Saturday 12 November 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (14th November) By: Dr. Pathan



** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان ۾ انگريزن خلاف
 شروع ڪيل آزادي واري جدوجهد دهلي تي انگريزن جي قبضي
 بعد عملي طور ختم ٿي وئي، جڏهن ته قلات ۽ ٻين رياستن انگريز
 سرڪار سان گڏ ڪم ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو.
** 1894ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ سڀا هندستان جي وائسراءِ 
کي سنڌ آمد دوران ميمورنڊم پيش ڪيو، جنهن ۾ وائسراءِ جو ڌيان 
سنڌ ۾ تعليم جي ڀيانڪ صورتحال طرف ڇڪايو ويو هو، ڇو ته ان
 وقت ۾ سنڌ کي اعليٰ تعليم جون سهولتون مهيا نه ڪيون ويون هيون.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ٺٽي ۾ خلافت ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي،
 جنهن ۾ پير غلام مجدد سرهندي انگريز سرڪار جي ترڪي ۽ خلافت
 بابت پاليسي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وڏي انگ ۾ هندستاني مهاجر پاڪستان
 جي علائقن ۾ پهتا، انهن ۾ 35 هزار سرهانپور، 35 هزار جالنڌر، 8 هزار
 آدمپور ۽ 10 هزار ٻين علائقن مان پيادل سنڌ پهتا.
**1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان مسلم ليگ قومي ٻولي 
واري معاملي تي ورهائجي وئي، جنهن ڪري ان وقت ڪنهن به
 هڪ ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ تي اتفاق نه ٿي سگهيو.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ون يونٽ خلاف شروع ٿيل تحريڪ کي 
روڪڻ لاءِ سرڪار قلم 144 لاڳو ڪيو پر سرڪار جي انهيءَ قدم کي 
ويسٽ پاڪستان هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو.
** 1959ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان تهران ۾ پريس ڪانفرنس
 ڪندي ملڪي آئين بابت پڇيل سوال تي چيو ته اڃا هڪ سال يا ان کان
 وڌيڪ عرصو لڳندو، جنهن بعد آئين ٺاهيو ويندو.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو، مير رسول بخش ٽالپر
 ۽ ٻين 11 اڳواڻن کي ڊفينس آف پاڪستان رول تحت گرفتار ڪيو ويو.
** 1997ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سپريم ڪورٽ بنگالين کي پاڪستاني قرار
 ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڪراچي رجسٽري ۾ اها درخواست داخل ٿي هئي،
 جنهن کي عدالت رد ڪيو، عدالت چيو ته بنگالين کي پاڪستاني شهري تصور نٿا ڪري سگهون.

No comments:

Post a Comment