Saturday 31 December 2022

Sindh in history today (1st January). By. Dr.Pathan)

1st January. Sindh (including Pakistan) in History today. ************** Gul Hayat Institute Wishes Happyap New Year. ************* ***سڀني سڄڻن کي نئون سال مبارڪ. دعا آھي ته هن سال ۾ اوهان سک, سڪون ۽ خوشين سان ڀريل ڏينھن گذاريو. دک, درد ۽ پريشانيون اوهان جي پاسي مان به نه گذرن*** سنڌ, سنڌين ۽ سندن تاريخ سان ازلي عشق آھي. سنڌ جي تاريخ جا ڪيترا سچا ۽ ذھن-جهنجهوڙيندر ورق ۽ واقعا اوهان کي ڪو نه ٻڌايا ويا آھن. جيڪڏهن اهي اسان پڙھون ها ته موجوده حالتن جي چڪڻ ۾ ڪونه ڦاسئون ها. وڏڙن جون غلطيون پڙھي, پاڻ اهي غلطيون نه ڪيون ها ۽ وڏڙن جا ڪارناما ڏسي, اسان ۾ به اڃا وڌيڪ ڪارنامن ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿئي ها. مان اوهان کي ڪنهن ناغي کان سواء چئن سالن کان واقعاتي تاريخ ٻڌائيندو اچان ٿو ۽ اوهان ۽ تاريخ ۾ دوستي قائم ڪرڻ جا جتن ڪندو اچان ٿو. مان هر پوسٽ ۾ وڌيڪ مواد ۽ معلومات ملائي, ان ۾ اضافا, وڌارا ۽ درستگي ڪندو آھيان. انھئ سلسلي ۾ اڄ پهرين جنورئ جا ڪي واقعا ۽ ولادتن وفاتن بابت معلومات کڻي آيو آھيان. *************** 1.1.1840: ڪئپٽن آئوٽرام کي پاٽينجر جي جاء تي لوور سنڌ جو پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪيو ويو. هن نيپيئر سان ميرن ۽ سنڌ دشمنئ تي اختلاف ڪيا ۽ نيپيئر کي اخبارن ۾ بڇڙو ڪيو. 1.1.1841: ڏکڻ سنڌ جي فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ آئوٽرام حيدرآبادي ميرن کي لکيو ته اوهان جي عملدارن ۽ واپارين اسان جي ڀينگ ڪري ڇڏي آھي. اهي ڳري رشوت وٺي پوء اوهان جا جاري ڪيل پروانا ڏين ٿا. هنن هنڊين جي مٽاسٽا ۾ گهوٻون ھنيون آھن ۽ اسان جي ماڻھن جون ڌراوتون ڦٻائي ڇڏن ٿا. 1.1.1845: نيپيئر اڄ پنهنجئ سرڪار کان خان آف قلات جي پرڳڻي ۾ ڊومڪين, جکراڻين ۽ بگٽين خلاف فوجي مهم ڪرڻ جي اجازت گهري. ان لاء اهو جواز ڏنو ته اهي قبيلا سنڌ ۾ لٽ ڦر ڪري خان آف قلات جي پرڳڻي ڏي ڀڄي وڃن ٿا. 1.1.1867: صوبائي گورنر سر بارٽل فريئر جيڪو اڳ سنڌ جو ڪمشنر به رهي چڪو هو, سو خاص سيٺ نائونمل هوتچند کي ھندستان جو وڏو سولين خطاب "اسٽار آف انڊيا" ڏيڻ لاء ڪراچئ آيو. هن تقريب لاء فريئر هال کي ڪنوار وانگر سينگاريو ويو هو. گورنر پنهنجي تقرير ۾ نائونمل جي انگريز-دوستئ جي واکاڻ ڪندي چيو ته نائونمل سنڌ ۾ اسان جي حڪومت قائم ڪرائڻ ۾ مثالي مدد ڪئي ۽ ابتدائي ڏهاڙن ۾ هر خطري جي وقت حڪومت جي مدد ڪئي. 1.1.1891: اڄ ” دي بمبئي ڊسٽرڪٽ ميونسپل ائڪٽ آف 1884" ڪراچئ سان لاڳو ڪري, ڪراچي ميونسپالٽئ جي جنرل باڊي جوڙي وئي. اها باڊي 32 ميمبرن تي ٻڌل ھئي, جنهن مان 16 چونڊيل ۽ 16 سرڪار طرفان ٿاڦيل/ايڪس آفيشو ميمبر هئا. 1.1.1905: مٺئ ۾ قائم ميونسپالٽئ کي ختم ڪيو ويو. 1.1.1921: ڪراچئ جي عيدگاه ميدان ۾ ”الوحيد" جي ايڊيٽر قاضي عبدالرحمان جي گرفتارئ تي غصي ۽ يڪجهتئ جي اظھار لاء مسلمانن جو وڏو جلسو ٿيو. هن موقعي تي سيٺ حاجي عبدالله هارون, شيخ عبدالمجيد سنڌئ ۽ شيخ عبدالعزيز زوردار تقريرون ڪري گرفتارئ واري عمل جي مذمت ڪئي ۽ قاضي عبدالرحمان کي مبارڪون ڏنيون. 1.1.1922: ميهڙ ۾ ”جميعت العلماء سنڌ" جي شاخ کولي, مولوي محمد اڪمل کي صدر, مولوي الله بخش کي نائب صدر, مولوي عبدالوهاب کي سيڪريٽري ۽ مولوي عبدالڪريم کي جوائنٽ سيڪريٽري بڻايو ويو. 1.1.1926: ڪراچئ جي ڊي.جي.ڪاليج ۾ ”بزم مشاعره" طرفان مشاعرو ٿيو, جنهن لاء طرح ھئي: "دل گهريو زاهد ٿيان, پر مون کان مستوري نه ٿي." ڪالھ ۽ اڄ ۾ ڪيڏو نه فرق آھي ! هاڻي ته اتي ڪو سنڌي مشاعرو ڪرائي ڏيکاري. 1.1.1931: ڪراچئ ۾ سردار ولڀ ڀائي پٽيل جي صدارت ۾ آل انڊيا ڪانگريس ڪمٽئ جي گڏجاڻي ٿي. ان ۾ نئين ورڪنگ ڪميٽي جوڙي وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ڪانگريس جون شاخون جون جي اڌ تائين پنهنجا نوان عهديدار چونڊن. 1.1.1931: رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس جي "سنڌ سب ڪميٽئ" پنهنجي رپورٽ ۾ گول ميز ڪانفرنس کي سفارش ڪئي ته سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪيو وڃي. 1.1.1937: سنڌ اسيمبلئ جي چونڊن جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا. جن مطابق سنڌ اتحاد پارٽئ 18, سنڌ هندو سڀا 11, ڪانگريس 8, مسلم پوليٽيڪل پارٽئ 3, مزدورن 1 ۽ آزاد اميدوارن 19 سيٽون کٽيون. ان وقت سنڌ ۾ اڃا مسلم ليگ جو نالو به ڪونه هو. ان ڪري ان جا اميدوار به نه هئا. 1.1.1977: جسونت ڪما منسکاڻئ, رميش مهتا, وشنو ڀاٽيه ۽ مدن جماڻئ جي ڪوششن سان ممبئئ ۾ ”انواد سوسائٽي" قائم ڪئي وئي. هن سوسائٽئ ڪيترا ناٽڪ اسٽيج ڪيا. 1.1.1979: کمچند لکياڻئ ۽ جڳديش لکياڻئ جي ڪوششن سان نڙياد ۾ ”تر مورتي ڪلا مندر" جي نالي سان ناٽڪ منڊلي قائم ڪئي وئي, جنهن طرفان ڪيترا ناٽڪ اسٽيج ڪيا ويا. 1.1.2003: قمبر جي نئشنل پريس ڪلب ۾ ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اڪيڊمي" پاران نئين سال جو پروگرام ٿيو. صدارت محمد مٺل کوسي ڪئي. جڏهن ته امان الله چانڊيو اعزازي مهمان ۽ محمد ايوب ٻرڙو خاص مهمان ٿيا. عبدالهاد چانڊيئي, قمرالدين قمر, آتش سنڌي, سعيد سومري, خادم رند ۽ عبدالخالق ميڻي پنهنجا ويچار ونڊيا. 1.1.1949: ڪشمير ۾ جنگ بند ٿي. پوء باقي اڄ ڏينھن تائين زباني ڪلامي يلغريون ٿينديون رهن ٿيون. 1.1.1955: بلوچستان رياست اولھ پاڪستان ون يونٽ نظام ۾ شامل ٿيڻ لاء لکي ڏنو. 1.1.1959: اويڪيو پراپرٽئ تي ڪوڙن ڪليمن جي هڪ نئين تاريخ رقم ٿي. 3619 ڪوڙا ڪليم رد ڪيا ويا ۽ سرڪار وڌيڪ 2123 ڪليم واپس ڪرايا. 1.1.1961: پاڪستان ۾ سڪن جو ڊيسيمل سرشتو شروع ڪيو ويو. ٽڪن ۽ آنن جي بادشاهي ختم ٿي ۽ پئسن جو رواج پيو. 1.1.1965: پاڪستان ۾ ڏاڍ ۽ ڌانڌلئ جي زور تي صدارتي چونڊون ٿيون. صدر ايوب 49647 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ۽ فاطمه جناح لاء چيو ويو ته هن 28343 ووٽ کنيان. 1.1.1976: بلوچستان اسيمبلي مهمل ڪري صوبي سان وفاقي رول لڳايو ويو. *************** {پهرين جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهورشخصيتون} [جنم ڏينهن:] 1 جنوري 1901ع شاعر عبدالڪريم گدائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 1 جنوري 1902 سياستدان قاضي فضل الله جي جنم جي تاريخ آھي 1 جنوري 1902ع شاعر قاضي احمد ابڙو حاجن جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1914ع سگهڙ محمد خان ڪٽوهر جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1914 صحافي وشنداس بٺيجا (نوشھرو ابڙا>اجمير) جي جنم جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1919ع شاعر ۽ تعليمدان ڊاڪٽر عطا محمد حامئ جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1921ع فريڊم فائيٽر عبدالغفور ڀرڳڙي جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1921ع لاڙڪاڻي جي اسڪالر محمود شاهه بخاري جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1922ع مفتي محمد صالح ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1924ع شاعر مولا بخش ساگر جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1924ع ڪوٽڏجي جي مير عطا حسين ٽالپر جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1925ع جيڪب آباد جي صحافي ۽ فريڊم فائيٽر رسول بخش شيخ جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1925ع ليکڪ پروفيسر اڪرم انصارئ جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1925 سياستدان ڊاڪٽر اشرف عباسئ جي جنم جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1934 اديب ڀڳوان ٽلواڻي (شھدادپور > اجمير) جي جنم جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1934ع شاعر گل حسن گوپانگ شاد جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1934ع سياستدان مولانا جان محمد عباسي جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1934ع سياستدان ۽ سنڌ جي اڳوڻي وزير اعلى سيد غوث علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1935ع بدين جي محمد سومار شيخ جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1935ع پيرڳوٺ جي شاعر منير سولنگي جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1937ع تعليمدان، عالم ۽ اديب حبيب الله صديقي پاٽائيجو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1940ع عالم ۽ اديب امام بخش شمس جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1942ع سياستدان علي نواز شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1944ع سياستدان ظفر الله خان جمالئ جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1949ع فنڪاراستاد انور علي سانگئ جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1949ع سياستدان ارباب حاجي عبد الله جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1950ع سياستدان عبدالسلام ٿهيم جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1951ع باليووڊ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ملڪ آگاڻئ جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1953ع تعليمدان ڊاڪٽر سيد انور علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1953 ڳڙھي ياسين جي سماجي ڪارڪن رحيم بخش ڀٽي جي جنم جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1953 خيرپور جي شاعر فيض عباس دلشاد جي جنم جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1954ع ناليواري اسڪالر ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيوجو باڊهه ۾ جنم ٿيو. 1 جنوري 1957ع ڦلجي اسٽيشن سان تعلق رکندڙ شاعر، ليکڪ،صحافي ۽ سماجي ڪارڪن ڊاڪٽر قربان علي جهتيال جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1958ع سياستدان ارباب عطاء الله جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1959 هالا جي شاعر حاتم مگسئ جي جنم جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1960ع صحافي، ليکڪ ۽ ترقي پسند شبير لاشاري جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1960 لاڙڪاڻي جي شاعر ڪامل امداد جتوئئ جي جنم جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1960ع سماجي ورڪر ۽ سگا جي سرگرم ميمبر اسماعيل پنهور جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1961 ٺل جي صحافئ عبدالڪريم مغل جي ڄمڻ جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1962 جهڏي جي شاعر موسا ڏيٿي جي جنم جي تاريخ آھي. 1جنوري 1963 لاڙڪاڻي جي شاعر ارشاد آدش شيخ جي جنم جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1965 نوشھري جي شاعر ارباب ملاح جي ڄم جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1965 شاعر الهورايو وڌيل جي جنم جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1965ع ليکڪ انور ابڙي جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1965ع اداڪار اسماعيل چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري گهوٽڪئ جي شاعر اياز لطيف دايئي جي ڄمڻ جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1966 گسٽا ليڊر منظور مهر جي جنم جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1968 دولتپور جي شاعر محمد خان مسافر جي جنم جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1971ع راڳي الطاف سمون جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1971 فقير لغارئ جي قومي ڪارڪن اشفاق لغارئ جي ڄم جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1972 ع گڏيجئ جي اديب مختيار چني جي ڄمڻ جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1972ع ڪمپيوٽنگ ۽ سنڌي فونٽس جو ڪم ڪندڙ شبير ڪنڀار جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1973 شاعر امان الله ڦل جي جنم جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1974ع سياستدان امداد علي پتافئ جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1974 شڪارپور جي شاعر محمد پنهل سلمان جي جنم جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1974 شاعر ابراهيم کوسي جي جنم جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1975ع ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر بلوچ صحبت جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1975ع شاعر، ليکڪ ۽ سماجي ورڪر منظور اڄڻ جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1976ع سياستدان پير احمد رضا شاهه جيلاني(راڻيپور) جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1976 بهرام جي اديب درخان ببجاراڻئ جي جنم جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1977 اديب پرويز شمس ڪلوڙ جي جنم جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1978 خيرپور جي صحافئ ۽ شاعر خادم ڪلهوڙي جي جنم جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1978 رتيديري جي شاعر ملهار سنڌئ جي جنم جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1979ع شاعر الطاف حسين خواجا جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1979ع شاعره عائشه ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1979 شاعر ڊاڪٽر منير جي جنم جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1980 ع عاجز ميرواهئ جي جنم جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1983 مقيم ڏاهرئ جي شاعر خالد ساحل ڪيريي جي جنم جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1983 پير بخش سولنگئ جي شاعر جمشيد سولنگئ جي جنم جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1986ع گلوڪاره ممتاز ڪنول جو جنم ڏينهن آهي. 1 جنوري 1988 شھداد ڪوٽ جي شاعر بابر جاگيراڻئ جي جنم جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1990 رسالدار جي شاعر اداسي جکراڻئ جي جنم جي تاريخ آھي. 1 جنوري 1991 شڪارپور جي شاعر نياز چني جي جنم جي تاريخ آھي. [وڇوڙو:] 1 جنوري 1901ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالله مري جي وفات ٿي. 1 جنوري 1964ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ مولانا الاهي بخش اعواڻ لاڏاڻو ڪري ويو. 1 جنوري 1967ع ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ شاعر مولانا احمد علي مجذوب لاڏاڻو ڪري ويو. گروهڙئ جون پيشن گويون هن جون لکيل آھن. انھن جو خالق شاعر هي آھي. 1 جنوري 1981ع شاعر مرزا علي محمد بيگ مظفر جي وفات ٿي. 1 جنوري 1983ع پهرين هندستاني سنڌي فلم ايڪتا جي هيرو رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ماتلي واري جي وفات ٿي. 1 جنوري 2019ع ترقي پسند اديب ۽ سياستدان ظفر اڄڻ وڇڙي ويو. 1.GOOD DAY WISH: Dr.Pathan wishes you Good Day. [People having vision & wisdom of accepting & respecting, loving & serving others without discrimination are in trouble in our society. Dear! Let us restore their status along with importance of their sincerity & sacrifices] برہ بخشي جن کي، بي خوابي ۽ بي تابي، سي ئي تنھنجئ سونھن سان، بٹیا ثوابي، سندن سوچن لوچن ۾، رھي نہ ڪا خرابي، ھر پل عتابي، تان جو سرت سان سلام چون. *************** EVENTS 1867: In beautifully decorated and overflowing Frere Hall of Karachi, Sir Bartle Frere the Governor of Bombay presents the insignia and grant of the Dignity of Companion of the Most Exalted Order of the Star of India to Seth Naoomal Hotchand. The Governor in his speech says:” You had great influence amongst your countrymen; you possessed information drawn from every part of Northern and Western India; and you placed all unreservedly at the disposal of the Government”. 1891: The General Body of Karachi Municipality is constituted consisting of 32 members. 16 are elected and 16 are ex-offico and nominated members. Non-Muslim members are Udharam Moolchand, Hotchand Khoshhaldas, Alumal Trikamdas; Shewaram Ramrakhiomal; Doulatram Jethmal; Gidumal Lekhraj; Harchandrai Vishindas; Tahilram Khemchand. Whereas Sahijram Gangadhar and Shewakram Awatrai are nominated. 1905: The Municipality at Mithi is abolished. 1921: A big public meeting is held at Eidgah Maidan of Karachi to pay homage to Qazi Abdul Rahman. Editor of Daily ‘Al-Waheed’ who was arrested for contributing editorial and condemning Government policies. Haji Abdullah Haroon and Shaikh Abdul Majid Sindhi addressed on the occasion. 1922: The branch of ‘Sindh Jamiat-ul-Ulema’ is opened at Mehar and Moulvi Muhammad Akmal, Moulvi Allah Bux; Moulvi Abdul Wahab and Moulvi Abdul Karim are elected as President, Vice President; Secretary and Joint Secretary respectively. 1931: In a meeting of the All-India Congress Committee held at Karachi with Sardar Valib Bhai in chair new Working Committee is selected and it is decided to complete the process of party branches election on or before 15th June. 1931: The Sindh Sub-Committee of the Round Table Conference gives its report and recommends that Sindh should be a separate Province. 1937: Results of first ever election for Sindh Legislative Assembly are announced. Party position stands as under: Sindh Ithad Party (18), Sindh Hindu Sabha (11), Congress (08), Muslim Political Party (03), Labour (01) and Independents (19)

Friday 30 December 2022

Sindh in history today (31st December). By.Dr.Pathan

Good wish & Sindh history [ 31st December] ************* ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ اڄ سال جي آخري تاريخ آھي. آئون سڄو سال اوهان جي حاضري ڀريندو ۽ سنڌ جي تاريخ ٻڌائيندو رهيس. جيسيتائين سسئ ۾ ساه آھي, اها خدمت ۽ محبت جاري رهندي ۽ ان ۾ ڪا گهاري ڪانه پوندي. اڄ تاريخ مان 31 ڊسمبر جو ورق کڻي, ڪن اهم واقعن, ولادتن ۽ وفاتن بابت معلومات اوهان سان ونڊيان ٿو. *************** ڪجھ اهم واقعا *************** 31.12.1838: ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل اڄ پاٽينجر کي لکيو ته ميرن روين ۽ سنڌ جي ماڻھن جي انگريز دشمنئ کي ڌيان ۾ رکي فيصلو ڪيو ويو ته اسان جي فوج ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻھون جيئن خير سان سنڌ مان گذري افغانستان وڃن, انھن جي رستي روڪ کي روڪڻ کي ختم ڪرڻ لاء پاڻ کي "مددي فوج" سنڌ ۾ رکڻي پوندي ۽ ان لاء سنڌ جي مختلف هنڌن تي فوجي چوڪيون قائم ڪرڻيون پونديون. پر انھن جو خرچ ميرن کان وٺبو. گورنر جنرل پاٽينجر کي تاڪيد ڪري ٿو ته ميرن کان شاه شجاع لاء ڦوڙي وٺڻ ۾ دير نه ڪر ۽ ميرن کي سمجهاء ته هو جيڪا شاه شجاع جي مالي مدد ڪن ٿا, ان مان کين تڏهن وڏو فائدو ملندو, جڏهن هو بادشاه ٿيندو. ان وقت سندس ميرن لاء دل ٿڌي هوندي ۽ ميرن خلاف ڪو وڏو قدم نه کڻندو. 31.12.1920: نواب شاه ۾ مولوي حاجي عزيزالله جي صدارت هيٺ خلافت جو جلسو ٿيو. تقريرن ڪندڙ خلافتي ڪارڪنن خلاف ڪات ڪهاڙا کڻڻ تي فرنگي حڪومت جي دل تي مذمت ڪئي ۽ تحريڪ ۾ حصي وٺڻ تي جيل جي سزا ڪاٽيندڙن جي وطن دوستئ تي سندن واکاڻ ڪئي. سنڌ جا سوين ماڻھون انگريز حڪومت سان مهاڏو اٽڪائي آزادئ جي تحريڪ دوران جلين ۾ ويا. دين-ڀائي جيڪي پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوء ھتي لڏي آيا, ڇا انهن اهڙو رڪارڊ اوهان اڳيان پيش ڪيو آھي جنهن مان ثابت ٿئي ته هو يا هنن جا وڏا ڪڏهن جيل به ويا. 31.12.1921: انگريزن جي دور ۾ ڪراچئ ۽ حيدرآباد کان پوء سکر شهر ادبي ۽ صحافتي سرگرمين جو وڏو مرڪز رهيو. هتان کوڙ ساريون اخبارون به نڪتيون. اڄ سکر مان "سوراج“ نالي روزاني اخبار جاري ٿي. اخبار جو پهريون ايڊيٽر چوئٿرام وليڇا هو. هن کان پوء ڀوڄراج اجواڻي ان جو ايڊيٽر ٿيو. هئ اخبار ڪانگريس جو پاسو کڻندي هئي. 31.12.1930: ڪالھ کان ميهڙ ۾ خلافت جو ميڙاڪو ٿيو. هن يارهين سالياني جلسي جو اڄ آخري ڏينھن هو. ميهڙ ھن وقت به ناميارن قلم ڌڻين جو شهر آھي. اهي ميهڙ ۾ خلافت تحريڪ تي وڏو ڪتاب لکي سگهن ٿا. يارهن ٻارهن سالن ۾ ميهڙ ۾ ساليانا جلسا ٿيا. اڄ ھنن مسئلن ۽ موضوعن تي ٺھراء پاس ڪيا ويا: 1). قاضي عارف ۾ مسجد جي صحن کي ڊاهڻ جي مذمت, 2). الجزائر جي مسلمانن سان همدردي, 3). تعلقي ۾ ٻوڏ ۽ ماڪڙ جي متآثر ٿيلن لاء سرڪار کي واهر ڪرڻ جي گهر. 31.12.1936: سنڌي مسلمان سياستدان عهدن تي پاڻ ۾ چڙي پيا. ان ڪري سر غلام حسين هدايت الله ۽ سندس سياسي ساٿي محمد ايوب کهڙو "سنڌ يونائيٽيڊ پارٽئ" کي ڇڏي اچي پنهنجي "سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي" ٺاهيائون. 31.12.1936: سکر ۾ ڀائي پرمانند جي صدارت هيٺ ”سنڌ هندو ڪانفرنس" ٿي. هن ڪانفرنس ۾ سنڌ کي صوبائي خودمختياري ملڻ کان پوء سنڌ ۾ ھندن جي سياسي ۽ سماجي حيثيت تي بحث ڪيو ويو ۽ ٺھراء پاس ڪيا ويا. 31.12.1971: ڀٽي اڄ ”پاڪستان ايٽامڪ انرجي ڪميشن" پنهنجي ذاتي چارج ۾ ورتي ته جيئن هو ملڪ لاء ائٽم بم ٺھرائي سگهي. 31.12.1972: نئين آئين جو مسودو قومي اسيمبلئ ۾ پيش ڪيو ويو. 31.12.1973: ڀٽي اڄ پپرئ ۾ ملڪ جي پهرين اسٽيل پلانٽ جو افتتاح ڪيو. 31.12.1985: جولاء 1977 ۾ ضياء الحق طرفان لڳايل مارشل لا کي لاٿو ويو. *************** {31 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 31 ڊسمبر 1892ع موسيقار آسر فقيرجو جنم ڏينهن آهي. 31 ڊسمبر 1914ع ٽنڊي الهيار سان تعلق رکندڙ ليکڪ گُل محمد شاهه رضوي جو جنم ڏينهن آهي. 31 ڊسمبر 1919 ع تي محقق عبدالڪريم سنديلي جي جنم جي تاريخ آھي. 31 ڊسمبر 1930ع گلوڪار داس موٽواڻي (ڪوٽڙي/بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 31 ڊسمبر 1943ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر خليفي صبغت الله سومري جو جنم ڏينهن آهي. 31 ڊسمبر 1950ع اداڪار راجڪمار جهامناڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 31 ڊسمبر 1958ع وڪيل ۽ وزير اياز سومروجو جنم ڏينهن آهي. 31 ڊسمبر 1967ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ صحافي سيد معظم بخاري جي پيدائش ٿي.[وڇوڙو:] 31 ڊسمبر 1944ع شاعر، فريڊم فائيٽر ۽ صحافي ابو شوڪت حمزه جي وفات ٿي. 31 ڊسمبر 1985ع تعليمدان پروفيسر اڪرم انصاري لاڏاڻو ڪري ويو. 31 ڊسمبر 1993ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالحئي گهوٽو انتقال ڪري ويو. 31 ڊسمبر 2008ع اداڪار سهراب مشوري ڪينسر وگهي لاڏاڻو ڪري ويو. Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* 1. Good Wish: Dr.Pathan wishes you Good Day. [People having vision & wisdom of accepting & respecting, loving & serving others without discrimination are in trouble in our society. Dear! Play your role. Teach us how to face and discourage ego, hatred & discrimination. How to respect sincerity. Why to accept sacrifices and how to promote peace, love and beauty? Dear! Believe that you are beauty and love. Let the people accept you and understand your vision & wisdom ] تننهنجي برہ بخشي جنهن کي نوابي، ملي تنهن کي تو بن خوابي بي تابي، سو تنھنجئ سونھن سبب بٹیو ثوابي، تنهنجي نينهن ڪيس اکيون عقابي, سندن سوچن لوچن ۾ اچي نہ خرابي، پر ڪفر جا عادي, پري سندء پيار کان. 2. Events from Sindh (including Pakistan) 1916: Prem Mandli of Karachi celebrates its 2nd Annual Day. This NGO was formed by Hindus that rendered valuable social services for years and for creating social awareness arranged so many lecture programs. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1920: In a public meeting held at Nawabshah with Moulvi Haji Azizullah in chair pays regard to Khilafat Leaders of Sindh for their sacrifices made in political field. The meeting was arranged by the local branch of Khilafat Committee to condemn Government policy regarding Turkey, Islam and masses. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1930: It is the second day of the 11th Annual Khilafat Conference held at Mehar. Today, handsome number of resolutions is passed on very important subjects such as deteriorating situation of economy, critical situation of flood-affettees, ever increasing land and Agricultural tax and damaging of Mosques in Sindh, particularly of Qazi Arif village Mosque. (Source: Ibid). 1936: Two important political events took place today those indicate ‘politics of divided Thome and hearts’. The first event pertained to Muslim Politics encircled with serious differences and division on minor issues. Sir Ghulam Hussain Hidayatullah and Khan Bahadur Muhammad Ayub Khuhro are not given share of leadership in the Sindh United Party as desired by them. Hence, they left the meeting to form their own political party namely Sindh Muslim Political Party. Another event took place at Sukkur, where ‘Sindh Hindu Conference’ is held under the presidency of Bhai Parmanand in which political situation and development after the separation of Sindh from Bombay Presidency is reviewed and new line of action is discussed. This event misguided Hindus to create separate camp in the Sindh politics. 1955: The Soviet leaders during their recent visit to India did everything to increase dissension and fan the flames of tension and bitterness between India and Pakistan, says the Foreign Minister, Hamid-ul-Haq Choudhri. (Source; Newspapers). 1973: Prime Minister Z.A,Bhutto lays the foundation stone of the country’s first Steel Plant at Pipri (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1985: Zia-Martial law imposed in 1977 goes, amended Constitution is revived. (Source: Newspaper

Thursday 29 December 2022

Sindh in history today (30th December). By. Dr.Pathan

Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 30 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن توڙي پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 30.12.1842: فرنگي جاسوس خيرپور بابت رپورٽ ۾ لکي ٿو ته مير نصير خان خيرپوري, مير محمد حسين جو پٽ مير امام بخش, مير رستم خان جو پٽ مير علي اڪبر, مير علي محمد خيرپور ڇڏي ٽڙي پکڙجي ويا آھن. مير عليمراد خيرپور ۾ مير رستم علي خان جي خاص ماڻھونء سليمان جوئر جا ڏيڍ سو خرار ۽ ڪڻڪ جا پنجاه خرار ضبط ڪري پنهنجي قبضي ۾ ورتا آھن.ان کان سواء ھو مير علي اڪبر جي توشي خاني مان وڳا, سون, تلوارون ۽ بندوقون به کڻي ويو آھي. ان کان سواء ھن مير محمد خان جي قلعي مان سون, چاندي ۽ ان کڻائي ورتو آھي. مطلب ته ميرن جي ڀاڄ مان مير علي مراد پنهنجو خزانو ڀري ورتو آهي. 30.12.1847: شڪارپور جو ڪليڪٽر سنڌ سرڪار کي مراسلو موڪلي ٻڌائي ٿو ته گهڻو وقت اڳ سنڌ ڪئنال مان 15 فٽ ويڪرو "مقصود واه" ڪڍيو ويو هو, جيڪو ڳڙھي خيري ڀرسان گذري وڃي رڻ ۾ پوندو هو, اجازت هجي ته وري ان تي ڪم ڪرائجي 30.12.1885: ڪراچئ جي آڳاٽي علمي ۽ ادبي سوسائٽئ "ميڪس ڊينسو هال لٽرري سوائٽئ" جو اڄ سال جو آخري ليڪچر پروگرام ٿيو ۽ اي.اي.بال علم ادب تي پنهنجا ويچار ونڊيا. نومبر کان ڊسمبر تائين هن سوسائٽئ جملي 12 پروگرام ڪرايا. انھن مان 4 بيٺڪون ڪتابن جي اجتمائي مطالعي جون ٿيون ۽ باقي 8 ليڪچر ڪرايا ويا. هن سوسائٽئ جي گڏجاڻين اسان جي اڳاٽن اديبن به شرڪت ڪئي. 30.12.1941: تعلقي قمبر جي ڳوٺ گهٽھڙ ۾ پير الله ڏني شاه راشدئ جي صدارت ۾ اتان جي مسلم ليگ طرفان "پاڪستان ڊي" ملهايو ويو. *************** 30 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهورشخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 30 ڊسمبر 1884ع مذهبي اسڪالر مولانا مولانا عبدالڪريم مگسي جي پيدائش ٿي. 30 ڊسمبر 1920ع شاعر، صحافي ۽ ليکڪ غلام محمد گرامئ جي ميهڙ ۾ پيدائش ٿي. 30 ڊسمبر 1939ع شاعر غلام سرور حاذق جو جنم ڏينهن آهي. 30 ڊسمبر 1942ع شاعر محمد بخش نياز جو جنم ڏينهن آهي. ************** وڇوڙو: ************** 30 ڊسمبر 1800ع بزرگ پير قائم الدين قلندر بڪيرائي جي وفات ٿي. 30 ڊسمبر 1965ع اسڪالر ۽ پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا جي ديهانت ٿي. 30 ڊسمبر 1969ع شاعر احمد خان گلزار جي وفات ٿي. 30 ڊسمبر 1988ع صحافي ۽ هاري اڳواڻ ڪامريڊ محمد يعقوب جتوئي جو انتقال ٿيو. 1. Good Wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ We are created as Human-beings, but some people are bent upon to convert us iinto angels. It has created differences and distance in hearts and minds and has disturbed peace. These people have no hearts, but business-oriented mind. They will offer prayers so as to get Paraside. They will only continue contact, connection and relation till their interests require it. They will commit crimes, but will not accept their faults & mistakes. On the contrary, they will declare you sinfull in the same cases. Dear! Human-nature is combination of contrasts: good & bad, right & wrong, deeds & misdeeds. We can't end and change human-nature but can mould it in the interests of society. Let us work on it and for it.] غير انسانئ کي چون انساني انسان کي چون ٿي فرشتو, مطلب کان سواء تون مون ۽ خدا سان ڪين رکن رشتو, اچ تہ بدلايون اهو سرشتو, سرت سونهن سچ سلام سان. 2. Events from Sindh (including Pakistan) 1844: The proposal of Sir Charles Napier to construct a bridge on Indus for Military pueposes is approved by the Government of Idia. 1962: Direct dialling Telephone system between Karachi and Hyderabad is introduced. 1968: Three person are killed in Dhaka. Bhashani announces bycott of all elections and asks other political parties to take same decision. 1971: Z.A.Bhutto offers to enter into talks with India. Makes final warning to 22 families to bring back foreign exchange deposits from abroad. 1977: Wali Khan meets Zia-ul-Haq, demands general amenesty for Balochistan and relief for those who were vicitmised by Bhutto Government. 1985: Martial Law imposed by Zia-ul-Haq is lifted. Makhdoom Sajjad Hussain, Jahandad Khan, Abdul Ghafoor Hoti and Muhammad Moosa are appointed Governors for Punjab, Sindh, NWFP and Balochistan. Sindh and Balochistan got retired Military men as their Governors.

Wednesday 28 December 2022

Sindh in history today (29th December). By.Dr.Pathan

Good wish & Sindh history [ 29th December] ************* Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 29 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن توڙي پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 29.12.1842: نيپيئر , جيڪو هن وقت خيرپور جي ويجهو آھي, سو مراسلو موڪلي پنهنجي گورنر جنرل کي پريشانيون ٻڌائي ٿو ته ميرن جي روين ڳاري لاٿو آھي. اسان کي شڪارپور جي ڏيهي ٺيڪيدار هڪ هزار اٺ وٺي ڏيڻ جو وعدو ڪيو هو, پر اڳو اڍائي سو اٺ ڏئي سگهيو آھي, ڇوته ميرن مخفي حڪمنانا جاري ڪري ۽ جتي ڪٿي ماڻھو موڪلي ٺيڪيدارن ۽ واپارين کي سختئ سان منع ڪئي آھي ته انگريزن کي ڪا شئ وڪرو نه ڪيو. مون مير علي مراد سان ملي سگهيو آھيان, پر مير رستم علي خان مون سان ملڻ کان لنوائي ٿو. هن کي اهو شڪ ٿيو هوندو ته مان کيس گرفتار ڪندس. يا مير علي مراد پنهنجي ڀاء جي دل مون سان نه ملڻ جو خيال پيدا ڪيو هوندو. آئون في الحال امام ڳڙھ نه ٿو وڃان, ڇو ته ٽن طرفان دشمن/مير آھن. ان ڪري آئون لالو طرف وڃان ٿو, جيڪو برپٽ ۾ آھي. 29.12.1842: فيروزپور مان گورنر جنرل اڄ نيپيئر کي لکي ٿو ته حيدرآبادي ميرن تنھنجو رويو مناسب آھي. ان کان سواء ڪم نه هلندو. جيڪڏهن مير صوبدار کي تخت ڌڻي ڪجي ته اسان جون اٺئي آڱريون گيه ۾ ھونديون. هو اسان جي اثر ۽ تعبيدارئ کان پري نه ويندو. 29.12.1849: خان آف قلات سنڌ سرڪار کان اجازت گهري ته بيگاري واه مان ڪئنال کوٽي روجهاڻ جي علائقي واري زمين ان جي پاڻئ تي آباد ڪجي. سنڌ سرڪار سندس اهو عرض ڪونه قبوليو ڇو ته هن جو موقوف هو ته سنڌ جو پاڻي سنڌ ئي ڪم آڻي ۽ ان تي ڪنھن ٻئي جو حق ڪونهي. 29.12.1920: تعلقي بدين جي ڳوٺ مولوي مبارڪ ۾ اتان جي مقامي "خلافت ڪميٽئ" طرفان عوامي جلسو ٿيو, جنهن ۾ ”ترڪ موالات" جي حمايت ۾ ۽ انگريز سرڪار جي اسلام خواه عوام دشمنئ جي مذمت ڪئي وئي. هي عوامي ميڙاڪو سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ انھئ ڪري اهميت رکي ٿو ته ميڙاڪي متفق طور اعلان ڪيو ته اسان انھن مرشدن جي مريدي ڇڏي ڏينداسين, جن هن تحريڪ دوران حڪومت جو ساٿ ڏنو ۽ مدد ڪئي. 29.12.1921: ٿرپارڪر جي ديني عالمن جي گڏجاڻي ٿي ۽ ان ۾ مقامي "جمعيت العلماء “ قائم ڪري, پير محمد اسماعيل جان سرهندئ کي صدر, حافظ محمد بچل کي نائب صدر, مولوي محمد صالح ۽ مولوي محمد ابراهيم کي سيڪريٽري ۽ پير بخش خاصخيلئ کي خزانچي مقرر ڪيو ويو. 29.12.1941: سنڌ تحريڪ آزادئ ۽ تحريڪ پاڪستان ۾ بي مثال حصو ورتو. اڄ عيد جو ڏينھن آھي ۽ ماڻھن آزادئ ۽ پاڪستان حاصل ڪرڻ لاء عيد جون خوشيون به قربان ڪيون ۽ ميڙاڪا ڪري مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان "پاڪستان جو ڏينهن" ملهايو. اهو ڏينھن سنڌ جي ڪيترن ڳوٺن ۽ شھرن ۾ ملهايو ويو. گچيرو ۾ انھئ ميڙاڪي جي صدارت تاج محمد ٻگهيئي ۽ مٺياڻئ ۾ صدارت مولوي محمد حسين ڪئي هئي. 29.12.1947: چوڌري ظفرالله کي پاڪستان سرڪار ۾ پرڏيهي وزير طور شامل ڪيو ويو. هو مذھبي حوالي سان قادياني هو ۽ تحريڪ پاڪستان دوران تحريڪ جي قيادت قاديانين جي مذھبي پيشوا کان به تعاون گهريو هو. 29.12.1951: پاڪستان جي گورنر جنرل غلام محمد اڄ سنڌ اسيمبلي ٽوڙي ۽ سنڌ حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو. 29.12.1956: لاهور ۾ ”اردو اڪيڊمي" جو افتتاح ٿيو. 29.12.1968: شروعات ۾ اصغر خان ذوالفقار علي ڀٽي جو مداح ۽ عاشق هو. پوء جڏهن ڀٽو اقتدار ۾ آيو ۽ هن کي گاه نه وڌائين ته سندس دشمن ٿي پيو. اڄ ساهيوال جيل ۾ اصغر خان وڃي ڀٽي سان مليو ۽ پنهنجي ڀرپور سهڪار جو کيس يقين ڏنائين. 29.12.1979: افغانستان ۾ انقلاب آيو ۽ اها تبديلي پاڪستان جي حڪمرانن کي پسند ڪانه آئي. 29.12.1994: ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين سنڌ سرڪار کي ڌمڪي ڏني ته اسان جي ڪارڪنن کي تنگ نه ڪيو, ورنه حڪومت کي ڀرپور جوابي موٽ ڏبي. 29.12.1995: ڪراچئ جي وڳوڙن ۾ ٻارنھن بيگناه انسان اجل جو شڪار ٿيا. *************** 29 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهورشخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 29 ڊسمبر 1932ع اردو جي نامياري شاعر محسن ڀوپالي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 ڊسمبر 1934ع لوڪ گلوڪاره جيجي زرينه بلوچ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 ڊسمبر 1942ع باليووڊ اداڪار راجيش کناجو جنم ڏينهن آهي. 29 ڊسمبر 1948ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙليکڪ هدايت الله ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 29 ڊسمبر 1961ع صحافي محمد يعقوب لاکو جو جنم ڏينهن آهي. 29 ڊسمبر 1963ع ليکڪ معشوق لغاري جو جنم ڏينهن آهي. 29 ڊسمبر 1967ع راڌڻ سان تعلق رکندڙصحافي شهاب الدين جانوري جو جنم ڏينهن آهي. 29 ڊسمبر 1974ع باليووڊ اداڪاره ٽئنڪل کناجو جنم ڏينهن آهي. 29 ڊسمبر 1976ع اسپن بالنگ جي جادوگر ڪرڪيٽر ثقلين مشتاق جو جنم ڏينهن آهي *************** وڇوڙو: ************** 29 ڊسمبر 1862ع مذهبي اسڪالر مخدوم محمد ماڻڪ جي وفات ٿي. 29 ڊسمبر 1938ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ تاراچند شوڪيرام ديهانت ڪري ويو. 29 ڊسمبر 1938ع هالا سان تعلق رکندڙ شاعر پير ميان احمد علي صديقي لاڏاڻو ڪري ويو. 29 ڊسمبر 1969ع صوفي منش شخصيت ۽ صوفي ۽ ڀڳتي راڳي ڀڳت چنديرامجي ديهانت ٿي. 29 ڊسمبر 1971ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد ابراهيم لغاري جي وفات ٿي. 29 ڊسمبر 2002ع شاعر پيرل پرديسي سيتائي جي وفات ٿي. 29 ڊسمبر 2010ع فلم ڊائريڪٽر جاويد فاضلئ جو انتقال ٿيو. 29 ڊسمبر 2011ع ايم آر ڊي تحريڪ جي سرگرم رڪن امير علي ايري وفات ڪري ويو 1. Good Wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Dear! Be, what you are. Don't behave beyond your position. We all are equal and none of us is Mighty or Super-natural. Everybody deserves treatment at par with us. Whoever will follow self-oriented strategy, will be problem for all, including himself /herself. Dear! Be, what you are. You are love & beauty, vision & wisdom and peace. Promote it, share it and deserve it.] جڏھن ماڻهون دنيا کان ۽ پاڻ کان وڏو ٿيندو آ, پوء ماڻھپي کان صفا نڪري سو جڏو ٿيندو آ, انا پرست جو سدائين سڀ سان ڦڏو ٿيندو آ, اندر ڄڻ تڏو ٿيندو آ, مئل دل محبت سلام جو 2. Events from Sindh (including Pakistan) 1838: Lieutenant White Lock is appointed as Assistant Resident in Sindh. 1849: Khan of Kelat requests Sindh for excavation of Kelat canal from Begari to the lands of Rojhan. Though, his petition is strongly recommended by Major Jacob, Political Superintendent, Upper Sindh, but it is declined by the Commissioner on the point that water for lands of Sindh cannot be shared with other state. 1920: A public meeting is held at Goth Moulvi Mubarak of Taluka Badin by the local branch of Sindh Khilafat. Very interesting things happen there. People speak also on occasion and condemned their Murshids (spiritual leaders) for joining hands with the Government and playing against the interest of Islam and country. 1921: Tharparkar Jamiat –ul- Ulema elects its office – bearers as follow: Pir Muhammad Ismail Jan Sarhandi (President), Hafiz Muhammad Bachal (Vice President); Moulvi Haji Abdul Khaliq rawatsri (Vice President); Moulvi Muhammad Ibrahim & Moulvi Muhammad Salih (Secretaries); Pir Bux Khaskheli (Treasurer). 1941: It is Zul Haj Eid today and branches of Sindh Muslim League on the call of the party observe Pakistan Day. Public meetings are held and processions are taken out. In Mithiani, the public meeting is addressed by Moulvi Muhammad Hussain and in Gachero the function is presided over by Taj Muhammad Bughio. 1947: Chaudhri Zafarullah, former member of Viceroy’s council is included as Minister for External relations and Common Wealth affairs. 1951: The Governor – General of Pakistan, Ghulam Muhammad imposes Governor’s rule in Sindh, Sindh Legislative Assembly is dissolved. Sindh’s crime was that the province was not ready to take and accept dictation on very serious issues. 1956: Urdu Academy is inaugurated in Lahore. 1968: Asghar Khan meets Z.A.Bhutto in Sahiwal jail and assures him extending his full cooperation in the movement launched against Ayub regime and for restoration of democracy in Pakistan. 1970: 23 – Nation Second Islamic Conference of Foreign Ministers ends in Karachi. Most important decisions taken are: making of plan to set up Islamic Bank, news agency & cultural centers. 1979: Pakistan reacts on Afghanistan coup and terms it as violation of peaceful co – existence. 1985: Mir Murtaza Bhutto is convicted and charged with anti – state activities. 1994: MQM Chief Altaf Hussain warns government and demands to stop killings and arrests in Karachi. 1995: Twelve people die in Karachi violence.

Tuesday 27 December 2022

Sindh in history today (28th December). By.Dr.Pathan

Good wish & Sindh history [ 28th December] ************* Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن سان گڏ تاريخ مان 28 ڊسمبر جو ورق کڻي ڪي واقعا ۽ ولادتن وفاتن جون تاريخون اوهان کي ٻڌائڻ لاء حاضر ٿيو آھيان . تاريخ ڌرتئ جو آواز ٿيندي آھي. اهو آواز اسان کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ گهرجي. جيڪڏهن تاريخ جو آواز اسان ٻڌي نه ٿا سگهون ته پوء ڪن اسان جي ڪهڙي ڪم جا. پوء ته ٻيا ماڻھون اسان جي ذھنن ۾ اهڙو زهر ڀريندا جو اسان کي ئي ذھني, فڪري ۽ نظرياتي طور ماري وجهندو. پوء اسان وڏڙن جي دڳ تي هلڻ بدران غيرن جي راه وٺنداسين. *************** ڪي اهم واقعا *************** 28.12.1842: نيپيئر اڄ خيرپور مان پنهنجي گورنر جنرل کي مراسلو موڪلي پنهنجا حال احوال ڏنا ته; 1). هتي سخت بارش پئي ٿي ۽ اٺن تي ئي لڏ کڻڻي پئي ٿي. اٺ ترڪڻ ۾ ٻلئ پير هلن ٿا. ان ڪري حيدرآباد ڏانھن ڪوچ ڪرڻ وارو ڪم ڏکيو ٿي پيو آھي. 2). ٺيڪيدار کي هڪ هزار اٺ اسان کي ڏيڻا هئا. هو فقط اڍائي سو خريد ڪري سگهيو آھي. ميرن ماڻھن کي جهليو آھي ته انگريزن کي اٺ وڪرو نه ڪيو. 3). مير رستم علي هتان ڀڄي ويو آھي. کيس ڊپ هو ته مان کيس گرفتار ڪندس. هن کي ڊيڄارڻ ۾ مير علي مراد جو هٿ آھي. 28.12.1842: گورنر جنرل نيپيئر کي لکيو ته تو خيرپور ۾ مير علي مراد کي اڳتي آڻي حڪومت ڌڻي بڻائي ٻين ميرن کي پاڻ ۽ هن کان سيکت ڏيارڻ جو بهتر ڪم ڪيو. پر اهو تجربو حيدرآباد ۾ نه ٿو ڪري سگهجي. تنھنجو خيال آھي ته مير صوبدار کي تخت ڌڻي بڻائي, هن جي مدد سان ٻين ميرن کي مات ڏيون. اهو غلط آھي. حيدرآباد ۾ ڪنهن کي ڪرسئ تي ويهارڻ بدران اتي ميرن ۾ باهمي اختلاف وڌائي بهتر نتيجا وٺي سگهجن ٿا. 28.12.1849: ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته سيٺ نائونمل هوتچند انگريزن سان وفاداري ڪئي ۽ ڏکئي وقت ۾ مدد ڪري سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت قائم ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن کي ڪاردار مقرر ڪيو ويو هو, پر نيپيئر ساڻس ناانصافي ڪئي, هن کي تڪليفون ڏنيون ۽ نوڪرئ مان ڪڍيو. اوهان هن لاء ڪا مناسب نوڪري ڏسي ٻڌايو ته هن کي ڏجي. اسان نائونمل کي هڪ هزار بيگا زمين تا حيات جاگير ڏني آھي ۽ اوهان انھئ جي آب پاشئ جو اهتمام ڪريو. 28.12.1855: سنڌ جي ڪمشنر صوبائي حڪومت کي گذارش ڪئي ته سرڪاري "بئنڪ آف بامبي" جي برانچ سنڌ جي گادئ واري شھر ۾ قائم ڪئي وڃي. 28.12.1885: اڄ آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي ٺاهي وئي. هن پارٽئ جي انھي گڏجاڻئ ۾ سنڌي به شامل هئا. جنهن جو اهو مطلب ٿيو ته گڏيل هندستان جي وڏي سياسي پارٽي ٺاهڻ ۾ سنڌين جو به هٿ هو. پر ياد رکڻ جي ڳاله اها آھي ته هئ پارٽي اڄ 1885 ۾ ٺھي. سنڌ ۾ 1882 ۾ سنڌ سڀا نالي پارٽي ٺھي, جنهن سياسي ۽ سماجي خدمتون سرانجام ڏنيون. 28.12.1921: هي اهو دور آھي جڏهن خلافت تحريڪ عوامي تحريڪ جو روپ وٺي چڪي هئي. انھئ دوران سنڌ ۾ جميعت العلماء پارٽي به پير پختا ڪرڻ لڳي. ٻنھي پارٽين ۾ فرق هئ هو ته خلافت ۾ عوام شامل هو ۽ ان لاء ڪا مذھبي سند يا سرٽيفيڪيٽ جي ضرورت ڪانه هئي. پر جمعيت العلماء ۾ فقط ديني عالم ۽ حافظ ميمبر يا عهديدار ٿي پئي سگهيا. اڄ ٿرپارڪر جي عالمن جي گڏجاڻي ٿي, جيڪا ٻه ڏينھن هلي ۽ ان ۾ ٿرپارڪر لاء جميعت العلماء سنڌ جي شاخ کولي وئي, جنھن جا تفصيل سڀاڻي ڏينداسين. 28.12.1934: ڪانگريسڻ مائي سروجنو نئڊو هندو-مسلم اتحاد لاء وڏو ڪم ڪيو ۽ انھئ ڪري نالو به وڏو ڪمايائين. هن جي زندگئ جي احوال تي سنڌئ ۾ به ڪتاب لکيو ۽ ڇپيو ويو. هئ مائي اڄ سنڌ جي دوري تي آئي ۽ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن کيس دعوت ڏني. هن کي جيڪو سپاس نامو ڏنو ويو ۽ هن جيڪا انھئ موقعي تي تقرير ڪئي, اها گل حيات ۾ موجود آھي. 28.12.1952: پاڪستان اهو واحد ملڪ آھي, جنهن پنهنجي آئين ٺاهڻ ۾ وڏي دير لڳائي. حڪومت جيڪو آئين جو مسودو ٺاهي سياستدانن کي ڏنو, اڄ ان کي سمورن ساستدانن رد ڪيو. 28.12.1953: پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ اڄ ڪراچئ ۾ ھڪ معاهدو ٿيو, جنهن مطابق آمريڪا پاڪستان کي ٻاويه ملين ڊالرن جي اقتصادي امداد ڏيندو. 1947 کان اڄوڪي ڏينھن تائين پاڪستان کي جيڪا مختلف ملڪن/ادارن طرفان جيڪا امداد ملي يا قرض مليا, انهن جا تفصيل ته مون گڏ ڪيا آھن, پر اها کوج اقتصادي ماهرن کي ڪرڻي آھي ته انھئ مان سنڌ کي ڪيترو مليو. آھي ڪو سنڌ جو سپوت جيڪو اها کوج لڳائي. 28.12.1962: اڄ صدر ايوب حيدرآباد ۾ نئين براڊڪاسٽنگ هائوس جو افتتاح ڪيو. 28.12.1968: پيپلز پارٽئ اعلان ڪيو ته ايندڙ صدارتي چونڊن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صدارتي اميدوار ٿيندو. انهئ اعلان ڪيترا سياستدان ڪاوڙائي وڌا. انھن جو چوڻ هو ته صدر ايوب کي صدارتي چونڊن ۾ حصي وٺڻ جو موقعو ڏيڻو ناهي. *************** { 28 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجه شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 28 ڊسمبر 1888ع سماج سڌارڪ روگهومل موٽواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 28 ڊسمبر 1901ع فريڊم فائيٽر ٽلو مل نارائڻ داس جو جنم ڏينهن آهي. 28 ڊسمبر 1928ع ٽنڊي ڄام سان تعلق رکندڙ اسڪالر ڊاڪٽر خالد ٽالپر جو جنم ڏينهن آهي. 28 ڊسمبر 1936 ڪراچئ جي شاعر سائل آزاد جو جنم ٿيو. 28 ڊسمبر 1969ع پير آف هالاڻي پير وسيم شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 28 ڊسمبر 1986ع سيوهڻ سان تعلق رکندڙ ليکڪ ماجدي سنڌي جو جنم ڏينهن آهي. 28 ڊسمبر 1972ع ليکڪ ۽ سماجي ورڪر رفيق جوکيو جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 28 ڊسمبر 1997ع عظيم شاعر شيخ ايازجو انتقال ٿيو. 1. Good Wish: Dr.Pathan wishes you Good Day. [Countless stars are taking birth daily in sky. My star is missing else where. It is neither visible on the earth, nor beyond the paradise! Why it seems that either Star has not taken birth, or I am star and hunting for myself? ] سوین سرجن پولار ۾، هر پل تارا سیارا، ڪٿي وڃي گم ٿیا، ھو تو ۽ مون وارا؟ تو جیئن اچي نہ اڀرن، آیا اونھارا سیارا، سليان سور سارا، سرت ۽ سلام سان. 2. Events from Sindh (including Pakistan) 1849: Seth Naomal Hotchand, who played key role in helping East India Company Government to occupy Sindh, was appointed Head Kardar of Karachi but, Charles Napier gave him tough time and removed him from the service. Seth Naomal made so many appeals and today Bombay Government asks Sindh Commissioner to find out a suitable post for him and inform him that 1000 Bigas of land has been also granted to him. 1885: The Congress is founded by Indian and British members of the Theosophical Society movement, Scotsman, A.O. Hume.. It has been suggested that the idea was originally conceived in a private meeting of seventeen men after a Theosophical Convention held at Madras in December 1884. Hume took the initiative, and it was in March 1885 that the first notice was issued convening the first Indian National Union to meet in Poona the following December.[8] The Congress was founded in 1885, claiming that it had the objective of obtaining a greater share in government for educated Indians and to create a platform for civic and political dialogue of educated Indians with the British Raj. The Congress met once a year during December. The first meeting was held at Mumbai with the approval of Lord Dufferin, the then-Viceroy. Womesh Chandra Bonnerjee was the first President . The first session of the INC was held from 28–31 December 1885, and was attended by 72 delegates. (Source: Wikipedia). 1921: Jamiat-ul-Ulema Tharparkar is formed in the meeting of Muslim Religious Scholars and following are elected as its founder office-bearers: Pir Muhammad Ismail Jan Sarhandi [President], Hafiz Muhammad Bachal [Vice President]; Moulvi Haji Abdul Haq Rawatsri [2nd Vice President]; Moulvi Muhammad Salih & Moulvi Muhammad Ibrahim [Both Secretaries] and Pir Bux Khaskheli [Treasurer]. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1934: Sarojni Naido is on Sindh tour. Today, Karachi Municipal Corporation invite her and on this occasion an Address is presented to her. (Source: The Daily Sindh Gazette, Karachi). 1962: New Broadcasting House at Hyderabad starts working. (Source: Newspapers).

Monday 26 December 2022

Sindh in history today (27th December). By.Dr.Pathan

Good wish & Sindh history [ 27th December] ************* Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* اڪٽر در محمد پٺاڻ دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن جا جهول ڀري 27 ڊسمبر سان لاڳاپيل واقعن, وفاتن ۽ ولادتن جي معلومات کڻي اوهان جي حضور ۾ حاضر ٿيو آھيان. پنهنجي تاريخ پڙهو ۽ ٻڌو. دل چئي ته سنگتين ۾ ورهايو. *************** 27.12.1842: فرنگي جاسوس کاتي 21 کان 27 ڊسمبر بابت پنهنجي ايمڪارئ جي رپورٽ ھن ريت لکي آهي: 21 ڊسمبر تي نيپيئر سکر ڇڏي روهڙئ فوجي ڪئمپ ۾ پهتو. 22 تاريخ نيپيئر خيرپور وڃي مير علي مراد خان جي وڏي پٽ مير شاهنواز سان ملي موٽي آيو. 23 تاريخ تي حيدرآباد جي مير شھداد خان جا وڪيل قاضي عبدالڪريم ۽ منشي موٽورام نيپيئر سان مليا. 25 تاريخ تي فوج جي هڪ حصي کي موڪليو ويو ته اها سبزل ڪوٽ ۽ ڀنگ ڀاڙا جي پرڳڻن تي قبضو ڪري بهاولپور جي نواب حوالي ڪن. 26 تاريخ تي فوج نيپيئر جي سربراهئ ۾ روهڙئ کان ڪوچ ڪيو. 27 ڊسمبر تي مير رستم خان ڪوٽ ڏيجي ڇڏي ويو. 27.12.1842: اڄ نيپيئر پنهنجي گورنر کي پنهنجئ حڪمت عملئ ۽ مهم بابت تفصيلي خط لکيو. هو لکي ٿو ته 1). مون مير علي مراد کي تخت تي ويهاريو. ان عمل ٻين خيرپور جي ميرن جي ڦوڪڻي مان هوا ڪڍي ڇڏي آھي ۽ هنن امامڳڙه طرف ريگستان جو منھن ڪيو آھي. پر ريگستان کين مون کان بچائي نه ٿو سگهي. اهڙي نموني سان حيدرآبادي ميرن کي ڪو بلوچستان جا جبل بچائي سگهن ٿا. هاڻي سڀني جي حساب جا ڏينھن اچي ويا آھن. 27.12.1949: ريپلڪ آف انڊونيشيا کي پاڪستان تسليم ڪيو. ڳالهيون سنڌ جون ڪهڙيون آھن, پر وفاقي ڳالهيون ان ڪري ٿيون ڪرڻيون پون ته ٿورو سوچڻ جي هير به پئي. چين, انڊونيشيا تان جو بنگلا ديش پاڪستان کان عمر ۾ ننڍا آھن. پر ترقي اسان کان وڌيڪ ڪري ويا آھن. اسان وري حڪومتن جي تختن اونڌي ڪرڻ, سياسي حريفن کي ڪرپٽ سڏڻ ۽ سنڌ خواه سنڌن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ ملڪ دشمن سڏڻ ۾ باقي ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڏي ترقي ڪئي آھي. 27.12.1967: چين پاڪستان کي 40 ملين $ بنا وياج جي ڏوڪڙ ڏنا. حصي رسي سان صوبن کي ان مان ڪيترو مليو. ان جي انت بحر جي ڪل نه ڪائي, رنگي حڪمرانن رنگ بڻايا. 27.12.1968: ايوب ڏه سال ملڪ تي حڪمراني ڪئي ۽ اڃان پيٽ نه پيو ڀرجيس. هن خلاف هلندڙ تحريڪ جو هڪ ڏينھن به ماڻھن خاموشئ سان گذاريو. اڄ به ملڪ جي وڏن شھرن ۾ وڪيلن, شاگردن ۽ سياستدانن جلوس ڪڍيا. تحريڪون ايئن هلائبيون آھن ۽ آمرن خواه ظالمن مان ايئن جند ڇڏائبي آھي. 27.12.1979: بابرڪ ڪمال اڄ افغانستان ۾ حفيظ الله امين جو تختو اونڌو ڪيو. چالهيه سالن واري افغانستاني سياسي خلفشار سڀ کان وڌيڪ برئ طرح متآثر سنڌ کي ڪيو. بي پناه افغاني سنڌ ۾ آيا ۽ انھن ۽ سندن پٺاڻ ڀائرن سنڌ جي شاهراهن تي ملڪيتون وٺي هوٽل لڳايا, شھرن ۾ مقامي آدم شماري جي انگن اکرن تي اثر انداز ٿيا. 27.12.1988: بنظير ۽ نواز "حڪومت ڪريو ۽ حڪومت ڪرڻ ڏيو" جي حوالي سان پاڻ ۾ ڳالهيون ڪيون. 27.12.1977: نصرت ڀٽي کي گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو. *************** { 27 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهورشخصيتون} [جنم ڏينهن:] 27 ڊسمبر 1797ع اردو ۽ فارسي جي نامياري شاعر مرزا غالب جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 ڊسمبر 1911ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ شاعر مرزا علي بخش ڪوثر جو جنم ڏينهن آهي. 27 ڊسمبر 1917ع شاعر اختر هالائي جو جنم ڏينهن آهي. 27 ڊسمبر 1954ع بڙودا سان تعلق رکندڙ اداڪار جڳديش شمناڻي جو جنم ڏينهن آهي. 27 ڊسمبر 1960ع سياستدان مير عامر خان مگسي جو جنم ڏينهن آهي. 27 ڊسمبر 1980ع شاعر ذيشان ضياء مهيسر جو جنم ڏينهن آهي [وڇوڙو:] 27 ڊسمبر 1937ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد علي سنڌي جو انتقال ٿيو. 27 ڊسمبر 1985 تي مسعود کدرپوش لاهور ۾ مري ويو. هو جڏهن سنڌ ۾ ملازمت ڪندو هو ته "سنڌ ٽيننسي ائڪٽ" ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪيائين 27 ڊسمبر 1996ع سنڌ جو مشهور گلوڪار رحمان مغل المعروف سرمد سنڌي روڊ حادثي سبب لاڏاڻو ڪري ويو. 27 ڊسمبر 2007ع سنڌ راڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو راولپنڊي ۾ خودڪش بم ڌماڪي ۾ شهيد ٿي وئي 1. Good Wish: Dr.Pathan wishes you Good Day. [Life is beautiful, lovely & charming. But, it has become endless story of tragedy full of sorrows & longings. Sincerity and sacrifices have lost their value. Love and beauty are being rejected at large, Because of Ego, Hatred and DiscriminationDear! Would you kindly tell us that what is beauty? what is peace & tranquility? Because, we have read about them in books, but have not witnessed and experienced yet] نفرتون بي رخیون ۽ دوکا، ھي زندگي ڀر ڪمایوسین، پوء بہ ماٹھپي محبت کي، قول فعل منجه سمایوسین، سک دک سونھن سچ ۾، سرت ۽ سلام ۾ توکي پایوسین 2. Events from Sindh (including Pakistan) 1849: Government of Bombay asks Sindh Commissioner to find out a suitable post for Seth Naumal Hotchand, Kardar of Karachi. He was prior to this granted 1,000 Bigas of land for his life time. Sindh Commissioner is asked to make arrangements for providing water to his land. This may kindly be noted that in reaction to Muslim action against his father, he helped the East India Co. Government to occupy Sindh. He was near and dear to Major Outram, therefore he was victimized by Governor Charles Napier. 1947: Raja Ghazanfar Ali, Minister for Muhajreen Affairs advises people to accept and accommodate Indian Muslim migrants as they have opted for Pakistan and cannot be pushed back to India. 1953: The 22 million dollar Economic Aid Agreement between Pakistan and U.S.A is signed in Karachi. It is interesting subject and topic of research to study the total Aid received by country since its creation and its province-wise utilization. 1961: The Central Cabinet decides re-organization of West Pakistan Administration.1962: President Ayoob inaugurates the new broadcasting House at Hyderabad. 1963: Survey of 26.8 million acres of saline and waterlogged land in West Pakistan is completed at a cost of Rs.57.7 million. 1968: PPP announces candidature of Z.A.Bhutto for next presidential election. 1990: Top bidder to pay Rs. 838.3 million for Muslim Commercial Bank. Higher offer is made by a Karachi Businessman Qadir Tawakal.

Sunday 25 December 2022

Sindh in history today (26th December). By.Dr.Pathan

Good wish & Sindh history [ 26th December] ************* Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 26 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن توڙي پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. 26.12.2021 تي اوھان لاء 26 ڊسمبر جو ورق کڻي واقعن, ولادتن ۽ وفاتن بابت معلومات کڻي آيو آھيان. هئ اوهان جي وڏڙن جي تاريخ آھي. اها پڙھو ۽ ٻڌو. ماضئ ۽ حال کي ڀيٽي ڏسو. اندازو لڳايو ته وڏڙن اسان لاء ڪهڙي پوک پوکي جيڪا اسان لڻئون پيا ۽ اسان ڪهڙي پوک پيا پوکيون, جيڪا ايندڙ نسل لڻندا. *************** ڪي اهم واقعا *************** 26.12.1838: الينگزينڊر برنس جي ڪوششن سان ايسٽ انڊيا ڪمپنئ ۽ خيرپوري ميرن (مير رستم خان) وچ ۾ دوستئ جو معاهدو ٿيو. جنهن مطابق ايسٽ انڊيا ڪمپنئ کي خيرپور ميرس جي حدن ۾ سنڌوندئ کي ڪتب آڻڻ جي سهولت ملي ۽ ميرن شاه شجاع کي ڏوڪڙن ڏيڻ تي رضامندو ڏيکاريو. فرنگي حڪومت وعدو ڪيو ته مير مبارڪ جي پونئيرن کان نه ته شاه شجاع لاء ڏوڪڙ گهريا ويندا نه وري سندس پرڳڻا ڦريا ويندا. [پر فرنگي اڳتي هلي انھئ وعدي تان ڦري ويا. 26.12.1913: ڪانگريس جو ساليانو اٺاويهون اجلاس ڪراچئ ۾ ٿيو. هي ڪانگريس جو سنڌ ۾ پهريون اجلاس هو. ان جي صدارت ميسور جي نواب سعيد محمد ڪئي. آجيان ڪميٽئ جو چيئرمن هرچندراء وشنداس هو ۽ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي سيڪريٽري جنرل هو. اجلاس ۾ ٻاهران 125 ڊيليگيٽس آيا ۽ سنڌ جي ڊييگيٽس جو تعداد 500 هو. جن ناميارن سياسي اڳواڻن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي, اهي هئا: سرآغا خان, محمد علي جناح ۽ لالا لجپتراء. 26.12.1969: ڪراچئ ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي شيخ مجيب چيو ته علائقائي خودمختيارئ جو بنياد 1940 واري لاهور ۾ پاس ڪيل ٺھراء تي رکيل آھي. اها حقيقت آھي ۽ اهو سچ آھي, جنھن کي لڪائي نه ٿو سگهجي. اسان انھئ حق لاء جاکوڙي رهيا آھيون. اهو حق جو هن وقت تائين صوبن کي نه ڏنو ويو آھي. 26.12.1971: حڪومت اڄ جسٽس حمودالرحمان جي سربراهئ ۾ جڊيشل انڪواري ڪميشن جوڙي ته جيئن انھن حالتن ۽ سببن جي جاچ ڪري, جن ڪري ملڪ ٽٽو. *************** {26 ڊسمبرتي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 26 ڊسمبر 1884ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ تعليمدان ۽ ليکڪ صاحب سنگهه شهاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 26 ڊسمبر 1951ع گلوڪار نند لال ڀاٽيا (دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 26 ڊسمبر 1957ع سياسي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي جو جنم ڏينهن آهي. 26 ڊسمبر 1965ع ليکڪ انور بابر جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 26 ڊسمبر 1530ع مغل بادشاهه ظهيرالدين بابرجي وفات ٿي. 26 ڊسمبر 1904ع ڳڙهي ياسين سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر مولانا محمد هاشم جي وفات ٿي. 26 ڊسمبر 1933ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ فريڊم فائيٽر حاجي مير محمد بلوچ لاڏاڻو ڪري ويو. 26 ڊسمبر 1953ع هالا سان تعلق رکندڙ تعليمدان مخدوم محمد صالح ڀٽي لاڏاڻو ڪري ويو. 26 ڊسمبر 1955ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ شاعر حافظ حيات شاهه جي وفات ٿي. 26 ڊسمبر 1976ع شاعر عبدالله اثر لاڏاڻو ڪري ويو. 26 ڊسمبر 1976ع شاعر مولوي ثناء الله سنائي جي وفات ٿي. 26 ڊسمبر 1994ع اردوء جي نامياري شاعره پروين شاڪرجو روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ اسلام آباد ۾ انتقال ٿيو. 26 ڊسمبر 1997ع سائين جي ايم سيد جي نياڻي ۽ اسڪالر جيجي درشهوار سيدجو لاڏاڻو ٿيو. 1. Good Wish: Dr.Pathan wishes you Good Day. [In spite of the fact that you are integral part of you Society and this Univers, but have to discover, re-create and re-connect it with your own efforts, initiate and relationships. Otherwise, you are all alone and in isolation. Be the part as desired by others, or be partner as you deserve and desire. You are Universe and creator of your Universe.] جیئن جڙي یا تون خود جوڙین، جانب ! اھو اٿئي تنھنجو جھان، تون کي پرگھور آ لھڻي ان جي، تون ئي پیار امن سندو پاسبان، تنھنجو فقط بڻبو نینھن نگھبان، تون داستان سندرتا ۽ سلام جو.‏‎ ‎ 2. Events from Sindh (including Pakistan) 1838: Government of Bombay writes to Colonel Pottenger enquiring wether it was necessary that whole of British Force should arrive atonce at Karachi. 1847: Collector of Shikarpur apprises Sindh Government of establishment of Bugti Colony and arrangements made in this regard. He writes that Bugtis captured during action taken by District Management are put in this colony and have been offered settelement in Sindh, suject to their chage of behavior and refraing for criminal activities. 1967: America to supply wheat, edible oil and tobacco to Pakistan. Agreement is signed. 1969: Regional autonomy stand is based on Lahore Resolution of 1940, which was not changed in subsequent years, says Shaikh Mujeeb -u- Rahman. 1970: Abdul Khaliq Jamali, Muhammad Khan Raisani, Munir Channo meet Mujib -u- Rahman in Dhaka to thanks him for his support in anti - One - Unit Movement. 1971: Judicial enquiry Commission headed by Justice Hamood -u- Rahman is sut up to enquire into reasons leading to the recent military debacle. 1994: Pakistan asks India to close its Consulate in Karachi due to clear proof of its acts of terrorism. 1994: Beautiful lady with beautiful poetic talent, Parveen Shakir is killed in road accident.

Sindh in history today (25th December). By.Dr.Pathan

Good wish & Sindh history [ 25th December] ************* Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 25 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن توڙي پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 25.12.1842: انڊيا جي گورنر جنرل فيروزپور مان نيپيئر کي خط لکيو ته سنڌ ۾ جيڪو قدم کڻي رهيو آھين, مان ان جي منظوري ڏيان ٿو ۽ خوشي محسوس ٿو ڪريان ته ڏکڻ سنڌ جي ابتر حالتن ۾ ڦيرو ايندو. خيرپور ۾ اقتدار جي ويڙھ مايوس ڪن آھي. مير علي مراد ئي مسندنشين ٿئي ته بهتر. پر اتي ڏسجي ته اٺ ڪهڙي پاسي ٿو ليٽي 25.12.1895: سکر جي "سکر سڌار سڀا" طرفان نامور فيلسوف ڏيارام گدومل شھاڻئ کان ليڪچر ڪرايو ويو. هن "اسان جا عورت-ذات خلاف ست گناه" جي موضوع تي ليڪچر ڏنو. اهو ليڪچر پوء "ٽيڪم داس آشرم روهڙئ" طرفان ڇپرائيو ويو هو. هن ڏاهي انسان جو اهو ليڪچر ڪجھ وقت اڳ انڊيا ۾ ڇپيو آھي. 25.12.1913: ڪراچئ ۾ برهمو سماج طرفان آل انڊيا ڪانفرنس All-India Theistic Confrence ٿي, ان جي صدارت ڊاڪٽر جي.ٽي.سندرلينڊ ڪئي. ڪانفرنس جي افتتاحي تقرير پروفيسر ٽي.ايل. واسواڻئ ڪئي, جڏهن ته آڌرڀائي تقرير وري ديوان تاراچند ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ ھند سنڌ جي نامور ودوانن ۽ برهمو سماج جي مت جي ڄاڻن شرڪت ڪئي. 25.12.1920: ناگپور ۾ مرڪزي خلافت ڪميٽئ جو اجلاس ٿيو, جنهن ۾ سنڌ جي ڪيترن خلافتي اڳواڻن شرڪت ڪئي. 25.12.1921: لاڙڪاڻي ۾ ”پهرين سنڌ ادبي ڪانفرنس" ٿي, جنھن جي صدارت مرزا قيچ بيگ ڪئي. جڏهن ته استقباليه ڪميٽئ جو چيئرمن ميان علي محمد قادري, سيڪريٽري جنرل احمد علي "ڪامران" ۽ جوائنٽ سيڪريٽري حاجي محمود "خادم" هئا. هن ڪانفرنس ۾ مشاعرو به ٿيو, جنھن جي مصرع طرح ھئي: "ستارو منھنجي قسمت جو اوهان جي مهرباني آ“ ھئي. 25.12.1943: ڪراچئ ۾ سڏايل آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس جو اڄ ٻيو ڏينھن هو. 25.12.1954: انڊيا ۾ آگري شھر مان اتان جي سنڌين جي "نواب شاه ايڊيوڪيشنل سوسائٽئ" طرفان "سرسوتي" نالي سالياني مخزن جاري ٿي. مخزن جو ايڊيٽوريل بورڊ موهن لعل ناگديو ۽ نرسنگ لعل منگهواڻئ تي ٻڌل هو. 25.12.1956: فاطمه جناح پنهنجي ڀاء, هن ملڪ جي بانئ جي سالگره واري فنڪشن کي خطاب ڪندي چيو ته جهموريت اڃا اسان کان ڪيترو پري آھي ۽ ملڪ ۾ في الحال ان جو ڪو نالو نشان ڪونهي. انھئ منزل ماڻڻ لاء وڏئ جدوجهد جي ضرورت آھي. 25.12.1963: آئين ۾ تبديلي آڻي ملڪ جو نئون نالو " اسلامڪ ريپلڪ آف پاڪستان" رکيو ويو. 25.12.1973: غلام مصطفا جتوئي سنڌ جو وڏو وزير ٿيو. [سنڌي ٻولئ جي بل کي برداشت نه ڪندي لساني وڳوڙ ڪيا ويا. اسيمبلئ ۾ پاس ٿيل بل کي گهٽين ۾ گوڙ فساد سان مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو بل تڏهن پاس ٿيو هو, جڏهن ممتاز علي ڀٽو سنڌ جو وڏو وزير هو. لساني هنگامن واري سياسي سمجهوتي موجب وڏو وزير تبديل ٿيو ۽ گورنري پناهگيرن کي ملي] *************** جنم ڏينهن: *************** 25 ڊسمبر 1876ع قائد اعظم محمد علي جناح جي جهرڪن ۾ پيدائش ٿي. 25 ڊسمبر 1889ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ فريڊم فائيٽر ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻئ جو جنم ڏينهن آهي. 25 ڊسمبر 1911ع ليکڪ ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر مانيرام سيتاڻي جي سکر ۾ پيدائش ٿي. 25 ڊسمبر 1922ع ليکڪ جهمت مل تلواڻي (حيدرآباد / اجمير) جو جنم ڏينهن. 25 ڊسمبر 1920ع مولوي ميان منظور احمد پيرزادي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 25 ڊسمبر 1922ع اردو ۽ سنڌي ٻوليء جي نامياري شاعر الياس عاشقئ جو جنم ڏينهن آهي. 25 ڊسمبر 1924ع ڀارت جي اڳوڻي وزير اعظم اٽل بهاري واجپائئ جو جنم ڏينهن آهي. 25 ڊسمبر 1925ع ريسرچ اسڪالر ڊاڪٽر ايم ايڇ پهنورجو جنم ڏينهن آهي. 25 ڊسمبر 1930ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ليکڪ غلام مرتضى ڀٽي جو جنم ٿيو. 25 ڊسمبر 1931ع ليکڪ قنمبر ڪريمي جو جنم ڏينهن آهي. 25 ڊسمبر 1936ع صحافت سان تعلق رکندڙ سيد غلام مرتضى راشدي جو جنم ڏينهن آهي. 25 ڊسمبر 1949ع اڳوڻي وزيراعظم ۽ سياستدان نواز شريف جو جنم ڏينهن آهي. 25 ڊسمبر 1950ع ليکڪ عزيز شهزاد منگي جو جنم ڏينهن آهي. 25 ڊسمبر 1956ع شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصارئ جو جنم ڏينهن آهي. 25 ڊسمبر 1962ع قومپرست سياستدان ڊاڪٽر قادر مگسي جو جنم ڏينهن آهي. 25 ڊسمبر 1964ع شاعر انور ڏنگڙائي جو جنم ڏينهن آهي. 25 ڊسمبر 1968ع ليکڪ حبيب ساجد جو جنم ڏينهن آهي. 25 ڊسمبر 1976ع جي يو پي اڳواڻ حافظ بدرالدين آگرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 25 ڊسمبر 1982ع ليکڪ ڪاشف سومرو جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 25 ڊسمبر 1977ع عظيم مزاحيه اداڪار چارلي چپلن جو انتقال ٿيو. 25 ڊسمبر 1979ع عالم، مفسر ۽ جماعت اسلامي جي باني مولانا ابوالاعلى مودودئ جو انتقال ٿيو 1. Good Wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ The greatest contribution of Human-being is to love and respect human-being, who is equal and at par with him/her in all respects. He/She ignores his/her all limitations, mistakes and faults deliberately. He/She accepts him/her more pure and pious than Angels and more beautiful than Moon and Stars. The Human -Being is realy Great. Salute to his/her greatness. It is bad luck to avoid responding and reciprocating his/her such a Unique and Wonderful action, intiate and behavior.] انسان جون عظمتون تہ هزارين پر محبت جو قصو امر آھي, ڪمال کان بہ وڏو ڪمال آھي جو هو پاڻ جهڙي انسان کي چاهي, ڪمين خامين خطائن عيبن پرين جي تان ڏسي وائسي ڌيان لاهي, حورن فرشتن چنڊ ستارن کان پرين کي مٿي ڀائين بهاري ٺاهي, يارو هلو تہ هلون ڪاهي, انسان جي در سرخ سائي سلام تي. 2. Events from Sindh (including Pakistan) 1835: Colonel Pottenger forwards to the Govt. of India copy of Lieutenant Burn's dispatch containing overtures from Sindh rulers for establishing intimate connection with the British Govt. including the residence of British Agent in Sindh. 1838: Mirza Agha is appointed by the British Govt. as first Persian Secretary at Persia. 1895: Dayram Gidumal Shahani delivers lecture at Sukkur on the topic of 'Seven sins against women'. It is arranged by the Sukkur Sudhar Sabha and was later on it was published by Tikamdas Ashram of Rohri. 1913: The All - India Theistic Conference starts at Karachi, Dr. j.T.Sunderland presides. Dewan Tarachand welcomes and Prof.T.L.Vaswani inaugurates. V.R.Shinde, Lalit Mohandas, Dr.B.S.Ghosh, Sir Narayan Chandavarkar, Rambhai Manipatram and Lala Kirshanram attend. The conference to continue for more three days. 1920: The meeting of the Central Khilafat Committee is held at Nagpur and Rules & Regulations of the party are discussed. Eminent Sindh Khilafat leaders attend. 1956: Real and peoples' democracy is at longest distance yet and we have to work for that, says Fatima Jinnah on the eve of her brother's Birthday celebrations.1963: It is begining of amendments in constitution. First ever amendment is made and the country should be known as 'Islamic Republic of Pakistan' and existing and future laws should be brought within purview of the principle which bars all legislation repugnant to the Holy Quran and Sunnah. 1973: Rais Ghulam Mustafa Khan Jatoi is sworn in as the Sindh Chief Minister.

Friday 23 December 2022

Sindh in history today (24th December). By.Dr.Pathan

Good wish & Sindh history [ 24th December] ************* Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* روز جيئن سج اڀري ۽ صبح ٿئي, تيئن مان به دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن سان اوهان جي حضور ۾ حاضر ٿي اوهان کي اوهان جي اڻ ٻڌل ۽ اڻ لکيل تاريخ جو هڪ ورق ٻڌائيدو آھيان. سالن کان سندم اها ريت رهي آھي. نه ٿڪيو آھيان ۽ نه ٿڪجي پوڻ وارو آھيان. فيسبوڪ ۽ انٽرنيٽ گروپن تي اها ئي سرگرمي رهي آھي. اوهان پنھنجي تاريخ پڙھو ٿا يا نه, ان سان منھنجو ڪم ڪونھي. منھنجو ڪم اهو آھي ته اوهان ۽ تاريخ وچ ۾ دوستي ڪرايان. ڇو ته تاريخ جي آئيني ۾ ڏسڻ سان اسان پنهنجي وطن دوستئ ۽ حالتن جو چهرو ڏسي سگهون ٿا. اڄ 24 ڊسمبر جي واقعاتي تاريخ ۽ ولادتن وفاتن جي معلومات کڻي آيو آھيان. *************** ڪي واقعا *************** 24.12.1851: هن کان اڳ اٺن مان فرنگي سرڪار آمدرفت, سامان ڍوئڻ, ٽپالين جي سوارئ ۽ اهڙن ٻين ڪمن هڪ خاص شعبو جوڙو/قائم ڪيو هو, جنهن کي Camel Baggage Corp چيو ويندو هو. اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي فوجي عملدارن گذارش ڪئي ته اهو ختم ڪيو وڃي. 24.12.1856: ممبئ سرڪار سنڌ ڪمشنر جي ڌيان تي آندو ۽ صلاح ورتي ته ڊيلرن جي سهولت لاء ڪراچئ ۽ سکر ۾ سامان آڻڻ ۽ نيئڻ لاء گهوڙن جا دستا معاوضي تي مهيا ڪيا وڃن. 24.12.1893: ساڌو هيرانند سنڌ جو هڪ بي بدل صحافي ۽ سماجي ڪارڪن ٿي گذريو آھي. هن پنهنجي ڀاء جي مدد سان حيدرآباد ۾ ”يونئن اڪيڊمئ" جي نالي سان هڪ اسڪول کوليو هو. ان جو پوء نالو مٽائي "اين.ايڇ.اڪيڊمي" رکيو ويو هو. انھئ اسڪول جو ساليانو فنڪشن ٿيو, جنهن ۾ ان وقت جو ايڊيڪيشنل انسپيڪٽر جيڪب مهمان ڪري گهرايو ويو هو. پاس ٿيل شاگردن ۽ فنڪشن ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ٻارن کي انعام ۽ شيلڊون به جيڪب کان ڏياريون ويون. 24.12.1921: اڳوڻئ سنڌ جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن ! زندگئ جي هر شعبي ۾ اڳري هئي. هتي 1868 کان وٺي ساليانيون سياسي ڪانفرسون ٿيون ۽ مختلف ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ منعقد ٿيون. 1920 تائين اهي ڪانفرسون ٿيون. 1921 کان وري ادبي ڪانفرنسون شروع ٿيون ۽ ڪو سال نه گٿو. اهي 1972 تائين هليون. پهرين ادبي ڪانفرنس ڊسمبر 1921 ۾ ٿي. اڄ ھن ڪانفرنس جو صدر مرزا قليچ بيگ لاڙڪاڻي ۾ پهتو ته هندو ۽ مسلمان اديب ۽ شاعر کيس اسٽيشن کان جلوس جي شڪل ۾ وٺي آيا. هن ڪانفرنس جي استقباليه ڪميٽئ جو چيئرمن ميان علي محمد قادري هو. 24.12.1922: اڄ ”الوحيد" اخبار ۾ خبر ڇپي ته حڪومت ۽ حڪومتي ڇاڙتن جي دٻاء ھوندي به جوهئ جي جوانن ۽ سنڌ دوستن شهر ۾ "خلافت ڪميٽئ" جي شاخ کولي, ۽ ان لاء ھي عهديدار چونڊيا ويا: مولوي محمد حمزو (صدر), مولوي دين محمد (نائب صدر), مير محمد شاه (سيڪريٽري), ميان عبدالله (جوانئٽ سيڪريٽري) ۽ مولوي محمد حسن (خزانچي). اڃان ٿا سنڌ دشمن چون ته سنڌ ڪهڙو تحريڪ آزادئ ۾ هٿ ونڊايو. جوهئ ۾ ايترا عالم سرڪاري سختئ باوجود انگريز-دشمن پارٽئ جي شاخ قائم ڪن ٿا. 1947 کان پوء لڏي ايندڙ اهڙو رڪارڊ پيش نه ٿا ڪري سگهن ته سندن ڪهڙي ڳوٺ يا شھر ۾, ڪهڙي سال ڪهڙي پارٽئ جي شاخ کلي هئي,جنهن ۾ ھنن شرڪت ڪئي. هر ڪنهن جي زبان تي ڪليم هو, پر آزادئ واري تحريڪ ۾ حصي وٺڻ جي شاهدي ڪا نه هئي ۽ نه وري اهڙي شاهدي هنن کان گهري وئي. بس جيڪو آيو سو اگهجي ويو. 24.12.1943: آل انڊيا مسلم ليگ جو 31 هون ساليانو اجلاس ڪراچئ ۾ ٿيو, جنھن جي صدارت محمد علي جناح ڪئي. ياد رکڻ جي ڳاله اها آھي ته هن پارٽئ جو پهريون ساليانو اجلاس به 1907 ۾ ڪراچئ ۾ ٿيو هو. اڄ پهرين بيٺڪ ٿي. هي اجلاس 27 ڊسمبر تائين هليو. هن پارٽئ جو پهريون صدر سر آغا خان به سنڌ ڄائو هو ۽ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ان جو آخري صدر محمد علي جناح به جهرڪن ڄائو سنڌي هو. 24.12.1971: ڀٽو جڏهن ملڪ جو صدر ٿيو ته هن جي دور جي ڪئبينٽ جي پهرين گڏجاڻي اڄوڪي تاريخ تي ٿي. غلام مصطفا جتوئي ۽ حفيظ پيرزدو شرڪت ڪندڙن ۾ ھئا. 24.12.1981: ڀٽي جو تختو اونڌو ڪندڙ ضياء الحق اڄ 380 ميمبرن تي ٻڌل " مجلس شوارا" ٺاهي, جنهن نئشنل اسيمبلئ وانگر ڪم ڪيو. *************** {24 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 24 ڊسمبر 1896ع ليکڪ منگهارام ملڪاڻي(حيدرآباد / ڪلڪتو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 ڊسمبر 1900ع شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر ابراهيم خليل جو جنم ڏينهن آهي. 24 ڊسمبر 1915ع ناليواري قانوندان اي ڪي بروهي جو ڳڙهي ياسين ۾ جنم ٿيو. 24 ڊسمبر 1924ع برصغير جي عظيم گلوگار محمد رفيع جو جنم ڏينهن آهي. 24 ڊسمبر 1924ع ليکڪ دولترام ڪيولراماڻي (لاڙڪاڻو / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 24 ڊسمبر 1952ع اديب، استاد ۽ محقق ٻلديو مٽلاڻي(لاڙڪاڻو / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 24 ڊسمبر 1964ع صحافي ڊاڪٽر عبدالغفور ملڪ جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو]: 24 ڊسمبر 1931ع سياستدان ۽ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي ميمبر سردار واحد بخش ڀٽو جي وفات ٿي. 24 ڊسمبر 1941ع صحافي کيمچند امرت راءِ جي ديهانت ٿي. 24 ڊسمبر 1993 ع تي ناميارو شاعر ۽ اديب معمور يوسفاڻي وفات ڪري ويو. 24 ڊسمبر 1994ع شاعر استاد پيرل قنمبرجو لاڏاڻو ٿيو. 24 ڊسمبر 1995ع صوفي بزرگ ۽ شاعر جانڻ چن جو لاڏاڻو ٿيو. 1. Good Wish: Dr.Pathan wishes you Good Day. [Some people are alive as dead with bad and poisonous smell of ego. But, You are second to none in beauty, vision & wisdom. Your beauty is light and you are life. Dear! Do you know who am I? I am sea of sacrifice and galaxy of love. Come on and see that galaxy in this dark night. Its every star of is waiting like me to witness your beauty] تنهنجو اسم جسم جوت، بلڪل جوھر جادو جیان اثر، ڪي تان ڍونڍ وجود، سندن سوچن لوچن منجھ زھر، مان پیار خلوص وفا جو، جانب جيئن سمنڊ بحر، آھي منهنجو فقط ثمر، تنهنجي تات محبت سپرين. 2. Events from Sindh (including Pakistan) 1854: The Sindh Government recommends the Bombay Government that remount agencies be opened at Sukkur and Shikarpur, as it would be convenient for dealers. 1858: Sindh Commissioner, keeping in view the uprising in Sindh and Hind, recommends the Bombay Government that additional subsidy of Rs. 50,000 be granted to the Khan of Kelat and he also wants to present him 2 five and half inch mortars, complete with one hundred rounds of ammunition. 1869: The Commissioner Sindh orders that the Devanagri form of writing Sindhi should be improved for use by interested Hindus. 1893: The Annual function of the Union Academy (N.H. Academy) is held at Hyderabad. Sadhu Hiranand presents Annual Report. It is presided over by Mr. Jacob, Educational Inspector, who distributed Prizezs and Certificates on the occasion. 1943: The 31st Annual session of the All India Muslim League is held at Karachi with Quaid –i- Azam Muhammad Ali Jinnah as its president. It was the last annual session of the party before creation of Pakistan. This kindly be noted that Party’s first annual session was also held at Karachi in 1907. Party’s first president (Sir Agha Khan) was by birth Sindhi and it last president (before partition) was (M.A.Jinnah) also born in Sindh. 1955: An agreement is reached at between the center and the provinces on allocation of subjects. 1960: Pakistan – Soviet talks about oil open in Karachi. Pakistani delegation is headed by the Minister for Natural Resources, Fuel & Power, Z.A.Bhutto. 1963: The Convention Muslim League of Dhaka elects president Ayub as its president. 1971: First ever meeting of Presidential cabinet of Z.A.Bhutto is held. Dr. Mubashir, Ghulam Mustafa Jatoi, Abdul Hafeez Pirzada and others attend. 1981: 350 – member advisory body, named Majlis –i- Shora is announced by Zia. 1985: Ninth Amendment Bill making Islam as the supreme law is introduced in Senate.

Thursday 22 December 2022

Sindh in history today (23rd December). By. Dr.Pathan

Good wish & Sindh history [ 23rd December] ************* Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 23 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن توڙي پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 23.12.1838: پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي لکيو هيو ته جڏهن سنڌ ۾ اسان جي فوج داخل ٿيندي ته انھن لاء سامان جو ڍوئئ ۽ اهڙي ٻئي ڪم لاء ممبئي سرڪار ڪولي ڏياري موڪلي. ڇو ته اهو هڪ ته مخفي رکڻو پوندو ۽ ٻيو ته سنڌي ماڻھن کي اهو ڪم ڏبو ته اسان جي ڀينگ ڪندا, ڇو ته اسان گورن تي هو ڏمريا ويٺا آھن. اڄ ممبئئ سرڪار انھئ سلسلي قدم کنيان. 23.12.1839: ڪمپني حڪومت اڄ راس بيل کي لکيو ته تون بگٽين, مرين, ڊومڪين ۽ جکراڻين جي ڪلچر ۽ ريتن رسمن بابت معلومات وٺي موڪل ته جيئن انھئ جي روشنئ ۾ سرڪار حڪمت عملي جوڙي سگهي. 23.12.1840: اتر سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ الينگزينڊر برنس اڄ مراسلي ذريعي پنهنجي اسسٽنٽ ميجر جنرل بروڪس کي هدايتون ڏنيون ته تون وقت وڃائڻ کان سواء مير رستم علئ جي درٻار ۾ پاڻ کي موجود ڪر. مير رستم علي سخت بيمار آھي. هن جو دادلو وزير فتح محمد غوري اڳ ئي مير جو خاصن خاص صلاحڪار طور ٿي رهيو آھي ۽ مير رستم علي هن جي ڪا صلاح نه ٽاريندو آھي. مير جي بيمارئ ۾ هو سياسي ۽ انتظامي مامرن ۾ اڇي ڪاري جو مالڪ ٿي ويو آھي. هو وڏو سازشي آھي. هن تي پيو ڪرڙي نظر رکجان ته جيئن اسان جي مفادن کي ڇيهو نه رسائي. 23.12.1939: اڄڪئ "الوحيد" اخبار ۾ مسلم ليگ جي شاخن, جهڙوڪ سونو جتوئي, نئون آباد, فريد آباد, واره, بنگلديرو, عمر گوپانگ, سهاڳو خان, ٽڳڙ ۽ باڊھ جي سياسي سرگرمين بابت خبرون ڇپيون. [سنڌ جي غير معروف ڳوٺن به آزادئ جي تحريڪ ۾ ڀرور حصو ورتو. پر اڄ انھن جي سار لهڻ وارو ڪوئي ڪونھي. 23.12.1952: انڊيا ٺڦ جواب ڏھو ته ڪشمير مان فوجون ورپس گهرائبيون. ياد رهي ته پاڪستان ۽ انڊيا جي ڪشمير تي ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ لاء "ائنگلو-آمريڪن تجويز" ڏني وئي هئي ته ٻئي ملڪ ڪشمير مان پنهنجيون پنهنجيون فوج واپس گهرائن. *************** 23 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وفات ڪندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 23 ڊسمبر 1893ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ فريڊم فائيٽر گهنشيام شوداساڻي جو جنم ڏينهن آهي. 23 ڊسمبر 1906ع نامياري ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان اي بي آڏواڻئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 ڊسمبر 1929ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ شاعر رحمت الله شوق جو جنم ڏينهن آهي. 23 ڊسمبر 1944ع محقق ۽ اسڪالر ڊاڪٽر يشودرا واڌواڻي جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 23 ڊسمبر 1962ع صوفي بزرگ ڌڻي بخش جو لاڏاڻو ٿيو. 23 ڊسمبر 1999ع شاعر بلاول پرديسئ جو لاڏاڻو ٿيو. 23 ڊسمبر 2000ع نامياري گلوڪاره ملڪه ترنم ميڊم نورجهان جي وفات ٿي. 23 ڊسمبر 2013 تي خطرناڪ هٿيار ڪلاشنڪوف جو ايجاد ڪندڙ روسي سائنسدان ميخائيل ڪلاشنڪوف جي وفات ٿي۔ 23 ڊسمبر 2014ع هند ۽ سنڌ جي نامياري اديب، شاعر ۽ صحافي لڇمڻ ڪومل ڀاٽياجي وفات ٿي 1. Good Wish: Dr.Pathan wishes you Good Day. [Dear! Look at me with your inner eyes, and not with eyes of others. You will realize and believe that there is no difference, but distance between you & me. Peep into your heart. It is full of eternal beauty, love & peace, and it is very much needed by me and my society ] گھرجي نظر سندء اندر جي، نرمل ! نیٹن سان نہ نھار، سوچن لوچن ساھ سریر ۾ ، تون ڏس تہ کٹي هڪوار،‏ دوست دليئون ڪين ڌڪار، آھي ان پار سونهن سلام جي.‏‎ ‎ 2. Events from Sindh (including Pakistan) 1835: Colonel Pottenger informs his Govt. that Mir Noor Muhammad Khan has consented to a survey and examination of the river Indus, hence, now permission is accorded to start working of task. 1839: W.L.Mackintosh is appointed as Assistant Political Agent, Upper Sindh. The Govt. of India asks Ross Bell to collect and information on culture, customs and approaches of Bugti, Domki and Jakhrani tribes. 1939: Sindh Press highlights the event of the 'Deliverance Day' observed by the Sindh Muslim league. It is reported that public meetings were held and processions were taken out at Sono Jatoi, Nau Abad, and Faridabad of Bakrani taluka, Warah, Banguldero, Umar Gopang, Suhago Khan, Tagar and Badah. 1952: Indian Govt. rejects the Anglo - American proposal calling for immediate demilitarization talks on Kashmir.

Sindh in history today (22nd December). By.Pathan

Good wish & Sindh history [ 22nd December] ************* Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 22 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن توڙي پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 22.12.1842: فرنگين جي جاسوسئ وارو شعبو لکي ٿو ته اڄ خيرپور ۾ وڏي افراتفري نظر آئي. مير خيرپور مان ڀڄڻ شروع ٿيا آھن. ڪن پنهنجا ٻار/ديرا ريگستان ڪڍي ڇڏيا آھن ته ڪن وري ٻارن کي حيدرآباد موڪلڻ شروع ڪيو آھي. مير علي مراد خيرپور جي جارج شيخ علي حسن کي سونپي آھي. 22.12.1847: سنڌ جي ڪمشنر ۽ فوجي عملدار اسسٽنٽ ڪوارٽر ماسٽر وچ ۾ خط و ڪتابت جو آغاز ٿيو ته جيئن سرحدي پرڳڻي (جيڪب آباد) ۾ پوليس هٽائي ان جي جاء تي "بلوچ ھارس" (فوج) رکي وڃي ته جيئن انھن جابلو قبيلن سان منھن ڏئي سگهجي جيڪي سنڌ ۾ اچي ڦرلٽ ڪري ڀڄي وڃن ٿا. 22.12.1847: اڄ شڪارپور جو ڪليڪٽر مراسلو موڪلي ڪمشنر کي ٻڌائي ٿو ته اجازت ڏيو ته قيدي جاني بيگ جکراڻئ کي جاني ديرو ڪئمپ ۾ رکجي, دريا خان جکراڻئ ۽ جمال خان ڊومڪئ کي سلطان ڪوٽ واري ڪئمپ ۾ رکجي. ڀورل جکراڻئ جو پوٽو طارق علي کي زمين ڏجي. [ ياد رهي ته انھن مان دريا خان جکراڻي 1857 ۾ بغاوت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ کيس ڪاري پاڻئ جي سزا ڏني وئي هئي] 22.12.1848: هن زماني ۾ ڪراچئ کان ملتان تائين اٺن/گهوڙن ذريعي ٽپال موڪلي يا آندي ويندي هئي. روهڙي ٽپال جو اتر سنڌ ۾ مکيه مرڪز هوندو. سرڪار فيصلو ڪيو ته ڪراچئ ۽ روهڙئ وچ ۾ اٺن ۽ اوٺين/گهوڙن ۽ گهوڙيسوارن جي تعداد ۾ اضافو ڪيو وڃي. انھئ سلسلي ۾ ھئ ڳالھ به ذھن نشين ڪجي ته ڪراچئ ۽ حيدرآباد وچ ۾ ٽپال آڻڻ ۽ نيڻ جو ٺيڪو 1841 کان به اڳ ڪراچئ جي جوکين جي ڄام کي ڏنل هئو, جيڪو نائونمل هوتچند جي معرفت انگريزن جي ويجهو آيو هو. 22.12.1856: ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي تاڪيد ڪيو ته سکر-روهڙئ واري پل ٺهرائڻ کي اوليت ڏيو. 22.12.1869: سنڌ جي ڪمشنر نوٽيفيڪيشن ڪڍي واضح ڪيو ته "ديناگري لپئ" ۾ سڌارو آندو ويندو ته جيئن سنڌ جا هندو ڀلي تعليم ۽ تدريس ۾ ڪم آڻي سگهن [ياد رهي ته عربي-سنڌي لپئ تي ڪن هندو عالمن شديد اعتراض واريا هئا] 22.12.1939: مسلم ليگ جي هدايت تي سمورئ سنڌ ۾ ڪانگريس طرفان پنهنجون حڪومتون/وزارت ختم ڪرڻ تي "يوم نجات" ملهايو ويو. مسلم ليگ جي برانچن طرفان جتي جتي اهو ڏينھن ملهايو ويو, ان جو تفصيل گل حيات ۾ موجود آھي. 22.12.1940: بنگل ديري جي جامع مسجد ۾ حاجي محمد عباس جي صدارت ۾ مسلم ليگ جو جلسو ٿيو, جنهن ۾ ڊاڪٽر عبيدالله ۽ مولوي يحيا تقريرون ڪيون ۽ الله بخش سومري جي حڪمرانئ خواه حڪمت عملين تي تنقيد ڪئي وئي *************** ڏينهن 22 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ يا وفات ڪندڙ معروف شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 22 ڊسمبر 1920ع خيرپور سان تعلق رکندڙ شاعر مظفر حسين جوش جو جنم ڏينهن آهي. 22 ڊسمبر 1920ع شاعر مظفر حسين جوش(خيرپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 ڊسمبر 1947ع مشهور سگهڙ عبدالعزيز چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. 22 ڊسمبر 1949ع سگهڙ الله رکيو مغيري جو جنم ڏينهن آهي. 22 ڊسمبر 1958ع جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ صحافي سيد قطب شاهه جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 22 ڊسمبر 1910ع بزرگ قطب علي شاهه جهانيان جي وفات ٿي. 22 ڊسمبر 1920ع مذهبي اسڪالر مولانا احمد پيرزادو جو لاڏاڻو ٿيو. 22 ڊسمبر 1986ع اردو، سنڌي ۽ انگريزي فلمن جي مشهور اداڪار عبد اللطيف ساقئ جي وفات ٿي. 22 ڊسمبر 1999ع بگئ سان تعلق رکندڙ ليکڪ، صحافي ۽ شاعر هدايت منگئ جي وفات جو ڏينهن آهي. 22 ڊسمبر 2012ع سياستدان بشير احمد بلور خودڪش بم ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويو. 1. Good Wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Life is a wonderful one-time chance. But, we make it terrible for ourselves and for others by virtue of creating and abiding by Distances & Differences. When we start beliving in so-called Traditions and out-dated values, they start dividng our hearts & minds and snatching our freedom. When they make us ideologically & socially slaves and throw us in isolation, we start avoiding helping, assisting and cooperating each other. In such a condition, we can't solve and resolve our problems. Dear! Let us be near and extend cooperation to each other so as to make our lives wonderful and beautiful.] هئ حياتي دنگي ڄڻ درياه ۾ پر تون گڏ تان ناهي لهر نہ لوڏو, آء پرين تون اوڏو, تان پهچون هن پار سرت سونهن سلام سان. 2. Events from Sindh (including Pkistan) 1839: Govt. decides to withdraw police posts from Upper Frontier and replace them with Baloch Horse (military) so as to check and curb activities of some tribes belonging to Baluchistan. 1847: The Collector of Shikarpur recommends Sindh Govt. that Jani Beg Jakhrani be settled at Jani Dero and Dara Khan Jakhrani, Jamal Khan Domki, Sultan Khan, Toork Ali his grandson Bural Jakhrani already settled at Jani Dero be granted Jageer. This is to be noted that one of them - Darya Khan Jakhrani later on in 1857 fought against the Govt. and was sent to Andman. He was earliest Freedom Fighter from Upper Sindh. 1848: Jam of Jokhias is given contract to carry Dawk between Karachi and Hyderabad and number of runners is increased to convey mails between Karachi to Multan via Rohri. 1856: Sindh Commissioner is asked by the Bombay Govt. to give more importance to the bridge over Indus between Sukkur and Rohri. 1952: The Basic Principles Committee Report is presented to the Constituent Assembly of Pakistan. It envisages a democratic Federal state with a popularly elected party. Parity is accorded to East and West in both Houses and weightage to smaller province is ensured. 1962: The first ever off - shore oil exploration in a six thousand square miles of the Indus delta area begins. 1993: Pakistan offers an additional 1,500 troops to the U.N.O peace - Keeping force for Somalia.

Tuesday 20 December 2022

Sindh in history today (21st December). By. Dr. Pathan

Good wish & Sindh history [21st December.] ************* Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 21 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن توڙي پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 21.12.1838: پاٽينجر وڪر منجهان پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته دعائون ٿو گهران ته شاه شجاع هتي جلدي پهچي, سندس سنڌ يا سنڌ جي ڀرپاسي ۾ موجودگي اسان جي مشڪل حالتن کي مٽائي اسان جي حق ۾ ڪندي ۽ پوء ميرن آسانئ سان معاهدا به ڪندا ۽ اسان جو سامان سنڌين جي ڦرلٽ کان بچي پوندو. ڇو ته هر ڪو پاڻ بچائڻ ۾ پورو هوندو. اسان جي اڌ فوج ٽن ڏينھن ۾ ٺٽي پهچي ويندي ۽ باقي اڌ فوج ان کان پوء ٻن ڏينھن ۾ اتي پهچندي. مون وٽ 25 لک روپيا گينين جي صورت ۾ آھن, جيڪي هتي ديسي ڪرنسئ ۾ واپاري مٽجي نه ٿا ڏين. بهتر ٿيندو ته شاه شجاع جي نالي سان سڪو ٺاهي ان کي ڪرنسي جي حيثيت ڏيو ته گينين بدران اهو سڪو سنڌ ۾ هلايون. 21.12.1896: ڪراچئ ۾ پليگ جي بيماري پکڙي, جنھن جون 1897 تائين 3387 حياتيون ڳڙڪايون. 21.12. 1920: ڪراچئ ۾ ”خواجا اسماعيلي ڪٺياواڙي والنٽيئرس منڊل" وڏي عرصي کان پنهنجئ برادرئ لاء سماجي خدمتون سرانجام ڏيندو هو. اڄ انھئ منڊل جون چونڊون ٿيون, جن ۾ جان محمد قاسم کي صدر ۽ ڪاراڀائي ڪريم کي نائب صدر چونڊيو ويو. [ياد رهي ته ڪراچئ ۾ خوجن ۽ بوهرين جون پنهنجن برادرين لاء مخصوص جماعتون ۽ جيمخانا هوندا هئا] 21.12.1938: 1937 کان لاڙڪاڻي ۾ "ماتا"/"ارڙئ" جي بيمارئ منھن ڪڍيو هو. اڄوڪي تاريخ تائين انھئ بمارئ جا 1807 ڪيس ٿيا, جن ۾ 299 ماڻھون مري ويا. 21.12.1958: گوبند مالهئ ممبئئ ۾ ”ڪلاڪار منڊل" نالي هڪ اٽڪ منڊلي قائم ڪئي, جنهن طرفان ڪيترا ئي ناٽڪ اسٽيج ڪيا ويا. انھن مان "ڪفن" ۽ "گستاخي معاف" ڊرامن وڏو نالو ڪمايو. 21.12.1969: چيف مارشل لا ايڊمنسٽيٽر جنرل يحيا خان پاڪستان جي نظرئي ۽ استحڪام جي بچاء لاء آرڊيننس لاڳو ڪيو. [ پر انھئ ڏنڊي جي زور تي هو پاڪستان کي بچائي نه سگهيو, تان جو بنگلاديش ھن جي زماني ۾ پاڪستان کان الڳ ۽ آزاد ٿيو] 21.12.1978: نواب احمد محمد قتل ڪيس ۾ چئن ملزمن اقراري بيان ڏنو ته برابر هنن کيس ماريو هو. 21.12. 1988: پنجاب جي وڏي وزير نواب شريف پيپلز پارٽئ جي مرڪزي حڪومت تي چڙ ڏيکاري ته سندس صوبي مان وفاقي ملازم هن کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواء ڇو ٿا بدلايا وڃن. 21.12.1995: پشاور ۾ بم ڌماڪو ٿيو, جنھن جي نتيجي ۾ 40 ماڻھون اڦٽ مري ويا ۽ 120 ماڻھون سخت زخمي ٿي پيا. *************** 21 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وفات ڪري ويل معروف شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 21 ڊسمبر 1925ع خيرپور سان تعلق رکندڙ وڪيل ۽ سماجي ورڪر الاهي بخش ڪيهر جو جنم ڏينهن آهي. 21 ڊسمبر 1932ع ليکڪ ڪمال الدين سولنگي جو جنم ڏينهن آهي. 21 ڊسمبر 1933ع شاعر ۽ سياستدان ڊاڪٽر نذير جروار جو جنم ڏينهن آهي. 21 ڊسمبر 1934ع ليکڪ ۽ اداڪار مدن جماڻي (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 21 ڊسمبر 1935ع شاعر جو جنم ڏينهن آهي. 24 ڊسمبر 1945ع ٽالپر وڏا سان تعلق رکندڙ شاعر قادر بخش ڪرم ٽالپرجو جنم ڏينهن آهي. 21 ڊسمبر 1948ع شاعر سيد عالم شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 21 ڊسمبر 1948ع شاعر اختر لڪياري جو جنم ڏينهن آهي. 21 ڊسمبر 1959ع شاعر ۽ براڊڪاسٽر مختيار ملڪ جو جنم ڏينهن آهي. 21 ڊسمبر 1960ع صحافت ۽ سياست سان واڳيل شيري رحمان جو جنم ڏينهن آهي. 21 ڊسمبر 1963ع باليووڊ اداڪار گووندا جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *******-****** 21 ڊسمبر 1262ع شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتانئ جو لاڏاڻو ٿيو. 21 ڊسمبر 1949ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ سياستدان خانبهادر علي بخش جي وفات ٿي. 21 ڊسمبر 1968ع مولانا عبدالرزاق پيرزادو جي وفات ٿي. 21 ڊسمبر 1977ع شاعر مولانا ثناء الله سنائي جي وفات ٿي. 21 ڊسمبر 1982ع اردو شاعر ۽ پاڪستان جي قومي تراني جي خالق حفيظ جالنڌرئ جي وفات ٿي 1. Good Wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Be most cooprative, but not dependent. Let the people care about their interests and problems, try to help them in resolving their issues . Believe in Self and trust yourself. You are absolute beauty & love and vision & wisdom. You are not only for Yourself, but there is share of others in you. Listen and understand, whosoever is knocking your door. Reciprocate and knock the door of his/her heart accordingly.] سوري سڀڪوئي پاڻ ڏي سياري سندي باھ, رکين نہ رکين آس پر تون چلھ پنهنجي ٺاھ, پاڻ وٽ اٿئي روشني پاڻ وٽ اٿئي اونداھ, سار پنهنجئ سرت سونهن کي آسرو نہ لاھ, قرب سان تون ڪاھ, در دوست سلام لاء. 2. Events from Sindh (including Pkistan) EVENTS 1860: The Government of British Sindh is keenly watching the political development in Baluchistan. Political superintendent, Frontier, is apprising government of latest situation. He writes that Khan of Kelat is demanding half of the Panjgoor district and quarrel between him and Mir Azad Khan of Kharan is taking place day by day over the issue of Kharan. The Bombay Government advises Sindh Commissioner not take to side of any one. 1920: Khowaja Ismailah Kathiawari Voulnteers’ Mandel of Karachi elects its new office – bearers as under: Jan Muhammad Qasim(President), Karabhai Karim (Vice President), Jan Muhammad Bhanji (Secretary), Rajanbhai Zina Primji, Ali bhai, Jiwanbhai Nanji, Nazar Ali Bhai, Moolji Dosa and Sundarji Primji (all members of the Executive Committee). 1964: U.S.A to provide loan of $ 1.40 to Pakistan. An agreement is signed. 1969: Chief Martial Law Administrator, Gen. Yahya Khan promulgates Ordinance No 60 under which ideology and integrity of Pakistan is safeguarded. 1972: CMLA & President Z.A.Bhutto opens T.V centre at Lahore. 1973: 5,00,000 acres of land is distributed among landless peasants in Sindh. 1978: Four confessing accused in murder of Muhammad Ahmad Nawab reiterates their role in murder. 1988: Nawaz Sharif, Chief Minister of Punjab resents transfer of senior officers from Punjab by federal Government without his consent. 1989: Pakistan’s foreign reserves have been marked as 69 per cent fall. 1995: Forty persons are killed and 120 injured as a car – bomb rocks Peshawar’s busiest shopping area. 1996: The Advice of the Prime Minister in appointment of judges of superior, the Supreme Court issues detailed judgment in President’s reference. 1998: Pakistan expresses concern over Russian proposal for strategic triangle with China and India.

Monday 19 December 2022

Sindh in history today (20th December). By. Dr.Pathan

Good wish & Sindh history [20th December.] ************* Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* اڪٽر در محمد پٺاڻ 20 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 20.12.1838: وڪر منجهان پاٽينجر مراسلي ذريعي ممبئي سرڪار کي ٻڌائي ٿو ته اسان جا فوجي دستا ميرپور خاص ۽ حيدرآباد ويجهو پهچڻ وارا آھن. مير شير محمد اسان جي ماڻھن جي بيعزتي ڪئي آھي ۽ حيدرآباد وارا مير وري ٻروچن کي گڏ ڪري رهيا آھن. اها ڳالھ مون سان مير نور محمد طرفان مون ڏانھن مڪليل سيد زين العابدين ڪئي آھي. مون ڪمانڊر ان چيف سان رابطو ڪيو آھي. هو سنڌوندئ جي ڇوڙ وٽان حالتن تي ڪنٽرول ڪري وٺندو. اسان رزرو فوج کي جلد سنڌ ۾ پهچڻ جا اهڙا قدم کنيا آھن جو مير سمجهندا ته مٿن حملو ڪنداسين. 20.12.1847: شڪارپور جي ڪليڪٽر اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته بگٽين کي سنڌي سماج جو حصو بنائڻ لاء انھئ ڳالھ جي ضرورت آھي اسان هن کي سنڌ ۾ زمين جو ٽڪرو به ڏيون ۽ هن تي ڀروسو ڪري کيس پندرنھن ڏينھن اجازت ڏيون ته وڃي پنهنجي قبيلي جي ماڻھن سان ملي کين صلاح ڏئي ته سنڌ ۾ ڦرلٽ ڪري ڀڄي جان بچائڻ بدران انگريز سرڪار جي تعبيداري ڪري ڪٿي زمين وٺي سنڌ ۾ دائمي طور تي آباد ٿي وڃن. 20.12.1847: شڪارپور جو ڪليڪٽر اڄ ڪمشنر کي جيئند ديري واري جکراڻين جي ڪئمپ جا احوال ڏئي ٿو ته سندن ڪيئن نظرداري ۽ تربيت ڪئي پئي وڃي. [ياد رهي ته ڦرلٽ ڪندڙ جکراڻين کي پڪڙي ڪئمپ ۾ رکيو ويندو] 20.12.1850: اڄ ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کان جان هائول بابت تفصيلي رپورٽ گهري. جان هائول ميرن جو فوجي ملازم هو ۽ مياڻئ جي جنگ ۾ ميرن طرفان وڙھندي گرفتار ٿيو هو. 20.12.1971: ملڪ ٽٽڻ کان پوء جنرل يحيا خان اقتدار ذوالفقار علي ڀٽي جي حوالي ڪري پاڻ هر عهدي تان فارغ ٿي ويو. ڀٽو پهريون سولين چيف ماشل لا ايڊمنسٽريٽر بڻج ويو 20.12.1972: بنگلاديش جي آزادئ کان اتي پاڪستاني فوجين کي جنگي قيدي بڻائي انڊيا ۾ رکيو ويو هو. اڄ انھن جي پاڪستان واپسي مڪمل ٿي. 20.12.1984: ضياء الحق پاڻ بابت رفرينڊم ڪرايو ۽ سرڪار پڌرو ڪيو ته کيس 79.71 سيڪڙو ووٽ پيا. جڏهن ته ڪيترا پولنگ بوٿ سڄو ڏينھن سنسان رهيا. 20.12.1991: هن طرف روس جي ٽٽڻ جي نتيجي ۾ اتي نوان مسلمانن جا ملڪ قائم ٿيڻ شروع ٿيا ته اتي پاڪستان انھن کي قبوليندو ويو. 20.12.1995: چئن فوجين حڪومت جي تختي انڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. کين پڪڙي ڪورٽ مارشل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. 20.12.2000: جنرل مشرف چيو ته نواز شريف جي ملڪ نيڪالئ پاڪستان جي خوشحالئ ۽ ترقئ جا دروازا کولي ڇڏيا آھن. *************** 20 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ معروف شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 20 ڊسمبر 1909ع عظيم راڳي ماسٽر چندر جو جنم ڏينهن آهي. 20 ڊسمبر 1914ع ليکڪ ۽ سياسي ڪارڪن هشو ڪيولراماڻي (ڀريا / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي. 20 ڊسمبر 1920ع سياستدان آغا صدرالدين دراني (ڳڙهي ياسين) جو جنم ڏينهن آهي. 20 ڊسمبر 1920ع ليکڪا ۽ ڪهاڻيڪاره ڪشنداس چندرا آڏوڻي(حيدر آباد / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 20 ڊسمبر 1942ع سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جسٽس رٽائرڊ ڀڳوانداس جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 ڊسمبر 1945ع شاعر بلاول اوٺوجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 ڊسمبر 1945ع ليکڪ فردوس جوڻيجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 ڊسمبر 1946ع جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ اديب فتاح عابد جو جنم ڏينهن آهي. 20 ڊسمبر 1948ع صحافي حاجي محمد قاسم ڏيرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 ڊسمبر 1949ع سياستدان حسين بخش ناريجي جو جنم ڏينهن آهي. 20 ڊسمبر 1960ع شاعر عبدالجبار عبد جو جنم ڏينهن آهي. 20 ڊسمبر 1962ع ليکڪ ڊاڪٽر اسحاق جمالي جو جنم ڏينهن آهي. 20 ڊسمبر 1971ع ليکڪ سهيل مگسي جو جنم ڏينهن آهي. 20 ڊسمبر 1974ع شاعر عبدالغفار آسي جو جنم ڏينهن آهي. 20 ڊسمبر 1977ع شاعر حسن صغير جتوئي جي دادو ۾ پيدائش ٿي. ************** وڇوڙو: ************** 20 ڊسمبر 1828ع سنڌ جو اڳوڻو حڪمران مير ڪرم علي ٽالپور لاڏاڻو ڪري ويو. 20 ڊسمبر 1965ع اسڪالر محمد نواز سيٺار جو انتقال ٿيو 1. Good Wish: Dr. Pathan wiishes you Good Day. [ Slavery of all kinds is optional. Either one has to accept it, or reject it. It is possible and functional, because of our psychological consent. It is not for withdrawal, but is for to get rid of it with willingness, initiate, struggle and sacrifice. One can be free, if he/desires so. But, sacrifice is essential. One can love & respect, if he/she needs so. But, trust and sincerity is must. Dear! Everything is in your hand. Don't wait for support, help and assistance of anybody.] ذھن دل ۽ پيرن جا زنجير پاڻ نہ لاهيندين, پر ٻين ڏي واجهائيندين تہ پوء پڇتائيندين, دل تڏھن لڳائيندين جي پاڻ تون چاهيندين, نينهن نچائيندين جي تون پاڻ بڇائيندين, باه وسائيندين,جي هلندين سرت سلام سان. 2. Events from Sindh (including Pkistan) 1847:Collector of Shikarpur suggests the Government of Sindh that Jakhirani be settled at Jain Dero. Also requests for grant of land to Islam Khan Bugti and others. 1850: The Bombay Government asks the Sindh Commissioner to furnish report about John Howel - an Englishman who served the enemy (Talpur) against British Government and was imprisoned in 1843. 1968: Students, lawyers and politicians hold rallies in various cities to demand restoration of complete democracy in Pakistan. !971: General Yahya Khan hands over power to Z.A.Butoo, who becomes the first civilian of Pakistan, the Chief Martial Law Administer also. Z.A. Bhutto appoints Ghulam Ishaq Khan as the Governor of the State Bank. 1972: Withdrawal of troops by India and Pakistan completes. National Identity Card for all above 18 years, Government of Pakistan decides. 1976: Z.A. Bhutto inaugurates the International centenary Congress on the Quaid _i- Azam in Islamabad. 1981: Pakistan signs accord within frame – work of OIC, for the creation of the Islamic Shipowners’ Association. 1984: Zia – Referendum is held. Public enthusiasm lacks. Zia claims 97.71 per cent votes in his favour ! 1990: PPP decides to support Nawaz Sharif to get rid of Eighth constitutional amendment. 1991: Muslim states coming into being by disintegration of U.S.S.R are recognized by Pakistan. 1995: The H.Q charges the four army officers, arrested for conspiracy against the government and srts their trial by the field general court martial. 1999: Chief Executive, General Pervez Musharraf rules out restoration of National and Provincial assemblies. 2000: decision of sending Nawaz Sharif into exile usher in era of political harmony and economic development, Perwez Musharraf tells Pakistani nation in his address.

Sunday 18 December 2022

Sindh in history today (19th December). By. Dr.Pathan

Good wish & Sindh history [19th December.] ************* Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 19 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن ۽ پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 19.12.1838: پاٽينجر اڄ وڪر مان برنس کي لکي ٿو ته تنهنجا خط ۽ حال احوال ملندا رهن ٿا. خيرپوري ميرن سان معاهدي جي شرطن ۽ شقن تي ڳالهائڻ ۽ نتيجي وارئ پڄاڻئ تي نه ٿو پهچين ته لاهي پاهي ميرن پوئتان نه لڳ. اهي جيڪڏهن اسان سان ٺاه نه ٿا ڪن ته سندن حال به حيدرآبادي ميرن وارو ٿيندو. تون اٺ, اناج ۽ گاه وٺڻ ۾ اڃان وڌيڪ تڪليفون ڏسي سگهين ٿو. خريدارئ کان پوء انھئ جي حفاظت ڪرڻ به تو لاء ڪٺن ڪم آھي. پر ڇا ٿو ڪري سگهجي. هڪ طرف ميرن جي بي دلي ۽ ٻين طرف ماڻھن جا اسان تي شڪ جو آھن. تون سمجهندو هوندين مان هت سک ۽ سڪون ۾ آھيان. پر سچ پڇين ته ننڊون ڦٽل آھن. حيدرآباد ۾ موجود پنهجي عملي جو اونو آھي. هوڏانھن اسان جي ٺٽي ۽ حيدرآباد ۾ موجود فوج جي انتظام, کاڌ خوراڪ ۽ ٻين ڳالهين تي ڌيان آھي. 19.12.1840: ڏکڻ سنڌ وارو فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ اڄ پنهنجي مراسلي ۾ پنهنجئ مرڪزي سرڪار کي لکي ٿو ته مير رستم علي جو وزير فتح محمد غوري اسان ۽ مير جي دوستئ ۽ معاهدي ڪرڻ ۾ رڪاوٽون وجهي رهيو آھي ۽ انگريز-دشمنئ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آھي. اهو وزير ٻاپڻي کان مير جو غلام ۽ دادلو رهيو آھي. مون مير سان سندس شڪايت به ڪئي آھي, پر مير هن جي چال مان پاڻ ڇڏائي نه ٿو سگهي. 19.12.1856: ممبئي سرڪار جي ميرائين ڊپارٽمينٽ اڄ ڪمشنر کي لکيو ته ٻيڙا ۽ آگبوٽ ڪراچئ جي بندر تي لنگرانداز ٿيڻ ۾ جيڪا دشواري ڏسن ٿا, ان کي ڌيان ۾ رکي سرڪار ڪراچي بندر ۾ توسيع ڪرڻ لاء منصوبه بندي ڪري رهي آھي. 19.12.1935: ڪراچئ ۾ ”حسن جي راڻي" چونڊڻ لاء چثاڀيٽي ٿي, جنھن ۾ ڪيترين نوجوان ڇوڪرين حصو ورتو. ان ۾ Maizi Laumdau اهو ٽائيٽل کٽي ورتو. 19.12.77: لاهور هاء ڪورٽ ۾ جنرل ضياء الحق لکت ۾ بيان جمع ڪرايو ته هن ذوالفقار علي ڀٽي کي ملڪي مفاد ۾ گرفتار ڪري جيل اماڻيو آھي. *************** 19 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: *************** 19 ڊسمبر 1822ع ٽالپر حڪمران مير شهداد خان جي پيدائش ٿي. 19 ڊسمبر 1879ع شاعر ليکراج عزيز(حيدرآباد دکن) جو جنم ڏينهن آهي. 19 ڊسمبر 1953ع ناليواري محقق ۽ ليکڪ بدر ابڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 ڊسمبر 1975ع سياسي ورڪر قاضي واجد احمد مهيسر جو جنم ڏينهن آهي. ************** وڇوڙو: ************** 19 ڊسمبر 2007ع ناليواري مصور اسماعيل گل جي کي سندس گهرواري ۽ نوڪر کي ڪراچي ۾ قتل ڪيو ويو. 1. Good Wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ It is only human-being who is changed surprisingly, without any information or justification and indication or reason. Seasons have fixed time for their change. But, we people never care about time, place and circumstances for our change. Needy persons, like me, in spite of knowing the human psychology, have to bow, pray and cry to realize dears about unaffordable and terrible impact of their change. It is only option and only way left for me to resubmit my case before you.] مندن ۽ موسومن جو مٽجي وقت تي پارو, پر پارو نہ مٽجي پرين جو اونهارو سيارو, منٿن ميڙن کان سواء ڪونهي ڪو چارو, آھي نرمل نيارو, بڻبو سهارو اٿم پڪ اها. 2. Events from Sindh (including Pakistan) history: ************ 1838: Colonel Pottenger advises Lt. Colonel Burns that His Lordship's plans regarding Sindh be kept secret, as disclosure would enable the Sindhi rulers to make preparation for best resistance in their power to the British Army. 1856: Govt. of Bombay decides to provide facing the topic of 'the power of Nature'. 1935: The Queen of Karachi competition is held and handsome number of ladies participated. Title goes to Maizi Laumdau. 1977: Bhutto is detained to save the country; Zia submits written statement in Lahore High court on Z.A.Bhutto's habees corpus petition. 1984: Prime Minister Benazir Bhutto sacks law minister Iqbal Hyder due to his failure to prepare cases properly against those involved in Co - operative scam before filling them in court.

Saturday 17 December 2022

Sindh in history today (18th December). By. Dr.Pathan

Good wish & Sindh history [18th December.] ************* Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 18 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 18.12.1838: پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي اعتماد وٺي فيصلو ڪيو ته فرنگي فوج جي سامان جو سنڌوندئ ذريعي ڏکڻ سنڌ کان اتر سنڌ موڪليو ويندو. ڇو ته خدشي آھي ته جيڪڏهن خشڪئ رستي موڪلبو ته سنڌي ماڻھو ڦري لٽي ويندا. 18.12.1838: پاٽينجر اڄ برنس کي لکيو ته اتر سنڌ ۾ تون پنھنجئ مڙسئ يا ڏاهپ سان فوج لاء اٺ, اناج ۽ گاه خريداري ۽ حافظت ڪر, مان تنهنجي مدد نه ٿو ڪري سگهان. ان سلسلي ۾ ھن وقت ميرن کان پروانا/اجازت ناما وٺڻ ڏکيو ڪم آھي. 18.12.1840: ياد رهي ته هي زمانو سنڌ جي غلام ٿيڻ کان ٽي سال اڳ جو آھي. ممبئي سرڪار سنڌ ۾ مقيم سفارتڪار آئوٽرام کان خط موڪلي پڇيو ته ارل ۽ نارا ۾ اهڙي صلاحيت آھي جو انھن کي اچ وڃ لاء آبي رستو بڻائجي ۽ انھن ۾ آگبوٽ يا ٻيڙيون هلائجن. 18.12.1842: نيپيئر اڄ سکر مان پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته روهڙي مان ٿي آيو آھيان. اسان جا فوجي رات جي پيٽ ۾ يا صبح روهڙي موڪلبا. آئون 20 تاريخ تي فوجي دٻدٻي سان خيرپور ويندس. گذريل رات مير رستم علئ جي ماڻھن اسان جي ٽپالئ کان ٽپال ڦري. مون هن ڏي حڪم لکي موڪليو آھي ته جيڪا ڪٺي ڪئي آھي, اها ٽوڙي هيڏي هوڏي موڪلي ڇڏ. ٻروچن ۽ جابلو قبيلن شڪارپور ۽ ان کان مٿي واري حصي ۾ ڦرلٽ جي بازار گرم ڪري ڇڏي آھي. 18.12.1847: هي اهو زمانو آھي جڏهن لاڙڪاڻو اڃان ضلعو نه ٺھيو هو ۽ شڪارپور ضلعي ۾ شامل هو. اڄ شڪارپور ضلعي جي ڪليڪٽر سنڌ سرڪار کي ٻڌايو ته لاڙڪاڻي طرف ڳوٺ ڳيريلي مان صديون اڳ جوڙيل بند جا نشان مليا آھن. اهو بند 15 کان 20 ميل ڊگهو آھي. اهو بند جي اولاهين پرڳڻي کي سنڌوندئ جي ٻوڏ کان بچائڻ لاء جوڙيو ويو هو. انھئ کي مقامي ماڻھون "ڪارو بند" چون ٿا. 1837 ۾ ان کي آبپاشي مقصد لاء 30 فٽن جو گهارو ڏنو ويو هو 18.12.1849: سنڌ جي ڪمشنر اڄ اتر سنڌ جي پوليٽيڪل سپريڊنٽ کي لکيو ته تو خانڳڙھ ۾ موجود پاڻئ جي ٽانڪئ جي مرمت لاء پئسا ۽ اجازت گهري آھي. اهو ٻڌاء ته اها ٽانڪي ڪنهن ۽ ڪڏهن ٺھرائي هئي. انھئ جو تاريخي تفصيل لکي موڪل. 18.12.1971: بنگلاديش ۾ موجود پاڪستاني جنگي قيدين کي اتان ميسور موڪلڻ جو سلسلو شروع ٿيو. 18.12.1989: جماعت اسلامي ضد ڪري بيٺي ته انڊين اداڪار ۽ ڳائڻا پاڪستان ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو نه ڪن. 18.12.1996: آصف علي زردارئ کي مرتضا ڀٽي جي قتل واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو. 18.12.1998: آمريڪا طرفان عراق تي حملي خلاف پاڪستان جي ڪيترن شھرن ۾ احتجاجي مظاهرا ٿيا. 18.12.1999: جماعت اسلامئ جي ٻن ڪارڪنن جي قتل ۾ بينظير ڀٽو ته راولپنڊي ٿاڻي تي ايف.آء.آر ڪاٽي وئي. *************** 18 ڊسمبرتي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 18 ڊسمبر 1932ع بدين سان تعلق رکندڙ شاعر شاهنواز شائق جي پيدائش ٿي. 18 ڊسمبر 1932ع شاعر موهن لال ڪوٽائي (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 18 ڊسمبر 1934ع موري سان تعلق رکندڙ ليکڪ قاضي انور احمدپيدا ٿيو. 18 ڊسمبر 1935ع موسيقار لڪشمڻ گيهي (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 18 ڊسمبر 1945ع شاعر ڊاڪٽر سعيد هالائي جو جنم ڏينهن آهي. 18 ڊسمبر 1946ع شاعر رتن دلبر(لاڙڪاڻو/ بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 18 ڊسمبر 1957ع شاعر نذير ناشاد جو جنم ڏينهن آهي. 18 ڊسمبر 1973ع رتيديري سان تعلق رکندڙ شاعر سڪندر پريم قاضي جو جنم ڏينهن آهي. 18 ڊسمبرشاعر آغا جان آغا جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 18 ڊسمبر 1961ع مذهبي اسڪالر ۽ آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ مولانا محمد هاشم کٽي جي وفات ٿي. 18 ڊسمبر 1967ع موسيقار رشيد عطري جو انتقال ٿيو. 18 ڊسمبر 1973ع مذهبي اسڪالر علامه رشيد ترابي جي وفات ٿي. 18 ڊسمبر 2006ع اردو جي نامياري ليکڪ ۽ ناول نگار شوڪت صديقي جو انتقال ٿيو. 18 ڊسمبر 2007ع ناليواري سياستدان، اديب ۽ ڪهاڻيڪار ڪامريڊ قاسم پٿرجي وفات ٿي 1. Good Wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Live with courage & confidence in self. You are not Dead Alive or Dead Body. You are death for ego, hatred and discrimination. Be cause and reason for any ignored, depressed and deprived life & soul. You are love & beauty and vision & wisdom. Dare and share it without limitations. Remember those, who can't forget you any time.] ايئن نہ مرجي يا مارجي پر ڪو مئو من جيراجي, دل جي در تي سڏي دانهون ڪري سو نہ ڌڪارجي, انا نفرت متڀيد کي محبت سان ئي مارجي, ڪو اسان کي بہ سارجي, جو صبح شام سلام ڀريون. 2. Events from Sindh (including Pakistan) history: ************ 1838: Colonel Pottenger informs Lieutenant Colonel Burns that Sindhi people have started doubting our integrity and our presence in Sindh. Therefore, nobody is ready to extend cooperation in connection with collecting supplies and obtaining carriage for our army. 1847: The Collector of Shikarpur informs Sindh Govt. that he has found 'Black Dam' 15 to 20 miles long near village Gerilo of Larkana. It was built some centuries ago to protect people and land of area fron excessive inundation of the mighty Indus, but that dam was thrown up by Nawab Wali Muhammad Laghari 43 years ago. 1971: Pakistan war prisoners are being transferred from Bangladesh to Sagar, Mysore in India. 1972: Sindh University Bill relating to establishment of various faculties is passed by Sindh Assembly. 1985: Pakistan and India agree not to attack each other’s' nuclear facilities. 1989: Jamait -i- Islami resents cultural shows by Indian Film stars in Pakistan. 1994: Speaker refuses to chair National Assembly session. Vows to stick to his stance unless the detained MNAs are brought to session. 1996: Asif Zardari is held in Mir Murtaza Bhutto murder case. 1998: Protest rallies across the Pakistan condemn U.S.A attacks on Iraq. 1999: Rawalpindi police register murder case against Benazir Bhutto for killing two J.I workers in 1996.