karachi). 1932: Prof. J.S.Kriplani of Sindh and Director of the Gandhi Ashram is sentenced to six months’ imprisonment under Section 17 (A) of the Criminal Law Amendment Act. He will be placed in ‘A’ class. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1932). 1935: The Daily Al-Wahid of Karachi in the course of its editorial criticizes G.M.Syed and other leaders for not taking interest in enrolment of peasants as qualified voters. The editorial blames that leaders of upper class formed HARI COMMITTEE a few years ago for protection of their own interests, where as they have nothing to do with welfare of working class. It is time to create vote-bank of this lower class, but our leaders are now avoiding and depriving lower class of their Right of vote. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1936: Indian States Peoples’ Conference is held at Karachi and attitude of subjects of States was discussed and defined. (Source: The Indian Annual Register,Vol-11,1936) 1939: Sj. Subash Chandra Bose deploring the policy of Congress says that ‘ a wave of intolerance is now sweeping over higher ranks of Congress leadership. The slightest criticism of any action of their throws them into a rage and the whole machinery of propaganda in their hands is at once put in operation. In this way the ordinary Congressman is terrorized into silence’. (Source; The Indian Register, Vol-11,1939). 1947: First Special train reaches Karachi. It is beginning of the greatest migration of Indian Muslims to Sindh and wave continued after reaching of Biharis in 1972 and onward. (Source: Newspapers). 1948: By virtue of promulgation of an ordinance, clause 92 A is added in the interim Constitution of Pakistan that empowers Governor-General to dissolve any provincial government.(Source: Newspapers). This may kindly be noted that very drastic decisions are taken when Quaid-i-Azam is in Ziyarat and health is in serious condition. 1955: Government of Pakistan files a petition praying for special leave to appeal against the judgment of a Full Bench of Lahore High court in the habes corpus petitions filed on behalf of ex-Major General Akbar Khan and other Rawalpindi Conspiracy Case prisoners including Faiz Ahmad Faiz. (Source: Newspapers). 1993: Entire political setup in the Pakistan is changed. Assemblies are dissolved. President Ishaq and Prime Minister Nawaz quit their offices. World Bank Vice President Moeen Qureshi is sworn in as care taker Prime Minister. National Assembly polls will be on 6th of October and Provincial Assemblies polls are due on 9th October.(Source: ibid) TRANSLATION INTO SINDHI " سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(18 جولاءِ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق" [ ڪي واقعا] 18.7.1842 اڄ آئوٽرام کي گورنر جنرل جي سيڪريٽرئ خط لکي ٻڌايس ته تنهنجي اها صلاح ته سبزل ڪوٽ ميرن کان کسي ۽ سنڌ کان ڪٽي بهاولپور اسٽيٽ سان ملائجي/ڏجي, گورنر جنرل کي پسند آئي ۽ ھاڻي تو لاء حڪم آھي ته سبزل ڪوٽ جي اهميت ۽ آمدنئ بابت تفصيلي رپورٽ ٺاهي موڪل. ياد رهي ته فرنگين ميرن کي مات ڏيڻ لاء سڀ ڪجھ ڪيو: هنن تي خراج مڙھيو, پاڻ ۾ اختلاف پيدا ڪرايا, هنن کان پرڳڻا کسيا. 18.7.1842 اڄ مير رستم علي خان, اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ ليفٽيننٽ برائون کي خط لکي ٻڌايو ته مير علي مراد ڪا ڳاله ٻڌڻ مڃڻ لاء تيار ڪونهي سو مان هن سان هڪ هڪاڻي ڪرڻ لاء پنهنجي فوج وٺي خيرپور پهچان ٿو. ڏسو ڪيڏي نه ڏک جي ڳالھ آهي جو هڪ ننڍڙي فرنگي ملازم کي ايترو بااختيار ۽ منصف ڄاڻي, هن سان سور سليو وڃي. جڏهن ڌرتئ-دشمنن کي ايئن معتبر ڪبو آھي ته اهي ڪمزورين مان فائدا وٺندا آھن ۽ ڀينگ ڪندا آھن. 18.7.1848 سيٺ نائونمل ۽ مير علي مراد حدون اورنگهي به انگريزن سان وفاداري ڪئي. ڪم لٿي کان پوء ٻنھي کي انگريزن تڪليفون ڏنيون. سيٺ نائونمل ڀاڳ وارو جو سندس قدردان گورا پيدا ٿي پيا. نيپيئر هن سان ذاتي وير وڌو, ڇو ته نائونمل آئوٽرام جي ويجهو هو ۽ آئوٽرام نيپيئر جو مخالف هو. اڄ سنڌ جي ڪمشنر سنڌ جي جج ايڊوڪيٽ جنرل کي خط لکي هدايت ڪئي ته هو نائونمل کي گهرائي پنهنجئ صفائئ پيش ڪرڻ جو موقعو ڏئي. 18.7.1914: اهو هڪ تاريخي سچ آھي ته سنڌو هندن کي پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن ڏيکارڻ جو بهتر موقعو پهريون دفعو انگريزن جي دور ۾ مليو. هن پاڻ کي زندگئ جي هر شعبي ۾ منظم ڪرڻ جو آغاز ڪيو. هنن انگريزن جي دور ۾ ڪيتريون ئي سماجي تنظيمون ٺاهيون. انھن مان فقط هندن کي ئي فائدو نه ملندو هو, ليڪن سڀني مذھبن وارا انھن مان لاٻ پرائيندا هئا. اڄ ڪراچي ۾ ‘شري برھما کشتري ساھتيه منڊلي’ قائم ٿي آهي. سيٺ نارائنداس ويرام چٽپار ، ڊاڪٽر نرسيداس پتامرداس سوڊو ؛ جمناس ولابداس سڏاڻي؛ روچيرام گنگارام سڏاڻي ؛ ماڻڪلال منگھومل جيٺملاڻي ۽ پهلاجراء هرومل ان جا باني ميمبر ٿيا. (ذريعو: منڊلي جي سالياني رپورٽ). 18.7.1931: مهراج سريش چندر نندي جي صدارت هيٺ" بنگال صوبائي هندو ڪانفرنس" ٿي. ان ۾ ممبئي پريزيڊنسي کان سنڌ جي عليحدگي واري مسئلي تي قرارداد پاس ڪئي وئي, جنهن ۾ چيو ويو ته ' سنڌ جي هندن جي پرعزم مخالفت کي قطعي نظرانداز ڪندي سنڌ کي ڌار صوبي بنائڻ تي زور ڏنو پيو وڃي ، جيڪڏهن سنڌ الڳ ٿي ته ھندن کي ناگزير وڌندڙ ٽيڪس جو وڏو حصو برداشت ڪرڻو پوندو'. (ذريعو : ڊيلي گزيٽ ، ڪراچي). ان دور جي هندو توڙي مسلمان سنڌ سان هن ڪري زيادتي ڪئي جو هنن ٻين ماڻھن ۽ پارٽين کي سنڌ جي اندروني مسئلن ۾ مداخلت ڪرڻ جو موقعو ڏنو, جن سنڌي هندو توڙي مسلمانن کي پنهنجي مفاد ۾ استعمال ڪيو. 18.7.1932: سنڌ جي ڪانگريسي اڳواڻ پروفيسر جي. ايس ڪرپلاڻئ کي فوجداري قانون جي ترميمي ايڪٽ جي سيڪشن 17 (اي) تحت 6 مهينن جي قيد جي سزا ٻڌائي وڃي ٿي. کيس. ھو گانڌي آشرم جو ڊائريڪٽر به هو. (ذريعو: Indian Annual Register, 1932, Voll-11). 18.7.1935: روزاني "الوحيد" ڪراچئ پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ ، جي ايم سيد ۽ ٻين اڳواڻن تي هارين جا نالا ووٽرس لسٽ ۾ داخل ڪرائڻ واري ڪم ۾ دلچسپي نه وٺڻ تي تنقيد ڪئي. ايڊيٽوريل الزام مڙهيو ته اعليٰ طبقي جي اڳواڻن پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪجھ سال اڳ هاري ڪميٽي ٺاهي هئي ، حالانڪ انهن جو زرعي پورهيت طبقي جي ڀلائي سان ڪو به واسطو نه آهي. هي وقت هن هيٺين طبقي جو ووٽ بينڪ ٺاهڻ جو آهي ، پر اسان جا اڳواڻ هاڻي لوئر طبقي کي انهئ حق کان محروم ڪري رهيا آهن. (ذريعو: روزانه الوحيد ، ڪراچي). 18.7.1936: ڪراچي ۾ "انڊين اسٽيٽس پيپلز ڪانفرنس" منعقد ٿي, جنهن ۾ رياستن جي رعيت بابت روين تي بحث ڪيو ويو ۽ اهو رايو جوڙيو ته رياستي رعيت کي بنيادي حق به حاصل ڪونھن ۽ باشعور ماڻھون سندن حق لاء جاکوڙ ڪندا ۽ عوامي شعور کي اڀاريندا. (ذريعو: Indian Annual Register, 1936, Voll-11) 18.7.1939: سباش چندر بوس ڪانگريس جي تنقيد نه برداشت ڪرڻ وارئ پاليسئ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ‘عدم برداشت جي لهر هاڻي ڪانگريس قيادت جي اعليٰ صفن مٿان ڇانيل آهي. انهن جي ڪنهن به عمل جي معمولي تنقيد انهن کي ڪاوڙ ۾ اڇلائي ٿي ۽ انهن جي هٿ ۾ پروپيگنڊا جي سموري مشين هڪدم آپريشن ۾ اچي وڃي ٿي. اهڙي طرح سان عام ڪانگريسي ڪارڪن خاموشي ۾ دهشت زده ٿي وڃي ٿو ’. (ذريعو: Indian Annual 1939,Register,) 18.7.1947 پناهگيرن جي پهرين خاص ٽرين ڪراچي پهتي. ان سان هندستاني مسلمانن جي سنڌ ۾ سڀ کان وڏي لڏپلاڻ جي شرعات ٿي (ذريعو: اخبارون). 18.7.1948: هڪ آرڊيننس جي پاڪستان جي عبوري آئين ۾ شق 92 اي شامل ڪئي وئي آهي جيڪو گورنر جنرل کي اختيار ڏئي ٿو ته هو ڪنهن به صوبائي حڪومت کي تحليل ڪري سگهي ٿو. (ذريعو: اخبارون) ڌيان ۾ ڪرڻ جي ڳالھ ھئ آھي ته ان وقت سخت فيصلا ڪيا وڃن ٿا جڏھن قائداعظم زيارت ۾ آھي ۽ سندس صحت خراب حالت ۾ آھي. 18.7.1993: پوري پاڪستان ۾ سياسي جوڙجڪ تبديل ٿي وئي. صدر اسحاق ۽ وزيراعظم نواز پنهنجن عهدن کي ڇڏي ڏنو. ورلڊ بينڪ جو نمائندو معين قريشي سنڀاليندڙ وزيراعظم جو حلف کڻي ورتو. هن اعلان ڪيو ته قومي اسيمبلي جون چونڊون 6 آڪٽوبر تي ٿينديون ۽ صوبائي اسيمبلي جون چونڊون 9 آڪٽوبر تي ٿيڻيون آهن. [جنم ڏينهن:] 18 جولاءِ 1911ع سياستدان آغا غلام نبي پٺاڻ(سلطان ڪوٽ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 جولاءِ 1927ع شهنشاهه غزل مهدي حسنجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 جولاءِ 1936ع سياسي اڳواڻ عبداللطيف ميمڻ (پير ڳوٺ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 جولاءِ 1945ع شاعر ۽ ليکڪ الهجڙيو شاد(جهڏو) جو جنم ڏينهن آهي. 18 جولاءِ 1948ع گلوڪار نانڪ چاولا (الهاسنگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 جولاءِ 1953ع شاعر برڪت بلوچ جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 18 جولاءِ 1967ع مذهبي عالم مولانا محمد علي شاهه جو لاڏاڻو ٿيو. 18 جولاءِ 1885ع قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي فرزند شاهنواز ڀٽوکي فرانس ۾ زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو. 18 جولاءِ 2007ع شاعر مشتاق ڀرڳڙي جو انتقال ٿيو.

Saturday 16 July 2022

Sindh in history today (17th July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (17th JULY) 17th July BIRTH DATES NawabGhulamHyderLaghari (Tajpur/Poet/ birth 17th July 1871), Prof. LalsingAjwani (Khairpur> India/Scholar/ birth 17th July 1899), TilokTulsyani (Darbelo>Ajmir/Journalist/ birth 17th July 1910), Jethanand ‘Betab’(Hyderabad > Hyderabad Dakan/Poet/ birth 17th July 1921), PiralKambar (Poet/ birth 17th July 1933), Yar Muhammad Jhangi (Dadu/Writer/ birth 17th July 1936), Sadhu Ram ‘Ajib’ (Sukkur> India/Poet/ birth 17th July 1936), EishwarBharthi (Tando Adam > Ahmadabad/Writer/ birth 17th July 1942), DEATH DATES Syed Ali Akbar Shah Janshahi (Saint/ date 17th July 1923), HasaramPamnani (Rohri/Freedom Fighter, Social Worker/ date 17th July 1940), Chhutal Khan ‘Miskeen’ (Poet/ date 17th July 1974), Shah Muhammad Noonhani (Kangoro/Poet/ date 17th July 1978), Fakir Muhammad Lashari (Warah/Journalist/ date 17th July 1993), EVENTS 1854: First ever Annual Report of the Karachi Municipality is made public. It reveals that last year the annual income of the Municipality was Rs.13514 and the Development works included digging of new Wells, Water supply to Bunder Road area, construction of a school building and purchase of a plot for Hospital etc (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1909: Harchandrai Vishindas, the president of Sindh Hindu Sabha sends telegram to the Viceroy of India protesting against demand of Sindh Muslims regarding representation in reformed Legislative Councils. He writes that the demand of Muslims is causing deep resentment among other communities. (Source: The Daily Gazette, Karachi) 1920: Munshi Allah Bux, Moulvi Muhammad Azim; Qazi Azizullah; Wadero Muhammad Amin and Haji Ghulam Muhammad Hakro , all belonging to Buthi village were suppose to appear in person before Deputy Collector of Ratodero for explaining their position regarding advocating Non-Co-Operation, but they remained absent on plea that they were not bound to obey orders of the Government that is anti-Islam and anti-people. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1928: The eminent leaders of Hindu and Muslim communities and other minorities of Sindh enter into a ‘Communal understading and Pact’ agreeing to the separation of Sindh from Bombay Presidency. (Source: The Daily Gazette,Karachi). 1932: The Prime Minister’s award regarding communal representation in Indian Provincial councils is announced simultaneously in England and India. It proposes separate electorate. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1932). 1934: A public meeting is held at village Hasul of taluka Kamber after Sun set. Moulvi Muhammad Ibrahim Buthvi and Moulvi Abdul Karim Buthvi advised people to vote for Haji Abdullah Haroon and Shaikh Abdul Majeed Sindhi candidates for Bombay Legislative Council. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1948: KalatState National Party formed in 1930 is declared unlawful. (Source: Newspapers). 1955: Khan Abdul Ghafar Khan launches anti-One-Unit movement. (Source: ibid). 1976: 159 Jining factories, 35 Flour mills;675 Rice mills of Sindh are nationalized. (Source: Newspapers). 1993: President Ishaq and Prime Minister Nawaz Sharif agree to step down from their offices. (Source: ibid) سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(17 جولاء)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق" [ ڪي واقعا] 17.7.1854: ڪراچي ميونسپالٽئ جي سڀ کان پهرين سالياني رپورٽ پڌري ڪئي وئي. اها ظاهر ڪري ٿي ته گذريل سال ميونسپالٽئ جي سالياني آمدني 13514 روپيا هئي ۽ جيڪي ترقياتي ڪم ڪرايا ويا انھن ۾ نوان کوه جي کوٽائڻ ، بندر روڊ واري پاسي ڏانهن پاڻي جي فراهمي ، اسڪول جي عمارت جي تعمير ڪرڻ ۽ اسپتال لاءِ پلاٽ جي خريداري وغيره شامل آھن (ذريعا/مآخذ: ڊيلي گزٽ اخبار، ڪراچي). 17.7.1909: هرچندراء وشنداس ، سنڌ هندو سڀا جي صدر ، اڄ انڊيا جي وائسراء ڏانهن ٽيليگرام موڪلي ته سنڌي مسلمانن جي سڌاريل قانون ساز ڪائونسلن ۾ وڌيڪ نمائندگي گهرڻ سان ٻين برادرين جي وچ ۾ سخت ناراضگي جو سبب بڻجي رهيو آهي. ان ڪري انھن ڪائونسلن ۾ مسلمانن کي سندن مطالبي مطابق وڌيڪ سيٽون نه ڏنيون وڃن. (ذريعو: ڊيلي گزيٽ اخبار ، ڪراچي) 17.7.1920: لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ بٺئ جي رهواسين, هر هڪ :منشي الله بخش ، مولوي محمد عظيم ؛ قاضي عزيز الله؛ وڏيرو محمد امين ۽ حاجي غلام محمد هڪڙي کي رتوديري جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي اڳيان پيش پئي صحائي ڏيڻي هئي ته عدم سهڪار وارئ تحريڪ ۾ ڇو حصو ورتو. مگر اهي ڏسي وائسي غير حاضر رهيا ۽ ان جواز ڏنائون ته اسلام مخالف ۽ عوام دشمن حڪومت جو حڪم نه مڃيو ويندو . (ذريعو: روزانه الوحيد ، ڪراچي). 17.7.1928: سنڌ جي تاريخ جو هڪ روشن ڏينھن آھي. اڄ هندو, مسلم برادرين ۽ سنڌ جي ٻين اقليتن جي نامور اڳواڻ بمبئي پريزيڊنسي کان سنڌ جي عليحدگي تي راضي ٿي هڪ ٺاه ڪيو (ذريعو: روزاني گزيٽ ، ڪراچي). 17.7.1932: "صوبائي ۽ مرڪزي ڪائونسلن ۾ اجتماعي/گڏيل نمائندگئ بدران مذھبي (Communal) بنيادن تي چونڊون ٿينديون"- برطانه جي وزير اعظم جو بيان انگلنڊ ۽ هندستان ۾ هڪ وقت جاري ڪيو ويو (ذريعو: Indian Annual Register,1932, Voll 2nd). 17.7.1934: سج لٿي کان پوءِ تعلقي قمبر جي ڳوٺ حاصل ۾ هڪ عوامي گڏجاڻي منعقد ٿي. مولوي محمد ابراهيم بٺوئ ۽ مولوي عبدالڪريم بٺوي ماڻهن کي ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي چونڊن ۾ حاجي عبدالله هارون ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي کي ووٽ ڏيڻ جي صلاح ڏني. (ذريعو: روزانه الوحيد ، ڪراچي). 17.7.1948: "قلات اسٽيٽ نيشنل پارٽي" جيڪا 1930 ۾ ٺاهي وئي هئي, اڄ ان کي سرڪار غيرقانوني قرار ڏنو. (ذريعو: اخبارون). 17.7.1976: سنڌ جي 159 جيننگ فيڪٽريز ، 35 فلور ملز ؛ 675 رائيس ملز کي سرڪار نئشنلائيزڊ ڪري پنھنجئ تحويل ۾ ورتو. (ذريعو: اخبارون). [جنم ڏينهن]: 17 جولاءِ 1871ع شاعر نواب غلام لغاري (تاجپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 جولاءِ 1910ع صحافي ۽ آزادي واري تحريڪ جي ڪارڪن تلوڪ تلسياڻي(ڪنڊيارو / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 جولاءِ 1921ع شاعر ڄيٺانند بيتاب (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 جولاءِ 1933ع شاعر پيرل قمبرجو جنم ڏينهن آهي. 17 جولاءِ 1936ع ليکڪ يار محمد جهانگي (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 17 جولاءِ 1936ع شاعر ساڌورام عجيب (سکر) جو جنم ڏينهن آهي. 17 جولاءِ 1942ع شاعر ايشور ڀارتي (ٽنڊو آدم / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. [وڇوڙو]: 17 جولاءِ 1816ع اسڪالر حافظ ابو محمد سالم جو انتقال ٿيو. 17 جولاءِ 1940ع آزادي تحريڪ جي اڳواڻ حسارام پمناڻي (روهڙي) جي وفات ٿي. 17 جولاءِ 1974ع شاعر ڇٽل خان مسڪين جو انتقال ٿيو. 17 جولاءِ 1978ع شاعر شاهه محمد نوحاڻي جو انتقال ٿيو. 17 جولاءِ 1993ع ناليواري صحافي فقير محمد لاشارئ جي روڊ حادثي ۾ وفات ٿي. 17 جولاءِ 2007ع اداڪار وفا ڀٽي جي وفات ٿي.

Friday 15 July 2022

Sindh in history today (16th July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (16th JULY) 16th July BIRTH DATES LaxmandasArya( Sahita>Ajmir/AryaSamaji Activist/ birth 16th July 1909), Veena Wadhvani (Hyderabad >Mumbai/Singer/ birth 16th July 1932), Rahim Bux ‘Roshan’ (Poet/ birth 16th July 1941), Veena Shrigi (Shahdadkot> New Delhi/Poetess, writer & Radio Announcer/ birth 16th July 1948), Hafiz Habib Sindhi (Writer/ birth 16th July 1957) DEATH DATES Ali Khan Abro (Sangi/Scholar/ date 16th July 1954), Veromal Begraj (Sukkur/Freedom Fighter & Journalist/ date 16th July 1956), Ali Muhammad ‘Saqi” (Poet/ date 16th July 1980), Dr.Allahdad Bohio (Scholar/ date 16th July 1994), Masoom Sanghrai (Poet/ date 16th July 2004) EVENTS 1857: The Commissioner Sindh asks Superintending Surgeon in Sindh to examine the place named ‘Lakhan’ on western side of ‘Hubb’ River about 60 miles from Karachi and report it fitness as a sanitarium. This may kindly be noted that Dr.Hunter submitted his report that the hill did not possess any of requisites to render it for a sanitarium. (Source: Letter No. 1115 from the Commissioner). 1901: Under section 7 of the Bombay Revenue Code, Notification is issued for creation of the Larkano District. It is signed by J.V.P. Muir Mackenzie, Chief Secretary to the Government of Bombay. (Source: Bombay Government’s Notification Number 4942 & 4942 A). 1919: The event of victory by Allies makes so many people in India. Pandit Panchandas Shiwala of Larkano and Personal Landlord of Shahdadpur share their happiness with the Government and send message of congratulation to the Government of Bombay. (Source: The Sindh Offical Gazette). 1921: The Hyderabad District Congress Committee invites applications from deserving students of the District for three scholarship of Rs.15/ each for getting education in AligarahUniversity and Gujrat Vidya Pith. (Source: ‘Source-Material on Sindh Congress’, compiled by Gul Hayat Institute). 1943: ‘Trade Day’ is observed by Sindh on the call of Sindh Muslim League. (Source: ‘Source-Material on Sindh Muslim League’, compiled by Gul Hayat Institute). 1946: Sindh Minister for PWD, Muhammad Ayub Khuhro delivers his lecture on the topic of ‘Sindh Ploitics’ in D.J.Sindh college. The program is chaired by Shaikh Abdul Majeed Sindhi, ex-Finance Minster of Sindh. (Source: Newspapers). پنهنجو ڪر پاڻ کي, ڀلي منھنجو نه ٿئ; سرت جي ستي پئ, هٿ ڪڍ آپي انا مان. ******* پاڻ سڃاڻو, سنڌ سڃاڻو ۽ پنھنجو ماضي سڃاڻو. ******** "سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(16 جولاءِ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪي واقعا ] 16.7.1840 فرنگين بلاشڪ ٺڳئ ۽ فريب سان سنڌ تي قبضو ڪيو, پر ان لاء ھن گڏهن کان وڌيڪ محنت ڪئي, پنهنجو رت ولولڙو ۽ اڻ-ٿيڻيون ڳالهيون ڪري ڏيکاريون. سنڌ تي 1843 تي قبضو ڪيائون. هئ 1840 جو سال آھي ۽ ان ۾ سنڌ جي واٽن,رستن ۽ حدن جي سروي جو ڪم ڪيائون. اهو ڪم ڪئپٽن جي عهدي واري لي ميزيورئر ڪيو. 16.7.1901: بمبئي روينيو ڪوڊ جي سيڪشن 7 تحت ، اڄ لاڙڪاڻي ضلعي ٺاهڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. (ذريعو: ممبئي حڪومت جو نوٽيفڪيشن نمبر 4942 & A 4942 ). ياد رهي ته انگريزن پھريون ڪراچي,حيدرآباد ۽ شڪارپور ڪليڪٽوريٽ بڻايا ۽ ان وقت لاڙڪاڻو شڪارپور ڪليڪٽوريٽ ۾ ھو. پوء سکر ضلعو ٺھيو ته لاڙڪاڻو ان ۾ شامل ڪيو ويو. اڄ 1901 تي لاڙڪاڻي جي نالي سان نئون ضلعو قائم ٿيو, جنهن ۾ دادو به شامل هو. 16.7.1919: پهرين مهاڀاري جنگ ۾ ترڪي کي شڪست آئي ۽ برطانيه ۽ ان جي اتحادين کي فتح ملي. انھئ فتح تي وڌيڪ خوشي سرڪار پرست چاپلوسڙين کي ٿي, جن سرڪار کي مبارڪن ڏيڻ جو اڻ-کٽ سلسلو شروع ڪري ڏنو. سنڌ جا هندو توڙي مسلمان هڪ ٻئي کان گوء کٽڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويا. اڄ لاڙڪاڻي جي پنڊت پنچنداس شوالا ۽ شھدادپور جي زميندار پيرومل تارون موڪلي فتح تي سرڪار کي مبارڪون ڏنيون. جنهن جنهن سرڪار کي مبارڪون ڏنيون, انھن جا نالا گل حيات ۾ موجود آھن. (ذريعو: دي سنڌ آفيشيل گزيٽ). 16.7.1921: اڳي سياسي پارٽيون سنڌ جي تعليمي ترقئ لاء ايئن پاڻ پتوڙيديون هيون ته مستحق غريب شاگردن کي اسڪالرشپس ڏينديون هيون. اڄ حيدرآباد ضلعي ڪانگريس ڪميٽي عليڳڙه يونيورسٽي ۽ گجرات وديا پٿ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهش رکندڙ شاگردن کان درخواستون گهرايون ته جيئن لائق شاگردن کي 15 روپيا در ماه اسڪالرشپ ڏجي (ذريعو/مآخذ: Source-Material on Sindh Congress, Compiled by Gul Hayat Institute). 16.7.1943: سنڌ مسلم ليگ جي سڏ تي سنڌ ۾ مان ’ ڏيهي واپار/تجارت جو ڏينهن‘ ملهايو ويو. (ذريعو/مآخذ: Source-Material on Sindh Muslim League,Compiled by Gul Hayat). 16.7.1946: تعليمي ادارن ۾ سياست تي ڳالهائڻ کي اسان جي وڏڙن غلط نه ڄاتو. اڄ پي ڊبليو ڊي سنڌ جي وزير محمد ايوب کهڙي ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچئ ۾ ‘سنڌ پلاٽڪس’ جي موضوع تي پنهنجو ليڪچر ڏنو. پروگرام جي صدارت شيخ عبدالمجيد سنڌي ، سنڌ جي سابق فائنانس منسٽر ڪئي. (ذريعو: اخبارون). [جنم ڏينهن]: 16 جولاءِ 1909ع سياسي ورڪر لڇمڻداس آريا. 16 جولاءِ 1932ع گلوڪاره وينا واڌواڻي (حيدرآباد). 16 جولاءِ 1941ع شاعر رحيم بخش روشن . 16 جولاءِ 1957ع ليکڪ حافظ حفيظ سنڌي. 16 جولاءِ 1965ع شاعر بشير بيوس اوٺو(مٺي) [وڇوڙو:] 16 جولاءِ 1954ع اسڪالر علامه علي خان ابڙو(سانگي). 16 جولاءِ 1956ع صحافي ۽ آزادي جي تحريڪ جي ورڪر ويرومل بيگراج . 16 جولاءِ 1980ع شاعر علي محمد ساقي. 16 جولاءِ 1994ع اسڪالر، اديب، شاعر ۽ ماهر لسانيات ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو. 16 جولاءِ 2000ع سنڌ صوبي جو اڳوڻي گورنر اشرف ڊبليو تابانيجي. 16 جولاءِ 2004ع شاعر معصوم سانگهڙائي

Sindh in history today (15th July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (15th JULY) 15th July BIRTH DATES Rais Ghulam Muhammad Bhurgri (Dengan/Freedom Fighter/ birth 15th July 1887), Narayan Shyam (KhaiRahu>India/Poet/ birth 15th July 1922), Ali Nawaz Soomro (Wagan/Journalist/ birth 15th July 1934), Fakir HadiBuxAbro (Shikarpur/Journalist/ birth 15th July 1942), MueshisGilani (Ghotki/Poet, Journalist & Political Activist/ birth 15th July 1942), AltafAbbasi (Writer/ birth 15th July 1942), Srichand ‘Jani’ (Sindh > Ahmadabad/Poet & Singer/ birth 15th July 1945), Saewar Nawaz Bughio (DhaniBux/Poet & Political Activist/ birth 15th July 1948), BakhshalShahani (Moondar/Poet/ birth 15th July 1951), Sajan Sindhi (Dokri/Singer & Political Activist/ birth 15th July 1952), Inam Azad Larik (Panjodero/Poet/ birth 15th July 1953), AmanRahi (Larkano/Poet/ birth 15th July 1955), Ashraf ZamanPirchandami (Writer/ birth 15th July 1962), NisarShaheen (Pathan/Writer& / birth 15th July 1963), Zulfiqar ‘Niaz’ Panhwar (ShadiPali/Poet & Journalist/ birth 15th July 1965), Suhail Pirzado (Writer/ birth 15th July 1971), Raz Shahani (Johi/Journalist/ birth 15th July 1976), Hameed Soomro (Karachi/Journalist/ birth 15th July 1977), Abid Sehwai (Sehwan/Writer/ birth 15th July 1978), DEATH DATES Moulvi Dr.Umar (Religious Scholar/ date 15th July 1968), EVENTS 1921: The Karachi Congress Committee appeals to the Business community of Sindh not to import more foreign-made cloth. (Source: “Source-Material on Sindh Congress’, compiled by Gul Hayat Institute). 1924: Delhi, Nagpur and other cities of India witnesses Hindu-Muslim riots on the eve of Bari Eid. Muslims are blamed for slaughtering Cows. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1924). 1940: In the Punjab Legislative Assembly, the first secret Session in the history of Indian Legislatures commenced when the Assembly by 91 to 48 accepted the motion of Sir Sikandar Hayat Khan , Premier that proceedings of the day be held in camera. (Source: The Indian Annual Register, Vol-!1, 1940). 1947: Indian Independence Bill is passed by the House of Lords.(Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1947), 1950: Jamait-i-Islami opts fpr politics.Moulana Moodudi announces 14-point Manifesto of the Party that is going to contest polls. (Source: ‘Source-Material on Jamait-I Islami’, compiled by Gul Hayat Institute). 1957: Dr.Khan Sahib resigns as the Chief Minister of the West Pakistan (Source: Newspapers). 1963: U.S.A has started supporting separationists in East Pakistan,. Reports are appearing in the press. (Source: Newspapers). 1969: Makhdoom Muhammad Zaman Talib-ul-Moula joins PPP. (Source: Newspapers). 1971: Pakistan has played a praise-worthy role in bringing U.S.A and China near to each other, says U.S President Nixon. (Source: ibid). سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(15 جولاء)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق" [ ڪي واقعا ] 15.7.1839 منوڙي ۽ ڪراچئ تي قبضي ڪرڻ کان پوء انگريزن پنهنجئ مرضئ وارو معاهدو ميرن تي مڙھڻ گهريو. مير ان ۾ ڪنهن تڪڙ ڪرڻ کان لهرائي رهيا هئا. پر انھئ ڪم تي رکيل ليفٽيننٽ ليڪي Leckie سنڌ جي ريزيڊنٽ کي خط ذريعي ٻڌائي ٿو ته مير صوبدار خان سڀ کان پهريون نئين معاهدي کي مڃيو ۽ دستاويز تي دستخط ڪيائين. باقي مير هن تي ڏمريا ته ضرور پر هنن لاء ٻيو چارو ئي نه بچيو ته هو معاهدي مڃن. ڌيان طلب ڳالھ اها آھي جڏهن سنڌواسين اجتماعي هم خيالي, ايڪي ۽ اتحاد کي ڇڏيو ته ڌارين کي من ماني ڪرڻ جو موقعو مليو. 15.7.1843 سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ فوج,فوجي سامان ۽ تجارتي شين کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچاهڻ لاء فرنگين سنڌو ندئ جي آبي آمد رفت مان به ڪم ورتو ۽ اٺ به ڪم آندا. نيپئر جڏهن سنڌ جو گورنر ٿيو ته هن Camel Crops اٺن وارا فوجي دستا ٺاهڻ چاهيا ۽ پنهنجئ وڏئ سرڪار کان منظوري گهري, جيڪا کيس اڄ ڏني وئي. 15.7.1921 ڪراچي ڪانگريس ڪميٽئ سنڌ جي ڪاروباري برادري کي اپيل ڪئي ته غير ملڪي ڪپڙو درآمد نه ڪيو. پارٽئ جو اهو فيصلو هڪ طرف ڏيهي صنعت کي ترقي ڏيڻ لاء ھو ته ٻئي طرف حڪومت سان عدم تعاون تحريڪ جي ڪڙي هو (مآخذ Source Material on Sindh Congress, compiled by Gul Hayat Institute). 15.7.1923 جميعت العلماء سنڌ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽئ جي مولانا تاج محمود امروٽئ جي صدارت ۾ سکر ۾ گڏجاڻي ٿي. هن گڏجاڻئ ۾ عوام ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ لاء تبليغ ڪرڻ واري ڪم بابت ويچاريو ويو. 15.7.1924 هندو-مسلم فسادن کي سنڌ ايترا وڏي پئماني تي نه ٿيا, جيترا سنڌ کان ٻاهر ٿيا. ان مان هئ ڳالھ ظاهر ٿئي ٿي ته مسلمانن ٻين هندن تي نه ته پاڻ سڪون سان رهيا, نه ٻين کي سڪون سان هلڻ ڏنائون. ٻاڪري عيد جي موقعي تي دهلئ, ناگپور ۽ هندستان جا ٻين شهرن هندو مسلم فسادن ٿيا. (مآخذ: Indian Annual Register, Vol:2nd.1924). 15.7.1944 ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ جيڪي ادبي تنظيمون وڌيڪ فعال رهيون, "سنڌو ساهت منڊل" انھن مان هڪ هو. هئ تنظيم "سنڌو" رسالي جي انتظاميه ۽ هم خيال اديبن جي ڪوششن سان قائم ٿي هئي. اڄ ھن منڊل طرفان ڪاراچئ ۾ ليڪچر پروگرام ٿيو, جنھن ۾ ديوان سوڀراج نرملداس فانئ سنڌي شاعرئ بابت ليڪچر ڏنو. [جنم ڏينهن]: 15 جولاءِ 1878ع سياستدان ۽ آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ غلام محمد ڀرڳڙي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1929ع سياستدان ڄام ڪرم الدين جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1934ع صحافي علينواز سومرو (وڳڻ) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1942ع شاعر مرشد گيلاني (گهوٽڪي) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1942ع صحافي هادي بخش ابڙو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1942ع شاعر الطاف عباسي(خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1945ع شاعر ۽ گلوڪار سريچند جاني (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1948ع شاعر سرور نواز ٻگهيو جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1951ع ليکڪ بخشل شاهاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1952ع راڳي سڄڻ سنڌي(ڏوڪري) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1953ع شاعر انعام آزاد لاڙڪ جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1955ع شاعر امان راهي (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1956ع ريڊيو پروڊيوسر آغا محمد عليجو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1962ع ليکڪ اشرف زمان جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1963ع شاعر ۽ صحافي نياز پهنور (شادي پلي) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1963ع ليکڪ نثار شاهين جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1971ع صحافي سهيل پيرزادو (ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1976ع شاعر راز شاهاڻي (جوهي) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1977ع صحافي حميد سومرو (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1978ع ليکڪ عابد سيوهاڻي جو جنم ڏينهن آهي.

Thursday 14 July 2022

Sindh in history today (14t July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (14th JULY) 14th July BIRTH DATES Gobindram Bakhro (Writer/ birth 14th July 1914), Abdullah ‘Asar’ (BeroChandio/Poet/ birth 14th July 1920), ParmAbechandani (Khairpur> New Delhi/Writer/ birth 14th July 1926), Syed Madad Ali Shah ‘Manzar’ (Poet/ birth 14th July 1942), Asghar Khaskhili (Bhirya/Poet/ birth 14th July 1937), Syed Zafar Hussain (Hyderabad/Professor & writer/ birth 14th July 1937), Mahtab Mahboob (Karachi/Writer/ birth 14th July 1945), Ahmad Ali Chandio ‘Sabir’ (Shahdadkot/Poet & Artist/ birth 14th July 1952), Mir Inayat Ali Talpur (Tando Muhammad Khan/Politician/ birth 14th July 1952), Muzafar Hussain ‘Tayab’ (Hala/Poet/ birth 14th July 1957), Muhabati Manzoor Zardari (Jam Zardari/Poet/ birth 14th July 1961), Shah Khalid Bukhari (BukhariBerri/Poet/ birth 14th July 1979), Imam Bux ‘Aajiz’ Jamali (Shahbeg Jamali/Poet/ birth 14th July 1984), DEATH DATES Moulvi Muhammad Hashim Ansari (Phulji/Religious Scholar/ date 14th July 1962). EVENTS 1909: Brahamu Samaj Mandil celebrates Sadhu Hiranand Memorial Day at Khalikdina Hall. Seth Harchandrai is in chair. Prof. S.C.Shahani and Prof.T.L.Wasvani pay homage to the founder of Brahma Samaj, Social reformer, founder of N.H. Academy of Hyderabad- Sadhu Hiranand. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1920: The Daily Al-Wahid, Karachi carries the report about departure of Special Train booked by Jan Muhammad Junijo and other for Sindhi migrants. It is told that more than 50000 people were present at Larkana Railway station on this occasion. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1924: Chaudhri Lal, minister of Punjab is unseated for procuring votes by false personation. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1924). 1930: In a meeting of Hindus and Muslims of Kambar taluka, Non-Cooperation Movement launched by Khilafat & Congress is condemned at length and it is resoled to ask Government to take proper steps for separating Sindh from Bombay Presidency. Mukhi Gobindram- the Mukhi of 74 Hindu Panchayats takes active part. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1940: The important meeting of the Working Committee of the Sindh Muslim League held at Karachi with Haji Abdullah Haroon in chair resolve to hold Sindh Provincial Muslim League Conference at Larkana and Sir Sikandar Hayat, Premier of Punjab be requested to preside. (Source: ‘Source-Material on Sindh Muslim League’, compiled by Gul Hayat Institute) 1942: The All-India Congress Committee passes ‘Quit-India Resolution’. 1945: The official announcement of the failure of the leaders conference is made by Lord Wavell when the conference resumed its sitting at Simla for the last time.”On final examination and analysis of the Wavell Plan we found that it was a snare. There was the contribution of Gandhi Hindu Congress, who stand for Indian’s Hindu National independence as one India”, says M.A.Jinnah. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1945). 1955: Muslim League adopts resolution ‘One-Unit’ resolution. (Source: Newspapers). 1972: Larkano witnesses ugly language riots. Curfew is imposed. (Source: ibid) 1977: Civil war had knocked doors of our society , my action was timely and it will pave way for restoration of peace in the country, says Zia in its first Press Conference. (Source: Newspapers). " سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(14 جولاء)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪجھ واقعا ] 14.7.1909 ساڌو هيرانند ۽ سندس خاندان "برهمو سماج" کي سنڌ ۾ منظم ڪيو. ڪراچئ ۾ "برهمو سماج منڊل" نالي تنظيم انھئ اثر هيٺ قائم ٿي. انھئ منڊل طرفان اڄ سيٺ ھرچند وشنداس جي صدارت ۾ خالقڏني هال ۾ ساڌو هيرانند جو ڏينھن ملهايو ويو. پروفيسر شھاڻئ ۽ ٽي.ايل. واسواڻئ ساڌو هيرانند جي سماجي, صحافتي ۽ مذھبي خدمتن تي روشني وڌي. 14.7.1920 تاريخ جا ورق ٻڌائن ٿا ته ڪيترن سنڌي ماڻھن "جتي پڄي نه سگهجي,اتي ڀڄڻ ڪم وريامن جو" جي غلط منطق تي عمل ڪري, سنڌ ۽ سنڌي قوم سان بي انصافي پئي ڪئي آھي. انھن مڙس ٿي حالتن کي منھن نه ڏنو. عرب آيا ته ڪيترن هندن ملڪ ڇڏيو. ارغون ۽ ترخان آيا ته ڪيترا سنڌي لڏي ويا. انگريزن سان اسان جا خلافتي وڏڙا ڪاوڙيا ته انھن افغانستان هجرت ڪئي. اهو هڪ غلط سياسي فيصلو هو, جن نه فقط ڪيترا خاندان تباه ڪرايا, پر سياسي مقصدن لاء لڏ پلاڻ ڪرڻ جي روايت قائم ٿي. رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي جي قيادت مان هجرت ڪندڙن جي پهرين اسپيشل ٽرين لاڙڪاڻي مان نڪتي ته پنجاه هزار ماڻھن کين الوداع ڪيو. انھئ واقعي جا تفصيل اڄ "الوحيد“ اخبار ۾ شايع ٿيا. 14.7.1921 قمبر ۾ ھندن توڙي مسلمانن جي گڏيل گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ خلافت ۽ ڪانگريس طرفان حڪومت خلاف هلندڙ تحريڪن جي مذمت ڪئي وئي ۽ سرڪار کان مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ کي الڳ صوبي بنائڻ لاء تحرڪ وٺي. هن موقعي تي امن سڀا قائم ڪئي وئي, جنهن لاء رئيس قائم خان شيخ کي صدر ۽ مکي گوبندرام کي نائب صدر چونڊيو ويو. 14.7.1940 حاجي عبدالله هارون جي صدارت ۾ ڪراچئ ۾ سنڌ مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽئ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عنقريب لاڙڪاڻي ۾ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس ڪوٺرائي ويندي, جنھن جي صدارت پنجاب جي وڏي وزير سر سڪندر حيات کان ڪرائبي. 14.7.1940 "الوحيد" جي اڄوڪي پرچي ۾ مسجد منزل گاه انڪواري ڪورٽ جي ڪاروائي ڇپي. ان مطابق علي محمد شاه راشدئ ان ۾ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته خانبهادر الله بخش سومري پاڻ اهڙي سياست کيڏي, جنهن جي نتيجي ۾ مسجد منزل گاه وارا فساد ٿيا. هن طرف وري مسٽر لولا اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مسلم ليگ جي سياست ۽ ذھنيت ئي فسادن جو ڪارڻ ھئي. مسلم ليگ کي فقط سومري جي وڏ-وزارت/حڪومت کي ڊاهڻو هو,انھئ معمولي ڪم لاء ھنن غير معمولي فساد ڪرايا. 14.7.1942 آل انڊيا ڪانگريس "هندستان ڇڏيو" تحريڪ بابت ٺھراء پاس ڪيو. سنڌ هن تحريڪ ھلڻ کان پوء پنهنجو مثالي ڪردار ادا ڪيو ۽ نتيجي ۾ ڪيترا سنڌي ڪانگريسي جيلن ۾ ويا.هن موضوع تي گل حيات ۾ معياري ۽ مقداري مواد موجود آھي. 14.7.1950 لڳ ڀڳ هزار پناهگيرن وزير اعظم لياقت علي خان جو گهر اڳيان اچي دانھون ڪوڪون ڪيون ته هو اميدن ۽ آسرن تي هتي اچي پهتا آھن, سندن واهر ڪريو. 14.7.1955 مسلم ليگ "ون-يونٽ“ جي حق ۾ ٺھراء پاس ڪيو. 14.7.1972 لساني فسادن لاڙڪاڻي کي پنهنجئ لپيٽ ۾ ورتو. ڪراچئ ۾ اتر ڪراچي ان آگ ۾ جلندي رهي. ڀٽي اڄ پراڻن ۽ نون سنڌين وچ ۾ ٿيل ٺاھ جا تفصيل اعلان ڪيا. 14.7.1977 ضياء الحق پهرين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گهرو لڙائي ملڪ ۾ در کڙڪائڻ تي هئي ۽ مون مارشل لا لڳائي وقت تي انھئ جو رستو روڪيو آھي. 14.7.2003 سنڌ يونيورسٽئ جي وائيس چانسلر مظھرالحق صديقئ جي صدارت هيٺ نسيم کرل جي ورسي ملهائي وئي. هن موقعي تي حميد سنڌئ, غلام نبي مغل, تاج بلوچ وغيره نسيم کرل جي زندگئ ۽ ادبي خدمتن تي روشني وڌي. [جنم ڏينهن]: 14 جولاءِ 1907ع ليکڪ غلام اصغر ونڊير جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1919ع سماج سڌارڪ ۽ قانوندان آخوند الهه بچايو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1914ع ليکڪ گوبندرام جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1920ع شاعر عبدالله اثر (ٻيڙو چانڊيو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1926ع ليکڪ پرم اڀيچنداڻي (خيرپور / دهلي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1937ع ليکڪ سيد ظفر حسن (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1937ع شاعر اصغر خاصخيلي (ڀريا) جو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1942ع شاعر مدد علي شاهه منظر (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1945ع ليکڪا مهتاب محبوب جو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1952ع شاعر احمد علي صابر چانڊيو (شهداد ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1952ع سياستدان مير عنايت علي ٽالپرجو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1957ع شاعر مظفر حسين طيب (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1961ع شاعر محبتي منظور زرداري جو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1979ع شاعر شاهه خالد بکري جو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1984ع شاعر امام بخش عاجز جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو]: 14 جولاءِ 1962ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد هاشم انصاري (ڦلجي اسٽيشن) جو لاڏاڻو ٿيو. 14 جولاءِ 1975ع برصغير جو مشهور موسيقار مدن موهن ديهانت ڪري ويو. 14 جولاءِ 1978ع سنڌي ادب جي مشهور ڪهاڻيڪار نسيم کرل(خيرپور) کي قتل ڪيو ويو. 14 جولاءِ 2005ع سياستدان ۽ ڪلاسيڪل وڏيري شاهنواز جوڻيجي جو انتقال ٿيو۔