Monday 29 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (30th August) By: Dr. Pathan




** 1835ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي سنڌ ۾ مقرر عملدار 
ڪرنل پوٽينجر پنهنجي حڪومت کي آگاهه ڪيو ته سنڌ جي
 آفيسرن طرفان ٻيڙيون ۽ ٻيو سامان ضبط ڪرڻ واري
 معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي، حڪمرانن خاطري 
ڪرائي آهي ته مستقبل ۾ انگريز عملدارن سان ٻيهر اهڙي 
قسم جو واقعو پيش نه ايندو، نه رڳو اهو پر سنڌ جي حڪمرانن
اسان کي سنڌو درياءَ جي سروي ڪرڻ جي اجازت به ڏني آهي.
** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستاني سرڪار جي 
سيڪريٽري جي ٿامن مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان 
ٽالپر وچ ۾ ٿيل معاهدي بابت چارلس نيپيئر جي تجويز جي حمايت ڪئي.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارتي حڪومت اهو
 واضح ڪيو ته ڀارت مان جيڪي به مسلمان پاڪستان وڃي
 رهيا آهن، اهي پنهنجي مرضي سان وڃي رهيا آهن، 
حڪومت انهن مان ڪنهن کي وڃڻ لاءِ نه چيو آهي.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نواب محمد احمد قصوري
 قتل ڪيس جي جاچ مڪمل ڪئي وئي، پي اين اي ۽ ٻين
 جماعتن سرڪار کان مطالبو ڪيو ته انهيءَ ڪيس جي
 جاچ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي شامل ڪيو وڃي ۽
 ان تي باقاعده عدالت ۾ ڪيس هلايو وڃي.
** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق
 سياسي پارٽين بابت نئون قانون آندو، جنهن مطابق
 سڀني سياسي پارٽين جي اليڪشن ڪميشن 
۾ رجسٽريشن کي لازمي قرار ڏنو ويو.
** 1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پ پ تحريڪ استقلال
 ۽ تحريڪ نفاذ فقه جعفريه جي اتحاد ۾ شامل ٿي وئي.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نوابزاده نصرالله خان
 ۽ بينظير ڀٽو آءِ جي آءِ حڪومت خلاف 
گڏجي تحريڪ هلائڻ تي اتفاق ڪري ورتو.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ناڻي واري وفاقي وزير
 اسحاق ڊار جنرل سيلز ٽيڪس واپس وٺڻ کان
 انڪار ڪندي واپارين تي واضح ڪيو ته هڙتال 
سان ڪوبه فرق نه پوندو، هن اعتراف ڪيو ته جي
 ايس ٽي لاڳو نه ڪيو ته آءِ ايم ايف وارا ناراض ٿي ويندا،
 ان ڪري حڪومت کي پنهنجي فيصلي تي هر حال
 ۾ قائم رهڻو آهي.واضح رهي ته واپارين جي ايس
 ٽي خلاف ملڪ ۾ هڙتال جو سڏ ڏنو هو.

No comments:

Post a Comment