Wednesday 2 November 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (2nd November) By: Dr. Pathan



** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪرنل پوٽينجر پنهنجي سرڪار کي
 رپورٽ پيش ڪئي ته هن ڪيپٽن برنس کي هدايتون جاري ڪيون 
آهن  ته هو خيرپور جي مير حڪمرانن تي يقين نٿو ڪري سگهي، 
ان ڪري ٽالپر حڪمرانن سان معاهدي لاءِ ڳالهيون شروع ڪرڻ 
کان پهرين منهنجي صلاح کي سامهون رکيو وڃي.
** 1929ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي الهه آباد ۾ مسلم ليڊيز ڪانفرنس شروع ٿي،
 جنهن ۾ عورتن کي تعليم جا موقعا فراهم نه ڪرڻ جي مذمت ڪئي وئي.
** 1936ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سر غلام حسين هدايت الله ۽ خانبهادر 
ايوب کهڙو سر حاجي عبدالله هارون ۽ سر شاهنواز ڀٽو سان ٿيل اختلافن
 جو دفاع ڪيو ۽ ڌار مسلم پوليٽيڪل پارٽي ٺاهڻ جو جواز پيش ڪيو.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي مان جاري ڪيل بيان ۾ اين سي
 ڪيلڪر، ڊاڪٽر بي آر امبيدڪر، سر چمن لال، سر ڪائوسجي جهانگير
 ۽ ٻين چيو ته ڪانگريس ۽ مسلم ليگ سڄي هندستان جي نمائندگي نٿيون ڪن،
 ان ڪري حڪومت ۽ مسلم ليگ توڙي ڪانگريس وچ ۾
 ٿيندڙ ڪنهن به معاهدي کي مڃڻ جا سڀئي ماڻهو پابند نه هوندا.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سرڪار طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو
 ويو ته هندستان مان وڌيڪ 32 هزار مهاجر پاڪستان پهچي چڪا آهن.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گورنر جنرل خواجا ناظم الدين ڪراچي ۾ پير
 الاهي بخش ڪالوني جو افتتاح ڪيو، جيڪا هندستان مان ايندڙ 
مهاجرن جي رهائش لاءِ قائم ڪئي وئي هئي.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان هڪ آرڊيننس جاري
 ڪري چونڊن کي ملتوي ڪري ڇڏيو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت 
کي هٽائڻ کانپوءِ اهو اعلان ڪيو ته هو ايندڙ سال چونڊون ڪرائيندو،
 جڏهن ته ذوالفقار علي ڀٽو خلاف ڪيترائي
 ڪرپشن جا ڪيس آهن، جن کي هو عدالت ۾ منهن ڏيندو.

No comments:

Post a Comment