Thursday 18 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (18th August) By: Dr. Pathan


**  1834ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي منشي ڄيٺانند انگريز عملدار
 ڪرنل پوٽينجر کي خط لکي آگاهي ڏني ته ڪابل
 ۾ مسٽر ميسن کي هنڊي ذريعي 500 رپيا موڪلي ڇڏيا آهن،
منشي ڄيٺانند اهو به لکيو ته سندس مالڪ توهان کي
 اها خاطري ڪرائين ٿا ته انهن جي برطانوي
 حڪومت سان دوستي نسل درنسل جاري رهندي.
** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر سنڌ 
ريلوي ڪمپني جي ايجنٽ کي هدايت ڪئي ته سکر
 کان شڪارپور ۽ جيڪب آباد تائين پٽڙي وڇائڻ 
واري تجويز تي ڪم شروع ڪيو وڃي.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هجرت تحريڪ دور
ان سنڌين جو ٽيون قافلو لاهور مان پشاور روانو ٿيو،
 اها سنڌ خلافت ڪاميٽي جي هڪ وڏي سياسي غلطي هئي،
 جنهن هجرت تحريڪ جو اعلان ڪيو، انهيءَ اعلان
 تي سوين سنڌي خاندانن افغانستان هجرت شروع ڪئي،
 ڪيترن ئي قافلن کي افغان حڪومت طرفان قبول نه ڪيو ويو،
 جنهن ڪري اهي واپس خالي هٿين سنڌ پهتا، سنڌين جي هن
 هجرت تحريڪ اهڙي روايت وڌي جو 1947ع ۾ هندستان
 کان پاڪستان طرف ساڳئي قسم جي هجرت شروع ٿي وئي.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سکر ۾ خلافت ڪاميٽي جي
 ٿيل گڏجاڻي ۾ عوام کي صلاح ڏني وئي ته اهي
 پنهنجي مذهب تي ان جي روح مطابق عمل ڪن.
** 1933ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل 
ڪراچي جي ميونسپل حڪومت جي حوالي سان قانون
 ۾ ترميم جي بل تي غور شروع ڪيو، جمشيد مهتا،
 مير محمد بلوچ ۽ غلام حسين 
هدايت الله ڪائونسل ۾ ٿيل بحث ۾ حصو ورتو.
**1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ مسلم ليگ جي سڏ 
تي سنڌ ۾ مسجد منزل گاهه ڏهاڙو ملهايو ويو، 
حاجي عبدالله هارون، جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي،
 محمد ايوب کهڙو، محمد هاشم گزدر ۽ سيد خير 
شاهه ان موقعي تي هڪ گڏيل بيان پڻ جاري ڪيو،
 جنهن ۾ مسجد منزل گاهه جي بحالي جي حوالي
 سان الهه بخش سومرو جي پاليسي جي مذمت ڪئي
 وئي ۽ اهو مطالبو ڪيو ويو ته
 فوري طور تي مسئلو حل ڪيو وڃي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اين ڊبليو ايف پي
 (ڪي پي ڪي) پاڪستان ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.
 ڄاڻايل علائقي جي ماڻهن پهرين عيدالفطر پاڪستان ۾ ملهائي.
** 1958ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي تعليمي نظام ۾ بنيادي
 تبديليون آڻڻ لاءِ شريف ڪميشن جوڙي وئي.
** 1961ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان گڏيل قومن جي
 امن فوج ۾ شموليت ڪئي، پهرين جٿي ۾ 500
 اهلڪار شامل هئا، جيڪي اولهه آفريڪا رواناٿيا.

No comments:

Post a Comment