Tuesday 15 November 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (15th November) By: Dr. Pathan


** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستاني سرڪار پنهنجي عملدار
ڪيپٽن برنس کي هدايتون جاري ڪيون ته خيرپور جي ميرن سان معاهدي
 کي جلد حتمي شڪل ڏني وڃي، ڇو ته اسان کي هن وقت بکر واري 
قلعي جي سخت ضرورت آهي، جيڪڏهن مير حڪمرانن سان ٺاهه ٿي ويو 
ته قلعي جو قبضو حاصل ڪيو ويندو.
** 1839ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪيپٽن 
ڊي ڊي بين پنهنجي سرڪار کي آگاهي ڏني ته قلات جو اڳوڻو حڪمران 
محراب خان حيدرآباد جي ٽالپر حڪمرانن کي مدد جي درخواست ڪئي آهي،
هو چاهي ٿو ته کيس واپس اختيار ملن، ان ڪري هن سنڌ کان مدد گهري 
آهي ۽ کيس سنڌ مان امڪاني مدد ملي سگهي ٿي، واضح رهي ته
 محراب خان کي انگريز فوجن طرفان هٽايو ويو هو ۽ سندس جاءِ 
تي شهناز خان کي خان آف قلات بڻايو ويو هو.
** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ واري معاملي 
بابت عوام ۾ جاڳرتا مهم هلائڻ لاءِ حيدرآباد ۾ ٻي سنڌ آزاد ڪانفرنس شروع ٿي،
 جنهن جي صدارت علامه يوسف علي ڪئي، ان موقعي تي سنڌ آزاد
 ڪانفرنس پارٽي ٺاهي وئي، جنهن جو صدر سر شاهنواز خان ڀٽو کي بڻايو ويو،
 جڏهن ته ايوب کهڙو نائب صدر ۽ ميران محمد شاهه کي سيڪريٽري چونڊيو ويو.
** 1936ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سر حاجي 
عبدالله هارون کي هٽائي شاهنواز ڀٽو کي مقرر ڪيو ويو.
** 1962ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان ڪراچي ۾ هندستان کان
 آيل اٽڪل 30 هزار مهاجر خاندانن جي رهائش لاءِ نئين ٽائون شپ جو افتتاح ڪيو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۽ ڀارت ۾ بنگال واري معاملي تي
 پيدا ٿيل ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، ڀارتي فوجي تيزي سان ايسٽ پاڪستان طرف 
وڌڻ لڳا، ڀارتي فوجين ڍاڪا طرف پيشقدمي ڪئي.

No comments:

Post a Comment