Thursday 11 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (11th August) By: Dr. Pathan


** 1839ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اپر سنڌ لاءِ مقرر انگريزن
جي پوليٽيڪل ايجنٽ روز بيل پنهنجي سرڪار کي درخواست
 ڪئي ته 200 افغان گهوڙي سوارن جي ڀرتي لاءِ اجازت
ڏني وڃي. علائقي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ انهن جي ضرورت آهي.
** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي پوليٽيڪل
 سپرنٽينڊنٽ ڪيپٽن ميري ويڌر سنڌو درياءَ مان ڪشمور
 تائين ڪئنال ٺاهڻ جي حوالي سان تجويزون تيار ڪري
 پنهنجي سرڪار کي موڪليون، جنهن ۾ هن ڄاڻايو ته
سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ لاءِ منصوبي تي
10 هزار رپيا خرچ ايندو، جنهن جو ٽيون حصو
 مقامي سطح تي ماڻهو برداشت ڪندا، جڏهن ته
 باقي هڪ حصو حڪومت کي ڀرڻو پوندو.
** 1929ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي محمد علي جناح، گانڌي ۽ علي
ڀائرن وچ ۾ ڳجهي ملاقات ٿي، اها ملاقات مسز سروجني
نائيڊو طرفان ڪرائي وئي هئي، ملاقات ۾ نهرو
 رپورٽ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي،
 انهيءَ ملاقات جي ڪابه پڌرائي جاري نه ڪئي وئي.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم چوڌري محمد علي
۽ سندس ڪابينا جي 9 ميمبرن حلف کڻي ورتو، هن ڪابينا
۾ مسلم ليگ جو ڪوبه نمائندو شامل نه هو.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارت چين ۽ پاڪستان وچ
۾ رابطن لاءِ شاهراهه قراقرم وارو منصوبو
شروع ڪرڻ تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نئين دهلي ۾ هندستان
 ۽ سوويت يونين جي گڏيل نمائندن مطالبو ڪيو ته ايسٽ
پاڪستان ۾ پيدا ٿيل سياسي بحران
جو حل ڪڍڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بينظير ڀٽو پاڪستان
 پينل ڪوڊ (پي پي سي) ۽ ڪرمنل پينل ڪوڊ
(سي پي سي) ۾ تجويز ڪيل ترميمن جي مخالفت ڪئي.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سپريم ڪورٽ پي آءِ
 اي ۾ ڀرتين خلاف ريفرنس ۾ سنڌ احتساب بينچ کي
 بينظير ڀٽو خلاف فيصلو ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو،
 بينظير ڀٽو طرفان داخل ڪيل اپيل تي سپريم
ڪورٽ حڪم ڏنو ته ڪيس جي ٻڌڻي جاري
 رکي وڃي پر فيصلو نه ٻڌايو وڃي.
** 2001ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گجرات ۾ بم ڌماڪو
 ٿيڻ جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ ٽن ٻارڙن سميت 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿي پيا.


No comments:

Post a Comment