Monday 7 November 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (8th November) By: Dr. Pathan


** 1841ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي برطانوي سرڪار سنڌ 
۾ مقرر عملدار ميجر اوترام کي هدايت ڪئي ته سنڌ جي زميني حقيقتن
 مطابق مير نصير خان ۽ مير شاهنواز خان وچ ۾ ٿيل معاهدي
 جي حوالي سان آگاهه ڪيو وڃي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چترال ۽ دير جي حڪمرانن پاڪستان
 سان ڳنڍجڻ واري دستاويز تي صحيح ڪري ڇڏي.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ليفٽيننٽ جنرل محمد اعظم جي سربراهي
 ۾ قائم اعليٰ سطحي بحالي ڪاميٽي جي ٿيل گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو
 ته ڪراچي ۾ ڇهن مهينن اندر 40 هزار ڪوار
ٽر ٺاهيا ويندا، جنهن ۾ پناهگيرن کي رهايو ويندو.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ون يونٽ لاڳو ڪرڻ لاءِ سموريون 
تياريون مڪمل ڪيون ويون، سنڌ جي گورنر افتخار ممدوٽ  عبدالستار 
پيرزادي جي ڪابينا برطرف ڪري ڇڏي، جڏهن ته خانبهادر
 ايوب کهڙي کي چيو ويو ته هو پنهنجي حڪومت جوڙي.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حڪومت ويسٽ پاڪستان اسپيشل سروسز
 آرڊيننس لاڳو ڪيو، جنهن جو مقصد ڪنهن به وفاقي حڪومت 
جي ملازم جي ضرورت وقت خدمت حاصل ڪرڻ هو.
** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آزادي واري تحريڪ جي 
اڳواڻ ۽ قائداعظم جي ويجهي ساٿي قاضي عيسيٰ 
خلاف ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪيو ويو.
** 1968ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ايوب خان خلاف شروع ٿيل
 تحريڪ سبب راولپنڊي ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ 
لاءِ فوج کي گهرايو ويو، سمورن تعليمي ادارن جي 
نگراني پڻ فوج جي حوالي ڪئي وئي.
** 1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آئرلينڊ جي پهرين عورت صدر چونڊجي وئي، 
ريپبلڪن آف آئرلينڊ پارٽي پهريون ڀيرو ڪنهن عورت اميدوار
 کي صدارتي اليڪشن ۾ بيهاريو، ميري رابنسن پهرين رائونڊ ۾ 40 
سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا، واضح رهي ته ميري
 رابنسن صدر ٿيڻ بعد پنهنجو مدو پورو نه ڪيو ۽ مدو پورو
 ٿيڻ کان ڪجهه مهينا پهرين استعيفا ڏئي ڇڏي هئي.
**1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بنگلاديشي عدالت شيخ مجيب الرحمان
 جي قتل ڪيس ۾ شامل 15 ڄڻن کي گوليون هڻي مارڻ جو حڪم ٻڌايو، 
ڍاڪا جي عدالت آڏو اهو ڪيس پيش ٿيو، جنهن ۾ اڳوڻا فوجي ۽ سياستدان 
ملوث ڄاڻايا ويا هئا، عدالت چئن ڄڻن کي آزاد ڪيو، جڏهن ته اهو ٻڌايو ويو
 ته 12 جوابدار ملڪ مان فرار ٿي ويا آهن،
 عدالتي فيصلي تي مجيب الرحمان جي حامين خوشي جو اظهار ڪيو.

No comments:

Post a Comment