Monday 31 October 2022

Sindh in history today (31st October). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(31st October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: ‏‎ Dr. Pathan wishes you Good Day. [Dear! I have surrendered everything before your beauty: values & traditions, vision & wisdom and my life. Now, I am nothing. Nothing for you to accept and nothing for self. Still I am happy that and more happy that you are everything for me] قدر ۽ نظريا نينهن نهوڙيا سارا ۽ تنهنجي بره کسيا تن من ۽ هئ روح, ڄڻَ ڪي آئون گل ناهيان مگر ٽوه, جو ٽڙي نہ سگهان تنهنجئ دل تي. *************** ( 31 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 31.10.1835: فرنگي حڪومت سنڌ ۾ موجود ڊاڪٽر هيڊل کي حڪم ڪيو ته سنڌوندئ جي سروي ڪرڻ لاء ميرن سان ڳالهيون هلاء. 31.10.1838: خيرپور واري مير مبارڪ پنهنجو وزير موڪلي ڪئپٽن برنس جا ڪن کڙا ڪيا ته تنهنجي اٿ ويھ ۽ سرگرميون اسان جي آزاد ۽ خودمختيار رياست جي مفادن خلاف نظر اچن ٿيون. ايئن نه ڪر متان اسان ڪنهن ڏکيئي قدم کڻڻ تي مجبور ٿيون. 31.10. 1919: ڪراچئ ۾ “سنڌ سوديشي سڀا" قائم ڪئي وئي. ان جا تفصيل اوهان کي اسان جي ويب سائيٽ تي ملندا. هن سڀا جو بنيادي مقصد اهو هئو ته مقامي/ڏيهي هنر, حرفت ۽ تجارت کي زور وٺرائجي. 31.10.1923: هن سال "سنڌ خلافت" 336588 روپيا چندو /عطيو گڏ ڪيو. ان مان 35607 روپيا مرڪزي خلافت ڪميٽئ کي ڏياري موڪليا, 210909 روپيا ڪمال پاشا ڏي ڏياري موڪليا ۽ 25000 روپيا "سمرنا فند" ۾ ملايا. هي فند به ترڪن جي مدد لاء قائم ٿيل هو. 31.10.1928: ممبئي پرڳڻي جو گورنر سنڌ ۾ آيو. ڪراچئ ۾ ڪيترين پارٽين کيس عرضداشت ناما ڏنا. سنڌ محمدن ائسوسيئيشن پاران عرضداشت نامو سر شاهنواز ڀٽي کيس پيش ڪيو. ان ۾ زميدارن جي مسئلن حل ڪرڻ ۽ سنڌ کي ممبئي پرڳڻي کان الڳ ڪرڻ جي گذارش ڪئي وئي هئي. 31.10.1933: حيدرآباد ۾ ”ھندو-مسلم يونٽي ڪانفرنس" ٿي, جنهن ڪيترن مسئلن تي فيصلا ڪيا ويا. هن ڪانفرنس ۾ شامل هندو اڳواڻن سنڌ جي جدائئ جي اصولي منظوري ڏني. 31.10.1936: ڪالھ سنڌي مسلمان سياستدانن "سنڌ يونائيٽيڊ" پارٽي قائم ڪئي ۽ عهدن جي ورهاست تي ان ۾ شديد اختلاف پيدا ٿي پيا. اڄ سر غلام حسين هدايت الله ۽ محمد ايوب کهڙي "سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽئ" جي نالي سان الڳ پارٽي ٺاهي. سنڌ کي صوبائي خودمختياري ملڻ کان پوء مسلمان سياستدان اٿندي ئي اختلافن جو شڪار ٿي ويا. 31.10.1975: سپريم ڪورٽ نئشنل عوامي پارٽئ تي پابندي مڙھڻ ۽ ٽوڙڻ واري سرڪاري فيصلي کي جائز قرار ڏنو. ملڪي سياست تي وڏين ڪورٽن جي فيصلن گهرا اثر پئي وڌا آھن. 31.10.1990: پاڪستان مسلم ليگ پنهنجي طرفان نواز شريف جو نالو وزير اعظم جي عهدي لاء منظور ڪيو. *************** 31 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 31 آڪٽوبر 1451ع عظيم سياح ڪرسٽوفر ڪولمبس جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 31 آڪٽوبر 1942ع صحافي حسين بخش ٽالپر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 31 آڪٽوبر 1944ع سياستدان ۽ سموري عمر جدوجهد ڪندڙ ڄام ساقي جو جنم ڏينهن آهي. 31 آڪٽوبر 1966ع ليکڪ روشن ڪنڀر جو جنم ڏينهن آهي. 31 آڪٽوبر 1966ع صحافي اي جي چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 31 آڪٽوبر 1854ع مذهبي اسڪالر مولانا مير فخر الدين علوي (شڪارپور) جي وفات ٿي. 31 آڪٽوبر 1896ع بزرگ هستي سيد علي گوهر شاهه ثاني جو انتقال ٿيو. 31 آڪٽوبر 1975ع برصغيرجي مشهور موسيقار ايس ڊي برمنجي وفات ٿي. 31 آڪٽوبر 1977ع سياستدان چاڪر علي جوڻيجو جي وفات ٿي. 31 آڪٽوبر 1984ع ڀارت جي اڳوڻي وزير اعظم اندرا گانڌي پنهنجي محافظن هٿان قتل ٿي وئي. 31 آڪٽوبر 2005ع پنجابي ٻولي جي عظيم شاعره ۽ ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪاره امرتا پريتم جو انتقال ٿيو. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation ******* EVENTS 1835: Dr.Heddle has been assigned duty by his Govt. to negotiate with Sindh rulers in connection with survey of river Sindh. 1838: Mir Mubark Khan conveys warning to Captain Burns through his minister that his activities are found against the sovereign state and he must mind his business. 1916: The meeting of the District Local Board Larkano is held with C.M. Bekar, collector in chair. It is reveals that in Sindh, District Local Boards were most important forum and education, water supply and communication (roads & bridges) and health were their essential priorties. Meetings were held six monthly and were attended by all Dy.Collectors and Members without excuse. Elected and nominated members those attended today's meeting are: Shah Muhammad Lahori, Diwan Moolchand of Tayab, Dhani Bux Jatoi, Qaim Khan Shaikh, Bhojraj Paromal of Sehwan, Abdul Haq Bhutto, Dost Muhammad Thebo, Kazi M.Alam and seven others. 1919: Sindh Sudeshi Sabha is established in Sindh. The Aims & Objects are to promote local industry, give boost to home economy and reincarate love for country. 1923: Sindh Khilafat Collected Rs.3,36,588 in 49 months. It provided Rs.35607 to Central Khilafat Committee, sent Rs. 210909 to Ghazi Kamal Pasha, and Rs.25000 to Samarna. Today its balance is Rs.12703. 1928: Sir Shahnawaz Bhutto, president of the Sindh Muhammadan Association, presents Memorandam to the Bombay Governor, who is on Sindh visit. The steps for the betterment of Jageedars and separation of Sindh from Bombay Presidency are requested. 1933: Hindu - Muslim Unity Conference is held at Hyderabad. Major issues are discussed. 1936: Yesterday, Sindh United Party was formed, but it ended with differences about nomination on key posts. Today, Sindh Muslim Political Party is formed by Sir Ghulam Hussain Hidayatullah and Muhammad Ayub Khuhro. 1947: Gilgat province of Kashmir State revolts against the Dogra regime. 1975: Supreme Court unanimously upholds the dissolution of National Awami Party. It is not reconciled to the existence of Pakistan. 1990: PML names Nawaz Sharif as Prime Minister. 1994: Justice Rafiq Tarar of Supreme Court retires. Protests against some recent happenings in Judiciary.

Sunday 30 October 2022

Sindh in history today (30th October). Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(30th October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: ‏‎ Dr.Pathan wishes you Good Day. [Do not expect that everybody will respect and abide by Human-values. Accept all without any discrimination. You need love, beauty and peace. Dear! Dare to share, project and promote these Values. Because, you are ideal, you are leader. Be, what you are] ڪو مرید من جو تہ ڪو مطلب سندو، 'آزاد' ھئ انسان خود ٿئي ايئن 'بندو'، ڪو چاھي ڪنھن متڀید کان سواء، ڪو بغض ساڙ حسد نفرت پیو ڪندو، پر پسندو نہ ڪڏھن ڪو ڪٿ مندو، جو پیار بڻجي وسندو، سرت سلام جو. *************** ( 30 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 30.10.1838: ڪرنل پاٽينجر حيدرآباد منجهان خيرپور ۾ موجود ڪئپٽن برنس کي لکي ٿو ته توکي اڳ ۾ جنھن معاهدي جو متن موڪليو ويو آھي, ان کي روڪجانء, مان معاهدي جو نئون متن جلد موڪلي ٿو ڏيانء. سبب هئ آھي ته مون کي ميرن جي نيت ۽ اسان سان وفادارئ تي شڪ آھي ۽ نئون معاهدو انھئ تجربي ۽ مشاهدي جي روشنئ ۾ ٺاهبو. 30.10.1839: ايسٽ انڊيا ڪمپنئ اڄ ڪرنل وڊ کي "انڊس نيويگيشن" جو سپريڊنٽ مقرر ڪيو. هاڻي سنڌوندئ ۾ جيڪي به آگبوٽ هلندا, انھن جي انتظامي نگراني ڪرنل وڊ ڪندو. 30.10.1842: سکر مان ميجر آئوٽرام اڄ نيپيئر کي لکيو ته مون مير رستم خان ۽ حيدرآباد واري مير نصير خان وچ ٿيل خط و ڪتابت مير علي مراد خان جي ماڻھن معرفت پڪڙي آھي, اها اوهان کي موڪلي ٿو ڏيان. خطن ۾ ٻنھي ميرن معاهدو ڪيو آھي ته ڪنهن به صورت ۾ مير علي مراد خان کي خيرپور جو والي ٿيڻ نه ڏبو. 30.10.1848: ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته ڪئپٽن ريماء کي هڪ دم ڪم سان لڳاء ته هو سنڌ جي ٽرگناميٽريڪل سروي شروع ڪري. 30.10.1920: "سنڌ خلافت ڪميٽئ" جي سڏ تي سمورئ سنڌ ۾ هڙتال ڪئي وئي. انھئ هڙتال ۾ مسلمانن توڙي هندن هڪ جيترو حصو ورتو. 30.10.1947: سرڪاري طور تي ٻڌايو ويو ته 35000 پناهگير انڊيا مان هتي پهتا. 30.10.1996: تختي اونڌي ڪرڻ ۽ انقلاب آڻڻ جي ڏوه ۾ چئن آرمي آفيسرن کي سزا ڏني وئي. اهي آھن: جنرل ظھير الاسلام, برگيڊيئر مستنصر بالله, ڪرنل محمد اعظم منهاس ۽ ڪرنل عنايت الله. 30.10.1998: نواز شريف جي مرڪزي حڪومت سنڌ سان گورنر راڄ لاڳو ڪيو. *************** 30 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 30 آڪٽوبر 1887ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد هاشم (نوابشاهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 آڪٽوبر 1930ع شاعر ۽ اداڪار ايشور مفلس (سنڌ / ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 آڪٽوبر 1938ع ليکڪ ڪرشن ساٿي (نئون ديرو / رائپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 آڪٽوبر 1945ع سگهڙ الهه ڏنو ٻانهاڻي (رتو ديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 آڪٽوبر 1961ع ليکڪ انس راجپر جو جنم ڏينهن آهي. 30 آڪٽوبر 1963ع صحافي نعيم اختر (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 30 آڪٽوبر 1967ع سماجي ورڪر پير محمد جوکيو جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 30 آڪٽوبر 1932ع مذهبي اسڪالر مولانا محمود پٽائي جي وفات ٿي. 30 آڪٽوبر 1940ع شاعر ميان عبدالله مهر جي وفات ٿي. 30 آڪٽوبر 1947ع صحافي تيجورام شرما (ڪراچي) جي ديهانت ٿي. 30 آڪٽوبر 1981ع ليکڪ قاضي علي اڪبر درازي (روهڙي) جو انتقال ٿيو. 30 آڪٽوبر 1983ع صحافي حاجي محمود هالائي جي وفات ٿي. 30 آڪٽوبر 1984ع برصغير جي مشهور موسيقار خواجه خورشيد انور جو انتقال ٿيو. 30 آڪٽوبر 1994ع تعليمي ماهر ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر محمد الياس ابڙو جي وفات ٿي. 30 آڪٽوبر 1996ع ناليواري فلم ۽ ٽي وي اداڪار قربان جيلانئ جو انتقال ٿيو. 30 آڪٽوبر 2015ع صوفي شاعر،صوفي راڳي ۽ درگاهه جهوڪ شريف جو طالب امام الدين ڊکڻ لاڏاڻو ڪري ويو. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation ******* 1838:Colonel Pottenger directs Captain Burns not to negotiate the treaty with Khairpur ruler, because keeping in mind great doubts about Mir's sincerity with our government, a new treaty will be prepared and sent later on. 1848: Captain Remy is assigned task of carrying out work on the Trignnmetrical Survey of Sindh and the Bombay Govt. asks Sindh Commissioner to take care of him. 1875: E.M.H.Fulton, Educational Inspector of Sindh, notifies that the High School and Anglo - Vernacular School teachers drawing a monthly salary of less than Rs.50 shall pass an examination in Devanagri - Sindhi by May 1876. 1920: Sindh observes complete hartal on the call of the Sindh Khilafat Committee. Hindus and Muslims take equal part. 1947: 35,000 migrants arrive. 1989: Current move of No - Trust against Benazir is part of democratic process, says Chief of Army staff Gen. Aslam Beg. 1996: Four army officers convicted of coup attempt are awarded various terms of rigorous imprisonment. They include Gen. Zaheerul Islam, Brig. Mustansir Billah, Col. M.Azad Mihnas & Col. Inayatullah. 1998: Governor's rule is imposed in Sindh; provincial govt. is dismissed for an indefinite period. Nawaz Sharif hopes that his will weed out terrorism. 2000: Sindh High Court upholds life sentence of former Prime Minister Nawaz Sharif, and rejects death appeal by prosecution, dismisses deposed Prime Minister's appeal against conviction.

Saturday 29 October 2022

Sindh in history today (29th October). By.Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(29th October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: ‏‎ Dr.Pathan wishes you Good Day. [Peace and progress become figment of imagination, when people start believing and behaving themselves as supper and saints, and others as common and criminals. It is an strategy to keep hold and control on sources & resources and chances & opportunites by promoting hatred & discrimination, differences & distances. Come on my Dear! Bring better change in our concepts and ideology with your vision & wisdom, love & beauty, please] فتنو فساد ۽ ڏڦيڙ ٿئي تڏھن مانڌاڻ ، ٻین کي ڏوھي پر فرشتو ڄاٹجي پاڻ، غرض لالچ ۽ نفرت ڪرڀ کي ڪجي، روين ۽ لوچن ۽ سوچن جو سرواڻ،‏‎ ‎ جنهن خدمت محبت کي بٹائيو ماڻ، سو نہ اٹڄاڻ سرت سونھن سلام کان. *************** ( 29 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 29.10.1838: فرنگين کي پنهنجي فوجي ۽ تجارتي مفادن لاء سنڌوندئ کي ڪم آڻڻو هو. ان ڪري هنن ڏکڻ سنڌ کان ندي ڪم آڻڻ لاء حيدرآبادي ميرن سان معاهدو الڳ ڪرڻ گهريو ۽ خيرپوري ميرن سان الڳ معاهدو ڪرڻ گهريو. خيرپور سان هن ڪري الڳ معاهدو ٿي ڪرڻ گهريائون ته جيئن بهاولپور ۽ ان کان مٿي وهندڙ سنڌوندئ واري پاسي کان هو اسلحو ۽ فوج وڏي تعداد ۾ ۽ آسانئ سان سکر آڻي شڪارپور موڪلڻ پيا گهرن. ان ڪري فرنگي نمائندن معاهدي ڪرڻ لاء مير رستم علي خان سان ڳالهيون شروع ڪيون. 29.10.1839: ڪراچئ ۽ منوڙي تي انگريز قبضو ڪري چڪا هئا. ان ڪري سنڌين سندن وڌيڪ بدنيتئ جي مخالفت شروع ڪري ڏني. شڪارپور ويجهو فرنگين جي قافلي تي حملو ڪري سرور خان لوهاڻي فرنگين کان اٺن جو وڳ ڇني ورتو. انھئ زماني ۾ شاه تقي ميرن طرفان شڪارپور جو گورنر هو. فرنگين وٽس وڃي دانهيو ۽ حيدرآبادي ميرن اڳيان به داد فرياد لاء ڪوششون ڪيائون. 29.10.1847: نيپيئر سنڌ ڇڏي ويو ته سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري, ان کي ممبئي پرڳڻي جو حصو بڻائي, مٿس ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. نيپيئر فوجي گورنر هو ۽ هن جي وڃڻ کان پوء سنڌ جي انتظامي مامرن کي فوج کان بچائڻ لاء اڄ ممبئي سرڪار سنڌ جي فوجي اڳواڻ برگيڊيئر ڊنڊاس کي هدايت ڪئي ته سنڌ جي سول معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ڪئي وڃي. 29.10.1922: سنڌ جي واپاري طبقي جي ڪوششن سان اڄ ڪراچئ ۾ ”سنڌ ليگ آف پروگريس" نالي جماعت جوڙي وئي ۽ سيٺ ھرچندراء وشنداس کي ان جو صدر چونڊيو ويو. هن پارٽئ جو تفصيلي احوال گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. 29.10.1928: ترڪئ وارن 1924 ۾ "خلافت" جي اعزاز مان هٿ پٽيا ۽ ان جي خاتمي جو سرڪاري طور اعلان به ڪيو, پر سنڌ ۾ ”خلافت تحريڪ" ۽ "خلافت ڪميٽي" پوء به سرگرم رهيون. اڄ سکر ۾ ”سنڌ خلافت ڪانفرنس" ٿي. ان جو تفصيل اوهان گل حيات ويب سائيٽ تي پڙھي سگهو ٿا. 29.10.1938: لاڙڪاڻي جي مقامي سياستدان تعليم کاتي کان مطالبو ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ ٽي سال سنڌي فائينل جو امتحان نه وٺو, ڇو ته اڳ ۾ هتي ڊگري يافته ماڻھن جو تعداد وڌيڪ آھي ۽ سرڪاري نوڪريون گهٽ آھن. 26.10.1955: ڪراچئ ۾ سنڌ جي سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي ته جيئن "سنڌ ائنٽي ون-يونٽ فرنٽ“ ٺاهجي. هن گڏجاڻئ ۾ جي.ايم.سيد, ذوالفقار علي ڀٽي, شيخ عبدالمجيد سنڌئ, حيدر بخش جتوئئ, قاضي فيض محمد, عبدالحميد جتوئئ ۽ غلام مصطفا جتوئئ شرڪت ڪئي. 29.10.1999: مشرف اعلان ڪيو ته قومي مفادن ڪري تڪڙو جمهوريت طرف موٽ نه ٿي کائي سگهجي. *************** 29 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 29 آڪٽوبر 1889ع ليکڪ نرملداس گربخشاڻي (حيدر آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 آڪٽوبر 1923ع شاعر جڳت راءِ مولچنداڻي دِل (بنگل ديرو/ الهانگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 آڪٽوبر 1972ع شاعر سميع ڪنڌر جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 29 آڪٽوبر 1972ع مذهبي اسڪالر مخدوم عبدالڪريم (ٺٽو) جي وفات ٿي. 29 آڪٽوبر 1992ع اداڪار اسماعيل شاهه جو انتقال ٿيو. 29 آڪٽوبر 2005ع تعليمي ماهر، منتظم ۽ سماجي ورڪر انور الدين شيخ(پنو عاقل) جو انتقال ٿيو. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation ******** EVENTS 1838: Mir Rustam Khan is approached to enter into negotiations for a separate treaty from Hyderabad and similar to Bahawalpur. 1939: Camels of the East India Co. Govt . Are snatched by Sarwar Khan Lohano from the Kafla near Shikarpur. Taqi Shah, the Governor of Shikarpur is approached for help and complaint is made with Talpur Govt. of Hyderabad. 1847: Brigadier Dundas is directed by the Govt. of Bombay that he is responsible for the protection of the country and has to avoid interfering from civil administration of Sindh. 1922: Sindh League of Progress is formed in Karachi. Harchandrai Vishindas is elected as its President. 1928: Sindh Khilafat Conference is held at Sukkur. It is a big political event attended by thousands of people. 1938: Very amazing request is made by Larkano District School Board. The Director of Public Instruction (Education) is requested not to conduct Committee (Final) Examination for three years, because Degree holders are asking for employment. 1947: More 18500 Indian Muslim migrants reach today. 1955: In a meeting held at Karachi, it is decided to form 'Sindh Anti - One - Unit Front'. The meeting is attended by Zulfkar Ali Bhutto, G.M.Syed, Shaikh Abdul Majeed Sindhi, Hyder Bux Jatoi, Kazi Faiz Muhammad, Abdul Hameed Jatoi, Ghulam Mustafa Bhurgri etc. 1999: Vital national objectives do not allow me to give time table for the return of democracy in the country, says Musharraf. !

Thursday 27 October 2022

Sindh in history today (28th October). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(28th October). ( 28 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 28.10.1838: سکر مان سر برنس اڄ پاٽينجر کي تفصيلي خط لکي ٿو. ان جون خاص ڳالهيون هي آھن: (1). خيرپوري مير پنهنجي روين ۽ عملن سان اسان سان وفاداري ڏيکاري رهيا آھن. ان ڪري هتان مير نور محمد کي سندس خط جي جوڳي موٽ ڪانه ملي. (2). ميرپوري مير-خاص طور تي مير شيرمحمد به اندرئون اندر خيرپوري ميرن جي سڳي ڌاڳي ۾ آھن ۽ مير نورمحمد کان راضي ناهي,(3). مير رستم جي گذارش مٿان گذارش آھي ته هن جي آمدني گهٽ آھي. ان ڪري هن تي شاه شجاع واري ڏن جي ڦوڙي ۽ فرنگي فوج کي سنڌ ۾ رکڻ واري ڦوڙي گهٽ کان گهٽ رکي وڃي. 28.10.1838: برنس اڄ گورنر جنرل کي سندس سيڪريٽرئ معرفت خط ۾ لکي ٿو ته ممبئي فوج جي اچڻ ۽ سنڌ ۾ ھجڻ جو حيدرآبادي ميرن تي رعب پوندو ۽ هو هاڻي جيڪا قنڌار ۽ ايران سان ملي اسان خلاف محاذ آرائي ڪرڻ جا سانباها ڪن ٿا, انھن کي ٻنجو ايندو. البته هو فوج لاء اٺ, گاه ۽ اناج وٺڻ ۾ اسان لاء رنڊڪون وجهي سگهن ٿا. 28.10.1888: حيدرآباد ۾ ديوان نولراء ۽ سندس ڀاء مشھور سماجي سڌارڪ ۽ صحافئ ساڌو هيرانند " يونين اڪيڊمي" نالي اسڪول قائم ڪيو. اڄ سنڌ جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جيڪب ان جو افتتاح ڪيو. اڳتي هلي هن اسڪول جو نالو بدلائي, ٻنھي ڀائرن جي نالن پٺيان "اين.ايڇ.اڪيڊمي" رکيو ويو هو. 28.10.1920: سنڌ خلافت ڪميٽئ مختلف ضلعن ۾ مبلغ مقرر ڪرڻ شروع ڪيا ته اهي در در وڃي پارٽئ جي حقيقت ۽ ان طرفان هلايل تحريڪن, جهڙوڪ: ترڪ موالات ۽ ڪائونسلن جو بائڪاٽ وغيره جي اهميت ۽ ضرورت کان عوام کي آگاه ڪري سگهن. اڄ لاڙڪاڻي ضلعي لاء مولوي محمد ۽ مولوي نورالحسن کي مبلغ مقرر ڪيو ويو. 28.10.1922: بدين ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر شيرسنگ جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ سرڪار-پرست پارٽي "امن سڀا" قائم ڪئي وئي. ان لاء ديوان وزيرمل کي سيڪريٽري ۽ تنومل کي جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 28.10.1947: سرڪار پڌرو ڪيو ته 980300 پناهگير اڄ پهچي ويا. 20.10.1958: جنرل ايوب حڪم نامو ڪڍي ملڪ سان صدارتي نظام لاڳو ڪيو. 28.10.1970: ٿيندڙ چونڊن جي ورڪ لاء حڪومت پارٽين جي اميدوارن کي ريڊيو ۽ ٽي.وئ تي خطاب ڪرڻ جو موقعو ڏنو هو. شيخ مجيب تقرير ڪندي اڄ چيو ته پاڪستان اسان جو مقصد آھي ۽ اسان جمهوريت جي بالادستي چاهيون ٿا. اسان رستي روڪيندڙ جا رستا روڪينداسين. [هن تقرير مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته 1970 جي آخر تائين شيخ مجيب علحگئ جي ڳالھ نه ٿو ڪري. فرقو چونڊن کان پوء ڦريو. هنن جي چونڊن واري سوڀ مغربي پاڪستان جي وس وارن قبول نه ڪئي] 28.10.1990: ڪالهوڪي صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جا نتيجا پڌرا ٿيا. بينظير ڀٽي وڏي پئماني تي ڌاڌلين ڪرڻ جو الزام هنيو. پيپلز پارٽئ کي سنڌ ۾ سادي اڪثريت به ڪانه ملي. آء.جي.آء کي سوڀ ملي.ملڪ ۾ انھن چونڊن دوران ٿيل فسادن ۾ 37 ماڻهون اجل جو شڪار ٿيا. 28.10.1996: مير مرتضا ڀٽي کي مارائڻ واري واقعي ۾ آصف زردارئ, نصيرالله بابر ۽ عبدالله شاه جا نالا عام ماڻھن جي ذھن ۽ زبان تي عام ٿيا. 28.10.1998: نواز شريف ڀڀڪيون ڏنيون ته حڪيم سعيد کي قتل ڪرڻ جو منصوبو نائين زيرو تي تيار ڪيو ويو. ايم.ڪيو.ايم قاتل سرڪار حوالي ڪري. *************** {28 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1892ع ليکڪ عطا حسين شاهه موسوي(روهڙي). 1918ع ليکڪ نور محمد سنڌي (ڪنڊيارو). 1972ع شاعر عبدالراشد عادل سرڪي. 1972ع ليکڪ احسان ابڙو. [وڇوڙو]: 1958ع سياستدان شيوارام وزيراڻي. 1958ع شاعر پرسرام ضياء(ٽنڊو آدم / اجمير). 2002ع اديب، محقق، آرڪيالاجسٽ ۽ شاعرتاج صحرائي. 1. GOOD DAY WISH: composed in Sindhi language along with its translation into English: ‏‎ ‎Dr.Pathan wishes with Good Day. [Dear! Your beauty is a magnificent and magic. It combines head with sword to create life. It makes life lovely love. It has entered in my heart with all its colours and fragrance. Now, my soul is satisfied and I feel myself protected from hatred, discrimination and ego. Now, I believe that I am a human-being in all respects] جا خوشبوء سندء روح هن وجود سندي، جا تنھنجی صورت مورت ذاتي ۽ صفاتي، امر بٹائيو عشق کي ھئ هٻڪاري حیاتي، ملائي ٻن مان هڪ ڪيائين ڪنڌ ڪاتي, سندء سونهن سرير ۾ جئ ۾ جھاتي پاتي, لئون اسان لاتي, تو سان سرت سلام سان.‏‎ ‎ 2.EVENTS 1933: Reforms office of the Govt. of India constitutes 'Sindh Administrative Enquiry Committee' so as to suggest administrative steps for Sindh after it will be a separate Province in 1936. H.Dow is its chairman, whereas H.B. Labrick is its Secretary. The committee consists of 7 members including K.B.Khuhro and Haji Abdullah Haroon. 1947: 98, 0300 Indian Muslims arrive. It speaks of un - matched migration at large scale. 1958: Ayub promulgates the Presidential Cabinet Order, according to which the cabinet will have no Prime Minister and it would work directly under president. 1998: Prime Minister Nawaz Sharif demands MQM handover persons allegedly involved in the assassination of Hakim Muhammad Saeed. IS IT NOT AMAZING THAT IN THIS COUNTRY PRIME MINISTERS CAN ONLY DEMAND AND NOT TO TAKE PROPER ACTION.

Sindh in history today (27th October). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(27th October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: ‏‎ ‎ Dr.Pathan Wishes you Good Day. تو جو ھن سان ٿي ڳالھایو، مون کي ان تي ڏک نہ ٿیو ھو . ڇو جو راٹي ساھ سیباٹي ، تون ڪا منجھي باندي ناھین‎ ‎‏،‎ ‎گولي ناھین . جڏھن تہ منھنجي پنھنجي دل ڀي ، منھنجي ھوندي منھنجي ناھي . سا پنھنجيءَ مرضيءَ موجب نینھن لڳائي. تنھن کي ڪڏھین پلي نہ سگھیس ، تنھن کي ڪڏھین جھلي نہ سگھیس. پوءِ او راٹي ساھ - سیباٹي ! تو تي ڇا لاءِ مٽ سجایان ؟ تو کي ڇا لاءِ ڏانوڻ پایان ؟ تو کي پڻ آزادي آھي. تو کي ڇڻ آزادي آھي. [ No Doubt, I am In love with you. you are my beloved, but not slave. I respect your freedom and I love you unconditionally. It will not be fair to curb your freedom and chain you. When my heart is not following me and loves & Likes any body as desired by it . When I can't stop it. How and why I should stop you? You are free, though, you are my dear beloved. I love you unconditionally.] *************** 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation ***** 1843: Charles Napier sending letter from Karachi apprises the Governor - General of the situation he faced in Sindh. He writes that '20,000 men under Mir Sher Muhammad were within a march of my camp. I had the magazines and hospital full of wounded men, to guard on the banks of the Indus. I had six sovereign princes in my camp, intriguing as hard as they could to arrange an attack upon my camp... I had an immense treasure to guard...Zenanas were about 800 powerful Balochees well-armed.' 1857: Sindh Commissioner informs all Heads of independent States of the fall of Delhi and relief of Luck now by Generals Havelock and Outram that occurred oe 20th and 25th October respectively. 1859: Sindh Commissioner prescribes procedure to be adopted in dealing with persons of Kelat territory committing offences within British territory. 1958: Maj. Gen. Iskandar Mirza relinquishes his office of President Ship and hands over all powers to Gen. Muhammad Ayub, who ruled country for more than a decade. 1959: Gen. Ayub becomes the Field Marshal and Promulgates the Basic Democracies Order providing the constitution of Basic Democratic Institution ranging from the Union Council level to Provincial Development Advisory Councils. 1989: No -Confidence motion against Prime Minister Benazir Bhutto is moved. Voting will be on November, 2. 1996: Jamait -i- Islami sit -in effort is made to fizzle out in Islamabad aimed heavy teargasing and baton charges. 2000: Accountability Court issue non - bail able arrest warrants of Benazir Bhutto.

Wednesday 26 October 2022

Sindh in history today (26th October). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(26th October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: ‏‎ ‎Dr.Pathan wishes you Good Day. [If you are not being accepted, so what? Surrender & dedicate yourself with all love & sincerity at your command. If beloved hates, don't be worried. Because, it is requirement of beauty and vision & wisdom of love.] پرین نہ ٿين پنھنجا، تون ئي پاڻ پرین جو ٿئ، محبت بدران نفرت ملي، سمجهي پرت پیالو پئ، جگ جگ جانب جئ، آس امید سرت سلام سان *************** ( 26 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 26.10.1838: فرنگين جي جاسوسن ۽ سنڌ ۾ آئي پنج ڇھ سال مس گذريا ته هنن ميرن جا ويجها ماڻھون هنن کان ٽوڙي پنهنجا وفادار يار بڻائي ڇڏيا. نتيجو اهو نڪتو ته ميرن جي مخفي خط و ڪتابت اصل ماڻھونء تائين پهچڻ کان اڳ انگريز سفارتڪارن تائين پهچي ويندا هئا. اڄ ڪئپٽن برنس خيرپور مان هڪ خط حيدرآباد پاٽينجر ڏي ڏياري موڪليو, جيڪو مير نور محمد خان ڪجھ ڏينھن اڳ مير رستم علي خان کي لکيو هو ۽ ان ۾ انگريزن جي گلا به ڪئي هئي ۽ انھن جي نيتن تي شڪ به ڏيکاريو هو. 26.10.1849: سنڌ تي انگريزن جي حڪمراني شروع ٿي ته حڪمرانن عيسائين ۽ عيسائيت جي مذھبي روايتن جي پاس خاطري شروع ڪئي. اڄ ڪلڪتي واري لارڊ بشپ کي سنڌ ۾ عيسائي قبرستانن جي ديک ڀال جو ڪم ڏنو. هن سال کان سنڌ جي عيسائي قبرستانن ۾ قبرن تي ڪتبا لکجن شروع ٿيا. انھن ڪتبن ۾ سنڌ ۾ دفن ٿيل عيسائين جي سوانح بابت ٽاڻا اشارا ملن ٿا. 26.10.1853: سرڪار فيصلو ڪيو ته جيئن ٽالپورن جي دور ۾ جاگيردار رستن ٺھرائڻ ۽ واهن کوٽائڻ ۾ وانگار يا ٻئي طريقي تعاون ڪندا هئا, اهو سهڪار کين فرنگي سرڪار کي به ڏيڻو پوندو. [ ياد رهي ته جاگيردارن کان زرعي آمدنئ جو پنج سيڪڙو به محصول/ٽيڪس/سيس طور ورتو ويندو هو] 26.10.1940: سر شاهنواز ڀٽو لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ/ٿيل ڪمن جي معائني تي ممبئئ مان لاڙڪاڻي اچڻ جو فيصلو ڪيو ته لاڙڪاڻي جي ضلعي لوڪلبورڊ ان لاء پنھنجئ بجيٽ مان 97 روپيا منظور ڪيا [مطلب ته ڪو وزير يا عملدار ڪنهن هنڌ ويندو هو ته ان جو خرچ اتان جي ضلعي لوڪلبورڊ ڀريندي هئي] 26.10.1974: سوويٽ يونئين راضپو ڏيکاريو ته ڪراچئ ۾ اسٽيل مل قائم ڪرڻ لاء 228 ملين روبيلس ڏنا ويندا. 26.10.1989: بينظير خلاف قومي اسيمبلئ ۾ ”بي اعتمادئ واري رٿ" پيش ڪرڻ لاء مخالف ڌر جي سمورن ميمبرن ان تي دستخط ڪيا. 26.10.1990: پاڪستان جي چونڊن ۾ بينظير جي پارٽئ هارايو ۽ نواز شريف سوڀيارو ٿيو. آمريڪا انھن چونڊن کي شفاف ۽ صاف چونڊون قرار ڏنو [چونڊن واري ڏينھن ملڪ جي صدر غلام اسحاق ووٽ ڏيڻ کان پوء نتيجن نڪرڻ کان اڳ چيو ته اڄ اسان مخالفن (بينظير ۽ سندس پارٽئ کي) دفنائي ڇڏيو. 26.10.1996: بينظير حڪومت لاء ڏکيا ڏينھن ثابت ٿي رهيا آھن. جماعت اسلامي اسلام آباد ۾ ڌرڻي هڻڻ لاء ڪوشان آھي ۽ ملڪ صدر فاروق لغاري, جنھن کي پي.پي.پي چونڊرايو هو, سو حڪومت تي ڪاوڙجي پيو آھي ته ڪئبينيٽ جيڪي فيصلا ڪري ٿي,انھن کان کيس آگاه نه ٿو ڪيو وڃي. هنن ئي حالتن ۾ مخالف ڌر نواز شريف جي اڳواڻئ ۾ ملڪ گير هڙتال ڪري ٿي. هنن کان پوء بينظير جو ڀاء مير مرتضا ڀٽو به ڪراچئ ۾ ماريو وڃي ٿو. اهو به تڏهن جڏهن مرڪز ۽ سنڌ ۾ بينظير جي حڪومت آھي. *************** 26 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 26 آڪٽوبر 1916ع شاعر ناچيز ميمڻ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 آڪٽوبر 1925ع صحافي مينگهه راج وليڇا (ڪراچي / بڙودا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 آڪٽوبر 1925ع ليکڪ ڪيولرام نرسنگهاڻي (گمبٽ / کنڊوا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 آڪٽوبر 1931ع گلوڪار لکمي چند ڇاٻڙا (شڪارپور / ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 آڪٽوبر 1936ع ليکڪ رام هنڱوراڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 آڪٽوبر 1952ع ليکڪ امينا لالئي (سکر) جو جنم ڏينهن آهي. 26 آڪٽوبر 1965ع بزرگ شخصيت پير ڪرم الله انصاري دلبر سائين جو جنم ڏينهن آهي. 26 آڪٽوبر 1971ع شاعر منصور سيتائي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 26 آڪٽوبر 1882ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالرحمان شڪارپوري جو انتقال ٿيو. 26 آڪٽوبر 1938ع سياستدان ولي محمد شاهه (سيوهڻ) جي وفات ٿي. 26 آڪٽوبر 1940ع شاعر منگهارام غلام جي ديهانت ٿي. 26 آڪٽوبر 1988ع شاعر بردو سنڌئ جي وفات ٿي. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation ******** 1838: Captain Burns provides to Colonel Pottenger a copy of letter written by Mir Noor Muhammad to Mir Rustom khan exhibiting his faithlessness and disposition towards the British Govt. 1849: Lord Bishop of Calcutta is made custodian of Churches and burial grounds and fees received for permission to erect Mural Tablets in churches is put on his disposal. 1853: Govt. decides that as per previous practice obtainable under Talpurs' Govt. Jageerdars shall be required to provide labour for repairs of roads. 1940: Sir Shahnawaz is due to visit development work done by the District Local Board Larkana and for this purpose Rs.97 are sanctioned by the Board for expenditure. 1968: Pakistan shows willingness to have a 'no - war pact ' with India provided it is accompanied by other pact defining the procedure where by India and Pakistan can resolve problems that exist between two. 1974: Soviet Union agrees to provide 228 million Robles for the Steel Mill to be established. 1989: PPP Minster Tariq Magsi quits supporting opposition. All opposition MNAs sign 'no - trust' move against Prime Minister Benazir Bhutto. 1990: U.S terms election in Pakistan fair and sees no malpractices in it. 1996: Road Link between Islamabad and the rest of the country is cut off to foil Jamait -i- Islami's sit - in strike. President Laghari is also not happy with PPP Govt. that he is not being sent Cabinet decisions. Strike is observed throughout country on the call of PML - led opposition against Benazir Government.

Tuesday 25 October 2022

Sindh in history today (25th October). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(25th October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: Dr. Pathan wishes you Good Day. [Selfishness is mother of human hate & discrimination. It encourages to ignore talents & potentialities and love & beauty. It kills sincerity and gives birth to hypocrisy. It is the best to be Self instead of being selfish] خیر گھرجي نہ خلق جو، چاھجي خلق گھري سدائين خیر، 'مطلب' لاء جھڪي پئجي، اڳيان پنھنجو ھجي یاڪو غیر، هن کي چئجي من جو میر، جو نہ ڄاڻي سرت سلام کي ! ‏‎ ‎ *************** 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation ************** EVENTS 1838: Colonel Pottenger informs his Govt. that Mir Noor Muhammad is trying to enter into alliance with Persia and Russia and he is avoiding relying on British Govt. However, Mir Muhammad has refused to be a partner to such a measure. 1847: The Collector of Shikarpur informs Sindh Govt. that all Bugti refugees have surrender except Islam Khan and Dotal Moondrani Bugti, robber has been captured by Adujant Alam Khan. 1849: Major Jacob requests Commissioner that many men of the border force were suffering from fever and for the protection of the Northern Frontier, detachment of the Sindh Horse at present serving in Punjab should be ordered back to Upper Sindh. 1922: A public meeting is held at village Gul Muhammad Tunio by the local branch of the Khilafat Committee. It is chaired by Moulvi Ghulam Hussain and addressed by Hafiz Abdullah. 1971: President Yahya sends his proposal to the U.N.O Secretary General for withdrawal of forces, appointment of neutral observers to minimize Indo - Pak tension. 1972: China accuses the Soviet Union of aggression to dismember Pakistan. 1989: Nawaz Sharif and Altaf Hussain pledge to unseat Benazir. Both address press conference in Karachi. 1990: Election results reveal that PDA is routed in Punjab, Sindh majority is cut down. Veterans Pir Pagaro, Wali Khan, Nawabzado Nasrullah and Asghar Khan lose. IJi gets 104 and PDA wins 45 seats in National Assembly. 2000: NAB unveils $ 1.5 billion assets of Benazir Bhutto and Asif Ali Zardari ( 25 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 25.10.1838: پاٽينجر اڄ پنهنجي گورنر جنرل ڏانهن خط لکيو, جيڪو ڇاپي صورت ۾ وڏن 6 صفحن تي مشتمل آھي. انھئ طويل ترين خط جون ڪي خاص ڳالهيون آھن: (1). شاه شجاع پنهنجا ٻه معاهدا ميرن ڏي موڪلي ڏنا آھن,(2). اپت مان هر سال ھر هڪ حيدرآبدي مير کي پنج لک روپيا ملن ٿا,(3). سنڌ ملڪ ۾ واپار اڪثر ڪري شين جي مٽا سٽا مطابق هلندو آھي, (3). هر ڪو مير ائين چاهي ٿو ته هن سان رکيل دوستي جهڙي دوستي ڪنهن ٻئي مير جي دوستئ جهڙي نه هجن گهرجي,( 4). پرشيا جي حاڪم محمد شاھ ميرن ڏي قاصد ڪيا آھن ته اچو ته پاڻ ۾ اتحاد ڪري روس سان ملي انگريزن جي توسيع پسندئ کي روڪيون. مير هن سان رابطي ۾ آھن, (5). مير رڳو ڳالهيون ٿا ڪن ۽ پروانن ڏيڻ ۾ ٽال مٽول ٿا ڪن. ان ڪري اتر سنڌ ۾ برنس ۽ ڪراچئ ۾ سيٺ نائونمل اسان جي فوج لاء ان ۽ اٺ خريد نه ٿا ڪري سگهن, (6). حيدرآبادي مير اسان کي شڪارپور ۾ فوج رکڻ ۽ مير رستم علي خان سان معاهدي ڪرڻ جي مخالفت ڪري رهيا آھن. 25.10.1838: شاه شجاع يڪطرفا ٻه معاهدا لکي مير علي مراد, مير نصير محمد ۽ مير نور محمد ڏي ڏياري موڪليا. جن جو لب لباب هئ آھي ته مان 50 ڏينھن شڪارپور جي شاهي باغ ۾ ترسندس. سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي منھنجي ڪا مرضي ناهي. 25.10.1841: ميجر آئوٽرام کي سنڌ ۽ بلوچستان جو پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪيو ويو. ھي ميرن کي شڪست ملڻ تائين سنڌ ۾ رهيو. نيپيئر جي پاليسئ ۽ قدمن جي مخالفت ڪندو رهيو ۽ هن نيپيئر خلاف اخبارن ۾ لکي کيس ڏاڍو بڇڙو ڪيو. 25.10.1842: اڄ ڻيپيئر سکر مان آئوٽرام ڏي خط لکي ٿو, جيڪو حيدرآباد ۾ آهي. خط ۾ لکي ٿو ته حيدرآبادي ميرن بابت ڪئپٽن مائلينڊ جو لکيل ميمورنڊم بلڪل درست آھي. حيدرآبادي ميرن جي بي وفائين ۽ سازشن جو توڙ ڪڍڻو پوندو ۽ سندن حڪمرانئ يا وارثئ بابت اسان کي ڪجھ نه ڪجه ڪرڻو پوندو. مير نصير خان بدران مير ميرمحمد کي تخت ڌڻي ڪجي. هن جي مرڻ کان پوء مير صوبدار ۽ سندس پٽ تخت جا واث ٿين. جيسيتائين انھئ جي گورنر جنرل کان منظوري ملي, في الحال مير نصير خان بدران هڪ دم مير صوبدار جو خاندان ملڪ جو والي ڪجي. 25.10.1847: شڪارپور جي ڪليڪٽر اڄ ڪمشنر کي لکي ٻڌايو ته بگٽين جي اڪثريت اسان اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا آھن. انھن مان هڪ مشهور ڏوهاري ڏوتل موندراڻي بگٽي ڀڄي ويو هو, اهو به پڪڙيو اٿئون. 25.10.1920: ٽرمبڪ لال ديو شنڪر جي "شري ونڪر آريا هٽ وردڪ ناٽڪ ڪمپني" هوندي هئي. ان ۾ 110 ماڻھون ڪم ڪندا هئا. انھئ ناٽڪ ڪمپنئ ڪراچئ جي "شيوارام ٿيئيٽر هال" ۾ “چترا ڪمار" نالي ڊرامو اسٽيج ڪيو. ان طرفان ٻئي ڏينھن تي وري "برهم ڪماري" ڊرامو به ڪيو ويو. ياد رهي ته ٿيئٽر هال کيمچند آسنمل جو هو. ان ۾ اڪثر ڪري ٻاهران ايندڙ ناٽڪ ڪمپنيون ڊراما ڪنديون هيون. 25.10.1989: نواز شريف ۽ الطاف حسين ڪراچئ ۾ گڏيل ڪانفرنس ڪندي چيو ته هر قيمت تي بينظير ڀٽو جي حڪومت ڊاهي ساه پٽينداسين. پاڪستان ۾ جڏهن سياسي حڪومت هوندي آھي ته مخالف ڌر وارا ان کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪندي آھي. وري جڏهن مارشل لا حڪومت هوندي آھي ته ان جو زور احساب تي ۽ نئين سياسي نظام نافذ ڪرڻ جي زور هوندو آھي. ملڪ ۾ حڪمرانئ جو مقصد ۽ ڪم اهو ئي رهيو آھي. 25.10.1990: ڪاله ملڪ ۾ چونڊون ٿيون ۽ اڄ نتيجا ڪڍيا ويا. قومي اسيمبلئ ۾ آء.جي.آء 104 سيٽون ۽ پي.اي.ڊي وارن 45 سيٽون کنيون. پنجاب ۾ پيپلز پارٽئ جي تڏا ويڙھ ٿي ۽ سنڌ ۾ ان جي پهرين حيثيت گهٽجي وئي. پير پاڳارو, ولي خان, نوابزادو نصرالله ۽ اصغر خان هارايو. 25.10.2000: نيب اختيارئ وارن چيو ته بينظر ڀٽو ۽ آصف زردارئ جا اثاثا 1.5 بلين $ آھن. *************** { 25 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون *************** [جنم ڏينهن]: *************** 1904ع شاعر سترامداس ڪيولرام ڀڳواناڻي(روهڙي / پونا). 1906ع مرزا قمر علي بيگ حيدري. 1926ع نامياري چترڪار اسماعيل گل جي. 1937ع ليکڪ لڪشمڻ جسوجا (سنڌ / احمد آباد). 1947ع ليکڪ سريچند ڪيسواڻي. 1959ع اداڪار امبرت واسواڻي. 1961ع آرٽسٽ ذوالفقار هيسباڻي. 1964ع شاعر آڪاش سومرو. *************** [وڇوڙو]: *************** 1995ع نامياري ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر نجم عباسي. 2005 لوگ گلوڪاره، استاد، ڪهاڻيڪار ۽ سياسي ڪارڪن زرينه بلوچ. 2005ع شاعر راحم صديقي.

Sunday 23 October 2022

Sindh in history today (24t October). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(24th October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: Dr.Pathan wishes you Good Day. [Though, I have so many faults and limitations in me, but my love for you is unlimited, complete in all respects and full of sincerity and sacrifice. I know that you are not for me, even partially. But, I am your from A to Z. I can forget myself, but can't dare to forget you. Without your love & beauty I am like a burning wood and tears of my eyes can't minimize that fire.] آئون جي اٹپورو پر توسان پنهنجو پیار پرین پورو، جي تون ناھین منھنجو پر آئون تہ تنھنجو سمورو، روح وجود ڄڻ ڪي کورو، سندء سونھن سلام سواء. *************** 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation ************** ( 24 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 24.10.1838: اليگزينڊر برنس خيرپور مان پاٽينجر کي لکي ٿو ته خيرپوري ميرن سان معاهدي تي ڳالهيون هلي رهيون آھن. خيرپوري مير فائدو ڏيڻ گهٽ ٿا چاهن, پر وٺڻ گهڻو ٿا گهرن. ان ڪري مون کين حيدرآبادي ميرن سان ٿيل معاهدي وارو متن ڏيکاريو ۽ سمجايومان ته انگريزن سان دوستئ کان وڏو ٻيو ڪهڙو اوهان لاء فائدو ٿيندو. هنن کي سمجهايم ته هن معاهدي ڪرڻ کان پوء ڪمپني حڪومت اوهان جي رياست جي بچاء لاء پابند بڻجي پوندي. 24.10.1839: ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل سنڌ ۾ مقيم پنهنجي پوليٽيڪل ايجنٽ کي هدايت ڪئي ته ٻروچن کان سواء باقي ٻيا مقامي ماڻھون فرنگي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ شروع ڪيو. [ان مان ميرن کي هئ تآثر ملندو ته ماڻھون اسان جي حيثيت کي مڃڻ لڳا آھن] 24.10.1843: اڄ سنڌ جي گورنر نيپيئر پنهنجي گورنر جنرل ڏانھن ڏانهس لکيل مير علي مراد خان جو 9 آڪٽوبر 1843 وارو خط ڏياري موڪليو, جنهن ۾ هن لکيو هو ته اها مير رستم علي خان جي مرضي هئي ته پڳ ۽ حڪمراني منهنجي حوالي ڪري. هن پنهنجو پٽ مير محمد حسين, مير نصير خان, فتح محمد غوري ۽ پير علي گوهر موڪليا ته مون کي پڳ ۽ تخت وٺڻ تي راضي ڪن. پوء مير رستم خان پاڻ اچي مون کي پنهنجي هٿن سان پڳ پارائي ۽ چيو ته تون ئي خيرپور رياست جو حڪمران آھين, ڇوته منھنجي اولاد انھئ جي لائق ناهي. [انگريزن باقي سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوء مير علي مراد خان کي پريشان ڪيو ته جيئن من حڪمرانئ تان هٿ کڻي وڃي ۽ هو خيرپور به ڦٻائي سگهن.] 24.10.1854: ڪراچي گادئ جو هنڌ بڻيو ته هندوستاني واپارين ۽ تاجرن واپار لاء هن شھر جو منھن ڪيو. ان ڪري سرڪار ڪراچئ ۾ وڌيڪ مسافرخانا ۽ بنگلا ٺھرائڻ جو سوچيو ته جيئن ٻاهرين واپارين کي وقتي رهائش جون سهولتون ڏنيون وڃن. 24.10.1954: پاڪستان جي گورنر جنرل غلام محمد اڄ پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي ٽوڙي ۽ محمد علي بوگرا کي ملڪ جو وزير اعظم مقرر ڪيو. 24.10.1958: صدر اسڪندر مرزا ايوب خان جي وڏ-وزارت ۾ 12 وزيرن جي ڪئبينيٽ مقرر ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽو به ان ۾ وزير طور شامل هو. 24.10.1996: مير مرتضا ڀٽي جي قتل جي الزام ۾ يارنھن پوليس وارا گرفتار ڪيا ويا. *************** 24 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 24 آڪٽوبر 1775ع آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 آڪٽوبر 1938ع ليکڪ، ناول نگار ۽ ڪالم نگار سراج الحق ميمڻ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 آڪٽوبر 1938ع ليکڪ ۽ بئنڪر فضل سليمان قاضي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 آڪٽوبر 1938ع گلوڪار ڪالا هزاري (ڪراچي / جئپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 آڪٽوبر 1947ع ليکڪ سريچند ڪيسواڻي (لاڙڪاڻو / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 آڪٽوبر 1950ع سياستدان، سماجي ورڪر ۽ ليکڪ اعجاز علي خواجه(ميرپور بٺورو) جو جنم ڏينهن آهي. 24 آڪٽوبر 1958ع اداڪاره ديا لالچنداڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 24 آڪٽوبر 1965ع سياستدان صداقت علي جتوئي جو جنم ڏينهن آهي. 24 آڪٽوبر 1971ع شاعره روبينه ابڙو(ڳيريلو) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 24 آڪٽوبر 1905ع سياستدان ٽهلرام کيمچند (ٺٽو) جي ديهانت ٿي. 24 آڪٽوبر 1935ع سياستدان ٽيونمل ڏيپچند (سکر) جي ديهانت ٿي. 24 آڪٽوبر 1986ع اسڪالر شيخ سومار (بدين) جي وفات ٿي. 24 آڪٽوبر 2000ع شاعر زخمي چانڊيو کي شهيد ڪيو ويو. EVENTS 1838: The Governor-General of the East India Company Government writes to the Secret Committee, apprising it of the critical situation in Sindh, with special reference with faithlessness of Talpur Rulers of Sindh and informs the Committee that he intends to send Force to teach Talpurs lesson. 1843: Mir Meer Muhammad, who surrendered before Charles Napier on the eve of Fall of Hyderabad, was declaed as POW and put in Sassor Jail. Today, he writes to the Court of Directers of the East India Company that he was betrayed and plundered by Napier in Sindh and has been put behind the bar without any justification. Therefore, he should be sent back to Sindh. 1954: Ghulam Muhammad, the Governor - General, dissolves the Constituent Assembly. Muhammad Ali Bogra is appointed Prime Minister of Pakistan, who is sworn in to head 8 - member cabinet. 1957: During a meeting with Malik Feroz Khan Noon, U.S Secretary of state, assures him that U.S.A would support Pakistan if it were ever attacked. (The assurance indicates the pressure for bringing changes in foreign policy with special reference to U.S.S.R and India) 1958: President Iskandar Mirza constitutes a 12 - man Central Cabinet with Ayub Khan as Prime Minister. Z.A.Bhutto is also included as the minister. 1996: Eleven policemen are arrested in Mir Murtaza Bhutto murder case.

Saturday 22 October 2022

Sindh in history today (23rd October). By. Dr. Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(23rd October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(23rd October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Never hate love, earn respect in return of your sincerity and selflessness. Avail opportunities and don't miss chances. Beauty and age are not everlasting. Everlasting is your abiding by and following Human values Rule over mind and give free hand to heart. Be source of beauty, love and peace. It is your real aim of life and your definition, my dear.] محبت سان نفرت ايئن تان جائز ناهي جاني, موقعا ايئن نہ ملن نہ سدا ايئن رهي جواني, قائم دائم محبت ۽ ماڻھپو باقي سڀ فاني, ڪجي پيدا پيار ايثار سان آدم لاء آساني, رکجي ضابطو ذھن تي پر دل تان مستاني, ڇڏجي هر جاء نشاني, سونهن ۽ سلام جي. *************** 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. ( 23 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 23.10.1838: سنڌ تي حڪمراني ته ميرن جي آھي, پر هلي فرنگين جي ٿي. انڊين نيوئ جي اختيارئ طرفان لفٽيننٽ ڪارليس کي حڪم مليو ته سنڌوندئ جي ڇوڙ تي هجاماڻئ ۽ ڪڏواڻئ وٽ روشنئ جا سامونڊي فانوس لڳائي. 23.10.1838: پاٽينجر اڄ پنهنجي مراسلي نمبر 141 ذريعي پنهنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته ممڪن آھي ته مير نورمحمد مون کي سنڌ ڇڏي وڃڻ جو حڪم ڏئي. انھئ صورت ۾ مان وڪر ويندس يا مانڊي مان ويندس. 23.10.1842: فرنگي گورنر جنرل ايلنبرو اڄ نيپيئر کي لکي موڪليو ته ميرن سان مامرن ۾ ڪا چڱائئ جي اميد نظر نه ٿي اچي. اسان هنن کان ڀنگ ڀاڙا ۽ ممڪن ٿيو ته سبزل ڪوٽ وارا پرڳڻا کسي هنن جي هوڏ واري ڦوڪڻي مان هوا ڪڍنداسين. تون ان لاء تياري ڪر. بهاولپور وارا حاڪم ٽن پيڙھڻ کان اسان سان غير مشروط ياري ملهائيندا اچن ٿا. اسان اهي پرڳڻا کين ڏينداسين. پر پرڳڻن ڏيڻ واري ڳالھ في الحال راز ۾ رکجانء. 23.10.1856: سنڌ جي ڪمشنر اڄ پنھنجي مراسلي نمبر 989 ذريعي خان آف قلات کي ڏوراپو ڏنو ته تون مري قبيلي کي مات ڏيڻ ۾ اسان سان سهڪار نه ٿو ڪرين. مري اڄ اسان جي مٿي جو سور بڻيل آھن, سڀاڻي توڏي به منھن ڪري سگهن ٿا. 23.10.1947: انڊيا جي هوشيارپور مان 60 هزار پناهگير پاڪستان لاء ڪوچ ڪيو. 23.10.1972: قمر الزمان شاه کي ٻه سال قيد ۽ 5 هزار روپين جي ڏنڊ جي سزا ڏني وئي. 23.10.1987: نصير آباد, تعلقي واره ۾ “شاه لطيف ادبي سنگت" قائم ڪئي وئي ۽ ان لاء هي عهديدار چونڊيا ويا: عبدالرحمان منگي صدر, غلام سرور ڀٽي نائب صدر, علي انور اوڍاڻو سيڪريٽري, محمد ابراهيم ملاح خزانچي ۽ محمد يوسف منگي آڊيٽر. 23.10.1990: ڄام صادق پيپلز پارٽئ ۾ فارورڊ بلاڪ ٺاهيو. {23 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1920ع سياستدان ۽ سنڌ جو اڳوڻو گورنر مير رسول بخش ٽالپر. 1923ع ليکڪ سومر علي سومرو. 1926ع ليکڪ صدورو مل راجپوت (سنڌ / ڀوپال). 1927ع ليکڪ ايسر سنگهه بيدي. 1946ع سياستدان مير هزار خان بجاراڻي. 1947ع شاعر محمد اسحاق سوز (حيدر آباد). 1948ع ليکڪ نثار آگاڻي. [وڇوڙو]: 1809ع مذهبي اسڪالر مخدوم عبدالواحد سيوستاني. 1926ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولانا محمد بخش خيالي. 1956ع مذهبي اسڪالر مولانا احمد ميمڻ (ڏيپلو). 1982ع شاعر حاجي يار محمد مري (ڪاٺوڙ). 2008ع سياستدان ۽ سماجي اڳواڻ ڪوڙا خان ڀيو(شڪارپور). 2009ع صوف راڳ جي مشهور راڳي سهراب فقير(نصير فقير جلالاڻي). 2011ع بيگم نصرت ڀٽو. ************ 1932: Hindu Maha Sabha agrees to include the issue of the separation of Sindh as an item of agenda of the Unity Conference. However, terms the decision of the Round Table Conference of accepting the principle of separation as experts. 1938: The meeting of the Anjuman Fida -i- Islam is held at Kambar with Moulana Mir Muhammad Naorangi in chair. The British policy towards Palestine is condemned and rejected. On this occasion Palestine Support Committees are formed for taluka and city. 1990: Jam Sadiq makes forward block in PPP. 1992: Army operation Clean - Up in Sindh to continue. Decision is taken in Islamabad.

Friday 21 October 2022

Sindh in history today (22nd October). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(21st October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(22nd October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: Dr. Pathan wishes you Good Day. Translation: Dr.Pathan wishes you Good Day. [I have been praising and preaching your greatness and status as an ideal and second to none, since centuries. It is amazing that you are silent to extent that I feel deprived of your attention, kindness and vision & wisdom. Dear! You are source of inspiration for life and its beauty & love. Believe in it and believe in Self ] روز لکان مان رانول تو لاء، تنھنجا سدا ڳڻ ڳایان، تنهنجي آدرشي حیثیت، ھن دنیا کي پيو ٻڌایان، حيران مان آھیان، ڏئين نہ ستي سونھن سلام جي، *************** ( 22 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 22.10.1838: پاٽينجر اڄ خط لکي برنس کي ٻڌايو ته مير نورمحمد تي منھنجي خطن ۽ گذارشن ٽڪي جو به اثر ڪونه وڌو آھي, ويتر هو مون تي ڏمريو ويٺو آھي. برنس انھن ڏينھن ۾ خيرپوري ميرن سان ڳالهيون ڪري رهيو هو. پاٽينجر جي خط جو مطلب برنس کي هوشيار ۽ محتاط ڪرڻ ھو. هو وڌيڪ لکي ٿو ته شڪارپور ۾ مير نورمحمد جي عملدارن جو ليفٽيننٽ ليچ سان رويو به اڻ وڻندڙ ٿيو آھي. 22.10.1847: ممبئي سرڪار سنڌ جي انتظام کي هلائڻ لاء اڄ ڪمشنر کي لڳ ڀڳ 50 آڳاٽا سرڪيولر ڏياري موڪليا. انھن ۾ زورئ پورهئي نه ڪرائڻ ۽ غلامن جي واپار کي ٻنجي ڏيڻ بابت سرڪيولر به هئا. ياد رهي ته ميرن جي دور ۾ سنڌ ۾ وڪري ڪرڻ لاء غلام آندا ويندا هئا. 22.10.1947: سرڪاري پڌرائئ مطابق 23 هزار پناھگير پنهنجو ملڪ انڊيا ڇڏي آيا 22.10.1932: "ايندڙ ۽ ٿيندڙ يونٽي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ واري مامري تي ڀلي بحث ڪجي. پر گول ميز ڪانفرنس جيڪو سنڌ کي صوبائي حيثيت ڏيڻ وارو فيصلو ڪيو آھي, ان کان اڳ سنڌ جي هندن کي نه ٻڌو ويو". آل انڊيا هندو مها سڀا جي صدر جو بيان. 22.10.1938: قمبر ۾ مولانا نورنگئ جي صدارت ۾ ” انجمن فدائي اسلام" جي زير اهتمام جلسو ٿيو. ان ۾ فرنگي سرڪار جي فلسطين بابت پاليسئ جي مذمت ڪئي وئي. ان موقعي تي هن ريت "فلسطين ڪميٽيون" قائم ڪيون ويون: (تعلقو قمبر: مولانا مير محمد نورنگي صدر, مولوي غلام فريد نائب صدر, مولوي غلام مصطفا سيڪريٽري) (قمبر شھر: غلام محمد خان صدر, گلاب خان نائب صدر ۽ حمزو خان سيڪريٽري). 22.10.1966: "ون- يونٽ ھميشه رهندو. ڪو به ان ۾ ڪا ردوبدل ڪري نه نٿو سگهي"- وفاقي وزير خواجا شھاب الدين جي دعوا. 22.10.1971: صدر يحيا ۽ ذوالفقار علي ڀٽي وچ ۾ ملڪي حالتن تي طويل گڏجاڻي ٿي, جيڪا ٽي ڪلاڪ هلي. 22.10.1983: جماعت اسلامئ جي اڳواڻن اڄ ضياء الحق سان تفصيلي ملاقات ڪئي. 22.10.1990: ملڪ مان 68 ماڻھن کي الذوالفقار تنظيم جا دهشتگرد چئي گرفتار ڪيو ويو. *************** {22 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 1913ع اسڪالر ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي(شهداد پور / نئين دهلي). 1936ع شاعر غلام احمد بيدام (تلهار). 1949ع سگهڙ محمد لقمان کوکر. 1961ع شاعر محبوب ڏيٿو. 1971ع شاعر انور لاکير. 1971ع ليکڪ اشوڪ ڪالاڻي. 1977ع شاعر مشتاق تنيو. [وڇوڙو]: 1980 سنڌ کي ون-يونٽ جا پنجوڙ وجهندڙ ۽ سنڌ جو هڪ کان وڌيڪ دفعا وڏو وزير ٿيندڙ ايوب کهڙو 1986ع گلوڪاره ڀڳونتي ناواڻي. 2007ع شاعر سرويچ سجاولي. 2017ع فلم ۽ ٽي وي اداڪار شهباز دراني. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. *************** EVENTS 1838: The attitude, approach and response of Mir Noor Muhammad is discussed between Colonel Pottenger and Captain Burns through letters. Colonel Pottenger is of view that Mir had no effect in turning him from his purpose. 1847: The Govt. of India through Bombay Govt . Provides Sindh Commissioner important instructions and copies of circulars to be followed for smooth running of the Sindh administration. The number of circulars is more than fifty. Some of them are Service Code, Prohibition of forced labour (Chher), Illegality of importation of Slaves, Position of Jageedars etc. 1938: Sindh Provincial Muslim League Conference brought Sindh Muslim League leaders nearer to other leaders of the party. Today, All - India Muslim is requested by Sindh Muslim League to provide list along with postal addresses of branches for interaction and contacts. 1947: Twenty three thousand Indian Muslims reach Pakistan. 1953: Pakistan Muslim League Parliamentary Party decides that the Head of the state of Pakistan will be a Muslim. 1983: Jamait -i- Islami holds very important talks with Zia. 1989: All Pakistan Newspapers Society calls upon four provincial Chief Ministers to protest newspaper offices, bureaus in the face of frequent attacks. 1990: Sixty - eight workers of Al - Zulfkar are blamed as terrorists and arrested. 1992: PPP top brass has links with terrorist organization Al - Zulfkar, Ministers tell National Assembly. 1993: Mian Tufail, former Chief and member of Jamait -i- Islami Shoora resigns due to differences with Kazi Hussain Ahmad.

Sindh in history today (21st October). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(21st October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(20th October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: Dr. Pathan wishes you Good Day. Translation: [Are you hurt? Betrayed? Dodged? If yes, it indicates the highest position and status of your Golden Heart. Now, you are able and capable to face sorrows & longings. Now, you are not an ordinary one, but an experienced ideal and Pure Soul. Now you believe in abiding by, following and advocating love, beauty and peace. Not only me but, everybody will salute you with respect and regards.] چوٽ لڳي ٿي؟ پوء تان چئبو چوٽ چڙھي وئين عام نہ آھين هاڻي, ڏسندين رنگ پيارا نيارا سڀاڻي, پنهنجئ سرت سونھن سلام سندا. *************** ( 21 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 21.10.1838: ياد رهي ته هئ ڪراچئ ۽ ٻيٽن تي قبضي ڪرڻ کان ٿورو اڳ جي خط و ڪتابت آھي ۽ ان مان فرنگي ذھنيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اڄ سنڌ مان الينگزيڊر برنس پنهنجئ سرڪار کي هڪ طويل ۽ تفصيلي خط لکي ٿو. ان ۾ خاص ڳالهيون هي آھن:(1). خيرپوري ۽ حيدرآبادي ميرن وچ ۾ ٿيل رازدارئ واري خط و ڪتابت جي خبر پئي آھي. هاڻي مير چوڻ لڳا آھن ته پاٽينجر کي جيڪڏهن ان مان ڪي شڪ ٿيا آھن ته مير نور محمد صفائي ڏئي سندس غلطفهمي دور ڪندو,(2). سنڌ ۾ اسان جي فوج هجڻ تي ميرن کي ڪي وهم گمان آھن. پر انھن کي ٻڌايو ويو آھي ته فوج افغانستان ويندي, ليڪن اها سنڌ ۾ رکي ويندي جيسيتائين اسان شاه شجاع کي تخت تي نه ٿا ويهاريون,(3). مير رستم علي صفائي پيش ڪئي آھي ته هو پرشيا جو نه پر ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جو پڪو يار آھي. کيس تاڪيد ڪيو ويو آھي حيدرآبادي ميرن کي به سمجهائي ته هو پرشيا جي يارئ کان پاسو ڪن, (4). اسان کي خيرپوري ميرن تي هٿ رکڻ گهرجي پر حيدرآبادي ميرن کي ڪرڙي اک ڏيکارڻ گهرجي. 21.10.1838: اڄ مير رستم علي خان مير نور محمد خان کي خط ۾ لکيو ته اوهان جا خط ۽ نياپا مليا آھن ته اسان مير سيوهڻ ۾ ملي فرنگين بابت ڪا گڏيل حڪمت عملي ٺاهيون. طبيعت ٺيڪ ڪانھي, ان ڪري مان اچي نه سگهندس. پر مير مبارڪ خان ۽ مير علي مراد خان کي موڪليندس. وڌيڪ لکي ٿو ته فرنگين جي هندستان تي حڪومت آھي. هنن جي طاقت کي نظرانداز ڪرڻو ناهي. پاٽينجر ۽ برنس کي انھن رکيو آھي. هنن جو خيال رکبو ۽ تعاون ڪبو. 21.10.1857: هندستان جي مختلف هنڌن تي حڪومت خلاف مسلح بغاوت وارن واقعن سنڌ ۾ سرڪار کي ڪن قدمن کڻڻ تي مجبور ڪيو. اڄ ڪمشنر پنهنجي مراسلي نمبر 393 ذريعي صوبائي حڪومت کي ٻڌايو ته فوج کي مختلف شھرن ۾ مارچ ڪرڻ جون هدايون ڏنيون ويون آھن. 21.10.1928: ڪراچئ جي خالقڏني هال ۾ مقامي ڪانگريس ڪميٽئ جي نارائداس آنندجي جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي. ليجسليٽو ڪائونسل جي ميمبر مير محمد بلوچ ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌئ تقريرون ڪيون. فيصلو ڪيو ويو ته "سائمن ڪميشن“ جي اچڻ واري ڏينھن هڪ هزار رضاڪار ڪميشن خلاف جلوس ڪڍن. 21.10.1938: سنڌ ۾ ڪوٺايل صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس کان پوء سنڌ جي مسلم ليگي ليڊرن باقي هندستان جي مسلم ليگي ليڊرن سان رابطا رکڻ شروع ڪيا. اڄ سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي جوائنٽ سيڪريٽري پير علي محمد شاه مرڪزي مسلم ليگ کي لکيو ته سمورن صوبن جي مسلم ليگن جي عهديدارن جي ايڊريس سميت لسٽ ڏياري موڪليو. محققن ۽ تاريخ نويسن کي اهو ٻڌائيندو هلان ته 1912 کان 1947 تائين سنڌ مسلم ليگ ۽ مسلم ليگي ماڻھن جيڪا مرڪزي مسلم ليگ سان خط و ڪتابت ڪئي, اها سموري گل حيات ۾ موجود آھي. 21.10.1947: سرڪاري طور تي ٻڌايو ويو ته اڄ 266600 پناهگير پهتا. 21.10.1964: بهاولپور ۾ صدارتي اميدوار صدر ايوب چونڊ-مهم واري ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ڪا فاطمه جناح جي جاگير ناهي جو هن کي اوهان ملڪ جي صدر طور چونڊيو. 21.10.1972: وفاقي رياستي وزير معراج خالد پيپلز پارٽئ حڪومت کي مزدور-دشمن حڪومت چئي وزارت تان مستعفي ٿيو. *************** {21 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 1909ع تعليمي ماهر عثمان علي انصاري. 1933ع سياستدان مير اعجاز علي ٽالپر (ٽنڊو محمد خان). 1942ع ليکڪا رشيده حجاب (شڪارپور). 1943ع ليکڪ طارق علي. 1945ع ليکڪ شيام ڀاتيجا (شڪارپور). 1962ع سياستدان ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو. 1969ع شاعره حميره نور . 1978ع ليکڪ۽ شاعر زين سولنگي. 1978ع شاعر نظر پياسي. [وڇوڙو]: 1967ع ليکڪ منير احمد چنا. 1991ع شاعر سڄڻ قبولائي. 2015ع شاعر نور الدين نفيس ٿهيم. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. *************** EVENTS: 1845: The Commissioner of Sindh is directed that who so ever could prove that he made his Salam on 24th of May of this year; the right of Jageer will be restored to him. The Jageer of Syed Ali Akbar shah is restored to him by the Collector of Hyderabad, under this policy. 1854: Commanding Officer, Sindh Division request Govt. that Buldings at points along with the whole line of the river Indus be constructed, or improved where already existing, as they are important for so many reasons. 1928: In a public meeting held by the Congress and other parties with Naraindas Anandji in chair, it is decided the 1000 volunters will stage protest against the Simon Commission. Shaikh Abdul Majeed Sindhi and Mir Muhammad Baloch address on the occasion. 1947: 69,000 Indian Muslim migrants arrive, announces the Govt. 1954: The U.S.A announces to make available to Pakistan in current fiscal year about ¤ 105, 000,00 in Economic Aid. Any N.G.0/Non Govt. Research Organization must conduct research to find that 1) How much loan/Aid has been received so for and 2) What is its province - wise utilization. Results will be amazing one. 1961: President Ayub inaugurates first atomic energy research and training center, in Lahore. 1972: Mairaj Muhammad Khan, Central Minister for State resigns and accuses PPP Govt. of being anti - labour. 1992: Benazir launches PDA's Out - Nawaz movement. 1998: India rejects Pakistan's no - war pact proposal being conditional in the resolution of Kashmir dispute.

Wednesday 19 October 2022

Sindh in history today (20th October). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(20th October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: Dr.Pathan wishes you Good Day. [My Dear! Look at your Golden Heart and witness your wonderful status in its true colours. I am not mad to praise your beauty & love, vision & wisdom without any reason. It is my cause to tell the world that you are beauty & love] . در کولي پنھنجئ دل جو، تون جانب ان ۾ تہ جھاتي پاء، ڏسي سرت سندرتا پنھنجي، رکي دل تي ھٿ پوء ٻڌاء، تہ آئون ڇو ۽ ڇاجي لاء؟ ديوانو سندء سرت سلام جو. ( 20 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 20.10.1832: فرنگين سنڌ جي اوڀر ڏکڻ ۾ پاڪر ۾ کوسن,ٺاڪرن ۽ سوڍن خلاف جنگي مهم شروع ڪئي ته پاٽينجر کي اتان جي انٽيليجنس ڊپارٽمينٽ جو انچارج بڻايو ويو. ان کان سواء هن تي اهو ڪم به رکيو ويو ته هو ميرپور خاص واري مير مراد علي ۽ ٻين ميرن سان رابطي ۾ فوجي مهم لاء مدد وٺي. هن مهم دوران فرنگين اتي سيد رحمت الله کي منشي ڪري رکيو, جنهن کي سنڌئ ۽ گجراتئ تي عبور حاصل هو. 20.10.1838: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت پنهنجي مراسلي نمبر 339 ۾ پاٽينجر کي اطلاع ڏنو ته اسان جي فوج سمنڊ ذريعي ڪراچئ اچي رهي آھي ۽ ليفٽيننٽ ٽريشائير ۽ راسمي کي پاڻئ جي جهاز ۾ موڪليو وڃي اهي سنڌ جي ساحلي پٽئ جي جاسوسي ۽ جاچ پڙتال ڪندا. 20.10.1842: ليفٽيننٽ ماء لي, اڄ حيدرآباد ۾ ھوندي, پنهنجي روزنامچي ۾ تمام ڇرڪائيندڙ ڳالهيون لکيون آھن. انھن مان ڪي هي آھن:(1). اسان ميرن کان سنڌوندئ ۾ ھلندڙ ٻيڙين تي ميرن طرفان لڳايل ٽول ختم ڪرايو آھي, (2). ميرن کي ذھني ۽ نفسياتي طور مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آھيون ته سنڌ هندستان جو اٽوٽ حصو آھي ۽ اسان سنڌ ۾ پنهنجي مفادن جي بچاء ۾ جو چاهيون سو قدم کڻي سگهون ٿا, (3). سنڌ ۾ اسان جي فوج جي موجودگئ اسان جي حيثيت تسليم ڪرائي آھي. اڳ ميرن جي درٻار ۾ اوپرا هوندا ھئاسين, پر هاڻي اسان کي ڪن کولي ٻڌو ٿو وڃي, (4). مير نصير خان اسان کي گهٽ برداشت ٿو ڪري, سندس ٻين ميرن سان به گهٽ ٿي لڳي ۽ اهو سندن باهمي اختلاف اسان جي حق ۾ وڃي ٿو. 20.10.1918: هن دور ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي ڀيٽ هوم رول ليگ سنڌ ۾ وڌيڪ فعال هوندي هئي. اڄ ھوم رول ليگ وارن گانڌئ جي 51 هين سالگره ملهائي ۽ ان سلسلي ۾ ڪراچئ جي خالقڏني هال ۾ وڏو جلسو ڪيو. 20.10.1947: اڄ ستره هزار چار سو پناهگير پهتا. 20.10.1958: پاڪستان سرڪار فيصلو ڪيو ته ڪراچئ ۾ ٻن سالن اندر پنجاه هزار ڪوارٽر ٺھرايا ويندا ته جيئن بي گهر پناهگيرن کي اتي آباد ڪيو وڃي. نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ ھئ آھي ته ايوب اقتدار تي قبضو ڪيو ته هن ڪراچئ ۾ پٺاڻن کي آباد ڪرڻ جي لاء وڏو ڪم ڪيو. سنڌ اڳ ئي اڻڳڻيل ۽ اڻ کٽ پناهگيرن جي جاء بڻجي چڪي هئي ۽ هاڻي پٺاڻن به سنڌ جو منھن ڪيو. 20.10.1970: پاڪستان نئشنل پارٽئ جي اڳواڻ مولانا ڀاشانئ بيان ڏنو ته عام ماڻھونء جو ايترو استحصال ڪيو ويو آھي جو هاڻي ملڪ گهرو لڙائئ طرف وڌي رهيو آھي. [اوڀر پاڪستان ۾ انھئ احساس بنگالين کي ڌار ٿيڻ تي مجبور ڪيو] 20.10.1974: سپريم ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽي کي چيو ته پنهنجي لکت واري بيان مان مولوي جسٽس مشتاق احمد خلاف ڏنل ريمارڪس ڪاٽي ڇڏ. 20.10.1993: سيد عبدالله شاه سنڌ جي چيف منسٽر طور قسم کنيو. اڳتي هلي هن جو پٽ سنڌ جو چيف منسٽر ٿيو ۽ ايئن هئ سنڌ جو اهو واحد خاندان ٿيو, جنھن جو پئ ۽ پٽ سنڌ جا وڏا وزير ٿيا. *************** { 20 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون *************** [جنم ڏينهن]: 1918ع شاعر فقير علي گوهر شر. عبدالفتاح ميمڻ (شڪارپور). 20 آڪٽوبر 1922ع شاعر عارف المولا. 1939ع سياستدان مير ممتاز علي ٽالپر. 1950ع صحافي سهيل سانگي. 1956ع شاعر ايم اسلم صابر انصاري. 1957ع شاعر اختر اداسي جو جنم ڏينهن آهي. 1959ع شاعر منير عاجز. 1968ع شاعر غني ٻٻر. 1969ع سماج سڌارڪ نظير چاچڙ . 1969ع صحافي رزاق کرل (جيڪب آباد). 1977 اعجاز امتاز شاعر [وڇوڙو]: 1906ع ڪتاب مهراڻ آف سنڌ جي ليکڪ ايڇ جي راورٽي. 1928ع سماج سڌارڪ سيٺ سوڀراج چيتومل. 1950ع شاعر عبدالله بسمل ٽکڙائي. 1980ع سياستدان ۽ سنڌ جي اڳوڻو وڏو وزير ايوب کهڙو. 1991ع هاري اڳواڻ رئيس بروهي. *************** 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. *************** EVENTS 1838: The Govt. of India informs Colonel Pottenger that all the troops are being dispatched to Karachi by Sea and that orders would be issued by the Military Department for sending Lieutenant Treshire and Ramsay in 'S.S. Polinurus' for purpose of enquiry into sources of the country. 1849: There is someone Mirza Agha from Sindh, who was appointed as British Agent at Shiraz. Today, his valuable services rendered for British interests, are appreciated and recorded by Colonel F.Farrant. 1918: A political public meeting is held by The Home Rule League in Karachi and on this occasion 51th Birthday anniversary of Gandhi is also celebrated. This may kindly be noted that Home Rule League was the most popular, active and functional in Sindh much before Congress and Muslim League.

Tuesday 18 October 2022

Sindh in history today (19th October). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(18th October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: Dr.Pathan wishes you Good Day. [ 'You(we) are Guide & Ideal yourself. Be, what you are. Let ego, hatred and discrimination not misguide you. You are source of beauty & love, peace & progress. Share it and promote it. Be helpful, don't beg for help'.] ساجن! طرف مڙوئي 'تم' اٿئي، پڙھي ڏس شاھ سچل سامي، چون : “انا نفرت ۽ متڀید جي، ۽ ڪڍ نہ غیر سندي غلامي“، چون: “تو منجه ھجي نہ خامي، جو پري رھین سونھن سلام کان“. *************** 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. *************** ( 19 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا ************** 19.10.1832: فرنگي سرڪار سنڌ جي حڪمرانن جي مرضئ سان انهن کوسن,سوڍن ۽ ٺاڪرن خلاف فوجي آپريشن شروع ڪيو, جيڪي فرنگين کي ڦري لٽي سندن سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جي رستي روڪ ڪندا هئا. هن فوجي مهم جي قيادت لفٽيننٽ لچفيلڊ ٿي ڪئي. اڄ ڪرنل پاٽينجر پنهنجو مراسلو نمبر 234 موڪلي لچفيلڊ کي هدايتون ڏنيون. 19.10.1838: اڄ ڪئپٽن برنس پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌايو ته هو ڪالھ خيرپور پهتو ۽ مير رستم علي خان کي اهي سبب ٻڌايائين ته ڇا جي ڪري فرنگي شاه شجاع کي تخت تي ويهارڻ گهرن ٿا. هن مير رستم علي خان کي تعاون ڪرڻ جي گذارش ڪئي. جنھن تي مير وراڻيس ته ان تي اسان حيدرآبادي ميرن سان صلاح ڪري جواب ڏينداسين. 19.10.1844: سنڌ جي فرنگي گورنر نيپيئر پنهنجئ سرڪار کان منظوري گهري ته سکر ۽ شڪارپور کي روڊ ٺاهي ملايو وڃي. اهو فوجي مقصدن لاء ضروري آھي. روڊ ٺاهڻ تي 52,008 روپيا خرچ ايندو. 19.10.1924: "بزم ناري شريف", اسٽيشن بالي شاه طرفان بزم جو ٽيون مشاعرو ٿيو. مشاعري جي مصرع طرح هئ هئي: "تنهنجي درڪار سدا مهر عنايت مولا". 19.10.1946: غلام احمد نظامئ جي ڪوششن سان قائم ٿيل "سنڌي بزم ادب" طرفان مشاعرو ٿيو. ڪراچئ جي هئ ادبي تنظيم 1923 کان 1947 تائين فعال رهي. ان طرفان ڪيترا مشاعرا ۽ تقريري مقابلا ڪرايا ويا. 19.10.1947: ٿورن ڏينھن ۾ پهتل پناهگيرن جا انگ اکر هن ريت آھن: 12 ريل گاڏيون اڄ پھتيون, 3250 پناهگير 18 آڪٽوبر تي آيا, 5058 پناهگير 17 آڪٽوبر تي پهتا, 33200 ڄڻا 14 آڪٽوبر ۽ 101000 ان کان اڳ 13 آڪٽوبر تي آيا. 19.10.1957: ورلڊ بينڪ پاڪستان کي ريلوي جي ڄار وڇائڻ لاء 31,000,000 $ قرض ڏنو. ريلوي جي پٽڙئ وڇائڻ جو ڪم ڪٿي ڪٿي ٿيو, ان تي سنڌ جي اقتصادي ماهرن ڪو به تحقيقي ڪم ڪري اسان کي نه ٻڌايو آھي. 19.10.1964: راجشاهئ ۾ پنهنجي چونڊ مهم دوران تقرير ڪندي صدارتي اميدوار فاطمه جناح ملڪي حالتن جو چٽ چٽيندي چيو ته وڏي سازش سان عام ماڻھونء کي نظرانداز ڪري اپر ڪلاس ۽ صنعتڪارن کي ترقئ ڪرڻ جا موقعا ڏنا ويا آھن. 19.10.1971: جسٽس طفيل علي عبدالرحمان کي "سنڌ بلوچستان هاء ڪورٽ" جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو. هن جسٽس قديرالدين کان چارج ورتي. سنڌ جي عدليه جي تاريخ ۽ ڪارنامن تي تحقيق جي سخت ضرورت آھي. عدليه جي دفترن جي فائيلن ۾ اسان جي آزادئ جي تاريخ جا ورق موجود آھن. پر اها تحقيق عدليه جي رضامندي کان سواء ناممڪن آھي. 19.10.1991: اڃ سنڌ ۾ آپريشن ڪلين اپ ۾ 24 ملزم ماريا ويا ۽ 5 گرفتار ڪيا ويا. 19.10.1993: قومي اسيمبلئ اڄ بينظير ڀٽو کي قائده ايوان چونڊيو. هن 121 ووٽ کنيا. نواز شريف کي 72 ووٽ مليا. جي.يو.آء ۽ پي.آء.ايف پري رهيا. *************** {19 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 1940ع آرٽسٽ دارا ابڙو (قنبر). 1940ع گلوڪاره ۽ صداڪاره روبينه قريشي. 1952ع شاعر غلام حسين شوق. 1955ع شاعر ۽ ٽي سميع بلوچ. 1967ع صحافي جاويد نهڙي (پٿورو). 1974ع صحافي، ليکڪ ۽ ڪارٽونسٽ سيد مراد علي شاهه بڪيرائي . 1981ع شاعر انور جروار. 1982ع شاعر علي ساحل. 1982ع شاعر نور الدين نور مهر . [وڇوڙو]: 1914ع مير رستم خان ثاني. 1918ع شاعر سيد ڀاون علي شاهه ساقي(بدين) 1959ع شاعر پير محمد سائل. 1963ع سياستدان ۽ اڳوڻي وزير مير غلام علي ٽالپور. 2008ع شاهه لطيف جو رسالي جي شارح ٻانهو خان شيخ EVENTS 1838: Captain Burns informs his Govt. that he have delivered to Mir Rustam Khan the letters from Governor - General and Shah Shuja -ul- Mulk and have explained to him the object of Govt. in restoring Shah Shuja -ul- Mulk to his kingdom and informed him the Governor - General desires Mir to extend his cooperation in this regard and shall pay share of the tribute to Shah Shuja. Captain Burns also informs his Govt. that he also entered a long conversation with regard to Rojhan. 1947: It is official told that in a few days the number of the Indian Muslim migrant is as under: Twelve Trains (Today), 3250 (yesterday), 5058 (Day after yesterday), 33200 (on 14th) and 101000 on 13th of October. 1957: The World Bank makes a loan of ¤ 31,000.000 to enable Pakistan to cover the foreign exchange cost for expansion of its railway. 1972: Partial strike is observed in Karachi Industrial area to protest against police firing and killing of four workers. 1986: One million plots to be distributed among shelter less families, Junijo launches Seven - Marla free housing Scheme near Faisalabad. In Sindh, this Scheme provided golden chance to local land - mafia and influential people to make handsome earning out of it. 1991: During cleanup operation in interior Sindh 24 bandits are killed and 5 arrested. 1993: Benazir Bhutto is elected leader of house by 121 votes, Nawaz Sharif got 72 votes. JUI and PIF members abstain.

Monday 17 October 2022

Sindh in history today (18th October). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(18th October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: Dr. Pathan wishes you Good Day. Translation: [ It is very terrible darkness in Day time. Therefore, either I have to burn myself , or manage light as you can see path that is leading towards me. Dear! You are in my heart. There is light and brightness. But, due to your absence, everything has become dark. But, I will be on toes to wait for you. Keep this this terrible situation under your kind consideration and try to return back to me.] ٻربو ڪجھ ٻاربو تو لاءِ روشن ڪبي واٽ, ويهي ڏسبا تو لاء سارا گهير گهٽيون گهاٽ, جلندي من ۾ روشي پر ٻاهر تن منجھ ٻاٽ, سمهڻ نہ ڏيندي سک سان هئ اڃ اساٽ, لالڻ بڻجي لاٽ, اچ هن اونداهئ رات جو *************** 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. *************** ( 18 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 18.10.1838: پاٽينجر خوش آھي ته فرنگي فوج سنڌ ۾ اچڻ واري آھي. هو پنھنجئ سرڪار کي تجويز ٿو ڪري ته فوج پهريون وڪر پهچي ۽ مان ان لاء اناج, گاھ ۽ گاڏين جو بندوبست ڪري رهيو آھيان. 18.10.1842: ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ چارلس نيپيئر کي هدايتون ڏنيون ته مير اسان سان ڪيل معاهدي جي شق نمبر X1 جي ڀڃڪڙي ڪندي اسان جي واپارين کان سنڌوندئ مان ويندي محصول اڳاڙي رهيا آھن ۽ شق نمبر X11 جي روشنئ ۾ غلط طريقي سان ورتل محصول کين واپس ڪرڻو آھي. پهريون تون ميرن سان ڳالهائي ورتل محصول واپس ڪرڻ لاء مٿن بار وجھ. ھو جيڪڏهن تنهنجو چيو نه مڃن ته طاقت (فورس) ذريعي کين اها ڳالھ مڃراء. گورنر جنرل کيس وڌيڪ صلاح ڏئي ٿو ته سنڌوندئ ۾ جيڪي اسان جا آگبوٽ ھلي رهيا آھن, انهن کي تيل جي ڪمئ جو مسئلو درپيش ٿيڻ وارو آھي. مير شڪار جا شوقين آھن ۽ پنهنجي ٻيلن مان واڍي ڪرائڻ پسند نه ڪندا. ان ڪري ڪو ٻيو طريقو ڳولھ ته جيئن آگبوٽن جي اينڍن جو مسئلو حل ٿئي. 18.10.1842: سکر منجهان ميجر آئوٽرام اڄ نيپيئر کي لکي ٿو ته سکر ۽ شڪارپور اسان کي پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ گهرجي, پوء اهو ڳالهين ذريعي ٿئي يا فوجي طاقت جي استعمال ڪري ٿئي. ٻنھي ضلعن جي زمين زرخيز آھي. ٻن واهن مان آبپاشي ڪري, چپو چپو آباد ڪري سگهجي ٿو. هو لکي ٿو ته ليفٽيننٽ پسٽنس وڏي محنت ڪري, ميرن جي ڪاردارن جو رڪارڊ ڏسي, ٻين ذريعن سان ڀيٽي, ٻڌايو آھي ته شڪارپور مان حيدرآبادي ميرن کي ساليانو 225927 روپيا آمدني ٿئي ٿي. شڪارپور حاصل ڪرڻ لاء وڏي عرصي کان ڳالهيون هلندڙ آھن. اسان شڪارپور ۾ مير نصير خان حيدرآبادئ جو حصو سزا طور ضبط ڪري سگهون ٿا, ڇو ته هن اسان جي معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪري, اسان کي سزا ڏيڻ جو موقعو ڏنو آھي. خيرپوري ميرن کي شڪارپور مان ساليانو 86423 روپيا آمدني ٿئي ٿي. شڪارپور جي ستن حصن مان ٽي حصا خيپوري ميرن جا آھن. اهي هنن سان ڳالهائي يا ڏنڊي جي زور تي وٺي سگهون ٿا. ان لاء ڀلي ٻين خيرپوري ميرن سان نه ڳالهائجي. مير رستم علي سڀني جو وڏو آھي. هن سان ڳالهائبو. 18.10.1842 ڪئپٽن پوسٽس ميرن جي ڪاردارن جي رڪارڊ جي آڌار تي شڪارپور جي پرڳڻي ٻڌائي/لکي ٿو ته: 1). لکي, ڳڙھي ياسين, ڪرن ۽ دليپور ۾ حيدرآبادي ميرن جا ھڪ جيترا حصا آھن. 2). گوسڙجي ۽ مبارڪپور حيدرآبادي مير نصير خان جا آھن. 3). خانپور ۾ حيدر آبادي ۽ خيرپوري ميرن جو برابر/هڪ جيترو حصو آھي. 18.10.1939: سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن مسلم ليگي اڳواڻن "مسجد منزلگاه تحريڪ" ۾ حصو ورتو. انھن مان جن جي گرفتاري ٿي, صاضي فضل الله به هڪ هو. کيس اڄ رڪ اسٽيشن تي گرفتار ڪيو ويو. هو ان وقت ٽرين ذريعي سکر وڃي رهيو هو. *************** 18 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: 18 آڪٽوبر 1892ع شاعر نواز علي نياز (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 آڪٽوبر 1927ع ناليواري ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر نجم عباسيجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 آڪٽوبر 1942ع سماج سڌارڪ ظفر سانگي (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 آڪٽوبر 1946ع ٻلهڙيجي سان تعلق رکندڙ ليکڪ، صحافي ۽ شاعر هدايت منگئ جو جنم ڏينهن آهي. 18 آڪٽوبر 1951ع شاعر غلام علي جعفري (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 آڪٽوبر 1962ع ليکڪ شمس ٻرڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 آڪٽوبر 1964ع شاعر ۽ ڪمپيئر بخشڻ مهراڻوئ جو جنم ڏينهن آهي. 18 آڪٽوبر 1965ع مذهبي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جو جنم ڏينهن آهي. 18 آڪٽوبر 1971ع شاعر ڏاتر شر (سچل ڳوٺ) جو جنم ڏينهن آهي. 18 آڪٽوبر 1972ع ليکڪ جاويد جوکيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 آڪٽوبر 1972ع شاعر بچل مستانو جو جنم ڏينهن آهي. 18 آڪٽوبر 1975ع شاعر رحيمداد جوڳي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. وڇوڙو: 18 آڪٽوبر 1760ع بزرگ ۽ مذهبي اسڪالر مخدوم محمد اسماعيل جي وفات ٿي. 18 آڪٽوبر 1979ع مذهبي اسڪالر مولوي نجم الدين سومرو جي وفات ٿي. 18 آڪٽوبر 1999ع اداڪار ۽ هدايتڪار ايس گل جو انتقال ٿيو. EVENTS: 1838: It is the begging of the end of Talpur rule in Sindh. Govt. of India has decided to send troops to Sindh with multiy purpose task. Colenol Pottenger reports his Govt. that he was making arrangements for provision of carriages and river boats for Bombay troops and also suggests that Viccur would be the best point for disembarkatinn of the troops. 1929: The veteran leader of the 'Liberal Party', The Right Honurable V.V.S.Sastri arrives in Karachi. 1937: Dr.Hemandas Wadhvani replaces Mukhi Gobindram, who resigned as Sindh Minister. 1939: Kazi Fazulullah is arrested at Ruk station in connection with Masjid Manzalgah issue. He was on way to Sukkur.

Sunday 16 October 2022

Sindh in History today (17th October). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(17th October). 1. GOOD DAY WISH: composed in my language along with its translation into English: WISH YOU GOOD DAY with love & respect. [ You can't make people please with your cries, appeals and requests. You can't get beauty & love by begging. Be please with your SELF. Don't beg, but share your own beauty & love with all without any discrimination. Because, everybody is in dire need of it] روئندي ملي نہ راضپو, پنندي ملي نہ پيار, کڻجان پنهنجو بار, سکي سبق سلام کان. ( 17 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 17.10.1838: روهڙئ مان برنس اڄ پاٽينجر کي خط لکي ٿو, ان جون خاص ڳالهيون آھن: (1). بکر في الحال ڳالهين ذريعي وٺي نه ٿو سگهجي. اها ڪوشش ان وقت تائين اجائي آھي, جيستائين اسان سنڌ جو اهڙو پرڳڻو زورئ قبضي نه ٿا وٺون, جو مير اسان جون ڳالهيون مڃڻ تي مجبور ٿين. (2). ميرن اسان سان ڪهڙو پير کنيو آھي, اهو پاڻ ڄاڻو ٿا. هو ايران ڏانھن دوستئ جو هٿ وڌائن ٿا ۽ اسان جي طاقت کي نظرانداز ٿا ڪن. (3). ميرن جي باهمي اختلافن ڪري اسان کي نقصان نه پر فائدو رسيو آھي. حيدرآبادي ۽ خيرپوري ميرن ۾ جيڪا اسان کان چورئ خط و ڪتابت ٿئي ٿي, اها انھن اختلافن ڪارڻ رنگ نه ٿي ڏيکاري. 17.10.1857: هي اهي ڏينھن آھن جو سموري هندستان ۾ فرنگين کي جتي ڪٿي بغاوت جي بوء محسوس ٿي. ان ڪري سنڌ جي ڪمشنر پنهنجئ وڏئ سرڪار کي لکيو ته ڪنھن به ڏکيئي وقت کي منھن ڏيڻ لاء اسان کي تياريون وٺڻ گهرجن. سنڌ ۾ “ اريگيلر هارس" جي نالي ۾ جيڪا نفري آھي, ان کي باضابطه طور چئن اسڪاڊرنس ۾ تبديل ڪجي. ممبئي سرڪار اڄ کيس مراسلي نمبر 2396 ذريعي اها اجازت ڏني. 17.10.1918: ڪانگريس, هوم رول ليگ جي اڳواڻن لنڊن وڃي پائمال هندستان جي صورتحال اتان جي ماڻھن ۽ حڪمرانن کي ٻڌائڻ گهريو. پر سرڪار کين وڃڻ جي اجازت نه ڏني. اڄ ھوم رول ليگ وارن انھئ سرڪاري فيصلي خلاف ڪراچئ ۾ احتجاج ڪيو ۽ گهر ڪئي ته سياسي اڳواڻن کي لنڊن وڃڻ ڏنو وڃي. 17.10.1919 سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ "خلافت ڊي" ملهايو ويو. پر, لاڙڪاڻي هن سياسي واقعي لاهورين جي سياسي اثر جو خاتمو آندو ۽ ان جو اثر سمورئ سنڌ جي سياست تي پيو. هي جلسو غلام علي وڪيل جي صدارت ھيٺ لاڙڪاڻي جي عيدگاه ۾ ٿيو. 17.10.1933: سنڌ کي صوبائي حيثيت ملڻ جي پڪ ٿي ته سرڪار نئين صوبي جي انتظام هلائڻ ۽ ٻين ضروري ڳالهين تي سوچڻ لاء “ڊو ڪاميٽي" ٺاهي, جنهن جي اڄ ڪراچئ ۾ گڏجاڻي ٿي. سر هيو ڊو انھئ ڪميٽئ جو سربراه هو. سنڌين مان محمد ايوب کهڙو, سيٺ حاجي عبدالله هارون, قاضي عبدالرحمان, ديوان بهادر هيراسنگ ان جا ميمبر هئا. 17.10.1938: اڄ لاڙڪاڻي ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽئ جي شاخ (لاڙڪاڻو لاج) کولي وئي. ياد رهي ته 1940 ۾ “سنڌ ملتان بلوچستان فيڊريشن آف ٿياسافيڪل سوسائٽئ" جو ساليانو ميڙ لاڙڪاڻي ۾ ٿيو هو. 17.10.1940: ڪانگريس اڄ کان حڪومت خلاف "ستياگره" تحريڪ هلائي. سنڌ جي ڪانگريسين هن تحريڪ ۾ پاڻ ملهايو ۽ ڪيترا جيلن ۾ ويا. 17.10.1962: ٽيه هزار پناهگيرن کي اجهي فراهم ڪرڻ لاء اڄ صدر ايوب ڪراچئ جي اتر ۾ نيو ٽائون جو افتتاح ڪيو. 17.10.1991: بينظير اڄ “پاڪستان جي خزاني کي ڌاڙو" جي عنوان سان هڪ ڊاڪيومينٽ جاري ڪري اهو ٻڌايو ته نواز شريف ۽ سندن خاندان ۽ چوڌري ڀائرن بيدردئ سان پاڪستان جو خزانو لٽيو آھي. بينظير نواز شريف کي لٽيرو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي, نواز شريف وري بينظير تي اهڙا الزام ھنيا ۽ هاڻي جي حڪومت ٻنهي تي الزام هڻي ٿي. سڀ اهو سچ ٿا ڳالهائن. سڀني ساڳيو ئي ڪم ڪيو. ڪنهن نه گهٽايو ۽ ڪير نه گھٽائيندو. *************** { 17 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 1857ع ناليواري سماج سڌارڪ ۽ سياستدان سيد الهندو شاهه(ڊڀرو). 1935ع صحافي جهانگير قريشي (جيڪب آباد). 1937ع شاعر ياديشتر پاگل (ڏيپارجا / اجمير). 1940ع شاعر واسق ناٿن شاهي. 1959ع گلوڪار پون ڪمار. 1973ع شاعر غلام حسين غمگين. 1974ع صحافي حيمد ناز سومرو. [وڇوڙو]: 17 آڪٽوبر 1998ع اسڪالر، حڪيم ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر حڪيم محمد سعيدکي ڪراچي ۾ قتل ڪيو ويو. هن جي قتل ۾ نامينيٽيڊ ملزم سنڌ جو طويل ترين عرصي لاء گورنر مقرر ڪيو ويو. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this such a way. 1918: Sindh Home Rule League protests against the decision of the Govt. of India, not to allow a Congress - League deputation to proceed to England. 1919: Sindh observes Khilafat Day. Larkanians set an example. Here the bigest gathering is presided over by Advocate Ghulam Ali and attended by Jan Muhammad Junijo, Seth Khudadad, Pir Turab Ali Shah, Pir Mithal Shah and hundreds of Pirs and Moulvis. Nawab of Lahori, K.B. Isran and Shahnawaz Bhutto did level best to stop it, but Khilafatis did it. 1933: The meeting of the Dow Committee is held at Karachi to suggest administrative steps for Sindh after her separation from Bombay Presidency. Seth Haji Abdullah Haroon, K.B. Khuhro, Qazi Abdul Rahman, E.L.Price, Hiranand Khemsing and others attend.

Saturday 15 October 2022

Sindh in history today (16th October). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(16th October). ( 16 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 16.10.1832: پاٽينجر کي ممبئي حڪومت پنهنجي مراسلي نمبر 290 ذريعي اجازت ڏني ته ليفٽيننٽ ڊلهوسٽ کان سنڌوندئ جي کاٻي پاسي وارئ سنڌ جي سروي شروع ڪرائي. [پاٽينجر اها منظوري پنهنجئ سرڪار کان ته وٺي ٿو پر مير حڪمرانن کان پڇپي به نه ٿو]. 16.10.1838: پاٽينجر اڄ پنھنجي مراسلي نمبر 129 ذريعي پنهنجئ سرڪار کي صلاح ٿو ڏئي ته اسان جي فوج وڪر کان سنڌ ۾ داخل ٿئي ۽ مير ڊپ وچان اسان جي فوج جي رستا روڪ نه ڪندا. 16.10.1838: ڪئپٽن برنس پنهنجي مراسلي نمبر 2 مطابق پنهنجئ سرڪار کي ٻڌائي ٿو ته حيدرآباد مان اسان کي پنهنجئ فوج لاء سامان وٺڻ ڏکيو ٿو لڳي. مير پاٽينجر تي به ڏمريا ويٺا آھن. 16.10.1838: پاٽينجر اڄ پنھنجي گورنر جنرل کي سندس سيڪريٽرئ معرفت ٻڌائي ٿو ته: (1). حيدرآبادي ميرن جي مبهم روين مايوس ڪيو آھي. لڳي ٿو ته اسان جي فوج کي سنڌ مان گذرڻ وقت رنڊڪ وجهي سگهن ٿا. مير نور محمد جي دوا لاء مون ڊاڪٽر موڪليو, پر اهڙئ چڱائئ جو به هنن وٽ ڪا چڱي موٽ ڪانھي, (2). مير نور محمد خيرپوري ميرن خاص طور تي مير رستم خان کي مڇرائي ٿو ته فرنگي فوج کي اتان گذرڻ وقت ڪجھ پريشان ڪر. پر مير رستم علي خان سندس ڳالهين ۾ نه ايندو, (3). ميرن جي اهڙئ ڦرڻي گهرڻي طبيعت باوجود ڀائنيان ٿو ته اسان پنهنجو مقصد حاصل ڪري وٺنداسين. 16.10.1854: جاگيرن جي کاتي جي اسسٽنٽ ڪمشنر اڄ پنھنجي مراسلي نمبر 337 ذريعي ڪمشنر کي شڪارپور شھر جي تاريخ لکي ڏياري موڪلي. شڪارپور تي هي هڪ اهم ڪتاب آھي ۽ اهو "ميمائيرس آن شڪارپور" جي نالي ڪتابي صورت ۾ ڇپيو آھي. 16.10.1857: ڪياماڙئ ۽ گذرئ وچ ۾ اليڪٽرڪ ٽيليگراف کولي وئي. 16.10.1943: "الوحيد" اخبار ۾ سنڌ مسلم ليگ جي صدر جي.ايم.سيد جي شاگردن نالي اپيل شايع ٿي. کين هدايت ڪئي وئي ته هو حاجي مولابخش ۽ احمد خان سڌائي وچ ۾ ٿيندڙ چونڊ-مقابلي ۾ احمد خان سڌائي کي ڪامياب ڪرائن ۽ پولنگ وقت پنھنجون خدمتون سرانجام ڏين. 16.10.1975: پيپلز پارٽئ جي دور ۾ سنڌ جو گورنر رهندڙ ۽ پيپلز پارٽئ جو آڳاٽو اڳواڻ مير رسول بخش پيپلز پارٽي ڇڏي ويو. *************** {16 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 1916ع صحافي نواز علي بلوچ (لاڙڪاڻو). 1919ع ناول نگار سندر نيڀواڻي (حيدر آباد / بئنگلور). 1925ع ليکڪ آنند گولاڻي (سنڌ / ممبئي). 1925ع شاعر پرڀوداس ونيت (سکر / پونا). 1929ع سيد محسن شاهه جيلاني (گمبٽ). 1935ع شاعر لڪشمڻ ڪڪريجا (ڳڙهي ياسين / الهاسنگر). 1935ع اداڪاره سشيلا راءِ سنگهاڻي (لاڙڪاڻو / احمد آباد). 1943ع شاعر ۽ گلوڪار گوبند نهلاڻي (سکر / الهاسنگر). 1950ع صحافي محمد اسحاق ميمڻ. [وڇوڙو]: 1951ع پاڪستان جي پهرين وزير اعظم لياقت علي خان. 1993ع شاعر ڪهاڻيڪار ۽ صحافي نظير شهزاد (سکر). 1. GOOD DAY WISH composed in my language along with its translation into English: WISH YOU GOOD DAY with love, respect and regards. ڪنهن ڪنهن کي پرچائيندين؟ ايئن اجايو پاڻ کي ماريندين ; جي پاڻ کي ريجهائيندين, پوء ايئن نه پڇتائيندين. [ Central idea of my poetry: Dear! You can not please people. It is very terrible task and will demage your self-respect. Try to please yourself. Do, what your heart asks and your soul desires. Do not miss self. Be sure that you are beauty & love and vision & wisdom] 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh (including Pakistan) History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this such aardvark way. EVENTS: 1951: The month of October has proved itself as an expensive and ugly month of ugly political changes in Pakistan. It starts showing its colors today. Prime Minister of Pakistan, Liaquat Ali Khan is assassinated at Rawalpindi. Assailant, Said Akbar is put to death by the mob. 1962: It is a protest day in Pakistan. Western arms aid to India is condemned at large. 1964: Pakistan, Iran and Turkey sign an agreement for the abolition of visa. 1972: Islamic ministers discuss Pakistan - Bangladesh reconciliation in the U.N.O 1974: Kabul regime is behind the bomb blasts and trouble in Baluchistan, says Z.A.Bhutto, Prime Minister. 1993: PPP nominates Syed Abdullah Shah for Sindh Chief Minister ship.

Sindh in history today (15th October). By. Dr. Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(15th October). ( 15 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 15.10.1832: ڪلهوڙا خاندان جي مير محمد عباس نالي شخص پالنپور جي فرنگي پوليٽيڪل سپريڊنٽ معرفت ڪمپني حڪومت کي گذارش ڪئي ته ٽالپورن اسان جي وڏن کان زورئ ملڪ ڦريو هو, اهو اسان کي وٺي ڏيو. (حوالو: پالنپور جي پوليٽيڪل سپريڊنٽ جو مراسلو نمبر 242). 15.10.1838: اڄ الينگزينڊر برنس پنهنجي گورنر جنرل ڏانھن سندس سيڪريٽرئ معرفت خط لکي ٻڌايو ته ڏکڻ سنڌ ۾ حالتون اسان جي حق ۾ ڪونهن. اتي پاٽينجر به ڏچي ۾ آھي. شڪارپور مان خبرون مليو آھي ته ڪو ايران کان ماڻھو آيل آھي. ميرن هن جي سٺو آڌرڀاء ڪيو آھي. ايتري قدر جو هن جي سوارئ لاء سونن سنجن وارو جانور مهيا ڪيو آھي. 15.10.1858: سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر پنهنجي مراسلي نمبر 430 ذريعي ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت کي ٻڌايو ته اتر سنڌ ۾ مري حڪومت ۽ عوام لاء آزار بڻجي ويا هئا. هاڻي انھن کي مات ڏئي ملڪ جو امن امان بحال ڪيو ويو آهي. 15.10.1892: سنڌ جي ڪمشنر اڄ “سنڌ آرٽس ڪاليج" جي عمارت کولڻ جو مهورت ڪيو. انھئ ڏينھن ڪاليج جو نالو مٽائي "ڊي.جي.سنڌ ڪاليج" رکيو ويو. هن عمارت جي اڏاوت تي 1,86,514 روپيا خرچ آيو, جنھن مان 97193 روپيا سرڪار ڏنا. ڪراچئ ميونسپالٽئ جي انجنيئر جي.اسٽريچن عمارت جي ڊزائن ٺاهي هئي. 15.10.1939: سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس جي پڄاڻئ بعد اڄ سنڌ مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽئ جي گڏجاڻي ٿي. ان ۾ مسجد منزلگاه بابت تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان لاء حڪمت عملي جوڙي وئي. 15.10.1947: پاڪستان ٺھڻ کان پوء ڪراچئ مان "جنگ" نالي روزاني اردو اخبار جاري ٿي. ان جو ايڊيٽر غازي انعام نبي ٿيو. 15.10.1949: ملڪ سان نئون "اويڪيو پراپرٽي ايڪٽ" لاڳو ڪيو ويو. ان مطابق اويڪيو پراپرٽي حڪومت حوالي نه ڪندڙ لاء سخت سزا رکي وئي. 15.10.1950: قاضي محمد اڪبر کي پنجن سالن لاء سياست ۾ نااهل ڪيو ويو. 15.5.1955: مغربي پاڪستان حڪومت ۾ وزير محمد ايوب کهڙي کي پناهگيرن جي آبادڪارئ جو قلمدان به ڏنو ويو. *************** { 15 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون *************** [جنم ڏينهن]: 1918ع شاعر کيئل آڏواڻي. 1927ع اداڪاره سرلا جيسنگهاڻي (ڪراچي / ممبئي). 1931ع سائنسدان ۽ ڀارت جو اڳوڻو صدر ڊاڪٽر ابوالڪلام. 1935ع شاعر نادر شاهه فراق (نوابشاهه). 1939ع اسڪالر ڊاڪٽر حيدر ٻرڙو. 1943ع شاعر ۽ ليکڪ غلام مصطفى مشتاق (لاڙڪاڻو). 1959ع سياستدان غلام قادر چانڊيو. 1959ع صحافي ڊاڪٽر اسد انصاري. 1965ع سياستدان صداقت علي جتوئي جو. 1966ع سگهڙ اياز جوڳي. 1968ع شاعر ۽ ليکڪ معشوق ڌاريجو. 1968ع صحافي ارباب چانڊيو (قنبر). 1971ع صحافي ۽ ڪالم نگار اسد چانڊيو. 1973ع شاعر ۽ امرتا ميگزين جي ايڊيٽر فقير محمد ڍول. 1974ع شاعر بابر سڪايل. 1975ع صحافي نظام شيخ. 1978ع صحافي محمد رمضان چوهاڻ (پٿورو). 1978ع شاعر نويد ناز ڀٽي. [وڇوڙو]: 1567ع بزرگ سيد رڪن الدين متعلوي. 1657ع ڪلهوڙن جو سپهه سالار ميان شاهل محمد ڪلهوڙو. 1942ع سگهڙ نوح پنهور. 1. GOOD DAY WISH composed in my language alongwith its translation into English: Dr. Pathan wishes you Good Day. WISH YOU GOOD DAY with love, respect and regards. Dr. Dur Muhammad Pathan. Founder, Gul Hayat Institute. [ CENTRAL IDEA OF MY POETRY: Life is not a bed of roses. It always gives tough time to those, who are men of vision & wisdom and work for love & beauty and peace & progress. Whoever has such noble cause, will be misunderstood, betrayed and opposed terribly. But, hatred & discrimination can't block their way. They are never disappointed but, are Golden Hearts and Loving Souls, sincere and dedicated with Noble Cause.] هر دفعي زندگئ شڪست ڏني هر دفعي زندگئ کي ماري ويس., سکن جي سيج نہ ٿي زندگي پر ڏکن ۾ کلي سا گهاري ويس, ٻاٽ اونده ڪڻدا ڪي رهيا پر مان لاٽ ھر دفعي ٻاري ويس, ڀروسن کي درياه ۾ لوڙھيو ويو ماڻھپو مگر مان تاري ويس, سمجھ آئون هاري ويس, پر دليون دعائن سلام سان ٺاري ويس 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh histo ry has not been told by any Scholar in this way daily. EVENTS: 1835: Colonel Pottenger deputes Lieutenant Burns to visit Hyderabadi Mirs and direct him that differences between Hyderabadi and Khairpuri Mirs be kept in mind and that situation be availed in the interests of our own government. 1892: The Sindh Commissioner, Evans James chairs the function of the opening ceremony of the building of the Sindh Arts College. The college is renamed today as Dayaram Jethmal Sindh college (D.J.S. college). The actual cost of the construction of the building is Rs.1, 86,514 of which the govt. paid Rs.97193. J.Strachan, the Engineer of Karachi Municipality prepared a design for the building. 1939: The Working Committee of the Sindh Provincial Muslim League meets at Karachi to discuss Masjid Manzalgah issue and prepare strategy for launching movement. Part2 1947: Urdu Journalism starts with 'Jang'. The issue of the paper is published from Karachi with Ghazi Inam Nabi as its editor. 1950: Kazi Muhammad Akbar is disqualified for five years from taking part in politics. 1951: Students will be imparted military training from the coming academic year. Next government in Sindh will be of the Muslim League, says Kazi Fazulullah, Sindh Chief Minister. 1952: India is not happy with the status of minorities in East Bengal. Asks Pakistan Govt. to ensure and protect their rights there. 1955: Portfolios of the first ever One - Unit (West Pakistan) cabinet are notified. Ayub Khuhro gets ministries of Finance, Trade, Industries, Communication, Works and Settlements of migrants. Well paid for task completed.

Thursday 13 October 2022

Sindh in history today (14th October). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY AND MY GOOD DAY WISH(14th October). 1. GOOD DAY WISH composed in my language alongwith its translation into English: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ We are creaters of our own sorrows and promoters of longings of our own and our Motherland. We can't accept status of others. We love to misuse beauty, snatch respect and make others to bow before our desires. Exploitation of ideologies is our vision and wisdom and betraying others is an art of our life. Come on my Dear. Play your part as role model. Teach us how & why to love & respect and accept & serve people with sincerity & dedication and without hatred & discrimination.] ڪو ڳڻ ٿي تہ ڳهيلو ٿي نہ تہ يار تون مري ويندين, پنهنجي ئي ڌرتئ تي تون پنهنجن جو نشانو ٿيندين, سرت اٿئي سونهن اٿئي يا پنهنجي پيرن تي بيهندين, ڪنهن سبب جواز کان سواء دشمني ۽ ڏاڍ ڏسندين, سنڌ ۾ ماکئ جون نديون وهنديون اهو بہ ٻڌندين, تن جي هٿان ئي رت جي درياھ ۾ سدائين ٻڏندين, ڳڻي ڪين سگهندين ڏک ڌرتئ جا جي تون ڳڻيندين, سرت سونهن سچائئ ۽ سلامن سبب خوار ٿيندين, هي حال حشر پاڻ ڪيو سنڌ جو پر ڪين مڃيندين, ڪر وعدو پرين مون سان درس محبت پيو ڏيندين. 2.EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh histo ry has not been told by any Scholar in this way daily. 14 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 14.10.1839: پاٽينجر اڄ ميرن کي ميمورنڊم ڏياري موڪليو, جنھن ۾ ھي ڳالهيون اهم آھن: (1). سنڌ ۾ فرنگي فوج رکڻ لاء مير نور محمد, مير نصير خان ۽ مير محمد خان هر سال فيبروري مهيني ۾ هر ڪو لک لک ڪمپني روپيا ڏيندو. اهي ڏوڪڙ فيبروري 1839 کان ڏنا ويندا. (2). منوڙو ٻيٽ ڪمپني حڪومت جي هٿ هيٺ رهندو. (3). حيدرآباد شھر ٻاهران ڪمپني فوج جي ڇانوڻي اڏي ويندي. جاء جي فيصلي ۾ ميرن جي گذارش نظر ۾ ھوندي, (4).ميرن کي شاه شجاع جي ڏن جا باقي رهيل پئسا- يارنهن لک تيموري يا ڪمپني روپيا- هڪدم ادا ڪرڻ گهرجن. 14.10.1842: فرنگي گورنر جنرل اڄ نيپيئر کي لکيو ته ميرن معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي اسان جي ٻيڙين کي سنڌوندئ ۾ هلڻ ۾ رڪاوٽون وڌيون. ان لاء ھنن کي تاڪيد ڪر ته اڳتي ايئن نه ڪن. هنن تي ٻيڙين روڪڻ لاء ڏنڊ وجھ ۽ اهو ڀرائي وٺين. 14.10.1842: آئوٽرام اڄ نيپيئر کي تفصيلي خط لکي ٻڌايو ته خيرپوري ميرن اسان جي معاهن جي ڀڃڪڙيون ڪيون آھن: (1). مير رستم خان لاهور جي شيرسنگ سان اسان خلاف مخفي خط و ڪتابت ڪئي آھي, جيڪا مون پڪڙي آھي,(2). وزير فتح محمد غورئ اسان کي گهربل سيد محمد شريف کي ڀڄائڻ ۾ مدد ڪئي, (3). خيرپور واري مير نصير خان جي نمائندي اسان جي فوج جو سامان چوري ڪرايو ۽ دانھن تي به مير تدارڪ نه ڪيو, (4). مير رستم علي خان ڀنگ ڀاڙا پتڻ تي اسان جي ٻيڙين تي ڳاٽي ڀڳا محصول مڙھيا ۽ هن اتي اسان جا ماڻھون گرفتار ڪيا آھن. [انهن حالتن ڪري ڀنگ ڀاڙا وارو پرڳڻو پوء بهاولپور وارن کي مليو] 14.10.1955: گذريل اڌ رات کان اسان جي ڳچئ ۾ ون يونٽ جو ڳٽ پئجي ويو. مشتاق احمد گرماڻئ کي مغربي پاڪستان جو گورنر بڻايو ويو. 1847 ۾ سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ٿي هئي. اڄ وري ان جي صوبائي حيثيت ٻيهر ختم ٿي. 14.10.1858: سنڌ ۾ جاگيرن جي اسپيشل ڪمشنر بي.اي. ايلس سنڌ جي هيٺ ڄاڻايل سردارن ۽ سندن خاندانن بابت معلومات مراسلي نمبر 27 مطابق ممبئي سرڪار کي ڏياري موڪلي: ٽالپور, نظاماڻي, لغاري, مري, جمالي, براجماڻي, رند, چانگ, ڇلگري, لاشاري, نوهاڻي,لنڊ, ڪلوئي, جتوئي, نوتڪاڻي, نوندناڻي, جلالاڻي, کوسا, مگسي, کوکر ۽ کٽياڻ. [انھن مان ڪن ذاتين تي اسان جي دور ۾ تحقيق ٿي آھي. پر محققن ايلس جي هن تحقيقي ڪم مان ڪنهن به استفادو ڪونه ڪيو آھي] 14.10.1990: لاهور هاء ڪورٽ فيصلو ڏيندي صدر جي اهئ قدم کي جائز قرار ڏنو, جنهن مطابق هن اسيمبليون ٽوڙي نگران حڪومت قائم ڪئي. { 14 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1921 شفيع محمد اوج علوي(شڪارپور). 1926ع سماج سڌارڪ غلام علي عباسي. 1950ع ليکڪ ابراهيم خشڪ جي پيدائش. 1960ع شاعر وفا نادر خاڪراڻي. 1962ع شاعر مخدوم سعيد الزمان عاطف (هالا). 1971ع شاعر خضر کوکر (لاڙڪاڻو). 1971ع صحافي راجا ياسين (دادو). 1974ع ليکڪ احمد منصور عباسي (لاڙڪاڻو). 1985ع شاعر مير ڪلوئي. [وڇوڙو]: 1952ع شاعر محمد بخش واصف. 1983ع شاعر اڪن فقير اوڍاڻو. 1996ع موسيقار استاد فيروز گل. 2000ع صحافي ۽ هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام محمد لغاري. EVENTS: 1955: Sindh re - loses her provincial status. It was in 1847, when Sindh lost its provincial status of only four years and was separated from Bombay Presidency with provincial status in 1936 and today West Pakistan Province comes into existence. Mushtaq Ahmad Gurmani is appointed its Governor and Dr.Khan Sahib will be the first Chief Minister of the West Pakistan. East Bengal is renamed as East Pakistan. 1958: Sindh Hari Committee is dissolved. 1961: Camel - men of Karachi, Bashir, reaches America as the guest of Vice President Johnson. 1972: Constitution Conference to be held on 17th of October. PPP Govt sends invitations to the leaders of the Parliamentary parties. 1977: PPP Leader Begam Ashraf Abbasi is put under house arrest in Valid.