Friday 5 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (6th August) By: Dr. Pathan


** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي گورنر جنرل 
انگريز عملدار ليفٽيننٽ گارڊن جي تجويز تي سنڌ جي اڳوڻن
 حڪمرانن لاءِ الائونسن جي منظوري ڏئي ڇڏي،
 گارڊن تجويز ڏني هئي ته جيڪي حڪمران 
انگريزن سان وفادار رهيا، انهن کي الائونس ڏنا وڃن.
** 1848ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جو وفادار رهندڙ سيٺ 
 نائومل انگريزن جي سنڌ تي قبضي کانپوءِ پنهنجي
 حيثيت وڃائي ويٺو، سنڌ جي پهرئين گورنر سر چارلس
 نيپيئر کيس حڪومت طرفان مليل عهدي تان برطرف 
ڪري ڇڏيو، جنهن تي هن پنهنجي دفاع ۾ جج ايڊووڪيٽ 
جنرل سنڌ ڪيپٽن ينگ جي عدالت ۾ اپيل  داخل ڪئي.
 سنڌ تي قبضي کان اڳ نائو مل انگريزن جي انتهائي
 ويجهو رهيو ۽ هنن جو وفادار ليکيو ويندو هو پر پوءِ
 جڏهن سنڌ تي قبضو ٿي ويو ته نائومل جي اها اهميت نه رهي،
 سندس مائٽن کي به عهدن تان 
هٽايو ويو ۽ ملندڙ مراعتون روڪيون ويون.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻو خلافت ڪاميٽي 
جي پروپيگنڊا سيڪريٽري کي رتوديرو ۾ قلم 108
 سي پي سي تحت گرفتار ڪيو ويو.
** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ينگ ڪانگريس
 ليگ جو قيام عمل ۾ آندو ويو، ڪراچي ۾ ٺاهيل هن
 تنظيم جي باني صدر مس نرملا لالواڻي هئي.
** 1976ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو 
ڪراچي ۾ بن قاسم پورٽ جي پيڙهه جو پٿر رکيو.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم نواز شريف
 مخالف ڌر جي مخالفت باوجود ادارن جي
 نجڪاري کي جاري رکڻ جو اعلان ڪيو.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شام ۾ موجودگي
 دوران مير مرتضيٰ ڀٽو  اليڪشن ڪميشن آف
 پاڪستان کي پنهنجي پارٽي لاءِ چونڊ نشان الاٽ 
ڪرڻ جي درخواست موڪلي ڇڏي، جنهن ۾ چيو 
ويو ته کين پاڪستان پيپلزپارٽي کان الڳ چونڊ نشان ڏنو وڃي.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ، بلوچستان ۽ 
سرحد (ڪي پي ڪي) جي پاڻي ماهرن ڪالاباغ ڊيم 
کي ملڪ لاءِ هاڃيڪار قرار ڏئي ڇڏيو، ڪالاباغ
 ڊيم گهرجي يا نه؟ جي عنوان تي اسلام آباد ۾ ڪوٺايل
 سيمينار ۾ سياستدانن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
 پاڻي ماهرن جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ اڳ ئي پاڻي جي
 کوٽ آهي، اهڙي صورتحال ۾ ڊيم ڪيئن ٺهندو،
 ننڍن صوبن کي ڪالاباغ ڊيم قبول ناهي،
 اهو انهن جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي.
** 2002ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بينظير ڀٽو  پيپلز پارٽي
 لاءِ چونڊن ۾ رڪاوٽون وجهڻ تي پ پ پارليامينٽرينز
 جي نالي سان نئين تنظيم ٺاهي ڇڏي،
 جنهن جو صدر مخدوم امين فهيم کي بڻايو ويو.

No comments:

Post a Comment