Sunday 21 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (21st August) By: Dr. Pathan



** 1849ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي حڪومت سنڌ جي
 ڪمشنر کي حڪم جاري ڪيو ته سيٺ نائومل لاءِ ڪو 
مناسب عهدو ڳوليو وڃي، هو ڪراچي جو اڳوڻو ڪاردار
 رهيو آهي ۽ اسان جو وفادار آهي، جيڪڏهن ائين 
ممڪن نه هجي ته گورنر کيس هڪ هزار بگاس 
زمين فراهم ڪري، اهو به ذهن ۾ رکيو وڃي ته زمين
 ڏيڻ بعد آبپاشي مقصدن لاءِ پاڻي جي فراهمي پڻ 
ڪئي وڃي، جڏهن ته کيس ملندڙ گرانٽ تاحيات هوندي.
** 1927ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪلڪتي ۾ مولانا محمد علي
 جوهر جي صدارت ۾ خلافت ڪانفرنس شروع ٿي، 
جنهن ۾ سنڌ مان پڻ ناليوارن خلافتي اڳواڻن شرڪت ڪئي، 
اڳواڻن صلاح ڏني ته سنڌ ۾ هندن ۽ مسلمانن وچ ۾ 
بهتر لاڳاپن لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن.
** 1933ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي ليجسليٽو
 ڪائونسل ۾ شاهنواز خان ڀٽو انهيءَ رٿ جي مخالفت 
ڪئي ته چونڊ نظام الڳ الڳ نه هجي، ڊاڪٽر ايم ايل
 ڊڪشٽ اها رٿ پيش ڪئي هئي ته مختلف ڪارپوريشنز
 ۾ گڏيل چونڊ نظام لاڳو ڪيو وڃي.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي آئين جو
 مسودو تيار ڪيو ويو، اهڙي دعويٰ حڪومت طرفان 
ڪئي وئي پر ان دعويٰ باوجود پاڪستان ۾ وڏي 
عرصي تائين آئين نه اچي سگهيو.
** 1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ويسٽ پاڪستان
 ڪابينا فيصلو ڪيو ته غلام محمد بئراج (ڪوٽڙي بئراج)
 جون زمينون فوري طور تي هارين کي ڏنيون وڃن.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نيشنل عوامي پارٽي
 جي سيڪريٽري جنرل محمودالحق عثماني کي گرفتار ڪيو ويو.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌو درياءَ ۾ 
آيل ٻوڏ جي نتيجي ۾لاڙڪاڻو ضلعو سخت متاثر ٿيو،
 درياءَ جو پاڻي شهر جي چوڌاري ڦهلجي ويو،
 جنهن ڪري شهرين ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي،
 سرڪار ماڻهن جي تحفظ لاءِ سمورن ادارن ۾ ايمرجنسي 
لاڳو ڪري ڇڏي. وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو پهچي 
علائقن جو دورو ڪيو، هو پاڻي هيٺ علائقن ۾ به ويو.
** 2000ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پشاور ۾ عوامي 
نيشنل پارٽي طرفان تڪراري ڪالاباغ ڊيم جي 
معاملي تي ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ ملڪ جي مڙني
 سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ پنجاب جي دانشورن 
به ڊيم کي رد ڪري ڇڏيو،ڪانفرنس جو گڏيل پڌرنامو
 به جاري ڪيو ويو.جنهن ۾ چيو ويو ته 
ڪالاباغ ڊيم ٺاهيو ويو ته ملڪ ٽٽي ويندو.

No comments:

Post a Comment