Sunday 27 November 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (27th November) By: Dr. Pathan



** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ڪرنل پوٽينجر سنڌ ۾
 برطانوي فوجي دستا اچڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو، هن برٽش فوجي
 دستن جي ڪمانڊنگ آفيسر ميجر ولس شائر کي مبارڪباد ڏني ۽ سنڌ جي
 اشوز تي کيس تفصيلن کان آگاهه ڪيو. ان سان گڏ سنڌ جي جاگرافيائي
 صورتحال جي معلومات به ڏني.
** 1848ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر جي سالياني پگهار 52 هزار
 رپيا مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته کيس ٽريولنگ الائونس جا 10 رپيا ڏنا ويندا هئا.
** 1949ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هاري ڪاميٽي جي حيدرآباد
 ۾ شروع ٿيل ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ 
جاگيرداري نظام جو خاتمو آندو وڃي، پاس ڪيل ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته
 جاگيرون انهن ماڻهن کي ڏنيون ويون آهن،
 جيڪي عوام دشمن حڪومت جو ساٿ ڏئي رهيا آهن.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چين جي ڊپٽي پرڏيهي وزير گڏيل قومن 
جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي پاڪستان جي حمايت ڪئي 
۽ ڀارت طرفان پاڪستان ۾ ٿيندڙ جارحيت جي مذمت ڪئي.
**1975ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لنڊن ۾ گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊس
 جي باني، ناليواري صحافي ۽ ٽي وي پريزنٽيٽر روز ميڪ ورٽر
 کي گولي هڻي قتل ڪيو ويو،هو وڏو عرصو بي بي سي تي رهيو،
 حڪومت سندس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ وڏي رقم جي انعام جو اعلان به ڪيو.
**1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانيا ۾ جان ميجر نئون وزيراعظم چونڊيو ويو،
 هن ڪنزرويٽو جي ليڊرشپ اليڪشن ۾ به ڪاميابي 
حاصل ڪئي. کيس برطانيا جو نوجوان وزيراعظم قرار ڏنو ويو.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بينظير ڀٽو 
تي راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ تي لڳايل پابندي سرڪار هٽائي ڇڏي، 
بينظير ڀٽو حڪومت خلاف لانگ مارچ جو اعلان ڪيو هو، 
جنهن ڪري سندس گادي واري شهر ۾ داخلا تي پابندي لڳائي وئي هئي.
**1997ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس سجاد علي
 شاهه جي سربراهي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران نواز ليگ ميمبرن هنگامو ڪري
 ڏنو ۽ نعريبازي ڪئي، چيف جسٽس انهيءَ عمل تي سخت اعتراض
 واريو، نواز ليگ جي هنگامي سبب ڪيسن جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي،
 ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ پشاور بينچ چيف جسٽس سجاد علي شاهه کي
 معطل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ان کان اڳ ڪوئيٽا بينچ به اهڙو فيصلو ڏنو،
 جنهن کي سپريم ڪورٽ جي 4 ججن ٻڌل بينچ معطل ڪيو.

No comments:

Post a Comment