Friday 30 September 2022

Sindh in history today (1st October). By.Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (1st OCTOBER) Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathn ( 1 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 1.10.1839: ڪراچي فيبروري مهيني ۾ اسان جي حاڪمن فرنگين کي لکي ڏني. فرنگين جو اڳ ئي منوڙي تي قبضو ٿي چڪو هو. هنن ڌارين سنڌ ۾ پنهنجي فوجي قوت وڌائڻ شروع ڪئي. پر هو سنڌي ماڻھن کي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ کان لهرائي رهيا هئا. ڇو ته کين پڪ هئي ته سنڌي بغاوت ڪندا ۽ اسان کي ملڪ نيڪالي ڏيندا. ان ڪري ڪاٺياواڙ جي پوليٽيڪل ايجنٽ راس بيل فرنگي سرڪار کي صلاح ڏني ته سنڌ ۾ عربن کي فرنگي فوج ۾ ڀرتي ڪيو وڃي. 1.10.1842: ليفٽيننٽ مائلن سنڌ جي فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ جو اسسٽنٽ ھو. هن اڄ پوليٽڪل ايجنٽ کي جيڪو خط لکيو آھي, ان مان پتو پئي ٿو ته سيٺ نائونمل کي فرنگي سرڪار ڪراچئ ۾ پگهار تي پنھنجو مقامي نمائندو(Netive Agent) ڪري رکيو هو. نائونمل فرنگي فوجين کي سودو سامان به وڪرو ڪندو هو, پر انھئ سامان تي اهو محصول نه وٺندو هو, جيڪو وٺي کيس ميرن حوالي ڪرڻو هو. ميرن کي جڏهن اها خبر پئي ته حيدرآباد مان پنھنجا سپاهي موڪليائون ته وڃي نائونمل کي ٻڌي کنڀي کڻي اچو. ان تي هن اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ جي ميرن سان خط و ڪتابت ٿي ۽ هن ميرن کي لکيو ته سيٺ نائونمل انگريز سرڪار جي رعيت آھي ۽ انھئ سرڪار جي ملازمت ڪري ٿو, ان ڪري کيس گرفتار ڪرڻ جو سوچيو به نه. ان تي ميرن هن کي لکيو/چيو ته پوء ڀلا فرنگي هئ ملڪ کڻن ته اسان لڳ لاڳاپا لاهي مڪي هليا وڃون 1.10.1847: 1843 ۾ سنڌ تي فريب سان قبضو ڪري, چارلس نيپيئر گورنر ٿيو. اڳ سنڌ ملڪ هئو ۽ 1843 ۾ ملڪي حيثيت وڃائي صوبو ٿيو. چارلس نيپيئر جي رٽائيرمينٽ ٿي ته سنڌ جي صوبائي حيثيت به ختم ڪري, ان کي اڄ ممبئي پرڳڻي جي هڪ ڪمشنريٽ بڻايو ويو. اڄ کان آر.ڪي.پرنگل سنڌ جو ڪمشنر ٿيو. 1.10.1878: اڄ ” 1873 وارو ممبئي ايڪٽ V1" سنڌ ۾ لاڳو ڪرڻ کان پوء حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ ميونسپالٽيون قائم ڪيون ويون, جيڪي آھن: لاڙڪاڻي ضلعي ۾ قمبر, رتوديرو, سيوهڻ ۽ بوبڪ. حيدرباد ضلعي ۾ ٽنڊو محمد خان, ٽنڊو الهيار, هالا, نصرپور ۽ مٽياري 1.10.1918: ڪراچي هوم رول ليگ طرفان مائي ائني بسنت جي سالگره ملهائي وئي. هن فنڪشن جي صدارت جئرامداس دولترام ڪئي. جڏهن ته شري شرڪنداس للا, آر.ڪي.سڌوا, چئنراء ورڀنداس ۽ ٻين تقريرون ڪيون. 1.10.1920: سنڌ ۾ ”سنڌ خلافت ڪميٽئ" جي سڏ تي جتي ڪٿي "ڪائونسلن جي چونڊن جو بائڪاٽ ھفتو" شروع ڪيو ويو. اڄ انھئ جو پهريون ڏينھن هو. خلافيتن عوام ۾ تبليغ ڪئي ته ڪائونسلن جي چونڊن ۾ نه ته پاڻ بيهو ۽ نه وري ووٽ ڏيو. 1.10.1922: قمبر جي خلافت ڪميٽئ جون چونڊون ٿيون, جن ۾ مولوي غلام صديق کي صدر, سيد حسن شاه کي نائب صدر, حاجي محمد عثمان کي سيڪريٽري, گل محمد پٺاڻ کي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ محمد عيسا کي خزانچي چونڊيو ويو. 1.10.1945: جي.ايم.سيد جي صدارت هيٺ ڪراچئ ۾ حيدر منزل تي " سنڌ مسلم ليگ پارليامينٽري بورڊ“ جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ سر غلام حسين هدايت الله, محمد ايوب کهڙي, سيد خير شاه, پير الاهي بخش, مير غلام علي ۽ آغا غلام نبي پٺاڻ شرڪت ڪئي. سنڌ اسيمبلئ جي 35 سيٽن لاء 70 درخواستون مليون هيون, جن کي ٽڪيٽن ڏيڻ لاء ڇنڊ ڇاڻ شروع ڪئي وئي. سر غلام حسين ۽ محمد ايوب کهڙي سخت اعتراض ڪيا ۽ اهو الزام هڻي گڏجاڻئ مان اٿي ويا ته جي.ايم.سيد "سنڌ مسلم ليگ" کي "سيد مسلم ليگ" بڻائي رهيو آھي ۽ سندس سيد-پرستي قبول نه ڪئي ويندي. [انھئ کان پوء سنڌ مسلم ليگ ۾ قيادت جي ويڙھ شروع ٿي, جنهن ۾ جي.ايم.سيد "سنڌ مسلم ليگ" کان ڪڍيو ويو.] 1.10.1950: پاڪستان سرڪار پناھگيرن جي آبادڪارئ لاء هڪ نئون کاتو/ڊپارٽمينٽ کوليو. 1.10.1955: "راولپنڊي سازش ڪيس" ۾ ٻڌل سمورن قيدين کي ڇڏيو ويو. 1.10.1977: مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ضياء الحق ٿيڻ واريون چونڊون ملتوي ڪري, ملڪ ۾ سياسي سرگرمين تي پابندي مڙھي ڇڏي. 1.10.1982: ملڪ جي مختلف شھرن ۾ وڪيلن جا اجلاس/ڪنوينشن ٿيا, جن ۾ حڪومت کان "بنيادي حقن" جي بحالئ جي گهر ڪئي وئي. سنڌ مان حفيظ لاکي سميت ڪيترن وڪيلن کي گرفتار ڪيو ويو. *************** پهرين آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: پهرين آڪٽوبر 1920ع شاعر ۽ صحافي زيب عاقلي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1922ع سگهڙ فيض محمد سومرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1930ع شاعر عنايت الله سهيل (جيڪب آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1936ع ليکڪ ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر سندر آگناڻي (شهدادپور / جئپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1936ع ليکڪ شيام سنگهه مرجاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1937ع شاعر جادوگر نماڻو (لاڙڪاڻو / بڙودا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1940ع شاعر سرڪش سنڌي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1944ع ليکڪ جيئل اوڏ (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1948ع شاعر غلام محمد غلام جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1949ع ليکڪ گلاب گل محمد (سيتا روڊ) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1952ع شاعر امداد علي اداس جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1956ع شاعر اڪبر ساگر(شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1956ع اداڪار چندر بالاڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1957ع ڪهاڻيڪار انور جوکيو(لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1963ع شاعر ساحر راهو (شهمير راهو) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1963ع شاعر ممتاز خادم (قاضي احمد) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1964ع ليکڪ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري يوسف سنڌي (دڙو) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1967ع چترڪار، شاعر ۽ ليکڪ قاضي منظر حيات (رتوديرو) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1970ع ليکڪ طارق علي ٻرڙو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1971ع شاعر امان الله امر بروهي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1973ع مشهور مزاحيه اداڪار علي گل ملاح جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1975ع شاعره، ليکڪا ۽ ڪمپيئر سهڻي پارس (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1977ع شاعر نياز نديم جو جنم ڏينهن آهي. پهرين آڪٽوبر 1979ع شاعر ياسين ڪنڀر (سلطان پور) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: پهرين آڪٽوبر 1936ع مذهبي اسڪالر مولوي محمد عثمان جو لاڏاڻو ٿيو. پهرين آڪٽوبر 1975ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالله هالائي جو انتقال ٿيو. پهرين آڪٽوبر 2009ع فلمي اداڪار سيد ڪمال جو انتقال ٿيو. EVENTS 1847: Sindh, an independent country lost its freedom in 1843 and became Governor’s province with Sir Charles Napier as her first Governor. Today, her provincial status is also snatched and is annexed with Bombay Presidency and R.K.Pringle is appointed as Commissioner. Today, he informs Officer Commanding the Forces in Sindh about his appointment. (Source: letter No.2788). 1878: Bombay Act V1 of 1873 is extended to Sindh and following are declared as Municipal Commissions in Larkanao and Hyderabad Districts. Larkano District: 1) Kambar, 2). Ratodero, 3). Sehwan, 4). Bubak. Hyderabad District: 1). Tando Muhammad Khan, 2). Tando Allahyar, 3). Hala, 4). Nasrpur, 5). Matiari. (Source: Government of Bombay’s Notification). 1918: Karachi Home Rule League celebrates Birthday of Dr. Anni Besant with Jairamdas Doulatram in chair. Shrikrishandas Lula, R.K.Sidhwa, Chainrai Virbhandas and others spoke on the occasion and threw light on the life & achievements of the founder of the Home Rule League, Dr. Anni Besant. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1920: Sindh Khilafat celebrates ‘Election Boycott Week’. It is first day and public meetings are held in the length and breadth of Sindh to aware the people that election is some sort of an opportunity to be availed by Government to purchase loyalties. (Source: The Dail Alwahid, Karachi). 1922: Kambar Khilafat Committee elects its office-bearers and they are: Moulvi Ghulam Sidik (President), Syed Hassan Shah (Vice President), Haji Muhammad Usman (Secretary), Gul Muhammad Pathan (Joint Secretary) and Muhammad Essa (Treasurer). 1930: Shahnawaz Khan Bhutto is given At Home by Sardar Wahid Bux Bhutto at Gandhi Garden of Karachi. While speaking on the occasion, Shahnawaz Khan said that the case of separation of Sindh from Bombay Presidency will be presented in the Round Table Conference and he is leaving for London very soon. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1940: Sir Sikandar Hayat Khan, addressing a gathering at Nuh says that Gandhi was among the first Indians to denounce Hitler’s acts and to declare that his sympathy lay entirely on the side of Britain in this war. Since that declaration was made the Congress had been changing its position from time to time until at last Gandhi had formulated his demand for freedom. (Source: Annual Indian Register, Vol-11, 1940). 1945: The meeting of the Sindh Muslim League Parliamentary Board is held at Hyder Manzil, Karachi with G.M.Syed in Chair. It is attended by Sir Ghulam Hussain Hidayatullah, Mir Ghulam Ali, Pir Illahi Bux; K.B. Khuhro; Syed Khair Shah and Agha Ghulam Nabi Pathan. 70 applications are received for 35 seats. The meeting proved to be division of the Board. Sir Ghulam Hussain left the meeting in protest and headed a separate meeting at Khuhro’s residence. Mir Ghulam Ali, Pir Illahi Bux and attended the meeting. (Source: G.M.Syed’s book ‘Nai Sindh Lai Jidojuhud’) 1947: Parsram, an Assistant to Sindh Chief Minister is arrested on grounds that he was possessing secret documents. (Source: Newspapers). 1950: New Department is established by the federal Government for Migrants’ affairs. (Source: ibid). 1955: All involved in Rawalpindi Conspiracy case are released. (Source: Newspapers). 1977: Zia postpones elections and impose ban on all kinds of political activities. (Source: Newspapers). 1982: Lawyers’ Conventions held in various cities demand restoration of basic rights of citizens. Hafiz Lakho and other lawyers are arrested. (Source: Newspapers).

Wednesday 28 September 2022

Sindh in history today (29th September). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (29th September) ( 29 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 29.9.1838: اڄ ممبئي سرڪار انڊين نيوئ جي سپريڊنٽ کي چيو ته فرنگي فوج کي ڪراچئ پهچائڻ جو ڪم هٿ ۾ کڻو. ٻئي طرف ساڳئ سرڪار ڪرنل پاٽينجر کان خط لکي پڇيو ته اسان جي فوج جڏهن خشڪئ ذريعي سنڌ ۾ داخل ٿئي ته ڪٿي ڪٿي ان کي مزاحمت ڏسڻي پوندي. اسان کي ڪراچي جو قلعو سڀ کان اڳ قبضي ۾ وٺڻ گهرجي يا جي ڪو مسئلو پيدا ٿئي ته ڪڇ ڀڄ کان حيدرآباد تي فوجي دٻاء وجهجي. (حوالو: ممبئي سرڪار جو مراسلو نمبر 283). 29.9.1842: بهاولپور ۾ مقرر ڪيل فرنگين جو مقامي ايجنٽ پير ابراهيم اڄ ليفٽيننٽ برائون کي خط ۾ لکي ٿو ته مير رستم خان جي پرواني ملڻ تي اسان جا واپاري مٺڻ ڪوٽ, ڀنگ ڀاڙا ۽ فيروزپور ۾ خوش ٿيا. پر سندن خوشيون ان وقت خاڪ ۾ ملي ويون, جڏهن حيدرآباد واري مير نصير خان جي ڪاردار جي حڪم تي اسان جون ٻيڙيون سنڌ طرف وڌڻ کان روڪيون ويون ۽ ڀريل ٻيڙين مان سامان لهرايو ويو. 29.9.1843: ڪراچئ مان نيپيئر پنهنجي گورنر جنرل کي خط لکي پاڻ تي لڳايل ميجر آئوٽرام جي الزامن جو جواب ڏئي گورنر جنرل کي مطمعن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ياد رهي ته آئوٽرام نيپيئر تي ميرن کي فريب ڏيڻ, ڏاڍ تي ڳنڍ ٻڌڻ ۽ سفارتڪارئ ۾ منافقي ڪرڻ جا الزام هڻي رهيو هو. آئوٽرام فرنگين مان پهريون ماڻهو لهو, جنهن نيپيئر جي فريب تي ٻڌل فتح جا پول پڌرا ڪيا. نيپيئر جو خط طويل ۽ تفصيلي آھي ۽ هن ان ۾ آئوٽرام سان ٿيل خط و ڪتابت مان اقتباس ڏئي پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. (حوالو: ڪتاب Correspondence related to Sinde). 29.9.1911: ڪراچئ ۾ مير ايوب جي صدارت ۾ ”سنڌ هلال احمر سوسائٽي" جوڙي وئي ۽ حاجي عبدالله هارون کي ان جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. هن سوسائٽئ سمورئ سنڌ مان چندو گڏ ڪري طرابلس موڪليو ته جيئن اتي اٽلئ جي ظلمن جو نشانو بٺيل مسلمانن جي مدد ڪئي وڃي. 29.9.1922: مقامي خلافت ڪميٽين طرفان هنن هنڌن تي عوامي ميڙاڪا ٿيا: *.بٺئ ۾ قاضئ عزيزالله جي صدارت. ترڪن خلاف سرڪار جي حڪمت عملئ جي ندا ڪرڻ لاء حسن الله ٺھراء پيش ڪيو ۽ ان جي مولوئ غلام صديق تائيد ڪئي. *. ڳوٺ دائم مشورئ ۾ جلسي جي صدارت منشي محمد سليمان ڪئي. ان ۾ يونان خلاف ترڪن جي فتح لاء دعائون گهريون ويون, * . ڳوٺ ديدڙ ۾ مولوي عبداڪريم صدارت ڪئي. اتي خلافت ڪميٽئ جي شاخ کولي وئي ۽ 60 ميمبر ٿيا. (حوالو: "الوحيد" اخبار جا مختلف پرچا). 29.9.1946: ميهڙ ۾ ”بزم مشاعره صوفي" ۽ " بزم بلبل" جي گڏيل ڪوششن سان مشاعرو ٿيو. ان جي طرح مصرع هئي: "اڄ فقط بلبل نه پر خود باغبان چڪر ۾ آھ“. [ 1946 ۾ شاعرن جي ڌيان ۾ ڳالھ چڪر پئي ڏئي ته حالتون هر ڪنهن کي چڪر ۾ وجهي رهيون آھن. علم ادب تاريخ کي ايئن محفوظ ڪندو آھي]. 29.9.1977: ساهيوال ۾ تقرير ڪندي بينظير ڀٽو چيو ته :" جيڪڌهن ڀٽي کي ڦاهئ تي لٽڪايو ويو ته پنجن ئي درياهن جو پاڻي ڳاڙھو ٿي ويندو". ستت پوء کيس نظربند ڪيو ويو. *************** {29 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 1904ع ليکڪ سريچند ميوارام. 1929ع ليکڪ نند ريجهسنگهاڻي (لاڙڪاڻو / ممبئي). 1939ع شاعر دولت عيدناڻي (سنڌ / پونا). 1959ع شاعر وفا لانگاهه. [وڇوڙو]: 1965ع شاعر گل نصرپوري 1971ع سياستدان سيد امام علي شاهه (مٽياري). 1981ع شاعر ميان جان محمد عباسي شاد ٻورڙائي. 2004ع سياستدان ۽ سماجي اڳواڻ سيد امداد محمد شاهه. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. EVENTS: 29th September 1838: Colonel Pottenger advises his Government for to occupy the fort of Karachi either by force, or consent of Talpurs. To make demonstration of power and force at Hyderabad and send troops either from Cutch, or Deesa. (Source: letter No.283) 1911: Sindh Hilal-i-Ahmar Society is formed at Karachi with Mir Ayub as its President and Haji Abdullah Haroon as Secretary. Main object of the Society is to collect donation and send financial help to the Muslims those are being victimized by Itly. (Source: G.M.Syed’s book ‘Janab Guzaryam Jan seen’). 1922: Public meetings are held at Buthi,Daim Mashori and Village Deedar by local branches of the Khilafat Committee. At Buthi, the meeting is presided over by Qazi Azizullah and Hassan-u-ullah and Moulvi Ghulam Sidik spoke on the occasion. Munshi Muhammad Suleman presided over the public meeting at Daim Mashori. Whereas Moulvi Karim Bux was main speaker at Deedar. On this occasion, 60 people joined Khilafat Committee. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1948: First ever Minority Conference after creation of Pakistan is held at Dhaka and that is presided over by Noor-ul-Amin, the Chief Minister of East wing. The Conference demands religious freedom. (Source: Newspapers). 1952: Federal Government is considering the recommendation of the Sindh Government on abolition of Jageerdari system in Sindh. (Newspapers). 1977: Benazir Bhutto while addressing a big public meeting at Sahiwal warns that if his father Z.A.Bhutto is hanged, water of all five rivers will turn red. And soon after she is put under house arrest! (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute).

Tuesday 27 September 2022

Sindh in history today (28th September). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (28th SEPTEMBER) ( 28 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 28.9.1844: نيپيئر پنهنجئ وڏئ سرڪار کان منظوري گهري ته جيئن ٿر جي سوڍن ۽ ٻين پڳدارن کي ڪجھ نه ڪجھ مالي فائدو ڏجي.(حوالو: مراسلو نمبر 237) 28.9.1852: سنڌ جي ڪمشنر حڪم ڪڍيو ته هاڻي ۽ هن کان پوء جيڪي جاگيرون عطا ڪيون وينديون, انھن جي اپت جو پنج سيڪڙو ڍل/ٽيڪس وٺبي, جنهن مان روڊ رستا ٺھرائبا ۽ تعليم تي خرچ ڪبو. (حوالو: ڪمشنر جو حڪم نامو نمبر 2422). 28.9.1922: اڄ عمرڪوٽ ۾ اتان جي مقامي خلافت ڪميٽئ طرفان جلسو ٿيو, جنهن ۾ لارڊ جارج جي ايشا دشمنئ خلاف سخت تقريرون ڪيون ويون.(حوالو: "الوحيد"). 28.9.1934: عبدالقيوم هتان ڪورٽ ۾ نٿورام کي مارڻ واري واقعي تي تنگ نظر مسلمانن ۽ هندن مذھبي ڇڪتاڻ کي هوا ڏني. اڄ حيدرآباد جي "چاند" اخبار سخت لهجي ۾ پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ لکيو ته: " عبدالقيوم سمورن شيردل هندن کي ننڊ مان جاڳائي ڇڏيو آھي, ۽ کين انتباه ڏنو آھي ته اٿو ۽ اهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو جو مسلمانن جي دلين منجهان يا حسين يا حسين ۽ المدد المدد جون دانھون نڪري وڃن. اسان مسلمانن کان پڇون ٿا ته ڇا سندن مذھب رٻڙ جو ڦوڪڻو آھي,جو نٿورام جي ڪتاب جي اثر ڪري ڦاٽي پوندو". 28.9.1958: جڏهن توٻرا ٿي سبيا ته اٺن رڙڻ شروع ڪيو. ملڪ فيروز خان نون پاڪستان جو وزير اعظم ۽ ريپبليڪن پارٽئ جو صدر هو. هن وڏي واڪ بيان ڏيڻ شروع ڪيا ته ملڪ ۾ جمهوريت کي خطرا بي پاڙئ ول وانگر وڪوڙي رهيا آھن. 28.9.1959: پاڪستان انڊسٽريل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن پهريون سامونڊي جهاز ٺاهيو. جهاز تي جملي خرچ ٻه لک ويھ ھزار روپيا آيو. 28.9.1964: سرڪار مغربي پاڪستان ۾ “جماعت اسلامئ" تي پابندي مڙھي هئي. اها اڄ ھٽائي وئي. 28.9.1973: اڄ 842 جنگي قيدين جي پهرين کيپ پاڪستان پهتي. 28.9.1977: پيپلز پارٽئ جي اڳواڻن جون وڏي پئماني تي گرفتاريون شروع ٿيون. عبدالوحيد ڪٽپر ۽ چاڪر علي جوڻيجي کي ٻڌو ويو. اڄ مفتي محمود بيان ۾ چيو ته ذوالفقار علي ڀٽي گهٽ ۾ گهٽ 30 سياسي قتل ڪرايا. *************** { 28 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 1861ع صوفي شاعر سيد علي اصغر شاهه راشدي (پير جو ڳوٺ). 1907ع آزادي جي جنگ جي متوالو ڀڳت سنگه. 1924ع شاعر زين العابدين شاهه زينل. 1924ع هند ۽ سنڌ جي مشهور ليکڪا ۽ شاعره سندري اتمچنداڻي(حيدر آباد / ممبئي). 1924ع ليجنڊ گلوڪاره لتا منگيشڪر. 1942ع شاعر پير بخش پياسي. 1944ع سگهڙ محمود شر . 1944ع ليکڪ اعجاز علي بيگ مرزا 1951ع چترڪار محمد علي ڀٽي(حيدر آباد). 1960ع شاعر سهڻل سيتائي. پرديسي انور ڪٽوهر (خيرپور). 1988ع گلوڪار پارس علي پارس. [وڇوڙو]: 1939ع مذهبي عالم ۽ آزادي لاء جاکوڙيندڙ مولانا عبدالحق چانڊيو. 1954ع شاعر مراد علي ڪاظم. 1966ع شاعر هسانند جادوگر (ڪنڊيارو / هندستان). 1970ع مصر جي اڳوڻي صدر جمال عبدلناصر Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan EVENTS 1922: The public meeting is held at Umarkot by the local branch of Khilafat Committee. Speakers through light on the importance of politics from religious point of view and they advised people to take part in politics in the greater interests of Islam, nationalism and society. (Source: The Daily Alwahid, Karachi). 1934: The ‘Chand’ Newspaper condemns the event of murder of Nathoram by Gazi Abdul Qayoom Khan in court and writes that Nathoram was translator and publisher of book written against the Prophet of Islam. The book was written and published in Punjab where no action was taken against publisher and writer in the light of decision of court. Whereas in Sindh translator and publisher is killed in the court much before any decision is taken by the court. Sindhi Hindus must take it seriously and keep in mind that they will not get any fair treatment from Sindhi Muslims. (Source: Chand, Hyderabad). 1951: Zamindars of Punjab meet Mian Mumtaz Doultana, the Chief Minister of the province and recorded their reservations and resentment about the proposed Land Reforms. (Source: Newspapers). 1958: Malik Feroz Khan Noon, the Prime Minister of Pakistan doubts danger for democracy in Pakistan. (Source: ibid). 1959: The first ever sea-ship is got built by PIDC and it is ready for sailing. The cost of ship is reported Rs.220000. (Source: Newspapers). 1964: The ban on Jamait-i-Islami is lifted. (Source: ibid). 1970: Pakistan mourns the death of Jamal Nasir. (Source: ibid). 1973: 842 POWs are back from India and it is beginning of their return. (Source: Newspapers). 1977: Crack down on PPP. Large scale arrests are made in Karachi and Lahore. Abdul Wahid Katpar, Chakar Khan Junijo and Moulana Ihtram-ul-Haq are arrested from Karachi and Larkano. Z.A.Bhutto is responsible

Monday 26 September 2022

Sindh in history today (27th September). By. Dr.Pathan

( 27 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 27.9.1919: سنڌ ۾ وڏي پئماني تي "خلافت ڊي" ملهايو ويو. هئ پهريون دفعو هو جو ستل شير وانگر سنڌي عوام انگريز حڪومت خلاف اٿي کڙو ٿيو ۽ عوام جي اها بيداري انگريزن ۾ اهڙي بيزاري پيدا ڪئي جو 25 سالن اندر ملڪ ڇڏي ڀڄڻ تي مجبور ٿي. 27.9.1939: مسلم ليگي اڳواڻن مسجد منزلگاه تحريڪ کي نهايت خطرناڪ موڙ تي پهچائي ڇڏيو. ان لاء سرڪار مسجد منزلگاه جي حدن اندر داخل ٿيڻ تي بندش وجهڻ لاء قلم 144 لاڳو ڪيو. اهڙئ ريت سکر جي مختيارڪار وري ڊسٽرڪٽ پوليس ايڪٽ جي قلم 42 مطابق پوري آڪٽوبر مهيني لاء لٺيون, لوڙھيون, ڪهاڙيون; ڏنڊا ۽ ٻيا اوزار کڻي هلڻ تي پابندي وڌي. (حوالو: Masjd Manzalgah Chronology, Gul Hayat website). 27.9.1950: ملڪ ٺهڻ کي ٽي سال گذري ويا, ملڪي آئين ٺاهڻ بابت اڃا ڳالهيون ئي ٿينديون رهيون. پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلئ اڄ سفارش ڪئي ته ملڪ ۾ قاون سازئ جا ٻه ايوان هجڻ گهرجن ۽ مٿئين ايوان ۾ صوبن کي هڪ جيتري نمائندگي ملڻ گهرجي. 27.9.1955: پاڪستان آئين ساز اسيمبلئ "ون-يونٽ“ بل پاس ڪيو. 27.9.1973: ذوالفقار علي ڀٽي جي جاء تي اڄ چوڌري فضل الاهي پاڪستان جو صدر ٿيو. 27.9.1975: پهريون دفعو ملڪ ۾ ڪوڙين ڊگرين ٺاهڻ ۽ وڪڻڻ جو پتو پيو. ان سلسلي ۾ لاهور مان 8 شاهينگ گرفتار ڪيا ويا. 27.9.1998: . اڄوڪي تاريخ تي برطانوي اخبار آبزرور رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ته نواز شريف ساڍا 9 ملين پائونڊ پرڏيهي اڪائونٽن ۾ منتقل ڪيا ۽ اتي جائيدادون خريد ڪيون آهن، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته سئيز بئنڪ ۾ نواز شريف جا 30 ملين پائونڊن جا اثاثا آهن، جڏهن ته هن لنڊن ۾ 4 مي فيئر فليٽ 3 ملين پائونڊن ۾ خريد ڪيا آهن، رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو ته اتفاق ڪمپني 8 ملين ڊالرن کان وڌيڪ جي رقم پرڏيهه منتقل ڪئي آهي. {27 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1857ع سگهڙ قاضي الهورايو نظاماڻي. 1933ع اداڪار ۽ ليکڪ سندر ڀوتاڻي (ڪراچي / ناگپور). 1935ع شاعر ڊاڪٽر قيوم تراز (شڪارپور). 1945ع شاعر محمد مراد مخل. 1961 مولوي ڊاڪٽر محمد ادريس (ڪنڊيارو). 1962ع شاعر محبت لونگائي. 1970ع سوشل ايڪٽوسٽ، ليکڪ ۽ دانشور ذوالفقار هاليپوٽو. [وڇوڙو]: 1328ع نامور عالم دين، مفر ۽ محدث ابن تيمي. 1966ع ليکڪ سيد پناهه علي شاهه (مورو). 2013ع ٿر جي تاريخ جو پارکو علي نواز کوسو۔ 2013ع شاعر شاهن باڊاهي. SINDH IN HISTORY TODAY (27th September) Selection from Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. EVENTS 1851: The chief Merchants of Karachi draft a petition to the Presidency Government [Bombay Government] for application of Municipal Act. (Source: Dr.Azimusan Hyder’s Ph.D Thesis). 1919: Sindh observes ‘Khilafat Day’. It is first ever big political event and activity in Sindh. In spite of curbing policy of the Government, processions are taken out and public meetings are held in the length and breadth of Sindh. (Source: The Sindh Gazette, Karachi). 1939: Section 144 is imposed in Sukkur City so as to avoid any un-wanted action or reaction on Masjid Manzilgah issue. It is also announce that section 42 of the District Police Act will be imposed with effect from 1st of October. (Source: Press Note by Sukkur District Administration). 1950: The Constituent Assembly of Pakistan recommends that the Parliament of Pakistan shall consists of two Houses and all provinces be given equal representation in Upper House. (Source: Newspapers). 1966: Jamia Islamia Bahawalpur is upgraded as University. (Source: ibid). 1971: India tried to include situation in East Pakistan as an item to be discussed by the General Assembly of U.N.O. (Source: Newspapers). 1973: Z.A.Bhutto resigns as President of Pakistan and Chowdri FazulIllahi , the Speaker of National Assembly is elected as the President. (Source: ibid). 1975: Eight people are arrested in Lahore on account of their involvement in issuing fake Degrees ‘ (Source: ibid).

Sunday 25 September 2022

Sindh in history today (26th September). Bt. Dr.Pathan

( 26 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 26.9.1920: سنڌ خلافت ڪميٽئ جي ورڪنگ ڪميٽئ جي ڪراچئ ۾ گڏجاڻي ٿي, جنهن جي صدارت سيٺ امين الدين ڪئي. ان ۾ فيصلا ڪيا ويا ته: 1). ڪائونسلن جي ٿيندڙ چونڊن جو بائڪاٽ ڪبو. ڇو ته اتان هن ڪري عوامي ڀلائئ وارا ڪم ۽ فيصلا نه ٿي سگهندا جو فرنگي سرڪار ڪائونسلن تي پنهنجا من-پسند ماڻھو ميمبر طور ٿاڦي, پنهنجي اڪثريت ڪري وٺندي آھي ۽ پنهنجي مرضئ وارا فيصلا ڪندي آھي. ان ڪري چونڊن جو بائڪاٽ ڪرڻ بهتر آھي, 2). سرڪاري تعليمي ادارن کان عوام بائڪاٽ ڪيو آھي. ان ڪري قومي تعليم کي پروان چاڙھڻ لاء پنهنجا قومي تعليمي ادارا قائم ڪبا. قومي تعليمي ادارن جي مالي امداد ڪئي ويندي ۽ لائق شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني ويندي, 3). هنڌين ماڳين پئنچاتون قائم ڪري, عوامي اختلافي مامرا حل ڪيا ويندا ۽ ماڻھن کي ٿاڻن ۽ ڪورٽن جي درن تي رلڻ کان بچايو ويندو, 4). مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ”يوٽلٽي اسٽور" قائم ڪبا ۽ عوام کي سستي اگهن تي شين خريد ڪرڻ جي سهولت ڏني ويندي. 26.9.1942: الله بخش سومرو هڪ انقلابي اڳواڻ ۽ سياستدان هو. هن ۽ سر غلام حسين هدايت الله جي سياسي بصيرت شڪارپور کي ڏهاڪو سال سنڌ جي سياست ۾ اوچو مقام ڏنو. الله بخش سومري کي سرڪاري خطاب "خانصاحب" مليل هو. هن اڄ فرنگي مرڪزي حڪومت ۽ برطانيه سرڪار جي غير جمهوري ۽ ظالماڻي حڪمرانئ خلاف احتجاج ڪندي اهو خطاب واپس ڪرڻ جو اعلان ڪيو. [الله بخش سومري ان وقت خطاب ڇڏيو, جهن ڪانگريس طرفان "هندستان ڇڏيو" تحريڪ هلي رهي هئي. ان ڪري ڪيترن نقادن الله بخش سومري کي ڪانگريس-دوست سياستدان چيو آھي. الله بخش سومري جي شخصيت ۽ سياسي خدمتن تي ڪن ليکڪن ڪتاب ضرور لکيا آھن. پر انهن مان ڪيترن ڪتابن ۾ غير جانبدارانه تحقيق کان وڌيڪ "ڌرائتي عقيدت" جو رنگ وڌيڪ چڙھيل آھي. الله بخش سومري جي خطاب ڇڏڻ ۽ سندس حڪومت ڊسمس ٿين تي برطانيه "هائوس آف ڪامنس" ۾ حڪومت کان کوڙ سارا سوال پڇيا ويا ۽ اتان جي اخبارن ۾ انھئ موضوع تي ڪيترو بحث ٿيو/لکيو ويو. جيڪڏهن الله بخش شھيد جا عاشق محقق اهو مواد گڏ ڪري ڪتاب لکن ته اسان جي سياسي ادب ۾ بهتر مواد جو اضافو ٿي سگهي ٿو] 26.9.1948: ڪراچئ ۾ وليڪا ٽيڪسٽائيل ملس جو افتتاح ٿيو. [پاڪستان ٺھڻ کان اڳ سنڌ ۾ ھندن ڪيترا ڪارخانا هنيا, ملون ۽ فيڪٽريون قائم ڪيو. پر مسلمان وڏيري انھئ طرف گهٽ ڌيان ڏنو. پاڪستان ٺھڻ کان پوء به سنڌي ڌن-ڌڻي صنعت ۽ تجارت طرف ايترو متوجه نه ٿيو. ان ڪري اهو شعبو سنڌين کان خالي ٿي ويو] 26.9.1974: شيخ مجيب الرحمان پاڪستان سان ڳالهين ڪرڻ لاء اهو شرط رکيو ته پاڪستان پهريون گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار بهاري واپس وٺي. [بهارين جو بنگلاديش ۾ پاڪستان دور اندر فتي باز ۽ بنگالي-دشمن وارو ڪردار رهيو. بنگلاديش سڀ کان اول پنهنجي معاشري کي صاف ۽ پاڪ ڪرڻ لاء کين ملڪ مان ڪڍڻ کي ضروري ڄاتو. جڏهن بهاري پاڪستان ۾ آيا ته کين ڪراچئ ۾ آباد ڪيو ويو ۽ سندن اچڻ کان اڳ هن جي مستقل رهائش ۽ ملازمت جو بندوبست ڪيو ويو] 26.9.1977: ڪورٽ سڳورئ فيصلو ڏنو ته ذوالفقار علي ڀٽي کي لاهور جيل منتقل ڪيو وڃي. *************** ڏينهن 26 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: 26 سيپٽمبر 1932ع ڀارتي وزيراعظم ۽ ماهر معاشيات من موهن سنگه جو جنم ڏينهن آهي. 26 سيپٽمبر 1955ع اداڪار جڳديش شرما (ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 سيپٽمبر 1976ع ليکڪ امداد سولنگي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 26 سيپٽمبر 1959ع آزادي لاء جاکوڙيندڙ حيدرآباد سان تعلق رکندڙ شيخ عبدالعزيز قنڌاري جي وفات ٿي. 26 سيپٽمبر 1960ع سياستدان الهه بخش گبول (ڪراچي) جو لاڏاڻو ٿيو. 26 سيپٽمبر 1960ع اڳوڻي وزير اعظم آءِ آءِ چندريگرجو لاڏاڻو ٿيو. 26 سيپٽمبر 1973ع صحافي وشنو شرما جي ديهانت ٿي. 26 سيپٽمبر 1990ع سنڌي ٻولي جي برک اديب ۽ ليکڪ ٽهلرام آزاد(ٽنڊو محمد خان / ممبئي) جي ديهانت ٿي. 26 سيپٽمبر 1996ع نامور موسيقار ماسٽر غلام علي جو انتقال ٿيو. 26 سيپٽمبر 1996ع ليکڪ نور سنڌي جو انتقال ٿيو. 26 سيپٽمبر 2007ع ليکڪ ۽ قانوندان نور الدين سرڪئ جو انتقال ٿيو. SINDH IN HISTORY TODAY (26th September) Sindh in history today (26th September). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. It is my humble effort of so many years to create friendship between Young Generation and Past and to create interest to understand history. Research by Dr.Pathn. EVENTS 1920: In the meeting of the Working Committee of the Sindh Khilafat held at Karachi with Seth Amin-u-din in chair resolve that local bodies election will be boycotted by the party no member will participate, for the promotion of National Education and imparting education to young generation as per requirements of society private schools will be opened by party and public; for resolving issues at gross root level, local Panchayat will be formed in the length and breadth of the Sindh and for providing commodities on cheaper than market, Utility Stores will be established also. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1942: Outstanding, but drastic action is taken by Khan Bahadur Allah Bux Soomro, the Premier of Sindh. He denounces the title in protest against British policy regarding granting freedom to India. Though, he was not Congress man and took the decision on his own and history will remember him as a Freedom Fighter of his own right, but it proved to be big political support for Congress also, because it was busy in ‘Quit India’ Movement launched by it. (Source: letter by Allah Bux Soomro). 1948: Quaid-i-Azam Muhammad Ali Jinnah lays foundation stone of the Valeka Textile Mills at Karachi. (Source: Newspapers). 1960: Khan Abdul Qayoom Khan is arrested. (Source: Newspapers). 1971: Z.A.Bhutto demands National Assembly session as early as possible. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1974: Pakistan must take 25,000 Biharis first so as talks on other vital issues can be started, Shaikh Mujeeb makes condition. (Source: Newspapers). 1977: Z.A. Bhutto be shifted to Lahore jail. Court passes order. (Source: Newspapers). 1991: Benazir Bhutto believes IJI Government for violation of Human-Rights. (Source: Newspapers).

Saturday 24 September 2022

Sindh in history today (25th September). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (25th September) Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. EVENTS 1843: The Governor-General of India asks Sir Chrales Napier, Sindh Governor that Agha Khan was desirous of going to Baghdad and he must be given allowance and support. (Source: letter No. 395). 1948: The Governor-General of Pakistan promulgates Ordinance aiming at to curb mass migration of people from India. (Source: Newspapers). 1951: The ‘White Paper’ issued by The Government of Pakistan reveals that India is bent upon to disintegrate Pakistan. (Source: White Paper). It is amazing to note that some parties of Pakistan are following the same policy of India and as their first round they are bent upon to disintegrate provinces and ultimately it will disintegrate the country. 1957: The federal cabinet stands divided on the issue of One-Unit (Source: ibid). 1962: Hussain ShaheedSahurwardi demands restoration of Human-Rights and release of political workers. (Source: Newspapers). 1966:The West Pakistan Cabinet takes oath. Muhammad Khan Junijo from Sindh becomes minister for Communication and PWD. (Source: Newspapers). 1971: General Yahya is not sincere in handing over power to representatives of people, says Z.A,Bhutto. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). Relations between Bhuttos [Z.A.Bhutto& Benazir Bhutto] and Military leadership is an important topic yet to be studies, researched ad discussed. 1977: Accountablity must be completed before elections. PNA demands in its meeting held in Quetta. (Source: Newspapers). 1979: Non-Party local Government elections are held. Election Commission announces 17th of November 1979 as date for general election. (Source: Newspapers). 1982: In U.S.A ,Zia is handed over a list of political prisoners, while he was having meeting with ‘ Foreign Relation Committee’. He is told that they are concerned about those prisoners. Some time people face lot of difficulty for his actions. (Source: Newspapers). 1993: Miseries of people have increased. Oppressors to face defeat, says Benazir Bhutto. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute)’ ( 25 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 25.9.1843: اڄ گورنر جنرل سنڌ جي گورنر نيپيئر کي مراسلو موڪليو ته آغا خان بغداد وڃڻ چاهي ٿو هن سرڪار کان سهڪار ۽ الائونس جي گهر ڪئي آھي. آغا خان کي بغداد وڃڻ لاء بنگال موڪلي ڏيو ۽ کيس ٻڌايو ته هن کي ملندڙ پينشن بند نه ڪئي ويندي.(حوالو: مراسلو نمبر 395). 25.9.1948: پاڪستان جي گورنر جنرل اڄ لڏپلاڻ جي اڻ-کٽ سلسلي کي ٻنجي ڏيڻ لاء ھڪ آرڊيننس لاڳو ڪيو. 25.9.1971: ذوالفقار علي ڀٽي اڄ بيان ۾ چيو ته يحيا خان عوامي نمائندن کي اقتدار ڏيڻ ۾ سنجيدو نظر نه ٿو اچي. 25.9.1977: ڪوئٽيا ۾ پي.اين.اي وارن جو جلسو ٿيو, جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته اڳ ۾ ڀٽي جو احتساب ڪريو ۽ چونڊون پوء ڪرايو. [هنن ڪالھ حيدرآباد واري جلسي ۾ به اهڙو مطالبو ڪيو. هنن جي انھن جلسن ۽ جلسن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي خلاف بيان بازئ پوئتان ٻه مقصد هئا: هڪڙو هئ ته مارشل لا حڪومت کي ڀٽي خلاف قدم کڻڻ جو جواز پيدا ڪري ڏيڻ ۽ ٻيو هي ته ان لاء ماڻھن جو ذھن تيار ڪرڻ] 25.9.1982: فوجي آمر ضياء الحق ان وقت شش پنج ۾ اچي ويو جڏهن اڄ آمريڪا ۾ اتان جي فارين رليشن ڪميٽئ سندس هٿ ۾ سياسي قيدين جي نالن جي طويل لسٽ ڏيندي پنھنجئ ڳڻتئ جو اظھار ڪيو. هن مارشل لا 1977 ۾ مڙھي, پر 1982 ۾ سياسي ورڪرن جي وٺ پڪڙ زور شور سان پئي هلي. 25.9.2003: اڄ حيدرآباد ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي ۽ "ماڻڪ موتي تنظيم" طرفان مشهور مترجم عطا محمد ڀنڀري سان شام ملهائي وئي. [مرحوم عطا محمد ڀنڀرو اسان جي دور جو وڏو مترجم هو. هن جي انھئ قلمي پورهئي جو بدل ڪونهي. هو وڏو سنڌ دوست پڻ هو. انھئ عشق هن کان پنهنجي پٽ جي قرباني به ورتي. جڏهن سنڌ حڪومت مڪاني حڪومت واري ٻٽي نظام وارو بل منظور ڪرايو ته مون ورتل صدارتي ايوارڊ واپس ڪيو ۽ مرحوم عطا محمد ڀنڀري ۽ ليکڪا مريم مجيدئ صدارتي ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪيو هو] {25 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1887ع ليکڪ ۽ تعليمي ماهر مخدوم محمد صالح ڀٽي(هالا). 1903ع جماعت اسلامي جي باني مولانا ابو الاعلى مودودي. 1934ع شاعر سڄڻ قبولائي. 1937ع ليکڪ نند دوارڪاداس ايسواڻي (لاڙڪاڻو / احمد آباد). 1968ع ليکڪ خالد جميل ڀنڊ. 1969ع شاعره ۽ ليکڪا بانو محبوب جوکيو(محرابپور). 1971ع شاعر فيض سومرو. [وڇوڙو]: 1917ع راڳي ڀڳت چيتو رام (روهڙي). 1941 ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالقادر لغاري. 1972ع شاعر مرزا قمر علي بيگ حيدري (ٽنڊو ٺوڙهو). 1996ع صوفي شاعر صوفي ولي محمد تراب(تجل شريف).

Friday 23 September 2022

Sindh in history today (24th September). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (24th September) Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 24 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 24.9.1832: پاٽينجر اڄ خط لکي پنهنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته: (1). خيرپور ۾ مير علي مراد ۽ سندس ڀائرن وچ ۾ اهڙا اختلاف پيدا ٿيا آھن جو حالتون سول وار طرف وڌي رهيون آھن, (2). حيدرآباد وارو مير مراد علي خان ٺاه جي ڪوشش ڪئي آھي, پر ان جو کڙ تيل نه نڪتو آھي (حوالو: پاٽينجر جو مراسلو نمبر 189). 24.9.1938: اڄ فرنگي گورنر جنرل سيڪريٽ ڪميٽئ ڏي سنڌ جي صورتحال بابت تفصيل سان لکي ٿو ته مير نور محمد خان سنئ آهي ۽ اسان طرف جهڪاء اٿس. باقي مير شيعا آھن ۽ اهي پرشيا طرف هٿ وڌائڻ گهرن ٿا. شاه شجاع جي خوف خيرپوري ميرن کي اسان جي ويجهي اچڻ جو سبب ٿيو آھي, ان ڪري هاڻي سمجهو ته بکر جو قلعو اسان کي ملي ويندو. 24.9.1843: حيدرآباد واري مير محمد خان ساسور جيل مان ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي "بورڊ آف ڊائريڪٽرس" کي خط لکي پنھنجي بي قصورئ ۽ نيپيئر جي فريب ڪارئ تي روشني وڌي. هن داد فرياد لاء تفصيل سان لکيو, پر ڪنھن ھن جي ڪانه ٻڌي وئي ۽ ڪو کڙ تيل ڪونه نڪتو.[ قيدي ميرن ساسور جيل مان جيڪي فرنگي سرڪار کي گذارشون لکي موڪليون, انھن ۾ سنڌ جي اڻ-ٻڌل مستند تاريخ موجود آھي. انھن مان خبر پئي ٿي ته مير حڪمرانن ته انگريزن سان چڱو پير کنيون, پر انگريزن هڪ طرف سندن باهمي اختلافن ۽ ٻئي طرف پنهنجي فريبي حڪمت عملين سان ميرن کان حڪومت کسي, سندن خزانا لٽيا, کين گرفتار ڪيو ۽ سنڌين کي غلام بڻايو]. 24.9.1853: شڪارپور ضلعي جي پير فدا محي الدين سرهندئ جي پٽ پير محمد اشرف فرنگي سرڪار کان انھئ بنياد تي جاگير وٺڻ جي گهر ڪئي ته سندس خاندان کي انگريزن جي حڪومت کان اڳ جاگير مليل هئي. هن جي انھئ گذارش قبول ٿيڻ ۾ ست اٺ مهينا لڳا ۽ پوء جاگير مليس.(حوالو: شڪارپور جي ڊپٽي ڪليڪٽر جو مراسلو نمبر 61). 24.9.1939: "الوحيد" اخبار ۾ ”مسجد منزل گاه لاء مسلمانن کي دعوت عمل" جي عنوان سان ايڊيٽوريل شايع ٿيو, جنهن ۾ ھڪ طرف سنڌي مسلمانن ۾ جنونيت ڦھلائي وئي ۽ ٻئي طرف حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته هنگامه آرائئ کان بچڻ لاء مسجد مسلمانن جي حوالي ڪئي وڃي. [اسان جي وڏڙن اجتماعي آپگهات ۽ اجتماعي اختلافن جو ٻج ايئن ڇٽيو]. 24.9.1957: اولھ پاڪستان جي ڪابينا اها راء ڏني ته ون-يونٽ بدران صوبن جي فيڊريشن قائم ٿيڻ گهرجي. [مطلب ته جن ته جنئ کي ڇڏيڻ لاء تيار ٿيو, پر هاڻي جنئ مان جن ڪيئن جان ڇڏائي] 24.9.1958: اوڀر پاڪستان ۾ ابو حسن سرڪار ۽ اسيمبلئ جي 7 ميمبرن کي گرفتار ڪيو ويو. [ تاريخ فيصلو ٿي لکي ته ملڪ ٽوڙڻ لاء ايئن قدم کڻبا آھن ۽ آزادي وٺڻ لاء ايئن اجتماعي قربانيون ڏبيون آھن.] 24.9.1977: حيدرآباد ۾ سڏايل فنڪشن ۾ پي.اين.اي وارن مطالبو ڪيو ته اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جو احتساب ڪيو وڃي, ڇو ته هن جمهوري ادارا تباه ڪيا. [مل معشوقان مصلحت ڪيتي, سرها ميٽ مليسون !!!] 24.9.1978: " اها بابا جي خواهش ھئي, ان ڪري آئون پارٽئ جي قيادت پئي سنڀاليان"- بينظر ڀٽو جو بيان. [ سندس ماء نصرت ڀٽو جي خواهش پوري نه ٿي !!!.] 24.9.1991: پي.ڊي.اي وارن "وائيٽ پيپر" شايع ڪيو, جنھن ۾ مثال ڏئي چيائون ته آء.جي.آء لڳ ڀڳ 70 سيٽون ڌانڌلي ڪري کٽيون. 24.9.2006: لاڙڪاڻي ضلعي جي سنڌي ادبي سنگت پاران مظاهرو ڪري, مهين جي دڙي مان چوري ٿيل مهرن جي واپسئ لاء پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو.[ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽئ جي رڪارڊ مان پتو پئي ٿو ته ورهاڱي کان اڳ به دڙي مان لڌل مهرون چورائي وڪرو ڪيون ويون هيون. ان مان به ثابت ٿئي ٿو ته سنڌين به سنڌ سان دشمني ڪرڻ ۾ گهٽايو ڪونھي] { 24 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1902ع مذهبي رهنما ۽ انقلاب ايران جو رهنما آيات الله روح الله خميني. 1902ع شاعر آوترام ٽهلاڻي (سنڌ / ممبئي). 1928ع ليکڪ ڊاڪٽر علي محمد انصاري (مٽياري). 1935ع راڳي موهن ڏانگڙا (حيدر آباد / ممبئي). 1945ع ليکڪا شمشاد مرزا (سکر). 1963ع ليکڪ ۽ شاعر اختر درگاهي(روهڙي). 1964ع شاعر غمدل. [وڇوڙو]: 1844ع صوفي بزرگ ڪرم الله شاهه جيلاني (گهٽڪي). 1866ع بزرگ پير امام بخش شاهه بڪيرائي. 1920ع شاعر مرزا دوست محمد بيگ دوست (حيدر آباد). 1953ع ليکڪ مولا بخش مسڪين ڀٽو. 1959ع شاعر ۽ ڪامورو محمد بخش ڪوجهي. 24 سيپٽمبر 1961ع شاعر ۽ تعليمدان محمد صديق مسافر . EVENTS 1832: Colonel Pottenger informs his Government that there was a considerable chance of civil war in Khairpur State between Mir Ali Murad Khan and his two elder brothers, and the cause of the war was refusal on the part of Mir Rustam Khan and Mir Mubarak Khan to restore to Mir Ali Murad Khan some Pargnas which he had given to them. Mir Murad Ali Khan of Hyderabad’s efforts to reconcile the brothers proved ineffective. (Source: letter No.189) 1853: The Deputy Collector of Shikarpur forward report prepared by the Assistant Commissioner of Jagers to Commissioner with recommendation that Pir Muhammad Ashraf son of PirFidaMuhaudinSarhandibe granted jager. (Source: letter No.61). 1939: The Daily Al-Wahid, Karachi advocates case of the restoration of Masjid Manzilgah and asks Sindh Government not to avoid from resolving the matter otherwise Muslims will launch agitation leaving no option for Government to bow before will of people. (Source: indicated). 1950: Moulvi Abdul Haq advises Balochistan Government to adopt Urdu as official language of the Province.(Source: Newspapers). 1957: Federation of Provinces, but not One-Unit, the cabinet of West Pakistan favours the idea. (Source: Newspapers). 1977: Bhutto damaged democratic institutions, PNA function at Hyderabad demands probe. (Source: Newspapers). 1978: It was my father’s will that I must assume party leadership, says Benazir Bhutto. It is interesting to note that Asif Ali Zardari also assumed the leadership of party and produced Benazir’s will in writing. 1991: PDA issues ‘White Paper’ on election rigging by IJI. It is said that at least seventy seats won by IJI were rigged. Rigging in election has remained dominating and favourate culture in elections in Pakistan. First ever election was rigged to defeat G.M.Syed. Ayub defeated Fatima Jinnan by rigging, Bhutto was thrown before death on this plea; Benazir was defeated in such a way and now Imran Khan is playing game on that plea. Sorry to say that people have never witnessed any real, representative and elected government through fair election. 1992: Floods are conspiracy of Nawaz to punish people, relief money is being distributed among PML workers, says Benazir Bhutto (Source: Newspapers). Now, Nawaz, Floods and people are very much there but, without Benazir. 24.9.2022: Flood-hit Sindh in terrible situation: * 78,000 patients brought to relief camps * 10 Flood-related deaths reportted in last 24 hours. Death toll reaches 1569. * Water standing up in many cities to nine feet.

Thursday 22 September 2022

Sindh in history today (23rd September). By. Dr.Pathan

Sindh in history today (23rd September). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 23 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 23.9.1841 سنڌ تي حڪمراني ته ميرن جي آھي, پر انگريز آزاد آھن ته هو ڪنھن به شهر يا پرڳڻي جي پنهنجي ضرورتن ۽ مفادن مطابق سروي ڪن. لفٽيننٽ ٽيري شڪارپور ۽ لاڳاپيل پرڳڻي جي سروي شروع ڪئي هئي, پر ڪن انتظامي سببن ڪري هن کي اهو ڪم روڪڻو پيو هو. اڄ شڪارپور جي فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ پوسٽن خط لکي آئوٽرام کان اجازت گهري ۽ مشورو ڏنو ته ليفٽيننٽ ٽيرئ کان اهو سروي وارو ڪم پورو ڪرائجي. مطلب موڪل ۽ اجازت ميرن کان وٺڻ بدران انگريز ايجنٽ انگريز عملدار کان اجازت وٺي ٿو. 23.9.1843: ساسور جيل مان جنگي قيدي مير صوبدار خان اڄ ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کي داد لاء فرياد ڪئي. سندس خط وڏو ۽ تفصيلي آھي, جنهن ۾ ھن لکيو آھي مون هر موڙ تي انگريزن جي مدد ڪئي ۽ سفارتڪارئ جي هر مرحلي تي تعاون ڪيو, ڪڏهن به انگريزن خلاف هٿيار نه کنيان. پر مون گرفتار ڪيو ويو ۽ منھنجي هر هڪ شئ لٽي وئي. مون سان ظلم ٿيو آھي. مون کي پنهنجي ملڪ واپس موڪليو وڃي ۽ لٽيل دولت واپس ڪئي وڃي. 23.9.1950: پناهگيرن جي آبادڪارئ جو حيدرآباد ۾ سنڌي ماڻھن ھفتو ملهايو. اڄ ان جو پهريون ڏينھن هئو. ماڻھن پناهگيرن لاء لٽن ڪپڙن ۽ کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪيو. 23.9.1955: پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلئ ملڪ جي گورنر جنرل کي اهو اختيار ڏنو ته هو ون-يونٽ اسڪيم جي حوالي سان ۽ ان جي انتظام رکڻ لاء ڪنهن به قانون ۾ ردوبدل ڪري سگهي ٿو يا ڪو آئين مهمل ڪري سگهي ٿو. 23.9.1957: راڻي چندرسنگ سوڍي کي مغربي پاڪستان حڪومت ۾ ڊپٽي وزير ڪري کنيو ويو. 23.9.1960: مغربي پاڪستان جي حڪومت جي سنڌي وزير مير علي نواز خان ٽالپور کي سياست ۾ نااهل قرار ڏنو ويو. مغربي پاڪستان حڪومت ۾ ڪهڙا ڪهڙا سنڌي وزير ٿيا, انھن سنڌ/سنڌين جي ڪهڙي خدمت ڪئي يا انهن جو سياست ۾ ڪهڙو حشر ڪيو ويو, ان تي سنڌ جون يونيورسٽيون تحقيق ڪرائن. 23.9.1962: ڀنڀور جي کوٽائي ڪندڙن کي کوٽائي ڪندي هڪ مسجد جا آثار مليا. 23.9.1977: ذوالفقار علي ڀٽي جو تختو اونڌو ڪري مارشل لا لاڳو ڪندڙ ضياء الحق آئين ۾ تبدليون آنديون ته اڄ جماعت اسلامئ جي ميان طفيل احمد انھئ قدم کي ساراهيو. *************** { 23 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 1818ع شاعر آخوند محمد قاسم هالائيجي. 1908ع ليکڪ ۽ صحافي علي محمد ڀٽو. 1955ع صحافي ڊاڪٽر بدر الدين (لاڙڪاڻو). 1962ع صحافي صداقت علي شاهه (سيتا روڊ). 1965ع ليکڪ ۽ قومي ڪارڪن رفيق احمد انڍڙ. [وڇوڙو]: 1585ع اڳوڻي حڪمران مرزا محمد باقي. 1947ع شاعر ڪشنچند بيوس. 1954ع شاعر ڄام خان (بدين). 1956ع مذهبي اسڪالر مولانا احمد ميمڻ. 1971ع مذهبي اسڪالر پنهل سائين مهيسر . 2004ع اردو جي مشهور شاعر تابش دهلوي. 2009ع شاعر سالڪ سولنگي (لاڙڪاڻو). EVENTS: 1841: Lieutenant Postans, Political Agent, Shikarpur, informs Colonel Pottenger that the work on survey of Shikarpur area that was suspended , may be re-started by Lieutenant Terry very soon. (Source: Letter No.980). This may kindly be noted that such type of work is being conducted much before occupation of Sindh. 1936: After the separation of Sindh from Bombay Presidency, Sindhi Muslim Political leaders have started thinking about formation of their own political parties. At the residence of Sir Haji Abdullah Haroon Sindhi Muslim Politicians are gathered today to form ‘Sindh United Party’. (Source: The Daily Gazette, Karachi). This may kindly be noted that Sir Haji Abdullah Haroon and Sir Shahnawaz Bhutto played leaders’ role in this party, but , in election both were defeated. 1947: Pakistan becomes the member of N.N.O. (Source: Newspapers). 1950: Hyderabad celebrates ‘Help Muhajreen Week’. It is first day and Sindhis- indiduals and NGOs have started collecting food, cloth and other items. Meetings are held demanding plots and homes for Muhajreen. (Source: Newspapers). Sindh and Sindhis accepted and helped Muhajreen in a such way and today some of Muhajreen under the shadow of MQM are demanding division of Sindh ! What a history is making joke with them!! 1955: The Constituent Assembly of Pakistan authorities the Governor-General of Pakistan to make amendments in law regarding One-Unit. (Source: Newspapers). 1957: Rano Chandar Sing is inducted in West Pakistan Ministry as a Deputy Minister. (Source: Newspapers). 1960: Mir Ali Nawaz Khan Talpur, Minister in Government of West Pakistan id disqualified. (Source: Newspapers). 1962: Experts’ team claims that they have found a Mosque in the Bambhore site. (Newspapers). 1964: The task of marking and demarcation of boundary between Iran and Pakistan is completed. (Source: Newspapers). 1977: Mian Tufail Ahmad of Jamait-i-Islami welcomes constitutional amendments made by General Zia. (Source: ibid). 1990: Benazir asked to appear in court on next hearing in Lake View Hotel case. (Source: ‘Source-Material compiled by Gul Hayat Institute). 1992: It is hearing in the court against Benazir Bhutto in the Reference about misconduct in award of contract. (Source: ibid)

Wednesday 21 September 2022

Sindh in history today (22nd September). By. Dr.Pathan

( 22 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 22.9.1951: سڪرند ۾ ٿيل هاري ڪانفرنس جي موقعي تي پارٽئ جي عهديدارن جي هن ريت چونڊ ٿي: قاضي فيض محمد (صدر), مولوي عزيز الله جروار ۽ دوست محمد ابڙو ( ٻئي نائب صدر), غلام حسين سومرو (جنرل سيڪريٽري), سيد زين العابدين ۽ حڪيم محمد موسا (ٻئي جوائنٽ سيڪريٽري), عبدالواحد مولائي (خزانچي). ان کان سواء ”ورڪنگ ڪميٽئ" لاء هي ميمبر چونڊيا ويا: حافظ نيڪ محمد, حاجي محمد عالم مڱريو محمد نواز پٺاڻ (سکر ضلعي مان/لاء); رئيس نذير حسين ۽ مولوي معاذ (نواب شاه); حيدر بخش جتوئي ۽ الله رکيو چانڊيو (دادو ضلعو); الاهي بخش قريشي, نبي بخش تنيو ۽ مولوي نذير حسين (لاڙڪاڻو ضلعو); الهجڙيو, يار محمد رند ۽ پير محمد علي شاه (حيدرآباد ضلعو); مجنون مسلم ۽ احمد علي دل (ٿرپارڪر); مولوي شاه محمد ۽ شاه بخاري (جيڪب آباد); علاوالدين سمو ۽ مولوي محمد هارون (ڪراچي ضلعو). 22.9.1950: بنگالين پنهنجئ ٻولئ کي ملڪ جي ٻيو نمبر قومي بنائڻ جو مطالبو ڪيو. [اسان جا وڏڙا سڪون جي ننڊ ۾ ستل رهيا] 22.9.1951: فاطمه جناح کي اهو اعزاز حاصل هو ته هوء ملڪ جي بانئ جي ڀيڻ ھئي ۽ عزت احترام سان کيس "مادر ملت" چيو ويندو هو. پر هن ريڊيو پاڪستان تان تقرير ڪئي ته اها ڪاٽي وئي ۽ حڪومت تي ٿيل تنقيد وارو حصو ان مان ڪڍيو ويو. سياستدان ان تي وڏي بيان بازي ڪئي ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو فاطمه جناح جي سڄي تقرير وري نشر ڪريو. 22.9.1955: مرڪزي سرڪار ڪراچئ جو ڪنٽرول پنهنجي هٿ هيٺ رکيو. [پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ڪراچئ کي سنڌ/سنڌين کان کسڻ جون وڏيون چاليون هلايون ويو. پهريون ڪراچي کسڻ جو خفت مرڪزي سرڪار کي ٿيو ۽ پوء پناهگيرن انھئ کي پنهنجي سياسي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو] 22.9.1977: پنجاب يونيورسٽي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل ضياء الحق کي پي ايڇ.ڊئ جي اعزازي ڊگري ڏني. 22.9.1993: بينظير ڀٽي اڄ نواز شريف تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته هو ضياء الحق جي تربيت ۽ فڪر جي ڪک مان پيدا ٿيل سياستدان آھي ۽ سنڌ سان نفرت هن جي نس نس ۾ سمايل آھي. هو سنڌ ۾ لساني سياست جو ٻج ڇٽي رهيو آھي ۽ کليو کلايو پناهگيرن جو پاسو وٺي بيٺو آھي. *************** 22 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 22 سيپٽمبر 1922ع شاعر خوشي رام خوشي (خانواهڻ / ناگپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 سيپٽمبر 1923ع شاعر احسن الهاشمي (ٽنڊو مير نور محمد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 سيپٽمبر 1938ع مشهور شاعر تاجل بيوس جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 سيپٽمبر 1939ع شاعر لطف سومرو (ٽنڊو علي شير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 سيپٽمبر 1950ع سياستدان نثار کهڙو (عاقل) جو جنم ڏينهن آهي. 22 سيپٽمبر 1955ع سياستدان سيد نويد قمر (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي. 22 سيپٽمبر 1959ع اداڪاره جيوتي ناواڻي (ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 سيپٽمبر 1959ع ليکڪ رستم سولنگي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 22 سيپٽمبر 1808ع پير محمد راشد روضي ڌڻي (پير ڳوٺ) جي وفات ٿي. 22 سيپٽمبر 1935ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام احمد ملڪاڻي جو انتقال ٿيو. سنڌ ۾ جڏهن "صوبائي خلافت ڪانفرنسن" جو آغاز ٿيو ته پهرين ڪانفرنس هن جي صدارت ۾ حيدرآباد ۾ ٿي هئي. 22 سيپٽمبر 1965ع ليکڪ احسن بدوي (شڪارپور) جي وفات ٿي. 22 سيپٽمبر 1988ع اردو جي ناليواري شاعر ۽ اسڪالر رئيس امروهوئ جو لاڏاڻو ٿيو. اردو- سنڌي لساني فسادن دوران هن "جنگ" اخبار ۾ قطعو لکيو هو ته "اردو ڪا جنازه هي, ذرا ڌوم سي نڪري". انھئ قطعي سنڌ ۾ لساني خونريزئ کي هوا ڏني. 22 سيپٽمبر 1992ع ڪلاسيڪل راڳي استاد گلزار علي خان جو لاڏاڻو ٿيو. SINDH IN HISTORY TODAY (22nd September) Sindh in history today (22nd September). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. EVENTS 1951: On the eve of Hari Conference held at Sakrand, following are elected as new office-bearers of the party: QaziFaiz Muhammad (President), MoulviAzizullah Jarwar& Dost Muhammad Abro (Both Vice Presidents), Ghulam Hussain Soomro (General Secretary), Syed Zain-ul-Abdin& Hakim Muhammad Moosa (Both Joint Secretaries), Abdul Wahid Moulai (Treasurer) and following were elected as members of the Working Committee : Hafiz Nek Muhammad, Haji Muhammad AlimMangrio& Muhammad Nawaz Pathan (District Sukkur), RaisNazir Hussain &Moulvi Muhammad Maaz (District Nawabshah), HyderBuxJatoi& Allah RakhioChandio (District Dadu), IllahiBux Qureshi, NabiBuxTunio&MoulviNazir Hussain (District Larkano), Allah Jurio, Yar Muhammad Rind &Pir Muhammad Ali Shah (District Hyderabad), Majnoon Muslim & Ahmad Dal (District Tharparkar), Moulvi Shah Muhammad & Shah Bukhari (District Jacobabad), AlauddinSamoo & Moulvi Muhammad Haroon. (Source: AshiqSolangi’sM.Phil Thesis on HariTahreek) 1950: Bengalis demand status of Second National Language for Bengali. Government extends Pakistan Safety Act for more year. (Source: Newspapers). 1951: Resentment prevails over not broadcasting Fatima Jinnah’s speech on Radio. Rebroadcasting is demanded by various groups and political parties. (Soure: ibid). 1955: Karachi is taken under control of the Federal Government. Since the birth of Pakistan , the task of snatching Karachi from Sindh and Sindhis has been dwelt with top priority. WhereasSindhis has been terming this act as to vanish Sindh. (Source: Ibid). 1962: GhousBuxBezinjo is arrested. (Source: Newspapers). 1977: Punjab University awards Honourary degree of Ph.D to Zia-ul-Haq, Chief Martial law Administrator. (Source: Newspapers). 1993: Nawaz Sharif is product of Ziaism. He is busy in isolation Karachi and Hyderabad from mainstream of Sindh politics, culture and society. He is favouring his Business community and is responsible for price-hike, says Benazir Bhutto. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute).

Tuesday 20 September 2022

Sindh in history today (21st September). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (21st September) ( 21 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 21.9.1939: "مسجد منزلگاه تحريڪ" جي "وار ڪميٽئ" جي چيئرمين خانبهادر محمد ايوب کهڙي اڄ سنڌ جي فرنگي گورنر کي عريضو موڪلي گذارش ڪئي ته الله بخش سومري جي وزارت مسجد منزلگاه جو مامرو ختم ڪرڻ ۾ سنجيده ناهي, ان ڪري اوهان مهرباني ڪري ذاتي دلچسپي وٺي هئ مسئلو حل ڪرايو. [انگريز ته اڳ ۾ ئي سنڌ ۾ هندو مسلمان کي ”ويڙھائي حڪومت ڪري رهيا ھئا. انھن کي ڀلا "مکڻ پئي ڪهڙو ٿي مٿو سڙيو". سياسي مقصدن ڪري اسان جي وڏڙن اهڙيون غلطيون ڪيون, بلڪه, مذھب کي سياست لاء ڪم آندو. هئ تحريڪ مسلمانن لاء زندگئ ۽ موت جو مسئلو ڪونه هو. ليڪن مسلمان سياستدانن دين جي آڙ وٺي سنڌ جي هندو مسلم اتحاد کي هاڃو رسايو] 21.9.1958: فاطمه جناح بيان ڏنو ته عوام جي چونڊيل نمائندن عوامي امنگن ۽ ضرورتن مطابق سياست نه ڪري ملڪي مفاد کي ڇيهو رسايو آھي. 21.9.1973: انڊيا جي پرڏيهي وزير بيان ۾ ڀٽي کي خبردار ڪيو ته تون "شملا معاهدي" جي خلاف ورزي پيو ڪرين, ۽ اهو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي مفاد ۾ ناهي. 21.9.1974: پيپلز پارٽئ فيصلو ڪيو ته هاڻي نصرت ڀٽو پارٽئ جي "ليڊيز ونگ" جي قيادت ڪندي. [ نصرت ڀٽي جا ڀاڳ به عجيب نڪتا, جو هن وڏيون قربانيون ڏنيون. سندس مڙس ۽ اولاد کي ماريو ويو, پر پنهنجن ئي کيس پارٽئ ۾ ڪنهن به دور ۾ اڳواڻئ جو رول ادا ڪرڻ نه ڏنو] 21.9.1991: پاڪستان مسلم ليگ (ن) حڪومت واضح ڪيو ته ڪنھن به صورت ۾ ”ڪالاباغ ڊيم" اسڪيم تان هٿ نه کڻبو. ان ڪري ان تي بحث ڪرڻ لاء اهو اسم "ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽس" جي ايجنڊا ۾ رکيو ويو آھي. 21.9.1993: بينظير ڀٽو نواز شريف تي تنقيد ڪندي چيو ته هن جي حڪمرانئ ۾ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بگڙي آھي. هن سنڌ جي ڀينگ ڪئي آھي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ ۾ ھن جي پارٽئ کي وڏي شڪست ملندي. *************** 21 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 21 سيپٽمبر 1926ع گلوڪاره ۽ اداڪاره ملڪه ترنم نور جهان جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 سيپٽمبر 1931ع آرٽسٽ هري روپچند (ٺارو شاهه / دهلي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 سيپٽمبر 1938ع اداڪاره آشا منشاراماڻي (ڪراچي / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 سيپٽمبر 1951ع شاعر مشتاق علي مسرور جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 سيپٽمبر 1955ع شاعر مرزا منظور علي بيگ مسرور جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 سيپٽمبر 1960ع ليکڪ استاد گُل محمد دايو (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 سيپٽمبر 1960ع سگهڙ احمد خان سهاڳ(دادو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 سيپٽمبر 1963ع ايم آر ڊي تحريڪ جي سرگرم رڪن ڊاڪٽر احسان علي مهيسر جو جنم ڏينهن آهي. 21 سيپٽمبر 1988ع پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردارئ جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 21 سيپٽمبر 1577ع اسڪالر سيد محمد مير بکري جي وفات ٿي. 21 سيپٽمبر 1939ع تعليمي ماهر چئنراءِ بولچند جو ديهانت ٿيو. Sindh in history today (21st September). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. EVENTS 1939: K.B.MuammadAyub Khuhro , Chairman of the ‘Masjid Manzilgah War Committee’ writes to Sindh Governor requesting him to play his constitutional role in resolving ‘Masjid Manzilgah issue’. He makes complaint against K.B.AllahBux Soomro, the Premier of Sindh, that he is not serious in resolving the issue. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1958: Fatima Jinnah makes it clear that representatives of people, particularly members of the National Assembly have failed to work for betterment of society therefore sorrows and longings of people have not ended. (Source: Newspapers). 1973: Indian Foreign Minster blames that Bhutto is violating Simla Agreement and it will affect relations of both countries. (Source: Newspapers). 1974: Nusrat Bhutto to head PPP Women Wing. The decision is taken in this regard. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1990: Assembly dissolution case- Lahore High court starts hearing. (Source: Newspapers). 1991: The Kalabag Dam scheme is included in the agenda of Council of Common Interests . PML-N Government is determined not to ignore this issue. (Source: Newspapers). 1993: ‘Nawaz can not win a single seat from Sindh. Distribution of land by him is blatant lie. He is responsible for lawlessness in Sindh’, says Benazir Bhutto. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute.).

Monday 19 September 2022

Sindh in history today (20th September). By.Dr.Pathan

Sindh in history today (20th September). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 20 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 20.9.1841: سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان ڪيترا سال اڳ فرنگين سنڌ ۾ آزادئ سان جو وڻين سو ڪين, هو بي لغام هئا ۽ اسان جا حاڪم حڪمران پنهنجي ملڪ جي مفاد ۾ کين روڪ ٽوڪ نه پيا ڪن. ڪراچئ جي قبضي ڪرڻ کان فرنگين شڪارپور ۾ ھٿ ڳنڍيا. هنن جو خيال ٿيو ته "سنڌ واه" ۽ "بيگاري ڪئنال" کي آبي آمدرفت جو ذريعو بڻائجي. ان ڪم/سروي لاء ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل اڄ ليفٽيننٽ فيري کي حڪم ڪيو. 20.9.1884: مرزا ڪلب علي لاهورئ جي سهڪار سان لاڙڪاڻي ۾ ”سنڌ محمدن ائسوسيئيشن" جي شاخ کولي وئي. انھئ سهڪار ڪرڻ باوجود لاهوري خاندان "سنڌ سڀا" کان ناتو نه ٽوڙيو. "سنڌ سڀا" طرفان هندوستان ۾ ملازمت پوري ڪري, واپس ويندڙ وائسراء لارڊ رپن کي "مانپتر" ڏنو ويو ته انهئ وفد ۾ لاهوري به هو. "سنڌ سڀا" ٽٽي به انھئ مامري تي هئي. حسن علي افندئ لارڊ رپن کي "مانپتر" ڏيڻ جي مخالفت ڪئ هئي. 20.9.1933: ڊاڪٽر ائني بسنت گذاري وئي. هوء 1847ع ۾ لنڊن ۾ ڄائي هئي ۽ "ٿياسافئ" جي اڳواڻ ۽ "هوم رول ليگ" جي باني هئي. ڪيترا دفعا سنڌ ۾ به آئي. حيدرآباد ۾ سندس نالي پٺيان ٿياسافين "بسينت هال" به جوڙايو هو, جو اڄ به قائم آھي. هن جا ڪتاب سندس پوئلڳن سنڌئ ۾ ترجمو ڪيا. انھن مان "محمد رسول الله" به هڪ ڪتاب هو, جيڪو لالچند امرڏني مل ترجمو ڪيو. 20.9.1939: ڪڪڙ تعلقي جي ڳوٺ گوزه ۾ مقامي مسلم ليگ جو ساليانو ميڙ ٿيو ۽ چونڊون به ٿيون, جنهن ۾ مولوي غلام محمد ٻورڙ کي صدر, سرائي حاجي لعل بخش راهوجي کي نائب صدر, حاجي ڌڻي بخش چانڊيئي کي خزانچي, جان محمد ڪوريجي کي جوائنٽ سيڪريٽري, محمد بخش مڱريئي کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. انهئ موقعي تي مولوي تاج محمد پنهور ۽ مولوي الله بخش راهوجي کي مبلغ مقرر ڪيو ويو ته هو سڄي تعلقي ۾ وڃي مسلم ليگ ۽ پاڪستان جي حق ۾ تبليغ ڪن. 20.9.1949: سنڌ سرڪار پنهنجي روينيو کاتي جي سيڪريٽرئ کي هدايت ڪئي ته سنڌ مان جاگيرداري سسٽم کي ختم ڪرڻ لاء بل جو متن تيار ڪري. 20.9.1954: ملڪي سرڪار انھي ڳالھ تي سوچ ويچار شروع ڪيو ته ڇونه خيرپور, بهاولپور ۽ بلوچستان کي صوبائي حيثيت ڏني. 20.9.1955: مختلف سياسي حلقن ۽ پارٽين وٽان اها راء زور وٺڻ لڳي ته "ون-يونٽ“ اسڪيم کي لاڳو ڪرڻ کان اڳ ان تي رفرينڊم ڪرايو وڃي. 20.9.1956: پير علي محمد شاه راشدئ کي مصر ۾ سفير مقرر ڪيو ويو. پاڪستان ٺھڻ کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين ملڪي سرڪار ڪيترا سفير مقرر ڪيا ۽ انهن مان سنڌي ڪيترا هئا/آھن, انھئ اهم موضوع تي تحقيق ٿيڻ گهرجي. 20.9.1958: نواب اڪبر بگٽئ کي اسٽيٽ منسٽر مقرر ڪيو ويو.[ڀٽو ۽ بگٽي اسٽبلشمينٽ جي ويجهو به رهيا, مگر ان جي نفسيات سمجهي نه سگهيا. ٻنھي جو موت مارشلائي اقتدار ڌڻين جي ڏينھن ۾ ٿيو.] *************** 20 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 20 سيپٽمبر 1889ع ماهر معاشيات ۽ اينٽي سنڌ سيپريشن تحريڪ جي اڳواڻ حشمت راءِ ڇٻلاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 سيپٽمبر 1892ع صوفي شاعر صوفي محمد سليمان جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 سيپٽمبر 1906ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ پهرين مسلمان عورت ڊاڪٽر ساران صديقي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 سيپٽمبر 1911ع اسڪالر، تاريخدان ۽ محقق پير حسام الدين راشدئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 سيپٽمبر 1937ع ليکڪ محمد مڱن ڀٽو (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي. 20 سيپٽمبر 1938ع شاعر مسڪين سروري (سرهاڙي) جو جنم ڏينهن آهي. 20 سيپٽمبر 1949ع شاعر غالب سولنگي (يارو ديرو) جو جنم ڏينهن آهي. 20 سيپٽمبر 1949ع باليووڊ جي فلمي ڊائريڪٽر مهيش ڀٽ جو جنم ڏينهن آهي. 20 سيپٽمبر 1950ع سياستدان پير امجد شاهه جيلاني(حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 20 سيپٽمبر 1959ع شاعر غلام نبي ڪولاچي (باڊهه) جو جنم ڏينهن آهي. 20 سيپٽمبر 1961ع ليکڪ ۽ اسڪالر ڊاڪٽر عبدالحئي ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 20 سيپٽمبر 1288ع اسڪالر شيخ علي سيوستاني جي وفات ٿي. 20 سيپٽمبر 1926ع شاعر بهاول فقير شڪارپورئ جو انتقال ٿيو. 20 سيپٽمبر 1933ع فلاسافر ۽ ٿيافسٽ ايني بيسنت جي وفات ٿي. 20 سيپٽمبر 1960ع شاعر ساقي سجاولي جو انتقال ٿيو. 20 سيپٽمبر 1970ع شاعر رشيد احمد لاشاري جو انتقال ٿيو. 20 سيپٽمبر 1996ع حقيقي جمهوريت لاءَ جاکوڙيندڙ شهيد مير مرتضى ڀٽوکي ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ پوليس پاران فائرنگ ڪري شهيد ڪيو ويو. 20 سيپٽمبر 1999ع نامور تعليمي ماهر ايم ايڇ خواجا جو انتقال ٿيو. EVENTS: 1841: The Governor-General of India Asks Lieutenant Ferry to prepare report and proposal regarding the Sindh and Begari canals servicable for navigation and extending the irrigation already supplied by them. (Source: letter No.1333). 1884: With the Co-Operation of Mirza Kalab Ali Lahori the branch of Sindh Muhammadan Association is opened in Larkano (Source: Dr.Pathan’s Research article on Larkano). 1933: Dr.Aenni Besant breathes her last. She was born in 1847 in London. She was leader of Theosophy in India and founder of ‘Home Rule League’. Rais Ghulam Muhammad Bhurgri, G.M.Syed, Jamshed Mehta remained his followers in political and Theosophical thoughts. Besant Hall of Hyderabad is named after her name. (Source: ‘Source-Material on Home Rule League’, compiled by Gul Hayat Institute and uploaded on its website). 1939: Primary Muslim League of Goza of Taluka Khairpur Nathan holds its Annual function and on this occasion, following are elected as its office-bearers: Moulvi Ghulam Muhammad Borar (President), Sirai Haji Lal Bux Rahujo (Vice President), Haji Dhani Bux Chandio (Treasurer), Jan Muhammad Korejo (Joint Secretary), Muhammad Bux Mangrio (General Secretary), Moulvi Taj Muhammad Panhwar and Moulvi Allah Bux Rahujo (Preachers). (Source: The Daily Al-Wahid,Karachi). 1949: Secretary Revenue is directed by the Sindh Government for preparing of the Draft of Bill to abolish Jageerdai system in Sindh. (Source: Sindh Hari Committee;s record). 1950: It appears in press that Muslim is claiming/blaming that Rs.24,00,000 are outstanding against Fatima Jinnah and Liaquat Ali Khan. (Source: Newspapers). 1954: Proposal is under consideration of the Government to grant provincial status to Khairpur, Bahawalpur and Balochistan. (Source: Newspapers). 1955; Some politician demand referendum on the issue of ‘One-Unit scheme’ . (Source: ibid). 1956: Pir Ali Muhammad Shah Rasdi is appointed as Ambassador for Eygpt. (Source: Interview with Pir Ali Muhammad Shah Rashdi). 1958: Nawab Akbar Bugti takes oath as State Minister. (Source: Newspapers).

Sunday 18 September 2022

Sindh in history today (19th September). By. Dr.Pathan

( 19 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 19.9.1835: ڪرنل پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌايو ته مان ڀڄ ۾ آھيان. ان ڪري ديوان لکميچند جي اڳواڻئ ۾ مير رستم علي خان سان معاهدي تي ڳالهين ڪرڻ لاء وفد موڪليو اٿم. مير صاحب سرڪار لاء تحفا ڏياري موڪليا آھن. (حوالو: پاٽينجر جو مراسلو نمبر 67). 19.9.1939: اڄ ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل مراسلو لکي "سيڪريٽ ڪمٽئ" کي سنڌ جي صورتحال کان آگاه ڪندي لکيو ته مارچ ۾ ميرن سان معاهدي تي ڳالهيون هليون, سي هاڻي پوريون ٿيون. مير هر ڳالھ ۾ اجايو دير لڳائيندا آھن. چون ٿا ته ڪراچي موٽائي ڏيو, پر هاڻي اها ڳالھ کين وسارڻ گهرجي. اسان کي سنڌ ۾ پنهنجي فوج رکڻ گهرجي. ان بابت ۽ ڪراچئ جي مالڪئ بابت جلد تفصيل سان گذارشون عرض رکندس. (حوالو: گل حيات ۾ موجود ڊاڪيومينٽ نمبر 218). 19.9.1843: ساسور جيل مان جنگي قيدي مير صوبدار خان اڄ ممبئئ جي گورنر کي خط لکيو ته مان انگريزن جو يار وفادار ٿي رهيس, پر نيپيئر نه نڀائي ۽ مون کي بي گناه گرفتار ڪيائين. منهنجا ديرا (خاندان) وارا حيدرآباد ۾ ڏاڍئ تڪليف جا ڏينھن ٿا گذارن. سندن هڪ سو نوڪر آھن. پر سرڪار ماهوار 550 روپيا وظيفو ڏين ٿي. مهرباني ڪري وڏئ سرڪار کي پارت ڪري اهو وظيفو وڌرايو. (حوالو: ڪتاب Correspondence Related to Sindh). 19.9.1845: اڄ سنڌ جي پهرين فرنگي گورنر نيپيئر پنهنجئ سرڪار کان ڏوڪڙن جي گهر ڪئي ته جيئن سکر ۽ شڪارپور وچ ۾ بند ٻڌرائجي, جنهن تي 39717 خرچ ايندو ۽ ٻنھي شھرن وچ ۾ روڊ ٺھرائڻ تي 52000 روپيا خرچ ايندو (حوالو: نيپيئر جو مراسلو نمبر 233). 19.9.1926: اڄ ميهڙ ۾ ”بزم مشاعره صوفي" طرفان "خار گل کائن ٿا گلشن ۾ تنهنجي رخسار تي" جي طرح مصرع تي مشاعرو ٿيو. مشاعري ۾ جمع خان "غريب" , حافظ عبدالوهاب "ڪنڀر", حافظ محمد "احسن", محمد بخش “واصف", علي حيدر "حيدري", تاج ٻرڙي ۽ شاه محمد "صوفئ" پنهنجي شاعراڻي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريا. 19.9.1939: "مسجد منزلگاه تحريڪ" کي زور وٺرائڻ لاء اڄ خانبهادر غلام محمد اسراڻ لاڙڪاڻي مان ۽ "مجديد جماعت" مٽيارين مان ماڻھن جا جٿا سکر موڪليا. ياد رهي ته پير غلام مجدد کي هن تحريڪ دوران گرفتار ڪيو ويو هو.(حوالو: "الوحيد" اخبار). 19.9.1947: ورهاست ۾ مليل نئين ملڪ پاڪستان ۾ اڄ کان آفيسن ۾ ڪم شروع ٿيو. 19.9.1949: پاڪستان ۽ انڊيا پاڻ ۾ معاهدو ڪيو ته ڪشميري هڪ ڪشمير کان ٻئي ڪشمير ڏانھن لڏپلاڻ نه ڪندا. تعجب جي, مگر سمجه ۾ ايندڙ ڳاله اها آھي ته اهڙو معاهدو انڊيا مان لڏي ايندڙ پناهگيرن بابت نه ڪيو ويو. 19.9.1955: پاڪستان قائم ٿئي 8 سالن کان مٿي جو عرصو ٿيو آھي. اڄ برطانيه جي راڻي جو حڪم نڪتو ته ميجر جنرل اسڪندر مرزا کي پاڪستان جو گورنر جنرل مقرر ڪجي ٿو. هو 6 آڪٽوبر کان اها چارج وٺندو. 19.9.1960: اڄ صدر ايوب ۽ انڊيا جي وزير اعظم نھروء پاڻئ جي ٺاه تي دستخط ڪيا. راوي, بياس ۽ ستلج انڊيا کي مليا ۽ چناب, جهلم ۽ سنڌو پاڪستان کي مليا. 19.9.1972: مخالف ڌر وارن ڀٽي کان مطالبو ڪيو ته نئيون چونڊون ڪراء. ڀٽي ردعمل ڏيکاريندي چيو ته اها جمهوريت خلاف سازش آھي. 19.9.1977: ونئ (نصرت ڀٽو) پنهنجي ور جي گرفتارئ خلاف سپريم ڪورٽ جو در کڙڪايو. { 19 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1763ع صوفي بزرگ خواجا گل محمد (لنواري). 1892ع ليکڪ قاضي عبدالرزاق (روهڙي). 1906ع سياستدان محمد علي شاهه (مٽياري). 1915ع شاعر ۽ سياستدان پرڀو وفا (لاڙڪاڻو / ممبئي) . 1937ع شاعر مائل سروري. 1944ع ليکڪ ۽ اڳوڻو سيڪريٽري نبي بخش کوسو. 1960ع سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر نصير نظاماڻي. [وڇوڙو]: 1959ع شاعر پير محمد سائل. 1963ع سياستدان ۽ اڳوڻي وزير مير غلام علي ٽالپر. 1981ع شاعر شاد عباسي. SINDH IN HISTORY TODAY (19th SEPTEMBER) Sindh in history today (19th September). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. EVENTS 1935: Colonel Pottenger informs his Government that he is in Bhuj and Diwan Laxmandas, Vakil of Mir Rustam Ali Khan has arrived here with gifts and message and has assured that friendship between him and the Government of India will be everlasting. (Source: letter No.67). 1845: The Superindendent of Cannals and Forest, Sindh submitts his proposal to the Commissioner on the construction of Band between Sukkur and Shikarpur. (Source: letter No.233). 1922: Moulvi Muhammad Sidik of Badah announces not to receive any financial aid and grant from Government in future. He supported the Non-Co-Operation Movement launched against Government. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1939: K.B.Ghulam Muhammad Isran of Larkana reaches along with his selected peasants at Sukkur to participate in Masjid Manzilgah agetation. Followers of Pir Ghulam Mujadid also reached at Sukkur from Matiari. However, Pir is arrested. (Source: ibid). 1947: It is the first working day in offices of Pakistan (Source: Newspapers), 1952: High Power Committee is constituted to probe into the murder of the first Prime Minster of Pakistan. (Source: Government Notification). 1959: It has been notified that Guwadar will be under administrative control of Makran District of Kelat Division. (Source: Government Notification). 1960: Water accord is signed by President Ayub Khan and Nehru. Now Ravi, Beyas and Satlij rivers will be for India. Whereas Chunab, Jihlam and Sindhu will be for Pakistan (Source: Newspapers). 1963: Opposition demands changes in Basic Democracy System. (Source: Newspapers). 1969: Ex-President Ayub Khan retires from politics. He remained in power & politics since 1958. He took a decade to be out under pressure. (Source: Newspapers). 1972: Opposition demand fresh election. President Bhutto terms demand as unjustified and a conspiracy against democracy. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1977: Begum Nusrat challenges arrest of her husband Z.A.Bhutto in court (Source: ibid).

Saturday 17 September 2022

Sindh in history today (18th September). By. Dr.Pathan

I lost Beautiful Building (4 Halls & 6 Rooms) of Gul Hayat institute due to terrible rains. But, reconstruction work has been started without moral or financial help of any Government (Provincial / Federal) or NGO. Picture shared here narrates that story. (Dr.Pathan) SINDH IN HISTORY TODAY (18th September) Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 18 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 18.9.1846: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ ڪمپنئ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس کي لکيو ته جڏهن چارلس نيپيئر رٽائيرمينٽ وٺي ته سنڌ ۾ ڪو ٻيو گورنر رکڻ بدران سنڌ کي ممبئي پرڳڻي سان ملائي, سنڌ ۾ ڪمشنر رکيو وڃي. 18.9.1857: قلات جون حالتون خراب ٿيڻ لڳيون ۽ سنڌ جي حڪومت انھئ صورتحال کان پريشان ٿيڻ لڳي ته انھن حالتن ۾ باغي اڳواڻن جو پاسو وٺجي, خان آف قلات جي مدد ڪجي يا غير جانبدار ٿي رهجي. سنڌ جي ڪمشنر جي پريشانئ جو ڪارڻ ھندستان ۾ فرنگي حڪومت خلاف ڪر کڻندڙ نفرت ۽ بغاوت هئي ۽ فرنگي نه پيا چاهن ته قلات جون غير مستحڪم سياسي حالتن جو متان سنڌ تي منفي اثر ياد رهي ته مولا محمد رئساڻي, تاج محمد زهري ۽ مير خان لس ٻيلي جو ڄام گڏ ٿي خان آف قلات خلاف ٿي بيٺا هئا. 18.9.1921: هن دور ۾ ڪراچئ ۾ اسرائيلي ڪميونٽي به سماجي ۽ ثقافتي حيثيت ۾ هڪ فعال ڪميونٽي طور رهندي هئي. اڄ انھئ طرفان جوڙايل "ابرهام هال" جو افتتاح ٿيو. ان موقعي تي اسرائيلي يونئن هڪ ڊرامو به اسٽيج ڪيو. 18.9.1922: انگريزن جي دور ۾ جديد سياست جي شروعات کان وٺي, سنڌ سياسي حوالي سان فعال خطو رهيو. سنڌ ۾ روزانو ڪا نه ڪا سياسي سرگرمي ٿيندي هئي, بلڪ هڪ کان وڌيڪ سياسي سرگرميون ٿينديون هيون. اڄوڪي ڏينھن تي ڪانگريس طرفان سنڌ جي سمورن ضلعي هيڊ ڪوارٽس ۾ ”تلڪ يادگار فند" ملهائڻ جو هفتو شروع ٿيو ۽ ڪانگريس سڄو هفتو چندو گڏ ڪندي رهي ۽ انھئ هفتي دوران ڪانگريس حيدرآباد وارئ چاڙھئ کي "تلڪ چاڙھئ" جو نالو ڏنو. اڄوڪي ڏينھن تي ڳوٺ نوهيون ۽ ڳوٺ ڪاڪيپوٽا ۾ مقامي "خلافت ڪميٽئ" طرفان عوامي ميڙاڪا ٿيا. اڄ باڊھ ۾ مقامي خلافت ڪميٽي جوڙي وئي ۽ ان لاء مولوي محمد صديق کي صدر, حافظ فيض محمد کي نائب صدر, محمد علئ کي سيڪريٽري ۽ محمد يوسف کي خزانچي چونڊيو ويو. 18.9.1949: اين.ڊبليو. ايف پراونس پنهنجي گادي نٿياگلئ مان ڦيرائي پشاور ۾ قائم ڪئي. 18.9.1957: ون-يونٽ ٺھي اڃا ٻه سال مس گذريا هئا جو نئشنل عوامي پارٽئ "مغربي پاڪستان اسيمبلئ" ان خلاف رٿ آندي. 18.9.1977: ضياء الحق سمجهي ويو هو ته ڀٽي يا هن مان ڪنهن هڪ کي زنده رهڻو آھي ۽ ٻئي گڏ زنده رهي نه ٿا سگهن. ان ڪري هن ارادو جوڙي ورتو ته ڀٽي کي نه پر کيس زنده رهڻ گهرجي. پوء مارشلا حڪومت لاهي پاهي ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪردار ڪشي ڪرڻ لڳي ۽ ڪچن چٺن پٺيان ڪچا چٺا شايع ڪرايا. اڄ ضياء الحق ڀٽي لاء چيو ته ڀٽو پنهنجي ويجهن يارن کي بخشڻ وارو ڪونه هو ۽ هن پنھنجا ڪيترا يار مارايا. *************** 18 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 18 سيپٽمبر 1913ع شاعر مرزا اسد بيگ اسد(ٽنڊو ٺوڙهو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 سيپٽمبر 1941ع راڳي ڀڳت پرتاب(لاڙڪاڻو / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 سيپٽمبر 1950ع باليووڊ اداڪاره شبانه اعظمي جو جنم ڏينهن آهي. 18 سيپٽمبر 1951ع شاعر اصغر علي اصغر هالو (ڪراچي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 سيپٽمبر 1954ع سياستدان ۽ حقيقي جمهوريت لاء جاکوڙيندڙ مير مرتضى ڀٽوجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 سيپٽمبر 1957ع ليکڪ ۽ اداڪار سريش سنڌو (جئپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. وڇوڙو: 18 سيپٽمبر 1719ع سنڌ جي اڳوڻي حڪمران ميان يار محمد ڪلهوڙو جي وفات ٿي. 18 سيپٽمبر 1958ع آزادي جي جدوجهد جي اڳواڻ مولانا عبدالله لغاري جو انتقال ٿيو. 18 سيپٽمبر 1974ع ڪلاسيڪل گلوڪار استاد امانت علي خان جو انتقال ٿيو. EVENTS: 18th September 1857: Captain Merewether, Political Superintendent, Upper Sindh Frontier [Jacobabad District] apprises the Sindh Commissioner of the Kelat situation where disturbances have started due to continued imprisonment of Muhammad Amin, brother of late Wazir Muhammad Hussain. The Commissioner is informed that Taj Muhammad Zehri, Moola Muhammad Raisani and Mir Khan Jam of Bela have joined hands to launch disobedience movement against Khan of Kelat. (Source: Letter No.296). 1846: The Governor-General of India recommends to the Court of Directors of the East India Company that after the retirement of Sir Charles Napier as the Governor of Sindh, Sindh be annexed with Bombay Presidency headed by Commissioner. (Source: Dr.Azimusan’s Ph.D thesis). 1921: Abraham Hall opening ceremony is performed in Karachi and this occasion a drama is also staged. The Hall was constructed by Israelities of Karachi. This community was having its own Union and Abraham Renbin remained its president for years. (Source: The Sindh Gazette, Karachi) 1922: It is interested to note that Sindh proved its worth as an active province in politics. That is why so many events of political nature were taking place every day. For example, today, Congress meetings were held in District Head Quarters so as to launch ‘Tilk Fund Week’ in length and breadth of Sindh. It was first day for them today to collect donations. In village Nohyon and Village Kakepota public meetings are held by local branches of Khilafat Commiittee. In Badah, the branch of Khilafat Committee is opened with Moulvi Muhammad Sidik (President); Hafiz Faiz Muhammad (Vice President); Muhammad Ali (Secretary) and Muhammad Yousif (Treasurer) as its founder office bearers. (Source: The Daily Al-Wahid & The Daily Gazette, Karachi ). 1949: NWFP Government shifts its Capital from Nathiagali to Peshawar. (Source: Newspapers). 1951: Sindh Governor orders probe into allegations of corruption leveled against Muhammad Ayub Khuhro, ex-Chief Minister of Sindh, who worked for the creation of Pakistan in the length and breadth of Sindh and now Pakistani Government is taking his care in a such way! (Source: Newspapers). 1957: One-Unit was imposed in 1955, and today, after two years West Pakistan Assembly adopts the resolution with majority asking Pakistan Government to withdraw the One-Unit Scheme. The Resolution was moved by NAP. (Source: Newspapers & West Pakistan Assembly Record). 1977: Bhutto managed to kill even his very close ones for his own interest, blames Zia (Source: Newspapers).

Friday 16 September 2022

Sindh in history today (17th September). By. Dr.Pathan

( 17 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 17.9.1838: ڪرنل پاٽينجر, ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جو سفارتڪار, پنهنجئ سرڪار کي لکي ٿو ته واپاري سامان ۽ فوجن جي آمدرفت لاء سنڌوندي ڪارائتو ذريعو آھي. اسان کي انھن ٻنھي مقصدن لاء سنڌوندي کي ڪم آڻڻ گهرجي. هو پنهنجئ حڪومت کي صلاح ٿو ڏئي ته اجائي دير ڪرڻ بدران ستت ئي ڪراچئ تي قبضو ڪجي. 17.9.1922: ترڪئ کي جنگ جي مختلف محاذن تي سوڀ ملي ته سنڌ خلافت ڪميٽئ انھئ خوشئ ۾ ڪيترن هنڌن/ڳوٺن/شھرن ۾ ميڙاڪا ڪري ڪمال اتاترڪ کي مبارڪون ۽ دعائون ڏنيون. جن هنڌن تي اهي عوامي ميڙاڪا ٿيا, انھن مان علي خان قمبر, فاضل ڪلهوڙو ۽ وڳڻ شامل آھن. 17.9.1957: پنهنجي/پاڪستاني قوم جي بابي جي جوڙيل ملڪ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ اقتدار-ڌڻين جو اصل کان منصوبو رهيو آھي. اڄ مرڪزي سرڪار اعلان ڪيو ته جلد از جلد هڪ ڪميشن ويهاربي ته ملڪ ۾ ڪٿي ڪٿي وڌيڪ صوبا بڻايا وڃن. 17.9.1962: ايوب-حڪومت جي جوڙيل "شريف ڪميشن" صوبن جي ٻولين جو تاريخي, تدريسي ۽ آئيني حق ختم ڪري, فقط هڪ اهڙئ ٻولئ کي مڙھڻ جون شفارشون ڪيون, جيڪا ملڪ جي ڪنھن به صوبي جي ٻولي نه هئي. اوڀر پاڪستان ان تي شديد رد عمل ڏيکاريو ۽ سڄي صوبي ۾ احتجاج شروع ٿي ويا. 17.9.1966: جنرل موسا کي ويسٽ پاڪستان جو گورنر ۽ جنرل يحيا کي چيف آف آرمي بڻايو ويو. 17.9.1972: ڪراچئ ۾ ”اردو قومي ڪائونسل" جوڙي وئي. ياد رهي ته ڪن پناهگيرن لڏي اچڻ کان ستت پوء لساني بنيادن تي پاڻ کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو, جنهن سوچ ۽ لوچ اڳتي هلي ايم.ڪيو.ايم ٺھڻ جو رستو اختيار ڪيو. انھن سنڌ جي حصي ٿيڻ بدران سنڌ مان حصي وٺڻ تي زور ڏنو. 17.9.1975: نئشنل عوامي پارٽئ خلاف ڀٽي سرڪار جيڪو ڪورٽ ۾ رفرنس داخل ڪيو هو, ان تي ٻنھي ڌرين جي وڪيلن جي دليل بازي پڄاڻئ تي پهتي. *************** ولادتون: بئريسٽر عبدالرحمان (1880), شيام رام وزيراڻي (ٺٽو/سياستدان/1883), محمد اسماعيل عرساڻي (هالا/تعليمدان ۽ اديب/1906), پوپٽي هيراننداڻي (حيدرآباد > ممبئي/اديبياڻي/1924), اختر علي قاضي (سنڌ جو سابق وڏو وزير/1936), الطاف حسين (لساني تنظيم ايم.ڪيو.ايم جو باني/1953), عبدالحسين ساريو (باڊھ/اداڪار/1968). *************** وفاتون مخدوم نوح ھالائي (1590), عبدالستار جان سرهندي (1966), پير غلام رسول سرهندي (مٽياري/1990). SINDH IN HISTORY TODAY (17th September) Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. EVENTS 1838: Colonel Pottenger advises his Government that Indus should be treated as proper channel for communication and transportation of British troops and it is advisable to occupy Karachi. (Source: Letter No.108) 1846: Collector of Hyderabad recommends case of re-granting of Jageers to Mir Muhammad Ali and Mir Mubarak Khan son of Ghulam Shah Khanai. (Source: letter No.692). 1922: Turkey’s victory on various war sectors is celebrated by lokal branches of Khilafat Committee at Mullan Abra, near Baqrani; Ali Khan Kambar; Fazul Kalhoro of Dokri Taluka and Wagan. Speeches are made and services of Ghazi Kamal Ataturk are praised. (Source: The Al-Wahid, Karachi) 1955: Khan Abdul Ghaffar Khan is arrested on violation onf ban on his entry in Baluchistan. (Source: ‘Source-Material on ANP’, compiled by Gul Hayat Institute.) 1957: An ugly idea of making more provinces out of existing provinces has dominated hearts and minds of those politicians and people in power, who never accepted the ‘Two Nation Theory’ of their Father of nation and wants to disintegrate Pakistan into pieces. It has been announced by the Government today, that a Commission will be set up very soon to consider creation of Provinces. (Source: Newspapers). 1962: East Pakistan reacts on ‘Sharif Commission’, strike is observed in the length and breadth of east wing and Commission’s recommendations are termed as an act of snatching historical, constitutional, social and educational status from all provincial languages. (Source: Newspapers). 1964: Fatima Jinnah agrees to become Presidential Candidate on behalf of joint opposition from. She was closely related to his brother- founder of Pakistan and was witness to hijacking of power, democracy and freedom from people. She was deprived of seeing his brother who was breathing his last on Drug Road!. Now she desire to see country on the path of democracy. (Source: Newspapers). 1966: General Moosa is appointed as the Governor of West Pakistan, and General Yahya Khan becomes Commander in Chief of the Army. (Source: ibid). 1972: Urdu Quomi Council is formed in Karachi. (Source: Newspapers). 1975: Hearing of reference against NAP is completed. (Source: ‘Source-Material on NAP’, compiled by Gul Hayat Institute).

Thursday 15 September 2022

Sindh in history today (15th September). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (16th SEPTEMBER Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 16 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 16.9.1838: گورنمينٽ آف انڊيا پنهنجي سنڌ ۾ مقرر ڪيل پوليٽيڪل ايجنٽ کي اڄ لکيو ته تو جيڪي پرشيا جي بادشاه ڏي لکيل مير نور محمد جا خط پڪڙي موڪليا آھن, انهن مان ثابت ٿئي ٿو ته اسان سان سچو آھي. اسان هنن حالتن جي روشنئ ۾ ميرن کي ڏينھن جا تارا ڏيکارڻ لاء سنڌ ۾ پنهنجي فوج رکڻي پوندي. 16.9.1839: سنڌين کان ٻيٽ ويا ۽ ڪراچي شهر ويو. اسان جا وڏڙا ۽ سنڌ ڄڻ اڌورا ۽ اڻپورا ٿي پيا. پر عوام پنهنجي وسان ڪين گهٽايو. خاص طور تي اتر سنڌ ۾ فرنگي فوجين سان ڪنهن نه ڪنهن بھاني سان وڙھندا رهيا ۽ جهيڙا ڪندا رهيا. اڄ ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل جو سيڪريٽري اتر سنڌ جي فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ کي لکي ٿو ته اهي جو حل هن ۾ آھي ته اپر سنڌ ۾ فرنگي فوج جي ڇانوڻي قائم ڪجي. (حوالو: سيڪريٽري ٽو گورنر جنرل ٽي.ايڇ.ميڊاڪ جو مراسلو). 16.9.1843: سنڌ دوست کوسن ڪڇ ۽ ڀڄ وارا رستا 1832 کان انگريزن لاء حرام ڪري رکيا ۽ فرنگين کي پريشان ڪندا ۽ لٽيندا رهيا. سنڌ تي فرنگين جو قبضو ٿيو ته حالتن هنن جو ساٿ نه ڏنو. اڄ انهئ پاسي جي ڪجھ کوسن جي سردارن فرنگي سرڪار اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا. (حوالو: گورنمينٽ آف انڊيا جو مراسلو نمبر 137). 16.9.1922: قمبر تعلقي جي ڳوٺ گهوگهاري ۾ مقامي خلافت ڪميٽئ طرفان ترڪن جي يونان تي فوجي ڪاميابئ تي جشن ملهايو ويو. تقرير ڪندڙن فرنگي سرڪار جي ترڪن خلاف پاليسئ جي مذمت ڪئي. (حوالو: اخبار "الوحيد"). 16.9.1922: ڪراچئ ۾ 36 سال اڳ “آريا سماج" نالي مذھبي ۽ سماجي تنظيم قائم ٿي, جنهن پوء سياست ۾ به پنهنجا رنگ ڏيکاريا ۽ هندو-مسلم اختلافن کي هوا ڏني. اها سياست ۾ جهڙوڪ نيم دهشتگرد تنظيم ٿي اڀري. هن هندن ۾ تعليمي بيداري آڻڻ جو ڪم ٿيو. اڄ ھن تنظيم پنهنجي ڪارڪردگئ جي سالياني رپورٽ پڌري ڪئي. ان مان پتو پئي ٿو ته پتري پاٽشالا [گرلس اسڪول] کي 100 روپيا مهينو, گجراتي اسڪول کي در ماه 100 روپيا ۽ ڊي.اي.وي اسڪول کي در ماه 200 روپيا امداد ۾ ڏنا. ( حوالو: "ڊيلي گزيٽ“ اخبار). 16.9.1932: سنڌ ۾ اپر ڪلاس مسلمانن جي رضا سان هلايل ممبئي کان علحدگئ واري تحريڪ طرفان سڄئ سنڌ ۾ “ سنڌ جدائي جو ڏينھن" ملهايو ويو. هنڌين ماڳين ميڙاڪا ۽ جلسا ٿيا ۽ سنڌ کي ممبئئ کان جدا ڪرائڻ جا وچن ڪيا ويا. (حوالو: اخبار "الوحيد"). 16.9.1939: انگريزن جي زماني ۾ ليکڪ وڏئ جرئت سان سرڪار تي سخت تنقيد ڪندا هئا. لالچند امڏنيمل "عملدار, ڪين رعيت آزار" ڊرامو لکيو. ڪنهن "موڳو ماجسٽريٽ" ڊرامو لکيو. اڄ قمبر ۾ “اسيمبلي" نالي سان سکر جي هندو ڊراماٽڪ سوسئٽئ ڊرامو اسٽيج ڪيو ۽ اهو ڪيترا ڏينھن ڏيکاريو ويو. هن ڊرامي ۾ “اسيمبلي" ۾ ٿيندڙ غير ضروري قانونسازئ تي طنز ڪئي وئي هئي. 16.9.1939: مسجد منزل گاه تحريڪ مان سرمائيدار طبقي اڳواڻئ تان هٿ کنيو. هاڻي ان جي قيادت وڏيرن جي هٿ ۾ آئي. اڄ “ريسٽوريشن ڪميٽئ" جو نالو بدلائي "وار ڪائونسل" رکيو ويو ۽ حاجي عبدالله هارون جي جاء تي خانبهدادر کهڙو ان جو چيئرمن چونڊيو ويو. (حوالو: "الوحيد" اخبار). {16 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1845ع سياستدان، سماجي اڳواڻ ۽ تعليمي ميدان ۾ خدمتون سر انجام ڏيندڙ نور محمد لاکير (باني نور محمد هاء اسڪول) . 1904ع تعليمي ماهر آغا تاج محمد خان. 1946ع شاعر منور علي منور (آگاڻي) . 1948ع سياستدان عبدالحق ڀرٽ. 1949ع گلوڪار ديپڪ سيراڻي (ڪراچي / احمد آباد). 1961ع ليکڪ خادم چانگ. 1970ع گلوڪاره شازيه خشڪ. 1974ع ڪهاڻيڪار ۽ شاعر مشتاق ڀرڳڙي. 1983ع ڪهاڻيڪار عباس ڪوريجو. [وڇوڙو]: 1982ع پير گل حسن آف لنواري شريف. 1997ع سياستدان اعجاز علي جتوئي(ٻيٽو جتوئي). 2002ع ليکڪ امداد علي سرائي EVENTS 1843: Sindh Governor, Sir Charles Napier informs the Government of India that Yar Muhammad, Ruler of Heart has sent his Vakeel for making treaty with the Government. (Source: Letter No.115). 1922: Two important events took place on this date. First was of political nature and second Social. At Goghari, a public meeting is held by the local branch of Khilafat Committee in connection with vicories of Turky on various war sectors. In this meeting people are asked to take part in politics. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi) Another event took place at Karachi. 36th Annual fuction is held by ‘Arya Samaj’. On this occasion, it is told that last year the organization provided financial help of Rs.100/ per month to Girls School namely ‘Putri Patshala’, resulting 80 girls got education free of cost. D.V.A School was aided Rs.200/ per month for catering of 75 students. Rs.100/ per month was given to Gujrati School for educating 75 students. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1932: Sindh observes ‘Sindh Separation Day’. Muslims took active part. Processions were taken out and public meetings were held in the length and breadth of Sindh. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1939: Two important events of the date are staging of Drama at Kambar and meeting of the ‘Masjid Manzilgah Restoration Committee’. Muhammad Ayub Khuhro takes over as the Chairman of the Restoration Committee replacing Haji Abdullah Haroon. The Restoration Committee is renamed as ‘War Council’. The Drama staged at Kambar by Hindus of Sukkur was aimed at to indicate weaknesses of Allah Bux Soomro’s Government. (Source: The Daily Al-Wahid and The Daily Gazette, Karachi). 1942: Shri Birham Khastri Co-Operative Stores are opened in various Muhallas of Karachi so as to provide commodities to people on cheap rates, because economy of the country was very much badly affected by the World War and people were to be helped accordingly. (Source: The Daily Gazette, Karachi).

Wednesday 14 September 2022

Sindh in history today (15th September). By.Dr.Pathan

( 15 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 15.9.1922: لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر نئين ديري تي شاهنواز خان ڀٽي جو اثر هو. ان ڪري اتي خلافت ۽ ڪانگريس بدران مهاسڀا ۽ امن سڀا کي سرگرم ٿيڻ جو موقعو مليو. البته نئين ديري ڀرسان شاه جو ڳوٺ ۽ رتوديرو ۾ خلافت تحريڪ زور پڪڙيو. اڄ رتيديري ۾ خلافت تحريڪ طرفان هڪ وڏو عوامي جلسو ٿيو, جنهن ۾ عوام کي تاڪيد ڪيو ويو ته دين ۽ ڌرتئ جي مفاد ۾ هڪ ٿي فرنگي حڪومت خلاف هر تحريڪ ۾ قول ۽ فعل سان حصو وٺو. 15.9.1923: لاڙڪاڻي شھر جي خلافت ڪميٽئ جي سيڪريٽرئ شيخ محمد رمضان کي سرڪار خلاف تقريرون ڪرڻ تي "ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ جي قلم 108 " هيٺ گرفتار ڪري مٿس ڪيس هلايو ويو. اڄ لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي ڪورٽ کيس ٻارهن مهينا سخت پورهيئي سان سزا ڏني. 15.9.1972: ذوالفقار علي ڀٽي اقتدار ۾ اچي ڪيترن سان ڦٽايو. نيئشنل عوامي پارٽي به سندس نشانو بڻي. اڄ ڀٽي بيان ڏنو ته اها پارٽي پاڪستان خلاف سرگرميون ڪري رهي آھي [ياد رهي ته هن پارٽئ تي پوء پابندي مڙي وئي ۽ ان جي اڳواڻن تي ملڪ دشمنئ جا ڪيس هلايا ويا. ليڪن پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ملڪ دشمنئ ۽ بغاوت جا ڪيس کوڙ ماڻھن تي هليا. ليڪن سزا ڪنھن کي به نه ملي ۽ سرڪار اهي لڳايل ڪيس پاڻ ئي واپس ورتا. ان جو سبب اهو ته حڪومت ڪوڙا ڪيس مڙھيا] 15.9.1977: زمانو ضياء الحق جي ظلم ۽ مارشل لا جو آھي. ضياء ڪنهن به صورت ۾ چونڊن ڪرائڻ جي حق ۾ ڪونه هو. پر اهڙو جواز کيس سياستدانن پيدا ڪري ڏنو. مولانا مفتئ بيان ڏيڻ شروع ڪيا ته "اڳ ۾ احتساب,پوء انتخاب". اڄ ھڪ ٻئي مڃيل سياستدان سردار شوڪت حيات مطالبو ڪيو ته هن گنڀير سياسي حالتن ۾ چونڊن نه ڪرايو. *************** 15 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 15 سيپٽمبر 1851ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد عاقل جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1906ع شاعر عبدالرحيم عابد جوڻيجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1918ع اسڪالر گنگا رام سمراٽ (سن / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1922ع ليکڪ منير چنا جو جنم ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1930ع ليکڪ احمد خان جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1932ع شاعر، صحافي، ڊراما نگار ۽ ليکڪ شمشير الحيدرئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1935ع شاعر ۽ صحافي نادر علي شاهه فراق (ٺارو شاهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1943ع ليکڪ اشور ڪرپلاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1947ع صحافي، ليکڪ ۽ شاعر ساز ڪاظمي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1949ع قانوندان ۽ سياستدان امان الله شيخ جو جنم ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1952ع شاعر عرض محمد شر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1956ع سياستدان ارباب غلام رحيمجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1960ع سماجي ورڪر بيربل گناڻي (سنجهورو) جو جنم ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1961ع شاعر رجب آزاد (سيتا) جو جنم ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1963ع شاعر منظور سحر (سيوهڻ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1968ع ليکڪ مشڪور مصطفى جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1972ع ليکڪ نورالدين سيتائي جو جنم ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1972ع عالم، ليکڪ ۽ تعليمي ماهر آغا بدرالدين(جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1977ع اداڪار ايم مصطفى کٽي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. وڇوڙو: 15 سيپٽمبر 1899ع مذهبي عالم پير راشد الدين (ٽيون) جي وفات ٿي. 15 سيپٽمبر 1919ع شاعر، سماج سڌار ۽ سياستدان شمس الدين بلبل( ميهڙ) جي وفات ٿي. 15 سيپٽمبر 1930ع حاجي جلال الدين (سجاده نشين پير پٺو) جو انتقال ٿيو. 15 سيپٽمبر 1931ع مذهبي اسڪالر مولانا دين محمد بٺوي جي وفات ٿي. 15 سيپٽمبر 1944ع مذهبي اسڪالر مولانا ميان محمود جو لاڏاڻو ٿيو. 15 سيپٽمبر 1974ع صحافي، ايڊيٽر ۽ شاعر مولانا غلام محمد گرامئ جي وفات ٿي. 15 سيپٽمبر 2007ع سياستدان ارباب امير حسن(کيتلاري) جي وفات ٿي. 15 سيپٽمبر 2013ع مشهور ليکڪا ۽ شاعره ريٽا شهاڻي(حيدر آباد / پونا) جي ديهانت ٿي. SINDH IN HISTORY TODAY (15th SEPTEMBER. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. EVENTS 1922: A public meeting is held at Ratodero by the local branch of Khilafat Committee. Speakers ask people to boycott foreign made items and article. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1923: Shaikh Muhammad Ramzan, Secretary Khilafat Committee is sentenced to 12 months imprisonment by the court of the Deputy Collector of Larkano. He was arrested under 108 Criminal Procedure Code for delivering anti-government speech. (Source: The Daily Al-Wahid. Karachi). 1948: Noor-ul-Amin cabinet takes oath in East Bengal [East Pakistan]. He was pro-Pakistani politician and was appointed Prime Minister of Pakistan in Yahya regime. Bhutto was appointed Deputy Prime Minister. (Source: Newspapers). 1972: NAP is involved in anti-Pakistan activities, says President Z.A.Bhutto (Source; ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1977: Sardar Shoukat Hayat demands postponement of general election. Such type of politicians helped Zia to take decision regarding postponement. (Source: Newspapers).

Tuesday 13 September 2022

Sindh in history today (14th September). By. Dr.Pathan

( 14 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 14.9.1838: فرنگي سفارتڪارن کي سنڌ جي سرڪار مان ته ڪو خطرو ڪونه هو, عوام کان ڊڄندا هئا, ڇو ته ماڻهون سندن پٽڪي لاهڻ ۾ دير نه ڪندا ھئا. ڪئپٽن برنس کي سکر مان فرنگي فوج ۽ اٺن لاء اناج ۽ گاه به وٺڻو ۽ خيرپوري ميرن کان بکر جو قلعو به وٺڻو هو, سو اڄ پاٽينجر کي خط لکي ٻڌائي ٿو ته هن مهيني جي آخر ۾ اوڏانھن ويندس. ان ڪري ٻڌايو ته اوهان اتان جي ميرن سان ڇا ڳالهايو آھي ۽ اتان جون حالتون ڪيئن آھن. (حوالو: برنس جو خط). 14.9.1840: سنڌ جي حڪمرانن هن دور ۾ اڪثر ڪري عجب ۾ وجهندڙ ڳالهيون ڪيون. جڏهن پاڻ ۾ اختلاف ٿين ته فرنگين جي سفارتڪارن کان فيصلا ڪرايائون. حيدرآبادي ميرن ۽ ميرپور واري مير شير محمد جي وچ ۾ ملڪي حدن بابت مامرو پيدا ٿي پيو ته هنن ڏکڻ سنڌ لاء فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ کي گذارش ڪئي ته تون امين ٿي اسان جي اختلافن جو ڇينھرو ڪر.(حوالو: ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل جي سيڪريٽرئ جو خط). 14.9.1843: سنڌ جي گورنر نيپيئر ۽ ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل وچ ۾ سنڌ ۾ عدالتي نظام بابت خط و ڪتابت ٿي. نيپئر کيس ٻڌايو ته هو وقتي طور تي ملٽري ڪورٽس قائم ڪري ڪيسن جو اڪلاء ڪري ٿو. گورنر جنرل کيس چيو ته ٺيڪ آھي ڪم کي ڀلي ايئن هلاء پر ستت چيف ماجسٽريٽ/چيف ڪمشنر مقرر ڪري عدالتي نظام قائم ڪر. 14.9.1887: هن سال سنڌ جي تعليمي تاريخ ۾ ٻه وڏا واقعا ٿيا. سنڌ ڊي.جي.ڪاليج به قائم ٿيو ۽ ٻه سال اڳ قائم ڪيل سنڌ مدرسي جي عمارت جي پيڙھ جو پٿر اڄ رکيو ويو. اها اسم گورنر جنرل لارڊ ڊفرن ادا ڪئي. عمارت 1890 ۾ ٺھي راس ٿي ۽ ان تي هڪ لک ستانوي هزار ۽ هڪ سو اٺاسي روپيا, ڏه آنا ۽ ڇه پايون خرچ آيو. عمارت جو نقشو جيمس اسٽريچن ٺاهيو هو. 14.9.1948: خواجا ناظم الدين کي پاڪستان جو گورنر جنرل بڻايو ويو. 14.9.1953: مير غلام علي خان ٽالپور سنڌ اسيمبلئ جو اسپيڪر چونڊيو ويو. 14.9.1978: چوڌري فضل الاهئ کان استعيفا ورتي وئي ۽ ضياء الحق چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر سان گڏ پاڪستان جو صدر به ٿيو. 14.9.1991: بينظير ڀٽو سنڌ ۾ بهارين جي هلت کان ناخوش ٿي چيو ته کين پنهنجي ماضئ وارو ماحول هتي پيدا ڪرڻ نه گهرجن. {14 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1922ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ صحافي سراج الحق. 1923ع نامياري قانوندان ۽ سياستدان رام ڄيٺ ملاڻي شڪارپور . 1928ع شاعر ڄيٺانند تاب (حيدر آباد / بمبئي). 1933ع سنڌ جي اڳوڻي گورنر ايئر مارشل محمد عظيم دائودپوٽو. 1949ع سياستدان پير مظهرالحق. 1952ع شاعر ۽ صحافي علي گل سانگي. 1953ع قومي ڪارڪن ۽ سماجي ورڪر عبدالڪريم چانڊيو (سچل ڳوٺ). 1957ع مشهور شاعر آسي زميني(ٽنڊو قيصر). 1962ع سياستدان سيد جلال محمود شاهه. 1962ع صحافي، ليکڪ، پبلشر ۽ سماجي ورڪر ادريس جتوئي. 1965ع سماجي ورڪر ۽ صحافي سيد جاويد اختر (مٺو جتوئي). 1975ع شاعر گل حسن ساگر. [وڇوڙو]: 1966ع شاعر رئيس ضياء الدين ايس بلبل. 2004ع ليکڪا ثريا سوز ڏيپلائي. SINDH IN HISTORY TODAY (14th September) Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan EVENTS 1838: Captain Burns informs Colonel Pottenger that he would reach Bukhar by the end of this month and it will be in the interest of requirements of contact with Mirs of Khairpur, if information is provided to him about the country, people and society of Khairpur. (Source: Burns’ letter of 14th September, 1838). 1843: Matter relating to judicial system is discussed between Governor-General of India and Sir Charles Napier, Sindh Governor.Governor of Sindh is advised to continue the system, that has been introduced by him [Sindh Governor], that is trial by Military Courts. However, he is asked to appoint Chief Magistrate/Commissioner as soon as it can be done. (Source: Correspondence between Sir Charles Napier and the Governor-General). 1887: The Governor-General of India lays foundation stone of the building of Sindh Madressah-tul-Islam at Karachi. The construction work was completed in 1890 and it costed Rs.1, 97,188/. Its map and design was prepared by James Strachan. (Source: Dr.Mumtaz Bukhari’s Ph.D thesis on Sindh Madressah). 1935: His Highness Sir Agha Khan is not happy with the League of Nations. He says that ‘India was troubled by the League’s lack of universality and by the thin representation of Indians. She was troubled by the great preponderance the League devotes to European interests’. (Source: The Daily Gazettee, Karachi). 1948: Khowaja Nazim-u-ddin takes over as the Governor-General of Pakistan. He was from East Bengal [East Pakistan] where was had remained Premier also (Source: Newspapers). 1953: Mir Ghulam Ali Khan Talpur is elected as the Speaker of Sindh Assembly. (Source: Newspapers). 1978: Fazul Ilahi resigns as the President of Pakistan and he is replaced by Zia-ul-Haq.(Source: Newspapers). 1991: Biharis must not create backlash in Sindh, says Benazir Bhutto. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). NOTE: Sindh is a Province of Pakistan, in which Mohen-Jo-Daro is situated. Sindh Province has been terribly demaged by Rains. I also lost Beautiful building of Gul Hayat Institute , consisting of 4 Halls and 6 Rooms. It collapsed during rains. Major portion of Sindh: its Cities and Villages are still under water.