Tuesday 9 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (9th August) By: Dr. Pathan




** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي گورنر جنرل سنڌ
 تي قبضي کان اڳ چارلس نيپيئر طرفان سنڌ جي حڪمرانن
 سان ڪيل خط و ڪتابت بابت پنهنجا ڪمينٽس پيش ڪيا.
** 1942ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ٻي مهاڀاري ويڙهه 
دوران آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽي ”هندستان خالي ڪريو“
 تحريڪ جي شروعات ڪري ڇڏي، انهيءَ تحريڪ
 ۾ سنڌ ڪانگريس جي اڳواڻن اهم ڪردار ادا ڪيو.
گانڌي مطالبو ڪيو ته انگريز
 فوري طور تي هندستان خالي ڪري وڃن.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي اسپيشل 
ٽرين تي پهريون ڀيرو حملو ڪيو ويو، ڀارت جي
 ڀٽنڊا واري علائقي ۾ ريلوي جي 15 ميل پٽڙي کي
 بمن سان اڏايو ويو.ريل گاڏي هندستان مان 
مهاجرن کي کڻي پاڪستان اچي رهي هئي.
** 1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب جي گورنر 
اختر حسين واضح ڪيو ته لاهور ويسٽ پاڪستان
 جو هيڊڪوارٽر رهندو، هيڊڪوارٽر ڪنهن ٻئي شهر
 ۾ منتقل ڪرڻ جي في الحال ضرورت ناهي.
** 1967ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عالمي 
بينڪ پاڪستان انڊسٽريل ڪريڊٽ اينڊ انويسٽمينٽ 
ڪارپوريشن لاءِ 35 ملين ڊالرز 
جو قرض منظور ڪري ورتو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سرڪار طرفان اعلان 
ڪيو ويو ته شيخ مجيب الرحمان پاڪستان خلاف
 جنگ جو اعلان ڪيو آهي، 
سندس خلاف فوجي عدالت ۾ ڪيس هلايو ويندو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پيپلزپارٽي جي 
حڪومت دوران سنڌي قومپرستن خلاف ڪريڪ
 ڊائون شروع ڪيو ويو، سائين جي ايم سيد سميت 
وڏي تعداد ۾ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نيپ يو ڊي ايف پاران
 اعلانيل سول نافرماني واري
 تحريڪ ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ پنجاب جي 
سرحد ڪمون شهيد وٽ ڪالاباغ ڊيم خلاف
 تاريخي ڌرڻي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون، 
سڄي سنڌ مان لکين ماڻهو ڪمون شهيد پهچي ويا،
 بينظير ڀٽو ڌرڻي کي خطاب ڪرڻ لاءِ پروگرام کان
 هڪ ڏينهن اڳ خانڳڙهه واري علائقي ۾ پهچي وئي،
 بينظير جو چوڻ هو ته ڪالاباغ ڊيم اينٽي پاڪستان،
 اينٽي وفاق ۽ اينٽي فيڊريشن منصوبو آهي، ملڪ جو
 عوام تخت لاهور جو قيدي ناهي جو سڀ فيصلا قبول ڪري.
اسان پنهنجي حڪومت ۾ ڊيم لاءِ ڪي به پئسا نه رکيا، 
اها سڌي سنئين پروپيگنڊا آهي، سنڌ جو عوام اڄ هڪ
 ڀيرو ٻيهر پنهنجو فيصلو ٻڌائيندو ته کين ڪالاباغ ڊيم نامنظور آهي.

No comments:

Post a Comment