Wednesday 9 November 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (9th November) By: Dr. Pathan


** 1856ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر هندستاني سرڪار جي انهيءَ تجويز جي سخت مخالفت ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته برطانوي فوج جي رٽائر آفيسرن ۽ پينشنرن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويندو، سنڌ جي ڪمشنر چيو ته يورپ جي ماڻهن کي سنڌ ۾ رهائڻ سان سنڌ جي ماڻهن جا سماجي ۽ مالي حق متاثر ٿيندا.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان سعوي عرب جي بادشاهه شاهه سعود جي وفات تي قومي طور تي سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خانبهادر محمد ايوب کهڙي سنڌ جي وڏي وزير طور عهدي جو حلف کڻي ورتو.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ شاگردن طرفان جلوس ڪڍيا ويا ۽ مظاهرا ڪيا ويا، هنن جو مطالبو هو ته سرڪار طرفان تازو آندل يونيورسٽي آرڊيننس واپس ورتو وڃي.
** 1964ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي سرڪلر ريلوي سروس جو باضابطا آغاز ٿيو، ويسٽ پاڪستان جي وزير محمد خان جوڻيجو انهيءَ رٿا جو افتتاح ڪيو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڍاڪا ۾ فوجي عدالت 13 سي ايس پي ۽ 42 اِي پي سي ايس آفيسرن کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته 4 پروفيسرن کي پڻ ساڳي سزا ٻڌائڻ سان گڏ اڌ ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو، واضح رهي ته آفيسرن تي اهو الزام هو ته اهي سول نافرماني ڪري رهيا آهن.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان سينٽو کان ڌار ٿي ويو ۽ اتر ڪوريا کي تسليم ڪري ورتو، جڏهن ته ساڳئي ڏينهن تي آمريڪا ۾ ڪامياب ٿيل نئين صدر رچرڊ نڪسن کي پڻ مبارڪباد ڏني وئي.
** 1974ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو هڪ تقريب کي خطاب ڪندي واضح ڪيو ته پختونستان، آزاد بلوچستان، سنڌو ديش، بهاول پور ۽ ڪراچي کي صوبا بڻائڻ واريون ڳالهيون ڪنهن جي خام خيالي ٿي سگهي ٿي، باقي انهن ۾ ڪا حقيقت ناهي، ڪنهن کي جرئت ئي ناهي ته هو پاڪستان کي غير مستحڪم ڪري سگهي.

No comments:

Post a Comment