Saturday 5 November 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (5th November) By: Dr. Pathan


خان بهادر ايوب کهڙو کي جاگيردار قرار ڏنو، اخبار لکيو ته اهي ٻئي ڄڻا
 مسجد منزل گاهه تحريڪ جي قيادت سنڀالڻ کان لنوائي رهيا آهن، 
تحريڪ جي هن اهم موڙ تي مڊل ڪلاس سان تعلق رکندڙ شيخ واجد قيادت 
سنڀالي، اخبار حاجي عبدالله هارون ۽ ايوب کهڙو لاءِ اهو لکيو ته اهي تحريڪ
 جي قيادت فوري طور سنڀالين ته جيئن تحريڪ ڪامياب ٿي سگهي.
واضح رهي ته ان دور ۾ مسجد منزل گاهه واري معاملي تي الوحيد ۾ ڪيترائي ايڊيٽوريل به شايع ٿيا.
** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ڪانگريس طرفان نوابشاهه ۾ 
هندو مسلم يونٽي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن جي صدارت 
شڪارپور جي مولانا عبدالڪريم چشتي ڪئي، مولانا محمد صديق
 کڏي وارو، مولانا عبدالڪريم چشتي ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
 جمعيت علماءِ سنڌ سان تعلق رکندڙ هئا ۽ ان دور جا وڏا مذهبي
 عالم هئا، انهن مسجد منزل گاهه واري معاملي کي تڪراري
بڻائڻ کان روڪيو ۽ چيو ته تحريڪ واري اسٽريٽجي جي مخالفت
 ڪريون ٿا، ان سان اهو معاملو ويتر خراب ٿي ويندو.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وڏي وزير ميان افتخار ممدوٽ،
 ميان ممتاز دولتانه ۽ ملڪ فيروز خان نون گورنر جنرل آف پاڪستان 
سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻس زرعي سڌارن بابت تجويزون پيش ڪيون،
 هنن وڏن جاگيردارن ۽ زميندارن جي تحفظ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل
 ۾ پاڪ-ڀارت تڪرار جي نبيري لاءِ هڪ ٻيو ٺهراءُ آندو ويو، جنهن ۾ 
ڪشمير ۽ پاڻي جي تڪرارن جي حل لاءِ ڪجهه نيون تجويزون شامل  هيون.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايران جي وزيراعظم جعفر شريف امامي 
ملڪ ۾ هنگاما شروع ٿيڻ بعد استعيفا ڏئي ڇڏي، هو رڳو ٻن مهينن
 لاءِ پنهنجي عهدي تي رهيو، هن جي مقرري دوران ئي ملڪ ۾ مذهبي 
هنگاما شروع ٿي ويا، کيس شاهه ايران طرفان مقرر ڪيو ويو هو، هو 
ملڪ ۾ امن جي ڪوشش ۾ ناڪام ويو ۽ آخرڪار استعيفا ڏئي هليو ويو


No comments:

Post a Comment