Thursday 10 November 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (10th November) By: Dr. Pathan



** 1835ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ مقرر انگريز عملدار ڪرنل پوٽينجر 
پنهنجي سرڪار کي رپورٽ موڪلي ڏني ته ڪابل جي دوست محمد خان
 سنڌ جي حڪمرانن سان رابطو ڪيو آهي ۽ هو راجا رنجيت سنگهه 
کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ جي حڪمرانن سان گڏجڻ چاهي ٿو،
 جڏهن ته راجا رنجيت سنگهه ڪابل ۽ سنڌ ٻنهي لاءِ خطرو بڻيل آهي،
 سنڌ جا ٽالپر حڪمران به اهو چاهين ٿا ته ڪهڙي به طرح اهڙا
 انتظام ڪيا وڃن ته جيئن راجا رنجيت سنگهه کي روڪي سگهجي.
** 1856ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي وقتي ڪمشنر ليفٽيننٽ ڪرنل
 جيڪب بمبئي سرڪار کي درخواست ڪئي ته سکر ۽ روهڙي وچ ۾ پُل
 تعمير ڪرڻ واري منصوبي کي ملتوي ڪيو وڃي، جڏهن ته سنڌو
 درياءَ جي ساڄي ڪپ تي شڪارپور کان ڪراچي تائين ٽرنڪ روڊ تعمير ڪيو وڃي.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ڪابينا ۾ شامل نون 
وزيرن جي کاتن جو اعلان ڪيو ويو، وڏي وزير کي گهرو معاملن 
جو کاتو به ڏنو ويو، جڏهن ته پير علي محمد شاهه راشدي کي
 صحت ۽ ناڻو، مولا بخش سومرو کي مڪاني ادارا، 
خوراڪ ۽ زراعت جا قلمدان ڏنا ويا.
** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي صدر جي
 ماهوار پگهار 65 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي، ان حوالي 
سان هڪ آرڊيننس پڻ جاري ڪيو ويو.
 واضح رهي ته ان وقت ملڪ جو صدر ايوب خان هو.
** 1962ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب يونيورسٽي جي
 سينڊيڪيٽ فيصلو ڪيو ته سنڌي، پشتو ۽ پنجابي ٻولي
 جي مضمونن کي ڊگري ليول تائين پڙهايو ويندو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سپريم ڪورٽ جنرل ضياءَ الحق
 طرفان ملڪ ۾ لاڳو ڪيل مارشل لا کي رد نه ڪيو، سپريم 
ڪورٽ جي انهيءَ فيصلي کي بيگم نصرت ڀٽو فيصلي طور ياد 
رکيو ويندو آهي. جنرل ضياءَ ملڪ جي پهرين چونڊيل 
وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي اقتدار تان هٽائي گرفتار ڪرايو 
۽ اقتدار تي قبضو ڪري ورتو، بعد ۾ ذوالفقار علي ڀٽو
 کي ڦاهي تي لٽڪايو ويو. بيگم نصرت ڀٽو ضيائي 
آمريت خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي. 
عدالت جنرل ضياءَ جي مارشل لا کي رد ڪرڻ بدران برقرار رکيو.

No comments:

Post a Comment