Tuesday 22 November 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (23rd November) By: Dr. Pathan






** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ڪرنل پوٽينجر پنهنجي 
سرڪار کي تجويز ڏني ته لوئر سنڌ واري علائقي ۾ سبسڊري
 فورس جو قيام عمل ۾ آندو وڃي.
** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جي ايم سيد سنڌ جي تعليم واري وزير جي 
عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سرڪار طرفان ٻڌايو ويو ته ڀارت مان 
وڌيڪ 47 هزار مهاجر پاڪستان ۾ داخل ٿيا آهن.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ ٿيل معاهدي تحت
 آمريڪا مان پهريون فوجي امدادي ٻيڙو پاڪستان پهتو.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بغداد پيڪٽ ڪائونسل جي ٻن ڏينهن واري
 ڪانفرنس پڄاڻي تي پهتي، جنهن ۾ وچ اوڀر  ۾ امن لاءِ 
19 نقاطي پڌرنامو جاري ڪيو ويو.
** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سرڪار طرفان اعلان ڪيو
 ويو ته اردو جو مضمون ٻارهين ڪلاس تائين لازمي طور پڙهايو ويندو.
** 1964ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان صدر جي چونڊ لاءِ نامزدگي
 ڪاغذ جمع ڪرايا، سندس مقابلو قائد اعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ 
مادر ملت فاطمه جناح سان هو، صدر ايوب خان تي اهو الزام لڳو ته
 هن ٻيو ڀيرو صدر ٿيڻ لاءِ ڌانڌلي ڪرائي ۽ فاطمه جناح کي هارايو،
 هن چونڊ مهم ۾ فاطمه جناح لاءِ نامناسب لفظ به استعمال ڪيا،
** 1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اغوا ڪيل مسافر جهاز هندي سمنڊ ۾ ڪري تباهه 
ٿي ويو، جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ مسافر فوت ٿيا، ايٿوپيا ايئرلائين جو
 اهو جهاز ڪينيا جي شهر نيروبي مان روانو ٿيو هو جنهن کي هاءِ
 جيڪرن رستي ۾ هاءِ جيڪ ڪيو، هنن 25 مسافرن کي آزاد
 ڪري باقي مسافرن کي يرغمال بڻايو، اهو جهاز اڳتي هلي
 سمنڊ ۾ ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن ۾ هاءِ جيڪر به فوت ٿي ويا.
**  2010ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آئيني ڪاميٽي ججن جي مقرري
 لاءِ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪندي 19هين ترميم آڻڻ
 جو فيصلو ڪيو، 18هين ترميم ۾ ڏنل طريقيڪار تي ججن اعتراض
 واريو هو، ججن جا خدشا دور ڪرڻ لاءِ 19هين ترميم منظور ڪرائي وئي،
 جنهن ۾ اهو طئي ٿيو ته چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جوڊيشل ڪميشن
 ٺاهي ويندي، جيڪا ججن جا نالا طئي ڪري پارلياماني ڪاميٽي
 کي موڪليندي، ان جي منظوري بعد ججن جي مقرري کي حتمي شڪل ڏني ويندي.

No comments:

Post a Comment