Friday 25 November 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (25th August) By: Dr. Pathan



** 1844ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي برطانوي سرڪار سنڌ حڪومت 
کي پاڙيسري رياستن سان لاڳاپن کي وڌائڻ جي معاملي تي گائيڊ لائين جاري ڪئي.
** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ٻارن جي تنظيم ٻالڪن جي ٻاري
 جي اٺين سالگرهه ملهائي وئي، تنظيم جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو 
ته ٻالڪن جي ٻاري جون سنڌ ۾ 14 برانچون آهن ۽ اٽڪل 1500 جي انرولمينٽ آهي.
** 1935ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي موهن جي دڙي مان هٿ آيل ڪڻڪ جي
 بنگال ۾ پوک ڪئي وئي، جنهن مان سٺو اناج اپايو ويو، اهو قدم انگريز
 سر ڊينيئل هيملٽن کنيو، جنهن اها ڪڻڪ انگلينڊ جي واپاري کان خريد ڪئي.
** 1949ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ پهرين عالمي اسلامي ڪانفرنس شروع ٿي.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي آئين ساز اسيمبلي اتفاق راءِ سان
 ون يونٽ جي حمايت ڪري ڇڏي.
** 1956ع ۾ سردار عبدالرب نشتر پاڪستاني سرڪار کان مطالبو 
ڪيو ته اها ڪامن ويلٿ آرگنائيزيشن کان ڌار ٿي وڃي.
** 1962ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي 
گروپن اتحاد ٺاهي ورتو، جيڪو بعد ۾ پيپلزپارٽي جي نالي سان مشهور ٿيو.
** 1968ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ويسٽ 
پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مارچ ڪيا، هنن جو مطالبو
 هو ته سڀني سياسي اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ بنا دير جي ايمرجنسي ختم ڪئي وڃي.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان باضابطا طور تي
 برطانيا کي درخواست ڪئي ته پاڪ-ڀارت وچ ۾ صورتحال
 جي بهتري لاءِ اهو پنهنجو اثر استعمال ڪري.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ وڌيڪ هڪ ضلعو
 ملير قائم ڪيو ويو، جنهن سان ڪراچي ۾ ضلعن جو تعداد پنج ٿي ويو.
 واضح رهي ته هن وقت ڪراچي ۾ 6 ضلعا آهن، موجوده حڪومت
 ڪورنگي کي به ضلعو بڻايو آهي.

No comments:

Post a Comment