Friday 19 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (19th August) By: Dr. Pathan


** 1843ع ۾اڄوڪي تاريخ تي بمبئي حڪومت مير صوبدار خان ٽالپر
جي پٽيشن هندستان جي گورنر جنرل کي موڪلي ڇڏي، جنهن
 ۾ مير صوبدار خان ڄاڻايو هو ته سندس سموري ملڪيت
 تي قبضو ڪري قيمتي شين ۽ سامان
 جي انگريز عملدارن ڦرلٽ ڪئي آهي.
** 1857ع ۾ شڪارپور ضلعي ۾ سرڪاري ملڪيتون،
باغ ۽ عمارتون زميندارن کي وڪڻڻ جو نئون
ٽرينڊ آندو ويو، اڄوڪي تاريخ تي هڪ باغ 625
 رپين ۾ وڪرو ڪيو ويو. ان حوالي سان
 شڪارپور جي ڪليٽر حڪم به جاري ڪيا.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ صوبائي
اينٽي ون يونٽ ڪاميٽي جي سڏ تي سڄي صوبي
 ۾ احتجاج جو هفتو ملهايو ويو. احتجاج ڪندڙن
مطالبو ڪيو ته ون يونٽ فوري طور ختم ڪيو وڃي.
 دستور ساز اسيمبلي ۾ ون يونٽ واري
 معاملي تي بحث نٿو ڪري سگهجي.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو
 هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته گڏيل قومن
 جي مبصر مشن ۾ شامل ماڻهن جو ڪم ڪشمير
مسئلي تي راءِ ڏيڻ ناهي، اهي رڳو ايل او سي
 تي ٿيندڙ ڀڃڪڙي بابت گڏيل قومن کي رپورٽ ڏيڻ جا پابند آهن.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مني لانڊرنگ ڪيس
 ۾ سوئيٽزرلينڊ جي جج ڊينيئل ڊيوو پاڪستاني اختيارين
 کي هدايت ڪئي ته اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو
 خلاف باضابطا فرد جرم لاڳو ڪيو وڃي،
 هن حڪم ڏنو ته آرڊر جي ڪاپي اسلام آباد ۾
سوئيس سفارتخاني ذريعي پاڪستاني اختيارين کي ڏني وڃي.
** 2003ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر جنرل پرويز مشرف
اعلان ڪيو ته ڪالاباغ ڊيم ضرور ٺهندو، ڪالاباغ
۽ ڀاشا ڊيم مان ڪنهن هڪ جو فيصلو جلد ڪنداسين،
 ڊيرا غازي خان ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته
ڪالاباغ ڊيم جي معاملي تي ڪجهه عنصر
عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن، جڏهن ته
 ٻئي طرف سنڌ جي سياسي قيادت پرويز مشرف
 جي اهڙي اعلان کي رد ڪندي چيو ته هو حقيقت
کي سامهون رکي ڳالهه ڪري، ڪالاباغ ڊيم کي

ٽن صوبن جو عوام رد ڪري چڪو آهي.

No comments:

Post a Comment