Wednesday 16 November 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (16th November) By: Dr. Pathan



** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي ڪليڪٽر کي هندستاني 
سرڪار طرفان هدايتون جاري ڪيون ويون ته ٺٽي جي سيدن کي 
معاوضا ۽ رعايتون نه ڏيڻ بابت پنهنجي سفارشن بابت ٺوس جواز ڄاڻايا وڃن.
** 1845ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مير حڪمران سهراب خان جو آخري ڀاءُ زنگي
 خان ٽالپر به فوت ٿي ويو، جنهن بعد سنڌ جي ڪمشنر بمبئي سرڪار کي سفارش
 ڪئي ته سندس والده لاءِ 200 رپيا ماهوار وظيفو مقرر ڪيو وڃي.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي روزاني الوحيد پنهنجن ايڊيٽوريلز ۾ مسلسل 
اها ڳالهه لکي ته سنڌي مسلمان ڪائونسل جي اليڪشن ۾ حصو نه وٺن
 ۽ اهو به يقيني بڻائين ته حڪومت جا حامي اميدوار ڪامياب نه ٿي سگهن،
 جڏهن ته سياسي ورڪرن لاءِ اهو لکيو ويو ته اهي پولنگ اسٽيشنن جي ٻاهران 
گڏ ٿين ۽ اتي پروگرام منعقد ڪري عوام کي صلاح ڏين ته چونڊن جو بائيڪاٽ ڪن.
** 1923ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ خلافت ڪاميٽي طرفان
 سنڌ ۾ ”جزيرت العرب ويڪ“ ملهايو ويو، ان دوران مختلف شهرن 
۾ پروگرام ٿيا جنهن ۾ سرڪار جي عربن کي
 ورهائڻ واري پاليسي جي مذمت ڪئي وئي.
** 1936 ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سر غلام حسين هدايت الله لاڙڪاڻي
 جي دوري تي پهتو، جتي هن سنڌ مسلم پارٽي جي شاخ کولڻ واري تقريب 
جي صدارت ڪئي، ان موقعي تي دادو ضلعي سان تعلق رکندڙ اٽڪل 100
 زميندارن سنڌ مسلم پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم لياقت علي خان اعلان ڪيو ته 
پاڪ  ڀارت ۾ مسئلن جي حل لاءِ انصاف جي عالمي عدالت جو در کڙڪايو ويندو.
** 1962ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان مان آيل اٽڪل 30 هزار مهاجرن
 کي رهائش فراهم ڪرڻ لاءِ صدر ايوب خان نارٿ ڪراچي
 ۾ نئين ٽائون شپ اسڪيم جو افتتاح ڪيو.
** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءَ الحق جي ڊگهي آمريت 
بعد ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرايون ويون، جنهن ۾ پيپلز پارٽي سميت سڀني
 جماعتن حصو ورتو. انهن چونڊن ۾ پ پ کي اڪثريت حاصل ٿي ۽
 پوءِ بينظير ڀٽو وزيراعظم ٿي.

No comments:

Post a Comment