Saturday 26 November 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (26th November ) By: Dr. Pathan



** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ آيل برطانوي فوجين جي ڪمانڊ
 انگريز عملدار ميجر جنرل ولشائر جي ڪنٽرول ۾ ڏني وئي ۽ ان
 ڏينهن کان سنڌ ۽ سنڌين لاءِ خراب ڏينهن  شروع ٿيا.
** 1847ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شڪارپور جي ڪليڪٽر سنڌ حڪومت
 وٽ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون ته بگٽي برادري جي ماڻهن کي
 مشروط طور تي سنڌ ۾ آباد ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي، برٽش حڪومت
 جي اها ڪليئر پاليسي آهي ته سنڌ جي سماجي، ثقافتي ۽ سياسي 
سڃاڻپ کي برقرار رکيو وڃي، سنڌ حڪومت ڪو به فيصلو ڪرڻ
 کان اڳ ۾ سنڌ جي سڀني انتظامي سربراهن سان مشورو ڪرڻ بعد حتمي فيصلا ڪيا.
** 1931ع ۾ آزادي واري تحريڪ دوران ميهڙ جي ماڻهن اهم ڪردار
 ادا ڪيو، ميهڙ واحد شهر هو، جتي وڌ ۾ وڌ خلافت ڪانفرنسون ٿيون، 
اڄوڪي تاريخ تي سيٺ حاجي مير محمد بلوچ خلافت ڪانفرنس جي
 صدارت ڪئي، جنهن ۾ سنڌ جي ناليوارن اڳواڻن سائين جي ايم سيد شيخ 
عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، انهي ڪانفرنس ۾ 12 کان وڌيڪ 
ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، جڏهن ته ڪانفرنس جي پڄاڻي تي ڪشميرين سان
 يڪجهتي، سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ ۽ هارين کي ووٽ جو حق
 ڏيڻ سميت ڪيترن ئي معاملن تي ڳالهايو ويو،
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سرڪار طرفان جاري ڪيل پڌرائي
 ۾ ڄاڻايو ويو ته ڀارت مان وڌيڪ 84 هزار مهاجر پاڪستان پهتا آهن.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جيڪب آباد-ڪشمور ۽ ڊيرا غازي
 خان-محمود ڪوٽ ريلوي منصوبي جي منظوري ڏني وئي.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي تعليمات اسلامي بورڊ سفارش ڪئي
 ته قاديانين کي غير مسلم قرار ڏنو وڃي.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چين گڏيل قومن ۾ ڀارت جي پاڪستان 
خلاف جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.
** 1994ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور هاءِ ڪورٽ توهين رسالت ڪيس
 ۾ گرفتار ڪيل گل مسيح کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، 
کيس سرگوڌا جي سيشن ڪورٽ موت جي سزا ٻڌائي هئي، 
هاءِ ڪورٽ اها سزا رد ڪري ڇڏي.
** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسلم ليگ جوڻيجو گروپ حامد ناصر چٺا
 ۽ عبدالغفور هوتي جي معاملن تان ورهائجي وئي ۽ اڳواڻن جا اختلاف 
کليل نموني سامهون اچي ويا.

No comments:

Post a Comment