Saturday 13 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (13th August) By: Dr. Pathan



** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي گورنر سر چارلس نيپيئر 
هندستان جي گورنر جنرل کي لکيل خط ۾ ميجر آئوٽرام جي سنڌ ۾
 ادا ڪيل ڪردار تي تنقيد ڪئي، هن لکيو ته ميجر آئوٽرام
 ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي حڪمرانن سان ذاتي لاڳاپن
 جي بنياد تي سنڌ ۾ رهيو آهي، جڏهن ته مون هميشه سنڌ
 جي حڪمرانن تي پنهنجو اثر رکيو آهي، مون ميجر
 آئوٽرام کي حيدرآباد موڪليو پر مون اهو ڏٺو ته حڪمران
 ميجر آئوٽرام کي استعمال ڪري منهنجي ڪمانڊ ۾ رهندڙ 
فورس کي نقصان پهچائي رهيا هئا.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي روزاني الوحيد لاڙڪاڻي 
جي اهم شخصيت علي گوهر لاهوري جو خط شايع ڪيو،
جنهن ۾ هن ڄاڻايو هو ته هن مسجد منزل گاهه بحالي ڪاميٽي
 لاءِ قاضي فضل الله ذريعي 50 رپيا چندو ڏنو آهي، 
هن اهو به لکيو ته جيڪڏهن وڌيڪ پئسن جي گهر
 ڪئي ويندي ته اها به پوري ڪئي ويندي.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ريڊيو پاڪستان 
تان پاڪستان جو قومي ترانو پهريون ڀيرو آن ايئر ڪيو ويو.
** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان ملڪ امير
 محمد خان، جنرل موسيٰ خان ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کي هلال
 پاڪستان ايوارڊ سان نوازيو، واضح رهي ته هلال پاڪستان
 حاصل ڪندڙ انهن شخصيتن مان ڪنهن کي به طبي موت نه مليو، 
انهن کي قتل ڪيو ويو ۽ ڦاهي ڏني وئي.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بلوچستان قومپرست اڳواڻ نواب 
خير بخش مري کي نيپ بلوچستان جو صدر چونڊيو ويو.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو کي 
وزيراعظم چونڊيو ويو، هو ملڪ جو پهريون
 چونڊيل وزيراعظم هو، ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ
 جي انتهائي اعليٰ عهدن تي رهيو، جنهن ۾ پرڏيهي وزير،
نائب وزيراعظم، وزيراعظم ۽ صدر جا عهدا شامل آهن.
 هو پهريون سويلين مارشل لا ايڊمنسٽريٽر به رهيو.
** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پ پ، جي يو آءِ ۽ پي اين 
اي جنرل ضياءُالحق جي ان آڇ کي رد ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ 
هن چيو هو ته کين حڪومت ۾ متناسب نمائندگي ڏني ويندي.
سياسي جماعتن مطالبو ڪيو ته اليڪشن ڪرائي وڃي ۽
 جيڪا جماعت کٽي اچي، اقتدار ان جي حوالي ڪيو وڃي.

No comments:

Post a Comment